خادم شيخ
ڏوٿين کان ڏور
پهرين اپريل 1982ع تي ريل گاڏي مان لهي ڳوٺ بهمڻ پهتم.
سڄي ڳوٺ ۾ سناٽو لڳو پيو هو ائين پئي لڳو ڄڻ ڳوٺ
جي وڻن جي ٽارين به لڏڻ ڇڏيو آهي. ڪجهه ٻڍڙا هاري
ديري وٽ هيٺ ڪنڌ ڪيو ويٺا هئا.
گهر پهتم ته سڄي ويڙهي ۾ غم جي لهر ڇانئيل هئي. بابا
چيو ته ريڊئي ٻڌايو آهي ته سائين حسام الدين شاهه
وفات ڪري ويو! مون کان دانهن نڪري وئي، ۽ پوءِ گهر
۾ به مزو نه آيم. ٻاهر نڪري سائينءَ جي حاويليءَ
ڏانهن ويس. حاويليءَ جي وڏي دروازي وٽ هيٺ پٽ تي
سائينءَ جا ٻڍڙا هاري تمام غمگين حالت ۾ گوڏن ۾
منهن هڻي ويٺا هئا. ان وقت سائينءَ جي ڪتاب جو
نالو ياد آيو. ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“، سائينءَ جا
ڏوٿي اڄ تمام غمگين حالت ۾ روئي رهيا هئا ۽ پاڻ
سائين جن هميشه لاءِ ڏوٿين کان ڏور ٿي چڪا هئا.
لاڙڪاڻه ۾ مهراڻ بوڪ اسٽال کولڻ کان پوءِ سائينءَ
جا ٽي ڪتاب پڙهڻ نصيب ٿيم، ” هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ،
”سنڌي ادب“ (اردو تان ترجمو ٿيل) ۽ ”سنڌ جي
تباهيءَ جا ڪارڻ“ سائينءَ جيڪو ڪجهه لکيو آهي، سو
سنڌ هند ته ڇا پر دنيا تعريف ڪندي. بهرحال سائين
حسام الدين شاه راشدي تي لکڻ جي لائق ته ناهيان ڇو
ته نه اديب آهيان ۽ نه ڪو شاعر، جيئن غلطي ۾ هڪ ٻه
ڪهاڻي لکي اٿم سان به اڃا ڇپي ڪانه آهي. پر خوش
قسمتيءَ سان سائينءَ جي ڳوٺ بهمڻ ۾ پيدا ٿيو آهيان
۽ سندس ڳوٺ ۾ وڏو ٿيو آهيان جنهنڪري سائينءَ جون
ڪجهه ڳالهيون لکڻ لاءِ مجبور ڪن ٿيون. علمي ۽ ادبي
زندگيءَ ۾ ته سائينءَ کي دنيا ڏٺو آهي، پر
زمينداري روپ ۾ صرف اسان جي ڳوٺ وارن سائين جن کي
ڏٺو آهي. سائين جن ان وقت زمينداري ڪئي جڏهن مان
ڄائو مس هئس، پر وڏن کان ۽ ٻڍڙن هارين کان سائين
جن جون مثالي ڳالهيون ۽ هارين سان ڪيل ڀلايون
ٻڌندو آيو هئس. خوش قسمتيءَ سان ڪراچيءَ ۾ رهڻ کان
پوءِ ڪافي عرصي کان پوءِ سائين جن ڳوٺ بهمڻ اچڻ جي
عنايت ڪئي هئي ۽ مون سائين جن کي اڳ ڪڏهن به نه
ڏٺو هو. اهڙي شخصيت، جنهنجي تعريف ڄمڻ کان جوان
ٿيڻ تائين پنهنجي وڏن ۽ ٻين هارين کان ٻڌندو آيو
هئس، سو ڏاڍي دل خوش هئي ته اهڙي شخصيت جو اڄ
ديدار ڪرڻ سائينءَ جي حاويليءَ تي پيو وڃان. جڏهن
سائينءَ جي حاويلي تي پهتم ته حيران ٿي ويس. ڇو ته
ميلي جيتري خلق اڳ ڳوٺ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺي هئم.
ٻاهرين ڳوٺن جا به ڪافي ماڻهو سائين جن جي ديدار
لاءِ آيل هئا، پاڻ سائين جن آرام ڪرسيءَ تي ويٺل
هئا. رش سبب سائين جن کي پيرين پوڻ ته نصيب ڪو نه
ٿيم_______ تنهنڪري ڳوٺ وارن سان گڏ پري بيهي
رهيم. پاڻ سائين جن سڪار جي موضوع تي ڳالهائي رهيا
هئا ۽ اچانڪ ٽپو ڏئي ڪرسيءَ تان اٿيا ۽ ٻيا ماڻهو
به اٿي بيهي رهيا، سائين جن تڪڙا تڪڙا وڏي دروازي
ڏانهن ويا، ڏٺم ته هڪ پوڙهو هاري پويان اچي رهيو
هو. ۽ سائين جن کيس ڀاڪر پائي وڃي مليا ۽ کين ڀاڪر
۾ ڀري اچي ڪريسيءَ تي ويهاريو، مان حيران ٿيم مون
سان گڏ ڳوٺ جا ٻيا ڇوڪرا به حيران ٿيا. ڇو ته اهو
پوڙهو ڪاڪو ڪمن هو جنهن کي سڄي ڳوٺ جا ٻار
چيڙائيندا هئا ۽ ڪاڪو ڪمن سائين جن سان وڏي آواز ۾
ڏاڍو حجائتو ڳالهائي رهيو هو، ٿوري دير کان پوءِ
وري سائين جن ٽپو ڏئي اٿيا ۽ دروازي ڏانهن تڪڙا
تڪڙا ويا ۽ هڪ پوڙهي هاري کي ڀاڪر پائي مليا ۽ کيس
وٺي اچي ڪرسيءَ تي ويهاريائون، اهو پوڙهو ڪاڪو ڇٽو
هو جنهن کي به اسان جي ڳوٺ جا ٻار چيڙائيندا هئا،
اسان سڀ هڪ دفعو وري حيران ٿياسين، سائين جن انهن
پوڙهن هارين سان ڏک سور ايتري وقت تائين اوريندا
رهيا جو رات ٿي وئي کين پاڻ کان منجهند جي ماني
کائڻ به وسري وين، هارين مطابق پاڻ هارين ته ڇا پر
ڍڳن جو به وڏو احساس ڪندا هئا، ٿورو ڏينهن تپندو
هو ته اس ۾ ڍڳن کي وهڻ پسند نه ڪندا هئا ۽ پڪل پوک
۾ ڍڳن کي چرڻ جي اجازت هئي، ۽ ڪو هاري بيمار ٿيندو
هو ته کين گهر پڇڻ ويندا هئا، ۽ مهيني ٻي هارين جي
گهر وڃي کين جي خيريت معلوم ڪندا هئا، پوک نه
تيارٿيڻ سبب کين ان پاڻي اڳ ئي ڏئي ڇڏيندا هئا،
اسان جي ڳوٺ ۾ پوڙها هاري کين هارين جو يار ڪري
سڏيندا هئا.
