سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1983ع (1)

 

صفحو :21

شان الحق حقي ¢

 

پير روشن ضمير

 

        پير صاحب جيتوڻيڪ رڳو نالي جو پير هو ۽ پنهنجو پاڻ کي ’پير‘ سڏائڻ کين پسند نه هو. ’ترقيء اردو بورد“ جن ڪاررواين ۽ انهن خطن ۾، جيڪي کين لکيا ويندا هئا، تن ۾ سيد حسام الدين راشدي لکيو ويندو هو—پر حقيقت ۾ سندن درجو اسان جي لاءِ ”پير“ جو ئي هوندو هو. منهنجي ۽ مون جهڙن ٻين مخلصن جي دل ۾ هن جي لاءِ ڪجهه اهڙو ئي جذبو هو، جيڪو ڪنهن مريد جو پنهنجي پير جي لاءِ هوندو آهي. ان هوندي به اسان جي لاءِ سندس ورتاءُ نه رڳو شفقت ڀريو پر دوستن جهڙو رهيو. اها هڪ وڏي عجيب ۽ مزيدار صورتحال آهي، جنهن کي مون پنهنجي هن شعر ۾ ظاهر ڪيو:

اس بتِ ساده سلآ ليجئلآ بندگي کي داد ڪيا،

جو مرا ايمان هلآ وه اس ڪا دعويٰ هي نهين.

        چون ٿا ته ڪنهن جي وڃڻ جي ڪري دنيا ۾ ڪا گهٽتائي ڪين ٿيندي آهي، پر حقيقت هيءَ آهي ته هر شخص جي دنيا جدا ٿيندي آهي. انهن ماڻهن کان پڇو جيڪي محترم پير حسام الدين راشدي جا فرمانبردار رهيا، ته سندن وڃڻ کان پوءِ هنن جي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيتري نه وڏي کوٽ پيدا ٿي ويئي آهي، جنهن جو پورائو ٿيڻ مشڪل آهي. سندن گهر هڪ اهڙو آستانو هو، جتي وڃي اسان کي پنهنجا ڏک سور وسري ويندا هئا. ڪهڙي نه وندرائيندڙ صحبت هئي، جنهن جو ڪوبه پل مزي کان خالي نه هو. جيڪي گهڙيون ساڻس رهياسون، اهي زندگيءَ جون تمام سٺيون گهڙيون هيون. هو وڏي خلق وارو ۽ نياز نئڙت ڪندڙ انسان هو؛ اسان جي ڪلچر جو اعليٰ نمونو. پر سڀ کان وڏي نئڙت سندن ڳالهيون هيون. اهي سدائين رڳو علمي ڳالهيون نه هونديون هيون؛ انهن ۾ هر قسم جا چرچا گهٻا به هوندا هئا. سياسي ڳالهيون به ضرور ٿينديون هيون، پر هو سياسي ماڻهو نه هو ۽ نه وري سندن دوستن ۾ ڪو سياست جي اثر هيٺ هو. کيس جيڪڏهن سياست سان دلچسپي هجي ها ته هن جي لاءِ عزت ۽ مرتبي جي ڪا ڪمي نه هئي، پر هو هر ڳالهه کان بي نياز هو ۽ رڳو علم، ادب ۽ جماليات سان سندس دلچسپي هوندي هئي. ڏاڍو اعليٰ ۽ سٺو مذاق هئس. نظر پاڪ هئس ۽ پاڻ به پاڪباز. هر خيال کان هيري جهڙي سهڻائيءَ سان گهڙيل شخصيت.

        چون ٿا ته مرڻ کان پوءِ ماڻهوءَ ۾ رڳو خوبيون ۽ چڱايون ئي ڏسڻ ۾ اينديون آهن. پر منهنجي ۽ اسان جن ٻين هم صحبت دوستن جي راءِ هن جي باري ۾ اهائي آهي جيڪا هن جي زندگيءَ ۾ هئي. سندس وفات جي ڪري ان ۾ ڪوبه واڌارو ڪونه آيو آهي، سواءِ ان جي ته محروميءَ جو هڪڙو احساس پيدا ٿي ويو آهي. هاڻي نگاهون ڪنهن اهڙي ٽڪاڻي کي پيون ڳولين،  جتي بلڪل ان جهڙي لطف ڀري ۽ ڪرامت واري صحبت ملي سگهي ۽ انسان ان مان ڪي فيض حاصل ڪري اُٿي. هو عالم هو پر رڳو عالم نه هو جو اوهان تي هر وقت سندس علميت جو رعب ويٺو هجي. وڏو باذوق ۽ خوش گفتار انسان هو ۽ سڀ کان وڌيڪ رحمدلي ۽ اهو پيار هو جيڪو هو اوهان مان ۽ اوهين سندس ذات مان محسوس ڪندا آهيو.

