ڪتاب پڙهندي مون اڪثر، تاريخن ۽ سنن بابت مونجهارو محسوس ڪيو
آهي. ڪتاب ۾ واقعن، حادثن ۽ ماڻهن جو ذڪر باريڪ
بينيءَ ۽ وضاحت سان ڪيو ويو آهي. پر، ڪتاب ۾ اڪثر
(۽ گهڻو ڪري) واقعن ۽ حادثن جي سنن، يا جنهن دور
جي اهم ماڻهن جو ذڪر آيو آهي، ان دؤر جي سن يا سال
کان آگاهه نه ڪيو ويو آهي. ذري گهٽ سمورا احوال،
ڳالهيون ۽ باب مبهم نموني شروع ٿين ٿا. مثال طور
”هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن ٻاهراڙين تي
وڏيرن جو راڄ هلندو هو.“ يا ” هي ان دور جو ذڪر
آهي جڏهن سکر ۾ سياسي هلچل اوج تي هئي.“ يا ”هيءَ
گونگين فلمن واري درو جي ڳالهه آهي.“ ڪتاب ۾ گهڻو
ڪري سن ڏنل نه آهن، تنهنڪري پڙهندڙ غير ارادي طور
تي منجهيو پوي.
ڪتاب 1960ع ۾ لکيو ويو هو، ۽ سترهن سالن کان پوءِ 1977ع
۾ شايع ڪيو ويو. انهن سترهن سالن ۾ گهڻو ڪجهه
بدلجي ويو آهي. ايلفنسٽن اسٽريٽ جو نالو زيب
النساءِ اسٽريٽ ٿي ويو آهي. ڪيپيٽل سينيما ۽
پيراڊائيز سينيما مسمار ڪيون ويون آهن، ۽ انهن جي
جاءِ تي گهڻ مار عمارتون اڏيون ويون آهن. مولائي
شيدائي، ۽ ڪجهه ٻيا اهم اديب، شاعر، دانشور ۽ انهن
متعلق ٻئي ڇاپي ۾ حاشيو يا فٽ نوٽ لکيو وڃي. اهو
تمام ضروري آهي. واقعن متعلق سمورو ڪتاب ڪجهه عرصي
کان پوءِ ڏندڪٿائن جي ڪتاب وانگر پڙهيو ويندو.
هن ڪتاب ۾ پير صاحب پنهنجي زندگيءَ جي پنجاهه سالن جو
ذڪر ڪيو آهي. پير صاحب انهن عناصر جو ذڪر ڪيو آهي
جيڪي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جو ڏتڙيل ماڻهن، جهانگين ۽
سانگين لاءِ ڏک، تڪليف ۽ تباهيءَ جو سبب ثابت ٿيا
آهن. پٿر جي دل گهرجي هن ڪتاب جي صفحن 374 کان 388
تائين پڙهڻ لاءِ، ۽ پڙهڻ کان پوءِ نه روئڻ لاءِ، ۽
نه مايوس ۽ ملول ٿيڻ لاءِ! رشوت، بدڪاري، پوليس جا
مظالم ۽ بي انصافي معاشري ۾ مضبوطيءَ سان موجود!
قيدين ۽ لاڪبن ۾ بند ڏوهارين جي اکين آڏو سندن
ڀينرن ۽ مائرن جون عزتون لٽيون وينديون هيون.
عورتن ۽ مردن جي پوشيده عضون تي عذاب ڏنا ويندا
هئا. ڪيسن ۾ ڦاٿلن کي، يا قيدين کي ڪرفتي کارائي
ويندي هئي، ۽ پيشاب پيئاريو ويندو هو، مائن، ڀينرن
۽ گهر وارين کي اگهاڙو ڪري¢
هڪ ٻئي جا پوشيده عضوه پٽڻ تي مجبور ڪيو ويندو هو،
۽ تماشائي دهلارين سان گڏ خوش ٿيندا ۽ ٽيڪب ٽيڪو،
ٽيڪب ٽيڪو، چوندا هئا.
پير صاحب جو هيءُ ڪتاب ڪالهه جو ڪتاب آهي؛ هيءُ اڄ جو
ڪتاب آهي؛ هيءُ سڀاڻي جو ڪتاب آهي.