سائين احمد شاهه راشدي جيڪو سائين جن جو ننڍو ڀاءُ آهي
۽ هن وقت زميندار ڪري رهيو آهي، تنهن کان کين ٿوري
به تڪليف پهچندي آهي ته هاري ٿڌو ساهه کڻي چوندا
آهن، ”هاءِ سائين حسام الدين شاهه راشدي“ هڪ ٻيو
واقعو توهان کي ٻڌايان ٿو جيڪو والد صاحب ٻڌايو
آهي، سائين جن هڪ دفعي ڇوڪرن کان مسجد لاءِ سرون
کڻائي رهيا هئا. ڇوڪرا پنج پنج ڇهه ڇهه سرون کڻي
رهيا هئا ۽ هڪ ڇوڪرو صرف ٻه سرون کڻي رهيوهو، تنهن
تي سائين جن کين چيو ته ”ٻيا پنج پنج سرون ٿا کڻن
۽ تون رڳو ٻه ٿو کڻين“ تنهن تي ڇوڪر ٺهه پهه
وراڻيو ”سائين کڻي ڏسو ته خبر پئي“ سائين جن کلي
ويٺا ۽ خرچي ڏيڻ وقت ٻين کي روپيو روپيو ڏنو ۽ هن
کي ٻه روپيا ڏنا.تنهن تي ڇوڪرن چيو ڇو سائين هن کي
ٻه روپيا. تنهن تي کين سائين جن چيو ته هن سچ
ڳالهايو آهي ان لاءِ ٻه روپيا ڏنا اٿم. سو سائين
جن پاڻ سچ پسند ڪندا هئا، ۽ سچ کي برو ڪڏهن به نه
سمجهندا هئا، سچ چوڻ تي خوش ٿيندا هئا اهڙا
ڪيترائي واقعا سائين جن جا آهن جيڪي مون کي وسري
ويا آهن. بهرحال سائين جن جي شخصيت تي جيترو لکجي
اوترو گهٽ آهي بس شاهه سائين جو هي شعر پيو يا
اچي:
”ماڻهو نه سڀ سهڻا پکي نه سڀ هنجهه،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي.“
سائين جن جي وفات سان جيڪو سنڌي ادب کي نقصان رسيو آهي
تنهن کي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ ته ڪافي وقت کپي،
بهرحال سائينءَ جي خاندان مان سائين حسين شاهه
راشدي ادب ڏانهن لاڙو ڪيو آهي تنهن ۾ اسان کي ڪافي
اميدون آهن.
.................................
سنڌ جي تاريخ گهڻو آڳاٽي زماني کان شروع ٿئي ٿي، جا حد کان وڌيڪ
دلچسپ به آهي ۽ نهايت اهم به؛ مگر اها اڄ تائين
ڇڙو ڇڙ ۽ بنا ڪنهن ترتيب جي پيل اهي. سنڌيءَ يا
ڪنهن ٻيءَ زبان ۾ ڪو به اهڙو ڪتاب نه لکيو ويو
آهي؛ جنهن کي سنڌ جي تاريخ جو شروعاتي خاڪو ڪوٺي
سگهجي؛ يعني جنهن مان هن ملڪ جا تاريخي ۽ تمدني
حالات، زمانيوار هڪ هنڌ معلوم ٿي سگهن، انقلابي
طوفان غالباَ هن خطي کان زيادهه، پاڪ ۽ هند جي
ڪنهن به ٻئي خطي تي ڪين گذريا آهن.
قومن ۾ زندگيءَ جي جذبن ۽ ولولن کي تازي رکڻ، ۽ منجهن عملي جوش
لاءِ نئين خون پيدا ڪرڻ جو سڀ کان اهم ذريعو قومي
تاريخ آهي. قومي تاريخ جي ئي صفحن تي پنهنجي بزرگن
جا اعليٰ ڪارناما، آئيندهه نسلن لاءِ هميشه واسطي
زندگيءَ جو سبق بنجن ٿا. انهيءَ ئي آئيني ۾ هر قوم
پنهنجي ماضيءَ کي بي نقاب ڏسي سگهي ٿي ۽ پنهنجي
عروج ۽ زوال جو اسباب ۽ عوامل تي ٿڌي سيني سان غور
ڪري، آئينده جا خد وخال درست ڪري سگهي ٿي. جنهن
قوم وٽ پنهنجي ماضيءَ جي تاريخ اکين آڏو نه هجي،
ان لاءِ سمجهڻ گهرجي ته اها زندگيءَ جي ميدان ۾
عملي محرڪات جي هڪ نهايت ئي اهم وسيلي کان محروم
آهي.