        آءٌ پنهنجي آفيس (اداره مطبوعاتِ پاڪستان) جي طرفان ڪنهن رسمي ڪم سانگي وٽس ويو هوس. ان پهرينءَ ئي ملاقات ۾ ڪم جي ڳالهه کان سواءِ هن مون کان جيڪو ذاتي حال احوال ورتو، ان منهنجيءَ دل تي تمام وڏو اثر ڇڏيو. انهيءَ ڏينهن کان هڪ محبت قائم ٿي ويئي. وري آءٌ ٻه ٽي ڀيرا پنهنجي دوست حفيظ هوشيار پوري مرحوم سان گڏ هن وٽ ويس. وري جناب ممتاز حسن مرحوم جي گهر تي ۽ آفيس ۾ ملاقاتون ٿينديون رهيون. وري اردو بورڊ ۾ ساڻس اڪثر ڪري ملڻ ٿيندو هو، جو سندس گهر بورڊ جي ويجهو ئي هو. اهڙيءَ ريت منجهس جيڪي جوهر هئا تن جي مون کي ڄاڻ ٿيندي ويئي. انهن مان هڪڙو جوهر ”سچ ڳالهائڻ“ جو به هو.، هو پاسداري يا طرفداري ڪرڻ وارو ماڻهو ئي ڪونه هو. جيڪا ڳالهه نه وڻندي هيس اها مُنهن تي ڦهڪائي ڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙجي پوندو هو، جنهن تي ممتاز حسن صاحب چوندو هو ته پير صاحب هينئر پنهنجي جلالي شان ۾ آهن.، اهڙن موقعن تي هو حسام بي نيام (اگهاڙي ترار) هوندو هو. هونئن به سندس ظاهر باطن هڪ هو. ڪن ماڻهن کي ڏکي لڳندي هئي، ڪي ماڻهو خفي ٿي ويندا هئا، پر اِهي ماڻهو اُهي هوندا هئا جن کي پير صاحب جي مزاج جي خبر نه هئي. سندس جلال ڪن گهڙين کان مٿي نه هلندو هو ۽ ان ۾ سختي يا ساڙ نه هوندو هو. وڏي وات به نه ڳالهائيندو هو. منجهس فضيلت ۽ شرافت ايتري ته هوندي هئي جو ڪڏهن به ان کان خالي نه ٿيو. ٻن ٽن ملاقاتن ۾ ئي اوهان کي سندس خلوص تي ڀروسو ٿي ويندو. جهڙيءَ ريت پنهنجيءَ ڳالهه کي چوڻ ۾ بيپرواهه هو، ساڳيءَ ريت اوهان جي ڳالهه کي به سهي سگهندو هو، پوءِ کڻي ان کي قبول نه ڪري. آءٌ نٿو سمجهان ته پير صاحب ڪنهن سان ڪڏهن  جهيڙو به ڪيو هوندو، جيڪا به ڳالهه ٿيندي هئي ته اها اتي جو اتي ختم ٿي ويندي هئي. دل جو سمورو غبار اُتي جو اتي ڪڍي اُٿندو هو. ننڍپڻ کان پوءِ پنهجي پيءُ جي دڙڪي کان پوءِ جيڪڏهن ڪنهن کان دڙڪو کاڌو اٿم ته اهو رڳو پير صاحب جو ۽ مون پاڻ به ڪي گستاخيون ڪيون آهن. اسان ٻنهين جو ترقيء اردو بورڊ جي معاملن سان ارڙهن سالن تائين واسطو رهيو. ڪڏهن ڪڏهن ڪانه ڪا اختلاف جي ڳالهه اٿي کڙي ٿيندي هئي، پر اڳتي نه وڌندي هئي.

        هن هڪ رپورٽر کي، جيڪو وٽس انهيءَ مطلب سان ويو هو، هڪ ڀيري منهنجي خلاف بيان به ڏئي ڇڏيو. انهيءَ تي به ڪو جهيڙو نه ٿيو ۽ ٻنهين طرفان صلح صفائي ٿي ويئي. آخر وقت تائين منهنجي طرفان نيازمندي ۽ هن جي طرفان اهائي محبت ۽ مهرباني قائم رهندي آئي.