-- ببليو گرافي --
1. سليڪٽيڊ پروز، ٽي ايس ايليٽ
Selected prose. T. S. Eliot
2. اسٽڊي آف لٽريچر، هينري هڊسن Study
of Literature, Henry Hudson
3. رپبلڪ، پليٽو Republic,
Plato
4. هو ڏوٿي، هو ڏينهن پير حسام الدين راشدي
ماهتاب محبوب
نم جي ڇانو
راشدي صاحب عالمگير شخصيت ۽ شهرت جو مالڪ هو، سڀني کيس
وڏي عزت ۽ پيار ڏنو، پر اسان سنڌين ته هن جي گهڻي
قدر داني ڪئي ۽ هن به ايڏا قرب ۽ وڙ ڪيا، جو
هرڪنهن پاڻ تي ئي ان قربن جو ڇيهه ٿي سمجهيو.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته کيس سڀني سان پيار هو، پر جيڪي
سندس تمام ويجها هئا، تن لاءِ ته هن ڄڻ قربن جا
ڪوٽ اڏي ڇڏيا هئا. ڇا مجال جو اهڙي ڪوٽ جي ڪنهن
ڪنگريءَ کي ڪو لوڏو به اچي.
راشدي صاحب سان اسان جو ساٿ رڳو ڪجهه سالن تائين محدود
رهيو، پر ان مختصر عرصي ۾ به هن اها لکائي نه پوڻ
ڏني ته ڪڏهن اسان کان پري هو. هو اسان لاءِ
زندگيءَ جي علامت هو. هن پياري انسان جي شفقتن ڀري
قربت ۾ اسين ڏاڍو خوش هئاسين. هانون جون حويليون
ڄڻ ڀريون پيون هيون، جو هڪدم الائي ڪيئن ڪو قهري
طوفان اچي ويو، جنهن نم جي ٿڌي ڇانو وارو وڻ
پاڙئون ڪڍي ڇڏيو جنهن کي اسين بي فڪريءَ سان ٽيڪ
ڏيو ويٺا هئاسين! اسان جو جهلو...... اسان جو ابو،
اسان سنڌي اديبن لاءِ نم جي ڇانو ئي ته هيو.
سندس رحلت جي خبر بي حال ڪري ڇڏيو هو. محبوب ٽوئر تي
ويل هو، کيس اچڻ ۾ دير هئي ۽ مون کي ڪراچي پهچڻ جي
جلدي. پر خدا سلامت رکي منهنجن ڀائرن حسين شاهه
راشدي ۽ امجد شاهه جيلانيءَ کي، جن مون کي بروقت
ڪراچيءَ کان گاڏي ڏياري موڪلي، جنهن آڻي اتي
رسايو. اتي مون ڇا ڏٺو...... مون ڏٺو..... هڪ
تاريخ سمهي پئي هجي... ڪيئي جڳ، ڪيئي صديون، پل ۾
گذري ويون هجن...... اهو پل، جيڪو هانو ۾ بڙڇي
بڻجي لهندو آهي ڪيترا ڀيرا گلن سان جهنجهيل سفيد
چادر هٽائي مون اهو وجاهت ڀريو چهرو ڏٺو، جيڪو وري
نه ڏسي سگهبو انهن قدمن کي ڇهيو، جن جي خاڪ برابر
به ناهيان ساڻس جيءُ ڀري ڳالهيون ڪيم هن سڀڪجهه ٿي
ٻڌو... سڀڪجهه ٿي ڏٺو.....
گلي جي تڪليف سب راشدي صاحب جي آواز تي ڪجهه اثر پيو،
جنهنڪري صورتحال تشويشاڪ ٿي پئي هئ، پر لنڊن ۾
علاج دوران کيس چڱو فائدو ٿيو. اها خوشخبري حسين
شاهه راشدي فون ذريعي ٻڌائي. ان اطلاع اسان کي
ايڏو ته آٿت ڏنو، ايڏي ته خوشي پهچائي، جنهن جي ڪا
حد ناهي، اسان جو انتظار تهان ئي وڌي ويو ۽ ان
ڳالهه ته ويتر هيانءُ ٺاري ڇڏيو ته ڊاڪٽرن، ريڊيو
آيوڊين گيروپي جي ذريعي سندس علاج شروع ڪيو آهي،
جنهن جا ٻه ڊوز وٺڻ زندگيءَ لاءِ ٻارهن سالن جي
گيرنٽي هئي. سوچيم، ته ممڪن آهي ٻارهن سالن کان
پوءِ وري ڪي اهڙيون ايجادون ٿين جيڪي کيس هزارين
سالن تائين سلامت رکن. راشدي صاحب اڃان هڪ ئي ڊوز
ورتو هو، ٻئي لاءِ اپريل ۾ لنڊن وڃڻو هيس...... پر
اڳ ئي اهڙي ولايت هليو ويو، جنهن کيس سڀني بيمارين
کان ڇڏائي ڇڏيو.