سيد حسام الدين راشدي
(تاريخ ڪلهوڙا___از: غلام رسول مهر جي مهاڳ مان اقتباس)
عنايت بلوچ
چند يادگيريون
ننگر ۽ ناڙيون، پڳهه کڻي پنڌ پيا،
بندر بازاريون، سڃا سامونڊين ريءَ.
هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن ون يونٽ ٽٽي چڪو هو ۽
مان ڪسٽم جي نوڪري ڇڏي، 14- جولاءِ 1970ع تي ريڊيو
پاڪستان ڪراچيءَ ۾ اسس
ٽنٽ ريجنل ڊائريڪٽر مقرر ٿيو هوس. پهرين جولاءِ 1970ع تي سڀني
صوبن جي پنهنجين حڪومتن ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو،
باوجوديڪ ان جي جو جنرل يحييٰ خان جي مارشل لا اڃا
ملڪ ۾ موجود هئي. سنڌ جي صوبائي حڪومت به وجود ۾
اچي چڪي هئي ۽ ڪراچي، سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ هئڻ
سبب، سرڪار اهو فيصلو ڪيو ته پهرين جولاءِ 1970ع
کان، يعني عين ان ڏينهن کان، جڏهن سنڌ حڪومت ڪم
ڪرڻ شروع ڪيو، ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي چئنل نمبر
ٻي تي (جيڪا لانڍيءَ تائين به مشڪل سان ٻڌڻ ۾
ايندي هئي) روزانو اڌ ڪلاڪ سنڌي پروگرام نشر ڪيو
وڃي. هتي اهو به ياد رکڻ کپي ته ريڊيو پاڪستان جي
جيڪا موجوده چئنل نمبر ٻي آهي، اها ان وقت چئنل
نمبر ٻي، فقط هڪ ڪلوواٽ ٽرانسميٽرن جي ۽ موجوده
چئنل نمبر ٻي آهي. 10 ڪلوواٽ ٽرانسميٽرن جي.
پڙهندڙن کي ذهن نشين فقط اهو ڪرائڻو آهي ته ون
يونٽ جي ٽٽڻ سان سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ ڪراچيءَ مان
۽ ان جي ريڊيو اسٽيشن تان جيڪو سنڌي پروگرامن شروع
ڪرڻ جو انعام مليو هو، اهو هو ان وقت جي 18 ڪلاڪن
جي روزانه پروگرامن مان فقط اڌ ڪلاڪ جي روزانو
پروگرام جو؛ سو به اهڙي ڪمزور ترين چئنل تان، جيڪا
ڪراچيءَ ۾ به پوريءَ طرح نه ٻڌبي هئي.
اهڙي وقت ۾ مان به اچي نازل ٿيس. منهنجو پيارو دوست گل
حسن پٺاڻ، جيڪو ان وقت ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾
پروگرام پروڊيوسر هو ۽ اڄڪلهه ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن
ڊپارٽمينٽ ڪراچيءَ ۾ آفيسر آهي، مون کان اڳ ۾ ئي
سنڌي پروگرامن جو چهچٽو لايون ۽ سنڌي سيڪشن ۾ ميڙو
مچايون ويٺو هو، منهنجي وڃڻ سان کيس ته هٿي ملي ئي
سهي، پر مون کي ٻي مدد ۽ همت افزائي ملڻ سان گڏ،
جهيڙي جهٽي ڪرڻ ۾ پڻ منهنجا حوصلا بلند ٿي ويا. اڌ
ڪلاڪ جي تمام محدود دائري اندر رهي ڪري به، اسان
سنڌي پروگرامن کي ڪافي بهتر بنايو، هڪ ڏينهن، مون
ان وقت جي اسٽيشن ڊائريڪٽر صاحب طاهر شاهه صاحب
آڏو هڪ رٿ پيش ڪئي ته چوند ڪرائي اسٽيشن تان هڪ آل
سنڌ، سنڌي اردو مشاعري، جي محفل مچائي وڃي. شاهه
صاحب ٿورو سوچڻ کان پوءِ اها رٿ فورن منظور ڪئي ۽
مون کي چيو ته جلدي ان اسڪيم کي عملي جامو پهراءِ
منهنجي خوشيءَ جي حدئي نه رهي ڇو ته ون يونٽ جي 14
سالن جي ٻوسٽ کان پوءِ هي پهريون ڀيرو هو جو ڪراچي
ريڊيو اسٽيشن تان گڏيل سنڌي، اردو مشاعرو ٿيڻو هو،
هي اهو دؤر هو جڏهن ڪراچيءَ ۾ گهمندي، ڪنهن کان ڪو
سنڌيءَ ۾ جملو ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته گد گد پيا ٿيندا
هئاسون. سنڌ نئون نئون جنم ورتو هو ۽ سنڌين اڃا
تازو تازو ڪراچيءَ جو رخ رکيو هو.