        پير صاحب رڳو محفل جو مور ڪونه هو، جنهن وٽ رڳو ڳالهيون ئي هجن.، اهڙيون ڳالهيون ڪٿي ٿيون ٻڌجن جيڪي هن وٽ ٿينديون هيون، پر هو هڪ تمام محنتي اسڪالر، هڪ پورهيت عالم هو، جنهن جي ساري ڄمار ڪم ڪندي گذري ۽ ان جو نتيجو سندس علمي ڪارنامن جي صورت ۾ اسان جي اڳيان آهي. ڪم جي سلسلي ۾ هو ڪنهن به رعايت ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿيندو هو، ڪنهن به غلطيءَ تي ڳچي پٽڻ کان سواءِ نه ڇڏيندو هو. مثالي ڪم وٺڻ گهرندو هو، تنهنڪري اردو بورڊ جي ڪم مان ناخوش ۽ ناراض رهندو هو. سال 1965ع ۾ ڇهن ستن مهينن جي لاءِ آءٌ هڪ ٽريننگ ڪورس لاءِ ملڪ مان ٻاهر ويس ته ان عرصي ۾ بورڊ جي اعزازي سيڪريٽريءَ جو ڪم پير صاحب جي حوالي هو. هن سموري ڪم جي ڏاڍي چڱيءَ طرح سنڀال ڪئي، تنهنڪري مون حڪومت کي پنهنجي سالياني رپورٽ ۾ ان جو وڏيءَ تعريف سان ذڪر ڪيو. منهنجي واپس ورڻ تي هن شڪايتون به ڪيون، جيڪي لازمي هيون. عملي جي ڪم مان سندس خوش ٿيڻ ممڪن نه هو. مزي جي ڳالهه هيءَ آهي ته جن ماڻهن سان ناراض ٿيندو هو انهن تي به مهرباني ڪرڻ کان گهٽائيندو نه هو. دانهن ضرور ڏيندو هو ۽ وڏي وات ڏيندو هو، پر ڪنهن به ماڻهوءَ کي پنهنجي دل کان پري نه ڪندو هو. حيرت ٿئي ٿي ته ماڻهو هن جهڙو منهن ڦَٽ به هجي ۽ وري اهڙو دل جو ڪنئرو به. اهي ماڻهو به، جن جي ڪرتوتن ۽ ڪوتاهين جي پير صاحب کي خبر پوندي هئي، اِهوئي چوندا هئا ته پير صاحب ته اسان تي مهربان آهي.

        ساڳي اها خوبي ممتاز حسن صاحب ۾ به هئي ته دانهن ڪوڪ ۽ اختلاف جي صورت ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ کان بددل نه ٿيندو هو ۽ هن کي نالائق ۽ نااهل نه سمجهندو هو. پر ممتاز حسن صاحب ڪنهن کي به اهڙيءَ طرح سڌيون نه ٻُڌائي سگهندو هو، جيئن پير صاحب. ممتاز حسن صاحب جي طبيعت ۾ حد کان وڌيڪ نرمي هوندي هئي؛ ڪاوڙ ته وٽس هوندي نه هئي؛ چڙ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿيندو هو. پير صاحب جو جلال به بس پَل کن جو هوندو هو. انهن ٻنهين جو سايو منهنجي زندگيءَ جو عزيز سرمايو هو. افسوس جو اهو قائم رهي نه سگهيو.

        هيٺ ڏنل ٻن جملن مان منهنجا تاثرات ظاهر ٿين ٿا، ۽ انهن مان وفات جو سال به نڪري ٿو:

”گم ز خيال مخلصان برب نه، حسام الدين“ (1982ع)

”برقرار مرشدي و راشدي حسام الدين“ (1982).

        اڄ کان 12 سال پهرين جڏهن سندن والده محترمه رحلت ڪئي، تڏهن مون هڪ دعائيه مصرع مان وفات جي تاريخ ڪڍي هئي:

اس دعا ڪي ساٿ رخصت هوگئين،

”دود مانِ راشدي روشن رهلآ“.

1391هه

        انهيءَ دعا تي هن سهڻي ذڪر کي ختم ڪريان ٿو. سندن وڏي ڀاءُ جناب علي محمد راشدي کي به قدرت وڏيون فضيلتون عطا ڪيون آهن. ڪي ته وصفون ٻنهين ڀائرن ۾ ساڳيون آهن؛ ڪتابن پڙهڻ جو شوق ۽ قلم تي قدرت کان سواءِ مروت ۽ نهٺائي به ٻنهين جي مثالي آهي. سندس حقيقي ۽ معنوي فرزند حسين شاهه راشدي به سندن ئي نپايل پاليل ۽ سندن اعليٰ تهذيبي روايتن جو وارث آهي. قلم تي وري اهائي دعا اچي ٿي ته ”دود مانِ راشدي روشن رهي“، جيڪو اعليٰ انساني قدرن جو حامل ۽ اسان جي اعليٰ تهذيبي روايتن جو امين آهي.