دوستن کي سندس زباني ”احمق“، بي وقوف، ۽ ان قسم جا ٻيا
لقب القاب ٻڌڻ سان بنهه ڪو رنج نه رسيو، بلڪ هو ته
ڄاڻي اهڙا وجهه ڳوليندا هئا، جيئن سندن شگفته
مزاجيءَ مان لطف اندوز ٿي سگهن. ڪنهن کي يقين اچي
سندس موت جو! موت کان مات کائڻ وارن مان ته هوئي
ڪين، ڇهه ست ڀيرا ملڪ الموت مٿس ڀرپور حملو ڪيو پر
راشدي صاحب هر دفعي کيس شڪست ڏني. هينئر به هن
هارايو ناهي، بلڪ عزرائيل کي به هرهر ڀت تان ڪري
پوندڙ ڪوريئڙو سمجهي مٿس ترس کائي، پنهنجو پاڻ هن
جي حوالي ڪيو آهي.
راشدي صاحب کي بيماري يا موت کان ڪڏهن ڪو ڊپ نه لڳو، نه
ئي هن انهيءَ ڳالهه کي ڪڏهن ڪا اهميت ڏني. ٻئي
جهان ڏي وڃڻ جون ڳالهيون ايڏي ته بي نيازيءَ مان
ڪندو هو، ڄڻ وڏي قرب مان ڪوٺ آئي هجيس، جنهن کي
لڄئون ڪڄئون قبوليندي هن اوڏانهن وڃڻ جا سانباها
ٿي ڪيا. سندس بهادري، همت ۽ قوت اراديءَ جا هونءَ
ته ڪيترائي مثال سامهون اچن ٿا پر هڪ مثال مون کي
سخت حيران ڪيو. اسين ڪراچي آيل هئاسين، ٻئي ڏينهن
تي راشدي صاحب جي آپريشن ٿيڻي هئي، ان ڪري گهر جو
ماحول پڻ پريشانيءَ وارو هئن؛ پر جيئن ئي کيس اسان
جي اچڻ جي خبر پئي ته پنهنجي خاص خدمتگار سچوءَ کي
اسان ڏانهن نياپو ڪرايو ته ٻپهرن جي ماني ساڻس
گڏجي کائون! اهي راشدي صاحب جا ئي حوصلا ۽ خلوص
هئا جو اهڙيءَ مهل به پنهنجن کي ڪين پئي وساري
سگهيو. پيو ڪو هجي ها ته بس آپريش جو ڀئو ئي بي
حال ڪري ڇڏي ها. دوست دڙا ته هڪ پاسي، مرڳو پنهنجا
کاڌا پيتا وهه ٿي اچنس ها. سو سچوءَ کي چيم صحت
ياب ٿي خير سان اچي ته پوءِ کائينداسين دعوتون،
هينئر رڳو ملڻ ايندس. سچوءَ وراڻيو ته، ”سائينءَ
چيو آهي ته توهان کي مانيءَ تي ضرور اچڻو آهي.“ پر
اهو ڪنهن به طرح مناسب نه پئي لڳو ته ٻئي ڏينهن تي
آپريشن هجي ۽ ان پريشانيءَ جي عالم ۾ وڃي دعوتون
کائجن. توڙي جو راشدي صاحب ان کي دال ماني،
ڪوٺيندو هو، پر اسان کي يا سندس دوستن کي خبر
هوندي هئي ته اها ”دال ماني“ اڪيلي نه پر ڪيترن ئي
ست رڇن طعامن سوڌو ٽيبل تي موجود هوندي هئي ۽ هو
ڪيڏي نه پيار مان هر ڊش اڳيان وڌائيندا ڪجهه نه
ڪجهه کڻڻ لاءِ زور ڪندو هو.
زندهه دلي، خوش مزاجي ته ڄڻ راشدي صاحب کي ورثي ۾ مليون
هيون. حيدرآباد ۾ منهجي ڪتاب ”مٺي مراد“ جي صدارت
ڪرڻ بعد ٻي ڏينهن تي اسان جي گهر آيو ته موڪلائڻ
مهل بطور يادگار مون کيس هڪ اڌ حقير سوکڙي پيش
ڪئي. ان وقت سندس چهري تي مخصوص انداز واري شوخي
ظاهر ٿي، کلندي چوڻ لڳو:
”ڪوهه پئي ٿورا چاڙهين!“
مون کي اهو ڊائلاگ ڄاتل سڃاتل لڳو، مون انهيءَ تي اڃا
غور ئي پئي ڪيو ته وري به مرڪي چيائين:
”مان توهان جي ڪهاڻي ”بک جا چڪ“ جي ڪردار زليخا جيان ٿو
چوان“
راشدي صاحب جي طبيعت ۾ ڏاڍي نفاست هئي، سندس پسند جي هر
شئي، ويندي قديم ۽ اعليٰ ڪراڪري به اڄ سوڌو نهايت
سنڀال سان رکيل آهي. ننڍپڻ جي ياد ڏياريندڙ شين کي
به ساهه سان سانڍڻ ۾ کيس وڏي آسيس ملندي هئي.
