سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1983ع (1)

 

صفحو :13

وفا ۽ همدردي؛

          مرحوم جهڙو وفادار دوست مون ڪٿي نه ڏٺو، جنهن سان سندن دوستي ٿي، تنهن سان توڙ تائين نڀايائون. حڪيم قائم الدين مرحوم سان سندن گهري دوستي هئي. جڏهن حڪيم صاحب فوت ٿي ويو، ته سندس نينگر غلام محي الدين کي سائين جن پاڻ وٽ رهايو. کيس تعليم ڏياريائون. هو ايم. بي. بي. ايس ڪري ڊاڪٽر بڻيو. غلام محي الدين کين پنهنجي اولاد وانگر عزيز هو. ساڻس ڀوڳ چرچا به ڪندا هئا. افسوس!  سندن وفات کان پوءِ ڪجهه مهينا پوءِ غلام محي الدين به لاڏاڻو ڪري ويو.

          هڪ ڀيري مون کي ٿورو سيني ۾ سور محسوس ٿيو. وهم ويٺو ته شايد دل ۾ درد آهي. ان ڏينهن سائين جن ڏي ڪونه وڃي سگهيس. ٻئي ڏينهن وٽن حاضر ٿيس ته ڪالهه واري غير حاضري جو کين سبب ٻڌايم. فرمايائون ته ”سڀاڻي صبح جو سوير اچ ته ’ڪارڊيو وسڪيولر‘ هلي تنهنجي چڪاس ڪرايان.“ مون کين گهڻو ئي چيو ته ”اهو وهم هو، هينئر آءٌ چڱو ڀلو آهيان.“ پر منهنجي ڳالهه نه مڃيائون ۽ صبح سوير اچڻ تي زور ڀريائون. نيٺ ٻئي ڏينهن صبح جو سوير مون کي اسپتال وٺي هليا. حميد ڪاشميري به ساڻ هو. هڪدم منهنجي پوري ريت چڪاس ڪئي ويئي. الله تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان آءٌ چڱو ڀلو هوس. ڊاڪٽرن جي رپورٽ کان پوءِ پير صاحب کي اطمينان ٿيو.، کين انسانن سان محبت هئي، هر ڪنهن سان پيار ڪندا هئا. پر ڪي ماڻهو کين ڪن سببن ڪري پسند نه ايندا هئا، تنهنڪري اهي جڏهن وٽن ايندا هئا،تڏهن طبيعت تي بار محسوس ڪندا هئا. خاص طور اهڙا ماڻهو جيڪي ادب جي ميدان ۾ هجن، ۽ پوءِ به ڪو لکڻ پڙهڻ جو ڪم نه ڪن. ڪي هلڪي ۽ ٽرڙي طبيعت وارا ماڻهو فضول گفتگو ڪري، سندن قيمتي وقت وڃائيندا هئا، ته انهن تي به کين ڪاوڙ ايندي هئي. پڏائو، خوشامدي ۽ گلاخور ماڻهن سان به سندن نه پوندي هئي. اهڙن ماڻهن کان هڪدم بيزار ٿي ويندا هئا، ۽ منهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيندا هئا؛ اها سندن بيزاريءَ جي نشاني هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪاوڙ ۾ اچي ان قسم جي ماڻهن کي اهڙين ڳالهين کان سخت تنبيهه پڻ ڪندا هئا.

عبدالله خان ورياهه سان ملاقات

          منهنجي دوست عبدالله خان ورياهه هڪ ڏينهن پير صاحب سان ملڻ جو شوق ڏيکاريو. چيائين ته ”ڇا پير صاحب سان ملاقات ٿي سگهندي؟“ مون کيس چيو ته ”توهان اهڙي طريقي پيا چئو، ڄڻ سائين جن سان ملڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي، پر اهڙي ڪا ڳالهه نه آهي.“ شام جو وقت هو، مون کين چيو ته ”هينئر ئي هلو“، تنهن تي هو حيران ٿي ويو.