مشاعري جي تاريخ مقرر ٿي ويئي، هاڻي مسئلو اهو هو ته
صدارت ڪير ڪري. طاهر شاهه صاحب (ريجنل ڊائريڪٽر)
جي راءِ هئي ته زيڊ اي بخاري کان صدارت ڪرائجي
طاهر شاهه صاحب جهڙي دبنگ ريجنل ڊائريڪٽر جي رٿ کي
مان ڪير ٿيندو هوس ويٽڻ وارو، سو به ان صورت ۾
جڏهن زيد اي بخاري (مرحوم) جهڙو براڊ ڪاسٽنگ جو
ابو ۽ هڪ باڪمال شخصيت جو نالو وچ ۾ هجي، پر تنهن
هوندي به مون نهايت نماڻائيءَ سان طاهر شاهه صاحب
کي عرض ڪيو ته صدارت لاءِ هڪ ٻي شخصيت به منهنجي
ذهن ۾ آهي. شاهه صاحب، جيڪو اڪثر ڪري فقط پنجابي ۾
ڳالهائيندو هو، پڇيو: ”ڪهڙا بندا اي“ وراڻيم
”سائين حسام الدين راشدي“ فورن ڄڻ خوشيءَ مان ٽپ
ڏنائين ۽ چيائين ”يار بڙي اڇي گل ڪيتي اي راشدي
صاحب نون فورن ڦڙلي اور منالي“
مان ٻئي ڏينهن تي ئي قبله سائين حسام الدين راشدي صاحب
جن جي خدمت ۾ پهچي ويس ۽ سندن حضور ۾ سڄي روداد
پيش ڪيم. کلي ڏنائون ۽ فرمايائون ”اهي گاڏڙ ساڏڙ
مشاعرا مون کي بنهه نه وڻندا آهن، پر تنهنجي ڪري
مان ضرور ايندس.“ تاريخ مقرر ٿي ويئي، ڪجهه ڏينهن
کان پوءِ مون کي خبر پئي ته طاهر شاهه، سائين
راشدي صاحب جن کان بيحد متاثر هو ۽ ايترو ته قبله
راشدي صاحب جن جو احترام ڪندو هو جو ڪيترا ڀيرا
اسان جي پروگرام ميٽنگن ۾ سندن واکاڻ مان ڍاپندوئي
نه هو.
ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي اسٽوڊيو نمبر 14 ۾ مشاعري جي
محفل مچائي ويئي، سنڌي شاعرن مان مرحوم غلام محمد
گرامي، مرحوم عبدالڪريم گدائي، مرحوم محمد خان
غني، پروفيسر اياز قادري ۽ محمد حسن ساز شرڪت ڪئي.
اردو جي نمايان شاعرن مان زيڊ اي بخاري (مرحوم
رئيس امروهوي، حمايت علي شاعر، احسان دانش ۽ ٻين
شرڪت ڪئي. منهنجو عزيز دوست مسٽر ”ناشاد“، گرامي
صاحب سان گڏ آيل هو، جتي ساڻس پهريون دفعو ملاقات
ٿي. ريجنل ڊائريڪٽر صاحب کي مڃرائي هي مشاعرو
چئنل نمبر پهرين تان نشر ڪرايم، جنهن کي سڄي سنڌ ۾
ٻڌو ويو. ڪيترن ڏينهن تائين سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ
مان خطن جا انبار ايندا رهيا، مشاعري کي بيحد
ساراهيو ويو ۽ خاص طرح تي قبله سائين حسام الدين
راشدي جي مختصر تقرير کي، جيڪا پاڻ سنڌيءَ ۾
ڪيائون، اهريءَ طرح، اهو پهريون موقعو هو جو مون
کي سائين راشدي صاحب جن سان وڌيڪ قربت جو شرف مليو
ان کان پوءِ سندن ڪيتريون ئي تقريرون ٻڌم ۽
تحريرون پڙهيم. علم جي هن اونهي سمنڊ مان ڍڪ
ڀريندو رهيس ۽ اندر جي اڃ اجهائيندو رهيس ۽ ڪيئي
ڀيرا سندن خدمت ۾ وڃي ڪلاڪن جا ڪلاڪ سندن صحبت مان
پرائڻ ۽ سندن مدبرانه نقطن کي هينئين سان هنڊائڻ
جو شرف ملندو رهيو. محفل ۾ علمي ۽ ادبي گفتگو سان
گڏ سائينءَ جي کل ڀوڳ ۽ وڏا وڏا ٽهڪ به پيا ٻڌيا
هئا. خنده مزاجي ۾ ته پنهنجو مٽ پاڻ هوندا هئا.
هڪ ڏينهن اوچتو آفيس ۾ ٽيليفون جي گهنٽي وڳي، ٽيليفون
کنيم، ٽيلفون تي سائين حسام الدين راشدي جن هئا.
چيائون ”عنايت، سڄو ڏينهن بڪواس پيو ٻڌائين، ڪڏهن
ڪو ڀڳت ڪنور رام ۽ الهڏني نوناري جا رڪارڊ به ته
ٻڌراءِ، ته ڪا روح کي طراوت ته اچي“ ڏاڍي شرمندگي
ٿي. سائينءَ جي فرمائش وارا رڪارڊ اسان وٽ موجود
ڪو نه هئا، هڪدم ڳالهه سمجهيم ته جي رڪارڊ مليا ته
فقط سائين احمد حسين بلوچ وٽ ملندا جنهن وٽ
موسيقيءَ جو ايترو ته خزانو آهي جو شايد ئي سنڌ ۾
ڪنهن وٽ هجي، سائين احمد حسين بلوچ صاحب ان وقت
سنڌ گورنمينٽ ۾ ڊپٽي سيڪريٽري هو. ٽيليفون تي
ٽائيم وٺي ساڳئي ڏينهن شام جو سندس گهر پهتس ۽
رڪارڊن ڳولڻ ۾ ذري دير نه لڳي. ڀڳت ڪنور رام خواه
خان صاحب الهڏني نوناري توڙي ٻين برک ڳائڻن جا بي
شمار رڪارڊ هٿ ڪيم. بقول راشدي صاحب جن جي، روح کي
واقعي طراوت اچي وئي. بلوچ صاحب حڪم ڪيو ته عنايت،
هتان هڪ رڪارڊ به کڻي وڃڻ نه ڏيندو مانءِ، باقي
جيترا به ريل ڀرڻ چاهين ته هتي ويهي ڀر. مان ڪجهه
ٽيپ پاڻ سان کڻي ويو هوس ۽ دل تي ويهي چونڊ ڪلام
ڀريم. ٻئي ڏينهن تي صبح جو سائين راشدي صاحب جن ڏي
ٽيليفون ڪري اطلاع ڏيڻ چاهيم، مگر وٽن ٽيليفون نه
هئڻ سبب، کين گهر وڃي اطلاع ڪيم ته سائين اڄ جو اڄ
اوهان جي فرمائش پوري پيو ڪريان بيحد شفقت ۽ محبت
مان وڏو ڀاڪر پائي مليا ۽ بيحد خوش ٿيا. فرمايائون
“ ير وڏي همت ڪئي اٿيئي، الهه خوش رکندئي“ ان
ڏينهن کان وٺي سندن شفقت ۽ عنايت جي نظر مون تي
ڏينهون ڏينهن وڌندي ويئي. ٻه چار ڏينهن ڀگت ڪنور
رام ۽ الهڏني نوناري جا رڪارڊ خوب وڄاياسون، پر
پوءِ هڪ ڏينهن اوچتي حڪم ملڻ سبب ڀڳت ڪنور رام جي
رڪارڊن کي بند ڪرڻو پيو.