منهنجو ڏنل هڪ رومال کيس ايڏو ته وڻيو جو اهو
هروقت پاڻ سان رکندو هو، جڏهن مون کي اها خبر پيئي
ته اعتبار ئي نه آيو ته ڪو ان معمولي رومال کي
ايڏو مان ملندو، پر هڪ دفعي هن پاڻ ئي اهو رومال
کيسي مان ڪڍي ڏيکاريندي چيو:
”بابا اهو رومال مون کي ڏاڍو ٿو وڻي، اسين ننڍپڻ ۾ اهي
کڻندا هياسين، مان ڏاڍو ان کي سنڀاليندو آهيان، پر
ڏسو ته مائيءَ ڀان ڌوئي ڌوئي رنگ ئي اڏائي ڇڏيو
آهي.“ هن گهرجي خادمه جو نالو وٺندي چيو. ڏٺم ته
برابر، رومال جا ستئي رنگ غائب هئا، رڳو ڪارو ڦٽل
ليڪو وڃي بچيو! پاڻ جڏهن به ملندو ته اڪثر ان
رومال جو ذڪر ڪندو هو تنهن ڏينهن به کيسي مان ڪڍي
چوڻ لڳو:
”هاڻ ته صفا جهيرون ٿي ويو آ....“
ڏسان ته سچ پچ رومال ڳري چڪو هو. ”ان کي ته هاڻ ڦٽو
ڪريو، ٻيا گهرايا اٿم.“ وراڻيائين: ”بابا هاڻ ٻيا
رومال وڻن ئي نٿا.“ هن اهو کيسي ۾ رکندي چيو.
تازو علاج لاءِ لنڊن ويو ته گهر وارن نوان رومال ڏنس،
ته نه کنيائين، اهوئي جهيرون ٿيل رومال ساڻ هئس،
جڏهن زندگيءَ جي آخري سفر تي روانو ٿيو تڏهن به
کيس پهريل لباس جي کيسي مان ساڳيو رومال نڪتو.
ائين برابر اهي ته اديب، عالم، مورخ يا دانشور کي سندس
اعليٰ ادبي خدمتن ۽ عمده تحرين وسيلي وڏو مان
مرتبو ملي ٿو جنهن سان هو ادب ۾ سدا لاءِ امر ٿيو
پئي، پر منهنجي ذاتي راءِ آهي ته هن کي جيءَ ۾
جاين ڏيڻ وارو بي پناهه خلوص رڳو هن جي پنهنجي
وجاهت ۽ جاذبيت ڀري شخصيت ڪري ئي ملي ٿو.
راشدي صاحب اهڙي ئي دلفريب شخصيت جو مالڪ هو جنهن جي
رهڻي ڪهڻي ۾ نفاست هئي، اٿڻي ويهڻيءَ ۾ شاهاڻو
وقار هو. رفتار ۽ گفتار ۾ زنده دليءَ جون
دلنوازيون هيون، بي ساختگيون ۽ شوخيون هيون،
سچايون ۽ قرب هئا، ڪي به ڏيکاءُ يا نماءُ بنهه نه
هئا. هن نياز ۽ نوڙت جي مجسم، گرجدار آواز واري
مانجهي مرد جهڙا انسان تمام گهٽ پيدا ٿيندا آهن،
جيڪي پنهنجي منفرد شخصيت جي ڇاپ صدين تائين دلين
تي قائم رکندا آهن، جنهن لاءِ اڄ هر دل روئي ٿي،
جنهن کي هر دل ساري ٿي!
قطعه تاريخ وفات حسرت آيات
مرحوم پير حسام الدين شاهه راشدي
ملڪ سان هاڃو ٿيو، رحلت حسام الدين رح جي .
قوم لئه صدمو وڏو، فرقت حسام الدين رح جي.