-(ترجمو: مُراد علي مرزا)

 

..................

 

هن وقت جڏهن ٺٽو تقريباَ سڄو برباد ٿي چڪو آهي، ڪيترن تاريخي بزرگن ۽ خدا جي بندن جون مزارون ۽ مقبرا اڃا به شهر جي مختلف پاڙن ۽ محلن ۾ موجود آهن. انهن جو تاريخ ۾ ذڪر آهي، انهن لاءِ اهو لکيل آهي ته ڪهڙي پاڙي ۾ دفن هئا. سن 962هه ۾ پورچوگيزن جي حملي وقت جن جاين تي شهيدن کي دفن ڪيو ويو ۽ انهن جو نالو ”گنج شهيدان“ پيو، سي جايون ۽ ميدان پڻ سلامت آهن. تاريخي محلن جا اصلوڪا نالا بدلجي، هاڻي انهن مقبرن ۽ مزارن جي نالن سان مشهور آهن. انهن موجوده ذريعن جي آڌار تي اسين نهايت آسانيءَ سان شهر جي تاريخي حد بندي ڪري سگهون ٿا. هن وقت ڪم و بيش چوهٺ (64) بزرگن ۽ معروف شخصيتن جا مدفن شهر ۾ موجود آهن.

 

--سيد حسام الدين شاهه

مضمون: ٺٽي شهر جي آڳاٽي گرافي

(ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون 128-129)

 

 

 

ڊاڪٽر محمود الحسن صديقي

 

حيات حسام – معنيٰ ۽ مقصد

 

        پهرين اپريل سال 1982ع تي پير حسام الدين شاهه راشدي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. پاڪستان جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ خاص ڪري سنڌ ۽ ڪراچي ۾ ان واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو. مشهور معروف شخصيتن، دانشورن، علم ۽ ادب جي پارکن، محققن ۽ مصنفن جا تعزيتي پيغام ۽ تعريفي مقالا ڇپيا. ادبي ۽ علمي انجمنن ۽ ادارن تعزيتي گڏجاڻيون ڪيون. اخبارن ۽ رسالن ايڊيٽوريل ۽ خاص ڪالم لکيا. راشدي صاحب جي علمي ۽ ادبي ڪارنامن ۽ محنتن، مشرقي علمن جي بين الاقوامي حلقن ۾ سندس مان مرتبي تي روشني وڌي ويئي ۽ سندس لکيل ڪتابن جون تمام ڊگهيون فهرستون ڇپجي پڌريون ٿيون. ائين پئي احساس ٿيو ۽ اهو تاثر پئي مليو ته علمي ۽ ادبي ۽ ثقافتي ڪوششن جو هڪ بامعنيٰ باب پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچي ويو ۽ هڪ تمام وڏو تعميري ۽ تخليقي عمل ختم ٿي ويو ۽ روشني ۽ هدايت جي هڪ شمع وسامي ويئي.

        انهيءَ هوندي به اهو خيال درست نه هو. پير حسام الدين راشديءَ جي زندگي ۽ سندس وجود جي هڪ معنيٰ ۽ مقصد هو. هن قومي تعمير جي اعليٰ ۽ شاندار گهُرجن جو پورائو ڪيو ۽ پنهنجي دؤر جي لاءِ ۽ ايندڙ ٽهيءَ جي لاءِ علم، ادب ۽ فن جي ميدان ۾ نيون راهون مقرر ڪيون، تحقيق ۽ تاليف جو شعور پيدا ڪيو ۽ ڪوشش ۽ عمل جو جذبو پيدا ڪيو. اهڙيءَ ريت سندس زندگي هڪ مقصد جو تعبير ۽ هڪ معنيٰ جي تڪميل هئي، جنهن فڪر، نظر، ڪوشش ۽ عمل جون شاندار روايتون قائم ڪيون.

        پير صاحب جي زندگيءَ جي معنيٰ ۽ مقصد کي غور سان پڙهڻ کان پوءِ سندس زندگيءَ جا ٽي دؤر چٽيءَ طرح اڀري اچن ٿا. شروعاتي زندگيءَ جو دؤر، جنهن ۾  هن پنهنجي وڏي ڀاءَ پير علي محمد راشدي صاحب جي صحبت ۾ علم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ صحافت ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتو ۽ سنڌ جي سماجي ۽ سياسي معاملن تي بيخوفيءَ سان آواز بلند ڪري، مسلمانن جي شعور کي سجاڳ ڪيو. اهو عمل پاڪستان جي ٺهڻ تائين هلندو رهيو. ان باري ۾ ٻنهين ڀائرن جي ڪوششن ۽ ڪارنامن جي ڪٿ ۽ قدر ڪرڻ جو ڪم آئيندي جي مورخ جو آهي.

        پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان پوءِ سياسي ۽ سماجي حالتن ۾ تبديلي ٿي ۽ ڪوشش ۽ عمل جون نيون راهون مقرر ٿيون، تڏهن پير صاحب، جنهن ان عرصي ۾ پنهنجين صحافتي مصروفيتن سان گڏوگڏ علمي ۽  ادبي حلقن ۾ هڪ خاص مرتبو حاصل ڪيو هو، ملڪي ۽ قومي تعمير ۾ پنهنجو سمورو ڌيان بنيادي ڪمن ڏانهن ڏنو. اهي ڪم علم، فن، تاريخ ۽ ثقافت جي مطالعي ۽ واڌاري بابت هئا، ته جئن قومي تشخص جا صحيح بنياد هٿ اچن ۽ آئيندي جي اڏاوت صحيح طريقي تي ٿئي. آزمائش ۽ انتشار جي انهيءَ دؤر ۾، جڏهن رڳو ذاتي ۽ گروهي معاملن جي باري ۾ ئي ڀڄ ڊڪ ٿيندي هجي، تڏهن اهڙن اعليٰ ۽ شاندار مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هٿ پير هڻڻ، وڏي همت ۽ حوصلي جو ڪم آهي. علمي جاڳرتا جي تحريڪ، جيڪا پير صاحب پاڪستان جي شروعاتي ڏينهن ۾ شروع ڪئي، ان جي ڪري اهڙا فڪري ۽ نظرياتي بنياد پئجي ويا، جن ملڪي ۽ قومي ترقيءَ ۾ پاڻ چڱو موکيو. انهيءَ تحريڪ جي اڳواڻي پير صاحب ساڳئي جوش ۽ جذبي سان آخري وقت تائين ڪندو رهيو، جڏهن ته انهيءَ آخري دؤر ۾ هو هڪ پير طريقت، هڪ معلم ۽ هڪ رهنما جي حيثيت سان سڃاتو ويندو هو.

        حقيقت ۾ پير حسام الدين راشديءَ جي زندگيءَ جو وچون دؤر هڪ خاص معنيٰ ۽ مفهوم وارو دؤر آهي، جنهن ۾ هن علم ۽ فن جي جاڳرتا جي لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون. هيءُ اهو ئي وقت هو، جڏهن پاڪستان کي حاصل ڪرڻ جي تحريڪ ڪاميابيءَ سان پنهنجي منزل تي پهچي، تعمير ۽ ترقيءَ جي دور ۾ داخل ٿي چڪي هئي. سياسي، سماجي ۽ اقتصادي معاملن کي حل ڪرڻ سان گڏوگڏ، هڪ نئين نظام جي تعمير، نظري ۽ فڪري اصولن کي مقرر ڪرڻ علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين کي نئين سر شروع ڪرڻ ۽ اڳتي وڌائڻ، وقت جون اهم ضرورتون هيون. قومي، ملڪي ۽ علائقائي معاملن جي ٺاهه جوڙ جي انهن اوائلي ڏينهن ۾ ئي رکيل پيڙهن تي آئيندي جي تعمير ٿيڻي هئي. فڪر ۽ عمل جي وڃايل ڪڙين کي نئين سر ترتيب ڏيڻو هو. انهن ڳالهين کان غفلت يا ڪوتاهي ڪرڻ جي ڪري قومي ۽ ملڪي نقصان ٿئي ها. فڪر ۽ نظر، علم ۽ دانش ۽ عزم ۽ حوصلي وارن کي اڳتي وڌي، انهن ذميدارين کي سنڀالڻو هو. پير صاحب جي دورانديشيءَ، انهن حالتن جو چڱيءَ طرح سان جائزو ورتو ۽ انهن ضرورتن کي محسوس ڪيو، تنهن ڪري هو هڪ عظيم قومي خدمت ۾ مصروف ٿي ويو.