سائين قبله حسام الدين راشدي جن جون مون تي ايتريون ته
عنايتون هيون، جن جي ذڪر ڪرڻ لاءِ مناسب لفظ ڪٿان
آڻيان؟ مون پنهنجي ڪتاب ”تند ڪٽارو ڪنڌ“ جي مهاڳ
”کامان پچان پڄران“ ۾ پهرئين به لکيو آهي ته پر
سال ڪراچي پريس ڪلب ۾ مولانا دين محمد وفائي مرحوم
جي ورسيءَ جي موقعي تي جڏهن مون پنهنجي ڪتاب جي
مهاڳ لکڻ جو ذڪر ڇيڙڻ چاهيو ته منهنجو جملو وچ ۾
ڪٽيندي نهايت ئي پيار ۽ پنهنجائپ مان فرمايائون
”عنايت، تون نه به چوين، تڏهن به تنهنجي ڪتاب تي
ضرور لکندس.“ پير صاحب جن جي مهاڳ جي زيور سان
جڏهن منهنجو ڪتاب سينگارجي ويو ته منهنجي پياري
دوست ۽ سائين راشدي مرحوم جن جي پڻ پياري ٻالڪي،
خان محمد پنهور، عبرت ۾ پنهنجي ڪالم ”ويچار“ ۾
محبت ڀريو احتجاج ڪيو ته سندس ٻارهن مهينن جي
شنواين جي باوجود به پير سائين، سندس ڇپايل، شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ جي ڪتاب نعرء مستانه لاءِ مهاڳ
لکي نه ڏنو، پر عنايت تي پاڻ هي عنايت ڪيائون،
منهنجي ڪتاب ”تند ڪٽارو ڪنڌ“ کي ئي شايد اهو شرف
ملڻو هو جو سائين راشدي صاحب جن پنهنجو آخري مهاڳ
ان ڪتاب لاءِ ئي لکڻ فرمايو ورنه منهنجي ڪتاب ڇپجڻ
کان گهڻو اڳ ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن جي باربار عرض
۽ گذارش جي باوجود به قبله راشدي صاحب جن مهاڳ لکڻ
کان ڪيٻائيندا رهيا. ساڳئي وقت منهنجي ڪتاب جي
مهورت جيڪا 6 آڪٽوبر 1981ع تي آرٽس ڪائونسل
ڪراچيءَ ۾ ٿي، اهو آخري فنڪشن هو، جنهن ۾ قبله
راشدي جن مهمان خصوصي جا فرائض انجام ڏيندي مورن
جي ميڙ ۽ سڄڻن جي سٿ ۾ ائين جرڪي رهيا هئا جئين
چوڏهينءَ جو چنڊ تارن جي وچ ۾ رونق افروز هوندو
آهي.
نيٺ اها منحوس گهڙي آئي، جڏهن محفلن جو مير، مجلسن جو
مور، ڪچهرين جو ڪوڏيو، ڌڻ جو ڌنار، ساٿ جو سرواڻ،
ڄاڻ ۽ سرت وارن جو سائين اسان کان جدا ٿي ويو، علم
جو سورج الهي ويو، مگر پنهجا ڪرڻا ڇڏي ويو ته جيئن
سندن پويان انهن چمڪندڙ ڪرڻن جي جڳ مڳ جوت ۾
پنهنجي راهه ڳولي ڪڍن. اها روشن راهه، جنهن تي
سائين پاڻ به هليو پئي ۽ چاهيابئين ٿي ته سندس
پويان به منزل جي پر پيچ پيچرن مان گس ڳولي پار
پهچي پون. راهه جو گس سندن ڪيترين ئي تحريرن ،
تقريرن ۽ نجي محفلن ۾ ٻوليل گفتن جي روشنيءَ ۾ پڌر
تي پيو آهي. شرط اهو آهي ته جذبو هجي، جستجو هجي ۽
مقصد ماڻهن جي تمنا هجي.