پير هو روشن ضمير ۽ سيد رشد وهديٰ،
شان واري خاص شخصيت، حسام الدين جي،
خاندان راشدي جو هي هئو گوهر گران،
ڇا! ڪٿي ڪو قدر ۽ قيمت حسام الدين جي.
فارسي، سنڌي ۽ ارود انگلش ۾ ڀڙ بلي،
علم جي دنيا ۾ ٿي وسعت حسام الدين جي.
هو محقق ۽ مؤرخ ۽ مصنف نامور،
قابل تحسين ٿي محنت حسام الدين جي.
هن جي تصنيفات و تاليفات بابت ڇا لکون:
ديس ۽ پرديس ٿي شهرت حسام الدين جي.
اهل دل، اهل نظر، اهل قلم، اهل ڪرم،
گهٽ اها تعريف ٿي حضرت حسام الدين جي.
پهرين اپريل ۽ ڇهين ماه جمادي الثاني جي،
ٿي هتان هن ڏيهه ڏي هجرت حسام الدين جي.
باسر برڪت ٿيو: مغفور سيد با شرف،
2 + 1400 580
1402 + 1982ع
ٿي وئي آصف! جڳهه جنت حسام الدين جي.
احمد خان ”آصف“ مصراڻي
مرزا ظفر الحسن
پير صاحب جون ڳالهيون، منهجون يادون
منهنجي ۽ پير حسام الدين مرحوم جي ملاقات سرحد وٽ ٿي،
زمين جي نه عمر جي سرحد وٽ. هو بنهه پوڙهو ڪو نه
ٿيو هو ۽منهنجي آڌوهي پوريءَ طرح شروع نه ٿي هئي
ته اسين هڪٻئي سان ملياسون. اسان ٻنهين ۾ زبردست
شوخي ۽ تيزي هئي، گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي اڪيلائيءَ ۾
ائين ئي محسوس ٿيو، تنهنڪري ايترو جلدي اسين هڪٻئي
جي ويجهو آياسون. مون کي آخري وقت تائين ان ڳالهه
تي حيرت هئي ته پير صاحب منهنجي باري ۾ اڳواٽ ڄاڻن
کان سواءِ ڪهڙيءَ طرح مون کي پنهنجي ويجهو اچڻ
ڏنو. هڪڙو زمانو ته اهڙو به اچي ويو جو آءٌ سندس
رات جو ڄڻ نشو ٿي ويس. جيڪڏهن ڪنهن رات نه ويندو
هوس ته ٻئي ڏينهن ڏاڍو ناراض ٿيندو هو. هڪ ڀيري ته
مون کانئس پڇيو ته اوهان کي منهنجي اها عادت ڇو
پئي آهي جڏهن ته اوهان جي ۽ منهنجي ڏيٺ ويٺ ڪا
پراڻي به ڪانهي ۽ نه وري خانداني، چوڻ لڳو تون ته
مداري آهين، بس تنهنجين حرڪتن ۽ ڪرتبن چريو ڪري
ڇڏيو آهي، جيڪڏهن مداريءَ جو لفظ نه وڻئي ته تون
جادوگر آهين اسان تي ڪو جادو ڪيو هونديئي.
پير صاحب سان منهنجي پهرين گڏجاڻي سواءِ ڪنهن سوچ ويچار
جي ۽ ڌنڌي جي باري ۾ ٿي هئي، آءٌ اداره يادگار
غالب“ جا تفصيل سمجهائڻ ۽ غالب پينسل سندن خدمت ۾
پيش ڪري ڪا رقم ڇڏائڻ جي لاءِ سندن گهر ويو هوس.
پير صاحب منهنجي پروپيگنڊا ٻڌي ۽ سواءِ ڪنهن حجت
جي هڪ سؤ روپين جو چيڪ ڏئي هڪ پينسل خريد ڪئي.
جڏهن آءٌ سندن ٿورا مڃي وڃڻ لڳس ته چوڻ لڳو ته رات
ڏهين وڳين ٻيهر اچجو ته تفصيل سان ڳالهه ٻولهه
ڪنداسون. عبدالرؤف عروج کي جيڪو مون کي پير صاحب
جي گهر وٺي ويو هو. تاڪيد سان چيائين ته اڄ رات
مرزا صاحب کي ضرور وٺي اچجانءِ. پوءِ اها روزاني
عادت ٿي پئي. رات جو ڏهين وڳي ويندو هوس ۽ ڪو
ٻارهين هڪ وڳي واپس ورندو هوس. پير صاحب جي محفل ۾
اسين ٽي هوندا هئاسون: پير صاحب، عروج ۽ آءٌ، نه
ڪنهن چوٿين کي گهرايو ويندو هو، نه اچڻ جي اجازت
هوندي هئي ۽ نه ڪنهن کي محفل جي لڳڻ جي خبر پوندي
هئي.