        زبان، ادب، فلسفو ۽ تصوف، تاريخ، لطيف فن، آثار قديمه، لوڪ ورثو، تحقيق ۽ مطالعي جا اهي شعبا آهن، جن کي ملڪي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ بنيادي حيثيت حاصل آهي. پير صاحب علم، تحقيق ۽ مطالعي جي انهن سڀني صنفن ڏانهن چڱيءَ ريت ڌيان ڏنو. هڪ طرف ته سنڌ جي سرزمين کي ان جي اصلي روپ ۾ ۽ سنڌ جي صوفين جي تعليم کي جيڪا وقت گذرڻ جي ڪري، تاريخ جي لڙاٽ ۾ اچي ويئي هئي، واقف ڪرائڻو هو، ٻئي پاسي ان علائقي کي ملڪ جي ٻين علائقن سان هم آهنگ ڪرڻو هو. انهيءَ لاءِ هن نوجوان اديبن، مورخن، دانشورن ۽ اڀرندڙ ليکڪن ۽ محققن کي پنهنجي ڪم ۾ شريڪ ڪيو ۽ انهن ۾ جوش، جذبو ۽ شعور پيدا ڪيو، انهن ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو؛ انهن جي لاءِ هڪ نئين راهه ٺاهي ۽ اهڙيءَ طرح علمي ۽ فني جاڳرتا جي هڪ رهنما ۽ استاد جي حيثيت حاصل ڪيائين.

        ان باري ۾ هن ڪتابن ۽ دستاويزن، قلمي ڪتابن ۽ پراڻين قيمتي شين کي ڳولي هٿ ڪرڻ جي ڪم جي شروعات ڪئي. هن ڪراچي ۽ سنڌ جي ڪتبخانن ۽ ذاتي ذخيرن مان ڪيترائي قيمتي ۽ اڻلڀ ڪتاب هٿ ڪري پنهنجي ذاتي ڪتبخاني کان سواءِ ٻين قومي ڪتبخانن ۾ محفوظ ڪرائي ڇڏيا. ڪتابن کي هٿ ڪرڻ سان گڏوگڏ لائبريرين ۽ تحقيقي مرڪزن کي قائم ڪرڻ ۾ به پير صاحب پاڻ پتوڙيو. خود هن جو پنهنجو گهر علمي ۽ ادبي سرگرمين جو هڪ تمام وڏو مرڪز هو، جتي تحقيق ۽ تصنيف ۽ تاليف جون رٿون ۽ پروگرام ٺهندا هئا. سندس گهر هڪ اهڙو مرڪز هو، جتي مڪاني اديب، دانشور، محقق، ٻاهرين ملڪن جا ماهر ۽ مشرقي علمن جا ڄاڻو سدائين گڏجاڻيون ڪندا هئا. آهستي آهستي ٻيا علمي، ادبي، تاريخي ادارا ۽ انجمنون ۽ تخليقي مرڪز قائم ٿيندا ويا. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ علم ۽ ادب جي واڌاري جي لاءِ هڪ اهڙو ماحول ٺهيو، جنهن ۾ اڳتي هلي سنڌي زبان، ادب، تاريخ ۽ ٻين فنن ۾ سڌارو ۽ واڌارو آيو ۽ ماضيءَ ۾ ان ڪم کان جيڪا بي پرواهي ڪئي ويئي هئي، ان جو پورائو ٿوري ئي وقت ۾ ٿي ويو.سنڌ جو قديم ورثو هٿ اچي ويو ۽ آئيندي جي اڏاوت ۽ واڌاري جون نيون راهون ملي ويون.

        پير صاحب جون خدمتون رڳو سنڌي ادب ۽ علم جي  واڌاري ۽ سڌاري تائين محدود نه هيون، پر سندس سوچ  ۽ فڪر ملڪي ۽ قومي تعمير جي بنيادي مسئلن ڏانهن به هو. جتي هن سنڌي زبان، ادب تاريخ ۽ ثقافت کي ان جي صحيح جاءِ تي آڻڻ ۽ ان کي ترقي وٺائڻ جي لاءِ وڏيون خدمتون ڪيون، اُتي هن قومي زبان جي ترقيءَ ۽ واڌاري جي ڪم ۾ به پاڻ موکيو. پاڪستان جي ٺهڻ وقت جيڪا ڀڃ ڊاهه ٿي هئي ۽ جڏهن سڀني ڳالهين ۾ افراتفري لڳي پئي هئي، تڏهن هڪ ضروري معاملو انجمن ترقيء اردو جي لاءِ هڪ مناسب مرڪز هٿ ڪرڻ ۽ ان جي اڳوڻي ڪردار کي بحال ڪرڻ جو به اُٿيو. قومي معاملن ۾ ان جي اهميت کي نظر ۾ رکندي، پير صاحب شروع کان وٺي آخر تائين ان سلسلي ۾ پاڻ پتوڙيو. ان جي موجوده مرڪز ۽ ٻين وسيلن کي هٿ ڪرڻ سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ انجمن ترقي اردو جي هڪ اثرائتي اداري جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ ۾ پير صاحب پنهنجن ڪن مخلص ساٿين سان گڏجي جيڪي بي مثال خدمتون ڪيون آهن، اهي سچ پچ ته نه وسارڻ جوڳيون آهن. انهيءَ کان سواءِ انجمن جي هڪ رڪن، هڪ لاثاني اديب ۽ لسانيات جي هڪ ماهر جي حيثيت ۾ علمي ۽ ادبي ذخيرن کي هٿ ڪرڻ، لغتن، ڪتابن ۽ رسالن جي تصنيف، تاليف ۽ اشاعت جي ڪم ۾ به هن جو قدر جوڳو حصو آهي.