پير حسام الدين راشدي ڪنهن هڪ شخصيت جو نالو نه هو، پر
هڪ بيحد وسيع اداري جو نالو هو جنهن ۾ علم جا
انبار ۽ اڻ کٽ خزانا سمايل هيا، هڪ باغ بهار انجمن
جو نالو هو، جنهن ۾ شريڪ ٿيڻ جا شيدائي پري پري
کان ڪهي، ڪجهه پرائڻ لاءِ ۽ ڪجهه هنئين سان هنڊائڻ
لاءِ پهچي ويندا هئا. هاءِ! جو اها انجمن اجڙي
ويئي ۽ ان عظيم اداري مان فيضياب ٿيندڙ ڪيترائي
مشتاق محروم ٿي ويا. جڏهن به الحمرا سوسائٽيءَ جي
بنگلي نمبر 20 ”علي رضا هائوس“ وڃبو هو ته محفل
متل هوندي هئي. ان محفل ۾ مون پارا اڄاڻ ۽ سڌڙيا
به هوندا هئا ته وري يونيورسٽين جا ناميارا ڊاڪٽر،
پروفيسر، خواهه ٻاهريان مدبر ۽ مفڪر به موجود
هوندا هئا. هرڪو پنهنجي پنهنجي ڄاڻ ۽ ذهني وسعت
پٽاندر ونڊ وٺي ويندو هو. مايوس ۽ محروم ڪو به نه
موٽندو هو. سندن محفل ۾ گفتگو فلسفي ۽ تاريخ جي
پيچيدگين متعلق به هوندي هئي ته وري ڪچهريءَ ۾
جيڪڏهن ڪنهن کل ڀوڳ جو موضوع ڇيڙيو ته مزاح جي رنگ
۾ ايترو ته رچي ويندا هئا. جو سندس ڪيفيت هڪ معصوم
ٻار جهڙي ٿي ويندي هئي. وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي، ڀوڳ
چرچي جي ڳالهه مان نه رڳو لطف اندوز ٿيندا هئا، پر
پاڻ به ان گفتگو ۾ شريڪ ٿي ويندا هئا،. اهڙي سمي
سندن انساني عظمت جو بي ساخته اقرار ٿي ويندو هو،
ڇو ته پاڻ ڪڏهن به ڪنهن تي پنهنجي عظمت مڙهڻ ۽
مڃرائڻ جي ڪوشش نه ڪيائون، مگر سندن شفقت، مٺي
گفتگو ۽ هر ماڻهوءَ سان ايڏي ته پيار ۽ خلوص سان
ڳالهائڻ جو جنهن ۾ سندن علمي وڏ ماڻهپائيءَ جو
ڄاڻي واڻي مظاهرو هرگز نه ڪيل هوندو هن اهڙا ۽
الائي ڪيترا گڻ سائين راشدي صاحب جن جي ذات ۾
ايترا ته لڪل هئا، جو هر ڪو سندن علمي ۽ انساني
عظمت جو قائل ٿي ويندو هو:
جن اونداهيءَ ۾ لاٽ ڪئي، سي ڏيائي رات اجهامي ويا،
جن جوت جلائي جلون سان، سي تارا نيٺ وهامي ويا.
...........................
سنڌ ۾ طب جي فن کي پاڪ ۽ پوتر، محض خلق خدا جي خدمت جو ذريعو
ڪري سمجهيو ويندو هو، ۽ ڪو به طبيب انهيءَ کي
پنهنجي معاش جو ذريعو ڪو نه بڻائيندو هو. علاج
معالجو هميشه مفت ڪري، انسان ذات ۽ غريب غربي جون
دعائون حاصل ڪيون وينديون هيون. اڄوڪن ڊاڪٽرن ۽
طبيبن وانگر، اسان جا اڳيان حڪيم ڪو نه هئا، جو
علاج ڪندي ڪندي مريض جي مرڳو کل ئي لاهي ڇڏين، يا
وري سندن گذر بسر ئي ڪو طب تي هجي. معاش جا ذريعا
ٻيا هوندا هئا، طب محض پنهنجي ذوق جي تسڪين ۽ خلق
جي ڀلي لاءِ ڪندا هئا. اهوئي سبب هو، جو سنڌ ۾
طبيب جو درجو روحاني پيشوا، يعني پير فقير جيترو
هوندو هو،. طبيب جي پيشوائي ۽ پذيرائي ڪرڻ هرڪو
سنڌي پنهنجو اولين فرض ڪري سمجهندو هو.
سيد حسام الدين راشدي
مضمون: ”سنڌ ۾ يوناني طب“
(ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 287)
ارشد انڍڙ
تاريخ کي نئون رنگ ڏيندڙ __ راشدي صاحب
مون پير صاحب جو پهريون ڪتاب ڪيو پڙهيو، سو هو ”هو ڏوٿي
هو ڏينهن“، پوءِ ته سندن لکڻين مان ايڏو لطف آيو
جو ٻيا ڪتاب ”مير معصوم بکري“، ”مڪلي نامو“،
”تذڪره اميرخاني“، ”تاريخ مظهر شاهجهاني“، ”تڪمله
مقالات الشعراعه“، ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ۽ سندس
ڪتابن مان تقريباَ اڌ کن ڪتاب پڙهيم، جيڪي خود
لکيائون يا ڪن ٻين مصنفن جا ايڊٽ ڪيائون. مون کي
سندن لکڻين ۾ جيڪا ڳالهه نمايان نظر آئي سا آهي حق
۽ سچ جي طرفداري، ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ وجهڻ، روايت
کي روايتي انداز ۾ قبول ڪرڻ جي بجاءِ عقل ۽ سچ جي
ڪسوٽيءَ تي پرکڻ، روايت جي جاءِ تي تحقيق ۽ تاريخي
کوجنا کي اهميت ڏيڻ.
روايت قبول ڪرڻ جي سلسلي ۾ علم حديث وارن ۽ اسماعه
الرجال جي ڄاڻن ”درايت“ جو اصول ايجاد ڪيو، جنهن
جي معنيٰ آهي ”روايت کي عقل، فطرت ۽ تاريخي شاهدين
جي ڪسوٽيءَ تي قبول ڪرڻ“. پير صاحب جي تحقيقي ڪمن
۾ يا سندن تاريخ تي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته
پاڻ روايت جا مقلد ڪو نه هئا، پر تاريخ جي سلسلي
۾ ”درايت“ جي اصول کي شروع کان وٺي، ڀرپور نموني
۾، هميشه نظر ۾ رکيائون.
تاريخ به انسان ئي لکندا آهن جيڪي انساني جذبات به
رکندا آهن،. مؤرخ کي به ڪنهن شخصيت لاءِ حقارت ۽
محبت ضرور ٿيندي آهي. تاريخ پڙهڻ کان اڳ ۾ مؤرخ جا
اهي جذبا نظر ۾ رکڻ ضروري ٿين ٿا. مثلن عبدالقادر
بدايوني ”منتخب التاريخ“ ۾ ابوالفضل، فيضي ۽ سندن
والد بزرگوار قاضي مبارڪ کي ابن الوقت، گمراهه،
جاه پرست ۽ دين الاهي جو خالق لکيو آهي. اهي ٽيئي
بزرگ ائين هئا يا نه ، ان لاءِ ”عبدالقادر
بدايوني“ ۽ سندن ذاتي تعلقات کي نظر ۾ رکڻ ضروري
آهي، ڇو ته اهي ٽيئي ”سهيوڳي“ هئا ۽ هڪ درٻار جا
درٻاري هئا، هرڪو هڪٻئي جي ڪاٽڻ ۾ رڌل ٿو نظر اچي.