پير صاحب جي ويهڻ واري ڪمري جي چئني ڀتين ۾ ڪاٺ جا ڪٻٽ
لڳل هئا ۽ اهي ڪتابن سان ڀريل. فرش تي به هر هنڌ
ڪتاب ۽ رسالا پکڙيل. پير صاحب لکڻ پڙهڻ جي لاءِ هڪ
چڱي خاصي وڏي ميز ٺهرائي هئي پر ان جا ٽي حصا
ڪتابن سان ڀريا پيا هئا. پنهنجي لاءِ ڦرندڙ ڪرسي ۽
مهمانن جي لاءِ چار پنج آرام ڪرسيون رکيون هيون.
رات جي محفل جو ڪو خاص پروگرام ڪو نه هوندو هو. يٽ
شٽ ٿيندا هئا جن جو ڪو خاص مول مقصد ڪو نه هوندو
هو. جنهن جي جيءَ ۾ جيڪي ايندو هو چوندو هو. ڪڏهن
علم ادب جي حد ۾ رهي ڪري ۽ ڪڏهن ڪاليج جي وات
ڳاڙهن ڇوڪرن وانگر بڪ ڪندي. مون کي ياد پوي ٿو ته
ايڪسٽريسن جي نازن نخرن جو به ذڪر ٿيندو هو ۽
ڳائڻين جون ڳالهيون به. حقيقت اها آهي ته پير صاحب
انهيءَ محفل ۾ اچي زندگيءَ جي ڏکن کي وسارڻ گهرندو
هو. کيس وڏو ڏک هو ته سموري سماج ۾ وڏي بي آرامي
آهي. هن دؤر جي تڪليفن جون ڳالهيون ڪري هو انگريزن
جي زماني جي امن ۽ سلامتي، سستائي ۽ سماجي لاڳاپن
کي ياد ڪندو هو.
منهنجو ڪتاب ”ذڪر يار چلي“ ڇپيو ۽ مون ان جي هڪ ڪاپي
پير صاحب کي ڏني ته ان کي پوري ڌيان سان ڏسڻ جي
بدران ان جا ٻٽي ورق اٿلائي پٿلائي سواءِ ٿورا مڃڻ
جي ٻين سوکڙين سان گڏ رکي ڇڏي. مون چيو سائين
منهنجا، اسان اوهان کي سو کڙيءَ طور ڪتاب ڏنو آهي
ٿورا ته مڃو. فرمائڻ لڳو ٿورا ته مصنف کي مڃڻ کپن
جو اسان ڪتاب قبول ڪيو آهي. پير صاحب جي انهيءَ بي
ڌيانيءَ جو مون کي ذرو به ڏک نه ٿيو ڇو جو مون کي
خبر آهي ته مفت ۾ملڻ وارن ڪتابن جي ڪا قسمت ئي اها
آهي ۽ انهن لکندڙن جي سزا به اهائي، جيڪي پنهنجا
ڪتاب سوکڙي ڪري ڏيڻ جي لاءِ ماندا هوندا آهن، کين
ڄاڻ ئي ڪين هوندي آهي ته ڪتاب جي صحيح جاءِ
لائبريري آهي ۽ نه ڪنهن شخص جو گهر پوءِ کڻي اهو
گهر پير حسام الدين راشدي جو ئي ڇو نه هجي.
پير صاحب وٽ ممتاز مفتي جو ڪتاب علي پورڪا ايلي هو.
گهڻي ٿولهه جي ڪري جيڪڏهن ڪتاب کي ڪتاباَ چئي
سگهجي ٿو ته علي پورڪا ايلي کي ڪتابن ڪتابا کڻي
سڏيو مون پير صاحب کي چيو ته غالب لائبريري ۾ علي
پورڪا ايلي ڪونهي. فرمايائون ته تمام چڱي ڳالهه
آهي.مون چيو کڻي وڃان؟ وراڻيائين هرگز نه. وري
پڇيو مانس ته اوهان اهو ڪتاب پڙهيو آهي؟ فرمائڻ
لڳ، آءٌ توکي ڪو چريو ٿو لڳان جو ايڏي ٿلهي متاري
ڪتاب پڙهڻ جي لاءِ وقت ڪڍي سگهان. مون چيو ته
جيڪڏهن واندڪائي ڪانهي ته ڏئي ڇڏيو غالب لائبريري
کي. فرمائڻ لڳو، مان آخر انسان آهيان، ڪتاب پڙهڻ
جي ڪا مشين ته ناهيان جو ان ۾ علي پورڪا ايلي يا
ذڪر يار چلي وجهي ڇڏيو ۽ مشن جلدي جلدي پڙهي پورو
ڪري، پڙهنداسون جڏهن واندڪائي ملندي يا ڪتاب پاڻ
سڏيندو ته پڙهه مون کي.