        انجمن ترقي اردو جي سرگرمين کان سواءِ هڪ قومي  عنصر جي حيثيت ۾ اردو جي سرگرمين جي ٻين پاسن تي به پير صاحب جو هڪ خاص ۽ مثالي حصو رهيو آهي. هڪ پاسي ته هو اردو جي واڌاري ۽ سڌاري جي سلسلي ۾ هر ڪم ۽ ادارن جي ٺاهڻ ۾ هڪ بانيءَ جي حيثيت سان شريڪ ٿيو (اردو ترقي بورڊ، اقبال اڪيڊمي وغيره) ۽ ان ۾ پاڻ موکيائين ۽ ٻئي طرف پنهنجن وڏن علمي ۽ ادبي لاڳاپن جي ڪري اردو ۽ ملڪ جي ٻين زبانن خاص ڪري سنڌيءَ جي وچ ۾ هن هڪ بي مثال ڳانڍاپي جو ڪم ڪيو. اهڙيءَ ريت ملڪ جي جدا جدا ٻولين ۽ انهن جي هڪ ٻئي سان سهڪار سبب انهن ۾ واڌارو آيو، انهن ۾ نوان اسلوب آيا ۽ سڀئي هڪ ئي انداز سان اڳتي وڌيا.

        علم ۽ فن جي بنيادي صنفن جي ترقيءَ ۽ واڌاري ۾ پير صاحب جي خدمتن جو هڪ رخ جيڪو پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان وڏي اهميت وارو آهي، اهو سندس پراڻن دستاويزن، قيمتي تاريخي شين، آثار قديمه، ڪَتبن ۽ آثارن وغيره جو هٿ ڪرڻ ۽ انهن جي حفاظت آهي. هونءَ ته اهو مختصر ۽ محدود ڪم هو، پر قومي ترقيءَ ۾ انهن جي بنيادي اهميت جي پير صاحب کي چڱيءَ طرح پروڙ هئي. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته شروع کان ئي ننڍي کنڊ جي مسلمانن انهيءَ قيمتي ورثي سان ڏاڍي غفلت ۽ بي پرواهيءَ وارو سلوڪ ڪيو هو. ان کان سواءِ اهي شيون زماني جي لٽ مار سان گڏ ماڻهن جي لٽ مار ۾ به برباد ٿيون هيون. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ماهرن جي اڻاٺ ۽ ٻين وسيلن جي نه هجڻ جي ڪري به انهن شعبن جي ڪم جي رفتار ڏاڍي سست ۽ ناڪافي هئي. جيتوڻيڪ انهن شعبن ۾ پير صاحب ڪڏهن به ماهر هجڻ جي دعويٰ نه ڪئي هئي، نه ئي وري هن اهڙي ڪا تربيت حاصل ڪئي هئي ۽ نه ئي کيس  اڳي ڪو ان جو تجربو هو، ان هوندي به هن کي ان ڳالهه جو پورو پورو احساس هو ته پاڪستان جا علائقا عام طور تي ۽ خاص ڪري سنڌ تاريخي شين ۽ ٻين آثارن وغيره جي ڪري شاهوڪار آهي ۽ انهيءَ ۾ ملڪ ۽ علائقن جي تاريخ، تهذيب ۽ تمدن جا ڪيترائي خزانا لڪل آهن. انهن جي باري ۾ به ڪو خاطرخواهه ڪم نه ٿيو هو، تنهنڪري وڌيڪ دير پوڻ جي سبب قومي تعمير ۽ ان جي تخليقي عمل ۾ وڏيون رنڊڪون پيدا ٿين ها. ملڪ جي انهن تاريخي ۽ ثقافتي ورثن جي سڃاڻپ ۽ انهن کي ڳولي هڪ هنڌ ڪٺي ڪرڻ جو ڪم وقت جي تمام اهم ضرورت هئي. تنهنڪري پير صاحب ان سلسلي ۾ آثار قديمه جي کاتي، ڪتبخانن ۽ يونيورسٽين ۽ ٻين واسطيدار ادارن کي تمام ڪارائتيون صلاحون ڏنيون. پنهنجي ذاتي ڪوششن سان هن ماڻهن جو ڌيان ان پاسي ڇڪائي منجهن هڪ نئين جوش ۽ جذبي کي اُڀاريو ۽ هڪ جامع رٿابنديءَ هيٺ دستاويزن، قلمي ڪتابن ۽ پراڻين تاريخي شين کي هٿ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو. پراڻن آثارن کي ڳولي ڪڍيو ۽ پاڻ خود آثار قديمه جي ڏکين کوٽاين ۾ شريڪ ٿيو. اهڙيءَ طرح گذريل ٽيهن ورهين جي عرصي ۾ تاريخ ۽ ثقافت جي ميدان ۾ جيڪي نيون ڳالهيون ۽ آثار هٿ لڳا، انهن جي ڪري قومي تشخص ۽ قومي تعمير جي ڳالهين ۾ گهڻي پٺڀرائي حاصل ٿي.