هو نئن به درٻار جي پاڇي ۾ جيڪا شخصيت اڀرندي آهي،
ان ۾ نفرت ۽ حقارت، ٻئي لاءِ ڪينو ۽ بغض، بهتان
بازي ۽ گلاخوري، الزام تراشي ۽ ابن الوقتي، لازم
هونديون آهن.
پير حسام الدين صاحب هڪ سڄاڻ محقق جي حيثيت ۾ ان سوچ جو
حامي ٿو نظر اچي ته تاريخ پڙهڻ سان گڏ مورخ جو
مزاج پڙهڻ به ضروري آهي، ڇو ته سندس تاريخ جي ورقن
۾ سندس شخصيت به ضرور اچي ويئي هوندي.
مير معصوم بکري لاءِ پير صاحب لکي ٿو ته ”جڏهن اڪبر
بادشاهه سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ عبدالرحيم خان خانان کي
موڪليو، تڏهن مير معصوم بکري به سندس مددگار هو ۽
هو به ”ڪشت سنڌ“ ۾ شريڪ هو. خان خانان سنڌ فتح ڪئي
۽ سنڌين کي اڪبر جي راڄ ۾ شامل ڪيو. فتح جي خوشيءَ
کي درٻاري شاعرن ”بستان فتح“ جو نالو ڏنو“ پير
صاحب پنهنجي ڪتاب ”مير معصوم بکري“ جي ص 182تي مير
معصوم بکري سان عقيدت، محبت ۽ احترام هوندي به لکن
ٿا ” مير معصوم بکري انهي سلسلي ۾ بستان فتح جي
گلگشت ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو، بهر صورت مرزا
غالب چواڻي:
ز گلفروش نه ننالم کز اهل بازار است،
تپاک گرميعه رفتار باغبانم سوغت“.
انهيءَ کي چوندا آهن ته ”ڏنڊو کڻجي ڀلي ڀاءُ پاران، پر
ڳالهه ڪجي حق ۽ سچ جي“، پير صاحب کي مير معصوم
بکريءَ لاءِ احترام آهي ۽ وٽن وڏو مان آهي، پنهنجي
ڪتاب جي مهاڳ ۾ هڪ هنڌ لکن ٿا ”سياست جا کيڏاري ۽
ملڪي معاملن جا مداري مير معصوم سان انهيءَ ڏس ۾
دلچسپي وٺي سگهن ٿا، ليڪن راقم الحروف لاءِ مير
موصوف جي شخصيت شروع کان وٺي پنهنجي گونا گون
علمي، ادبي ۽ تاريخي ڪارنامن سبب دلچسپ ۽ جاذب رهي
آهي.“
مير معصوم بکري متعلق پنهنجي ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن
جون“ ۾ هڪ مضمون ۾ مرزا شاهه حسن ارغون جي واقعات
کي تاريخن جي روشني ۾ لکندي لکن ٿا ته ”مٿين مذڪور
مطابق شاهه حسن سومر ڏينهن 12 ربيع الاول 962هه
مطابق 4 فيبروري 1555ع جي فوت ٿيو. در حقيقت تاريخ
معصومي تاريخن ۽ مهينن ۾ گهڻو ڪري احتياط کان ڪم
ڪو نه ورتو آهي.“ (ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون ص 398).
عقيدت ۽ محبت ٻي شيءِ آهي، حق ۽ سچ جدا ڳالهه آهي.
پير صاحب مير معصوم لاءِ احترماَ ۽ مان جي باوجود
سندس تاريخي ڪم جي پوري ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي سندس ڪن
جڳهين تي وڪالت به ڪئي آهي ته وري هن جي غلطين جي
نشاندهي به ڪئي اٿائون. تاريخ جي شروعات درٻار
کان ٿي آهي. مورخ گهڻي ڪري درٻاري هئا. جي
درٻاريون ختم ٿي ويون ته به منجهانئن صدين کان رڳ
رڳ ۾ رچي ويل درٻاريت نه ويئي. مورخن جتي انسانيت
تي احسان ڪيو آهي، سندن ماضي آڏو رکيو اٿائون ۽
ماضيءَ جي روشنيءَ ۾ مستقبل جي راهه نمايان ڪئي
اٿائون ،اتي ۽ ان سان گڏ ظالمن ۽ جابرن کي هيرو،
ننگ انسانيت انسانن کي پارسا، خونخوار درندن کي
مثب خيز ۽ محسن انسانيت بنائي به ڏيکاريو اٿن، ته
ٻين ڀلارن ماڻهن کي باغي، بيدين، سياسي اختلافن
سبب ”ڪافر بچه“ به ڪوٺيو اٿائون. بيو ته ٺهيو، پر
تصاريخ وارن ”مخدوم بلاول“ جهڙن ڀلارن انسانن کي
به ”بيدين“ سڏيو آهي (درٻاري عالمن مٿس ڪفر جي
فتويٰ به عائد ڪئي هئي).