ٿورا ڏينهن گذريا هوندا ته پير صاحب چوڻ لڳو، مرزا تون
وڏو خوش نصيب آهين جو مون تنهنجو ڪتاب بسم الله
کان وٺي تمت بالخير تائين سمورو پڙهي پورو ڪيو.
ورق، صفحو، سٽ ته رهي هڪ پاسي مون ته نقطو به نه
ڇڏيو. توکان اڳ ڪيترن ماڻهن پنهنجا ڪتاب موڪليا جن
کي مون اڃا هٿ به نه لاتو آهي ۽ جيئن آيا آهن تئين
ئي رکيا آهن. مون چيو، پير صاحب، مون کي خوش نصيب
سمجهڻ جي بدران انهن بدنصيبن جا نالا ٻڌايو جن جا
ڪتاب اوهان جي پڙهڻ جا محتاج پيا آهن. پڇيائين
انهن جا نالا ٻڌي تون ڇاڪندين. مون وراڻيو ته انهن
ڏانهن همدرديءَ يا تعزيت جا پيغام موڪليندس ته
اوهان پير صاحب ڏانهن ڪتاب موڪلي سندن ڪتابن جي
ڍير ۾ واڌورو ئي ڪيو ۽ بس، پير صاحب چوڻ لڳو، هاڻي
اها بڪ بڪ بند ڪر ۽ سچي ڳالهه ڪر ته اهو ڪتاب تو
لکيو آهي يا ڪنهن کان لکارائي پنهنجي نالي تي
ڇپايو اٿئي. تون صنف ته ڪهڙيءَ طرح به نظر نه ٿو
اچين. مون چيو ڇا مصنف جي مٿي تي سڱ هوندا آهن يا
پڇ نڪتل هوندو اٿس. فرمايائين، خير ڇڏ انهيءَ بحث
کي، تواقعي هڪ بيمثال ڪتاب لکيو آهي.
انهيءَ جي هڪ عجب جهڙي ڳالهه ته هيءَ آهي ته پڙهڻ کان
پوءِ دل کي ڇٻيون ٿيون اچن ته اسين مخدوم محي
الدين سان ڇو نه ملياسون. ڪهڙو نه عجب جهڙو نوجوان
هو ۽ تو سميت اهي سڀئي ڪير نه خوشنصيب هئا، جيڪي
سندس ننڍپڻ جا ساٿي هئا. دکن ڪيڏي نه خوش بخت
سرزمين هئي، جنهن مخدوم کي جنم ڏنو، تو حيدرآباد
دکن جو جيڪو نقشو چٽيو آهي ۽ اهو بيشڪ سچو ۽ صحيح
نقشو آهي، ان کي ياد ڪريان ٿو ته دل بيچين ٿئي ٿي
ته مان شاڪر جي لاءِ ناگپور تائين ويس اتان
حيدرآباد ڪيترو پري هو. هڪڙو چڪر انهيءَ ديس جو به
هڻي اچان ها. افسوس جو هاڻي نه اهو دکن شهر آهي ۽
نه ان ۾ اهو مخدوم آهي ۽ ان ۾ اهو مرزا، جنهن
انهيءَ دکن جي ڪهاڻي ذڪر يار چلي ۾ ٻڌائي آهي.
انهيءَ کان پوءِ پير صاحب چوڻ لڳو، مرزا دل چوي ٿي
ته جڏهن تون فيض احمد فيض جي سوانح عمر لکي پوري
ڪرين، تڏهن منهنجي سوانح تي ڪم شروع ڪري ڇڏجان ۽
ان جو اندازو اهڙوئي دلپسند ۽ دلپذير هجي جهڙو ذڪر
يار چلي جو آهي.
پير صاحب وڏو زندهه دل انسان هو. هردم جوان، هر گهڙيءَ
خوش مزاج، محفل ڪرڻ جو ته خاص ملڪو هوندو هوس.