        انهن ڳالهين سان گڏ ڪتبه شناسي کي به هڪ علم ۽ فن جي حيثيت ڏيڻ ۾ پير صاحب جي ذاتي ڪوشش وڏو ڪم ڪيو. ڪنهن جهر جهنگ جهاڳيندڙ وانگر پير صاحب ننڍي کنڊ جي ڪنڊ ڪڙڇ سان گڏ ٻاهرين ملڪن خاص ڪري ايران، افغانستان، ترڪي ۽ وچ ايشيا جي انهن مڙني ماڳن کي چڱيءَ طرح سان ڏٺو وائٺو، جتي مسلمانن جي علمي ۽ ادبي، فني ۽ ثقافتي ۽ تجارتي لاڳاپن جي آثارن ۽ نشانن جي ملڻ جي اميد هئي، ۽ ٿيو به ائين. هن تمام قيمتي ڪتبا ۽ نشان، قلمي ڪتاب ۽ تاريخي قيمتي شيون هٿ ڪري تاريخ ۽ ثقافت جي تدوين جي لاءِ تمام قيمتي ۽ اڻلڀ مواد ڳولي ڏنو. سندس ڪيترن ئي ڪتابن ۾ انهن سڀني ڪتبن ۽ آثارن جون تصويرون ڏنل آهن. تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جي انهن ٽڙيل پکڙيل ۽ وڃايل ورقن کي هڪ هنڌ ڪَٺو ڪري پير صاحب نه رڳو ڪيترين تاريخي حقيقتن کي ظاهر ڪيو ۽ مونجهارن کي واضح ڪيو، پر ننڍي کنڊ ۽ سنڌ جي مسلمانن جا انهن سڀني مسلمان ملڪن سان جيڪي تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپا رهيا آهن، انهن کي پڻ نئين سر استوار ڪيو.

        زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ پير صاحب ڪينسر جهڙي اُگري بيماريءَ ۾ ڦاسڻ سان گڏوگڏ سخت ذهني پريشانين ۾ ڦاٿل هو، جن جي ڪري سندس تخليقي ۽ تحقيقي ڪمن تي چڱو اثر نه پيو. تصنيف جون ڪيتريون ئي رٿون، جيڪي هن ٺاهيون هيون، اهي يا ته پوريون ٿيڻ واريون هيون يا وري اڌ ۾ رهجي ويون ۽ انهن جو کيس تمام گهڻو ڏک هو. انهيءَ هوندي به پنهنجو اڻپورو تحقيقي ڪم آهستي آهستي پنهنجن دوستن ۽ ساٿين جي حوالي ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو ۽ اهڙيءَ ريت ان ڳالهه جي خاطري ڪري ويو ته سندس شروع ڪيل علمي ۽ تحقيقي ڪمن جو سلسلو هلندو رهندو، سنڌ ۽ پاڪستان ۾ علم ۽ ادب، تاريخ ۽ تصوف، ثقافت ۽ فن وغيره جي واڌاري جون جيڪي منزلون مقرر ڪيون ويون هيون، تن تائين پهچڻ جو عمل جاري رهندو. اهائي هن جي زندگيءَ جي معنيٰ ۽ مقصد هو.

-(ترجمو: مراد علي مرزا)


نوٽ: اهو مضمون، محترم حقي صاحب، اسان جي گذارش تي، خاص طرح سان هن نمبر لاءِ لکي موڪليو آهي.    -ادارو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com