پير صاحب مورخن جي ان درٻاري گروهه کي ننديو آهي. سنڌ
جي تاريخ، جيڪا درٻار جي پاڇي ۾ لکي ويئي هئي. ان
کي حقيقي ۽ اصلوڪي رنگ ۾ پيش ڪيو اٿائون. سندن
تاريخ تي اٿاهه مطالعو آهي، تاريخ جي عالم ۾ کين
بحر ذخار نظر اچن ٿا، واقعات ۽ ان جون ڪڙيون ملائڻ
سندن الاهي ڏات آهي. دارا شڪوه جي بربادي ۽ سندس
موت متعلق پنهنجي ڪتاب ”مڪلي نامي“ ۾ جهڙي طرح
تاريخ وارا واقعات لکيا اٿائون، ان کي پڙهي عقل
دنگ رهجيو وڃي، ته اهي ايتريون ڏڻ وار تاريخون
ڪٿان ڪٿان ڪٺيون ڪيون اٿن!مرزا شاهه حسن ارغون جي
ترتيب وار تاريخن کي پنهنجي ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن
جون“ جي صفحن 393 کان وٺي 398 تائين جنهن انداز ۾
گڏ ڪيو اٿائون، ماڻهو پڙهي دنگ رهجيو وڃي.
سندن نالو .حسام الدين“ هو، ”حسام“ تيز ترار کي چوند
آهن. اسان جو پير صاحب اسم بامسميٰ انسان هو. پاڻ
ساري ڄمار قلم جي تيز تلوار سان ڪوڙ جي دڙن کي ڌڙا
ڌڙ ڪٽيو اٿائون، اهڙي طرح سان جو ڪوڙ جي منهن ۾
ڌوڙ پئجي وئي آهي. سنڌ جي تاريخ جو سج ڪوڙ جي ڪڪرن
مان پوري آب تاب سان نڪري نروار ٿي پيو آهي. سنڌ
جي تاريخ مظلوم هئي، ”حسام“ مظلوم جو ساٿ ڏنو، ڇو
جو اهو سندس ابن ڏاڏن جو شيوو هو.
پير صاحب پاڻ پير هو جو سندن نالي مان نمايان آهي، پر
ان جي باوجود سنڌ جي مظلوميت کين روايتي پير ڪين
بڻجڻ ڏنو. پاڻ سنڌ جي نام نهاد پيرن ۽ فقيرن لاءِ
حق جي تلوار کي وڌيڪ تيز ڪيائون، سنڌ ۽ سنڌ وارن
سان جيڪا انهيءَ طبقي دين جي آڙ ۾ ڀيل ڀيلي هئي ان
کي هنن لفظن ۾ پيش ڪن ٿا، ”سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڏيون
درگاهون، شاندار سجادا، ۽ ڌوم ڌام وارا پير ۽
مرشد، ڄڻ هر ڪنهن جو مڪو مچي ويو. ڪن بزرگن صديون
اڳ پورهيو ڪيو هو، جنهن جو سراسر ناجائز فائدو
انهن جا جاهل ۽ دين کان دور، پنهنجي بزرگن جي رستي
کان پري پيل پونير، وٺي رهيا هئا. جن بزرگن ۽ نيڪ
ٻانهن، دين ۽ شريعت جي صحيح رستي ڏيکارڻ لاءِ مرڪز
قائم ڪيا هئا، اهي کانئن پوءِ لاديني جا اڏا بڻجي
پيا، ۽ انهن مرڪزن کي سجادن ۽ مسندن ۾ تبديل ڪري،
پنهنجي ابن ڏاڏن جي نالي ۽ انهن جي نيڪين کي تجارت
جو مال بڻائي، انهي آمدني تي پنهنجي زندگي ۽ آڪهين
جي قوت گذر جو دارومدار رکيو ويو. ماڻهن کي مرعوب
ڪرڻ لاءِ، عوام جي دلين تي ڌاڪي وهارڻ خاطر مٽي جي
قبرن کي سنگ مرمر سان سينگاريو ويو. انهن تي
شاندار قبا، روضا ۽ گنبذ کڙا ڪيا ويا“ (حوالو ” هو
ڏو ٿي هو ڏينهن“ ص 343.)
ساڳئي ڪتاب جي ص 345 تي انهيءَ طبقي جي ڪڌن ڪرتوتن کي
هن طرح سان پيش ڪن ٿا. ”اهو عالم هو سنڌ جي توهم
پرستي ۽ قبر پرستيءَ جو، ۽ اهو هو جيئرن تي مئن جو
ڌاڪو، جيڪي يا ته سالن کان وٺي پاڻ به مٽيءَ سان
گڏجي مٽي ٿي ويا هئا، يا مرڳوئي انهن جو مڙهه مهڙ
کان ئي مشڪوڪ هو. ليڪن جيڪي پيرمرشد، خانقاهه نشين
يا سجادا ۽ سيد انهن درگاهن جا متولي هئا، يا پاڻ
پنهنجي سر ڪاني ڪرامت جا دعويدار ها سي ته سڄي
ڳالهه جا مالڪ ئي پاڻ هئا.“
ساڳئي ڪتاب جي ص 351 تي پنهنجي قوم جي ڪمزور عقيدن،
جهالت ۽ اٻوجهائي متعلق لکن ٿا ”ايمان جي خرابي،
عقيدي جي برائي ۽ اسلام کان سراسر انحرافي کان
علاوه سنڌي مسلمان مٿي بيان ڪيل 36 ڇهين مدن ۾
مبتلا رهيو آهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته جيڪا
آمدني هن کي پنهنجي معاشرت ۽ معيشت جي استحڪام تي
خرچ ڪرڻي هئي...! هن انهيءَ پيري مريديءَ واري
گورک ڌنڌي ۾ ضايع ڪري پاڻ کي هميشه بکيو ۽ ڏکيو
رکي ڇڏيو ۽ ان جي مقابلي ۾ درگاهون ۽ پير مرشد
هميشه آباد، هميشه سر سبز ۽ تازا توانا، بنا مشقت،
بنا ڪمائي ۽ سواءِ ڪنهن زحمت جي سڀ ڪجهه گهر ويٺي
کين ميسر ۽ مهيا، جڳ ٻيا ڍرن ۽ وسين پيا سلامي ٿي
سجدا ڪن.“ |