پنهنجي گهر تي محفلون ڪندو هو، ٻين جي محفل ۾
ويندو هو ته محفل جي جان ئي پاڻ هوندو هو. اسان
جهڙا ته خير هئائي، پر هن جي پراڻي دوستي مولانا
غلام رسول مهر، پروفيسر حميد احمد خان، شيخ محمد
اڪرام، مولانا عرشي، مالڪ رام ۽ ڊاڪٽر رضي الدين
صديقيءَ سان هئي. پير صاحب ٻڌائيندو هو ته مولانا
مهر جڏهن به ڪراچي ايندو هو ته سندن گهر ۾ ئي
مهمان ٿي رهندو هو. اهڙيءَ ريت جڏهن به ڊاڪٽر رضي
الدين صديقي ڪراچي ايندو هو ته هڪ وقت جي ماني پير
صاحب سان گڏ ضرور کائيندو هو. هڪ ڀيرو ته آءٌ به
اهڙيءَ ماني کائي چڪو آهيان.
ياد ڪونهي، پر غالب لائبريريءَ ۾ ڪنهن اديب جو تعزيتي
جلسو يا ورسيءَ جو پروگرام ٿيڻ وارو هو. انهيءَ
باري ۾ پير صاحب سان ڳالهه ٻولهه ٿي ته فرمايائين.
”مرزا اسان جي هڪڙي ڳالهه ياد رکجان. اهي جيڪي
تعزيتي جلسا ۽ ورسين جا پروگرام ٿين ٿا انهن جي
حالت اها آهي، جيڪا ڪنهن ٻئي مطلب سان شاعر چئي
ويو آهي: چار دن ڪي چاندني هئي ڦر انڌيري رات
هئي،“ جڏهن ڪو اديب يا شاعر لاڏاڻو ڪري ٿو ته هن
جي لاش سان گڏ گهڻو ڪري سڀئي هوندا آهن، جو چڱو
اديب يا شاعر هو، غريب گذاري ويو وغيره وغيره.
سندس تعزيتي جلسو يا ٽيجهو ٿئي ته شهر جا اڌ کان
مٿي اديب شاعر ۽ نقاد گم هوندا آهن ته اسان دفنائڻ
وقت شريڪ ٿي پنهنجو فرض پورو ڪري چڪا آهيون. پهرين
ورسيءَ جي جلسي ۾ مشڪل سان ڪي ٿورا اديب ايندا ۽
اهي ماڻهو جن کي تقريرون ڪرڻيون هونديون ۽ ڪي جلسو
ڪرائڻ وارا هوندا جڏهن ٻئي سال ورسي ايندي، تڏهن
اديب ۽ حاضرين ته ٿيا هڪ پاسي، جلسي ڪرائڻ وارا به
ورلي لڀندا. ڪو به ادارو، ڪابه انجمن، ڪا به گلڊ
هن مرحوم جي ياد ملهائڻ جي لاءِ تيار نه ٿيندي. ان
کان پوءِ پير صاحب چوڻ لڳو ته جيڪڏهن منهنجي ڳالهه
غلط آهي ته پوءِ ٻڌاءِ ته مختار صديقي، ناصر ڪاظمي
يا حفيظ هوشيار پوري جي ياد ۾ ڪيترا جلسا ٿيا.
مرزا آءٌ ته چوان ٿو ته جيڪڏهن سرڪار جي طرفان نه
ٿئي ها ته هر سال اقبال جو ڏينهن به نه ملهائجي
ها. وڏن ۽ محترم ماڻهن کي ياد ڪرڻ ۽ ياد رکڻ جي
بهترين صورت اهي جلسا ۽ تقريرون وقريرون ڪونهن، پر
انهن جي زندگي ۽ تخليقن تي ڪتاب آهن. اوهان جي
سيني ۾ هنن جون جيتريون يادون ۽ ڳالهيون محفوظ
آهن، اهي ڪاغذن تي لکي ڇڏيو. اها هن وقت جي نه پر
ايندر وقت جي تمام وڏي خدمت ٿيندي. ايندڙ وقت جي
مؤرخ کي پوءِ کڻي اهو ادبي هجي يا ڪي ٻيو، اهڙين
لکڻين مان تمام گهڻي مدد ملي سگهي ٿي.“
(ترجمو: مراد علي مرزا)
نوٽ:
هي مضمون، انگريزيءَ ۾، 23- سيپٽمبر 1982ع تي،
ڪراچيءَ ۾ پير حسام الدين راشدي سيمينار ۾
پڙهيو ويو هو، جنهن جو سنڌي ترجمو خاص طور تي،
مهراڻ جي هن خصوصي نمبر لاءِ ليکڪ پاڻ ڪيو
آهي.
|