          بهرحال، عبدالله خان ورياهه، سيد محسن علي شاهه، بابر سومرو ۽ آءٌ سندن جاءِ تي وياسون. محسن علي شاهه کي ته اڳ ئي سڃاڻندا هئا، باقي ٻين ٻن دوستن جي مون ساڻن سڃاڻ ڪرائي. سائين دستور موجب سڀني سان اٿي بيهي وڏي قرب ۽ محبت سان مليو ۽ هن ملاقات تي ڏاڍو خوش ٿيو. مون عبدالله خان جي سڃاڻ ڪرائڻ وقت سائين جن کي اهو ٻڌايو ته ”ورياهه صاحب کي سِڪن گڏ ڪرڻ جو شوق آهي، ان شوق ۾ هن گهڻائي سڪا گڏ ڪيا آهن ۽ اڃا گڏ ڪندو رهي ٿو. ان موضوع تي پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ گهري ٿو.“ سائين جن سنڌ جي تاريخ ۽ سڪن بابت ڳالهيون ڪندا رهيا. مان ۽ محسن علي شاهه ساڻن ٿوري گهڻي گفتگو ڪندا رهياسون. عبدالله خان ۽ بابر بلڪل چپ چاپ ويٺا رهيا. ڪڏهن ڪڏهن عبدالله خان ها، نه، جي ورندي ڏيئي رهيو هو، پر بابر بلڪل خاموش هو. وچ ۾ چانهن جو دور هليو. ڪلاڪ کن ڪچهري ڪري، سائين جن کان موڪلايوسون.، سائين جن دستور موجب مهمان کان موڪلائڻ لاءِ پنهنجي گهر جي دروازي تائين آيو ۽ ڊرائيور کي چيائون ته ”مهمانن کي ڇڏي اچ.“ پر عبدالله خان کين چيو ته ”سائين، اوهان جي مهرباني، اسان سان گاڏي آهي.“ پوءِ جيستائين گاڏي رواني نه ٿي، تيستائين در تي بيٺا رهيا.

          مون دوستن کي چيو ته ”اوهان سائينءَ سان ملڻ جو ايڏو شوق ڏيکاريو ٿي، پر ملڻ کان پوءِ اوهان صفا چپ ڪيو ويٺا  رهيا. ان جو ڪهڙو سبب آهي؟“ تنهن تي هنن ٻڌايو ته ”کين ڪنهن دوست ٻڌايو هو ته ”پير صاحب سان ملڻ مشڪل آهي، اڳ ۾ ٽائيم وٺڻو پوي ٿو ۽ ٻي ڳالهه ته پير صاحب ڏاڍو مغرور ۽ چيڙاڪ طبيعت آهي. اسان سوچيو ته متان اسان جي ڪنهن ڳالهه تي چڙي پوي ۽ ڪي ڳالَهؤ ڪڍي، تنهن ڪري اسان چُپ هئاسون، پر اسان جي دوست اسان کي سائين جن متعلق سراسر غلط ٻڌايو هو؛ سائين ته ڏاڍو پيارو ، قربائتو ۽ مٺڙو ماڻهو آهي“. پوءِ ته عبدالله خان ۽ پير صاحب جي پاڻ ۾ اهڙي پريت ٿي وئي جو ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. هر ٻئي ٽئين ڏينهن ٽيليفون تي سندن گفتگو ٿيندي رهندي هئي. ورياهه صاحب ۽ بابر جڏهن به ڪراچيءَ ايندا هئا ته سائين جن وٽ ضرور ويندا هئا. بابر کي فوٽو گرافيءَ جو تمام گهڻو شوق هو، بلڪ ان فن تي کين وڏي مهارت حاصل هئي.، اعليٰ درجي جون ڪئميرائون وٽن موجود هونديون هيون. سنڌ جي تاريخي آثارن جون تصويرون  ، هزارن جي تعداد ۾ وٽن موجود هيون، جي هن پاڻ ڪڍيون هيون، سندن اهي سڀ آلبم ڏسڻ وٽان آهن. پير صاحب بابر کي فوٽو گرافيءَ جي سلسلي ۾ باقاعده هڪ استاد وانگر تعليم ڏني. کيس سٺيون ڪئميرائون خريد ڪرڻ جي صلاح ڏني. نتيجي ۾ بابر سندن صلاح موجب، اعليٰ درجي جون ڪئميرائون خريد ڪيون ۽ فوٽو گرافيءَ جي فن جي سٺي ڄاڻ حاصل ڪئي.

راڳ سان رغبت

          پير صاحب جن کي موسيقيءَ سان تمام گهڻي دلچسپي هئي. وٽن ڪيترائي ڪيسٽ هوندا هئا. وقت بوقت انهن سان روح ريجهائيندا هئا. کين سنڌي ڪافي سڀ کان وڌيڪ وڻندي هئي. هڪ ڀيري کين ٻڌايم ته عابده پروين خوش خير محمد جي هڪ ڪافي واهه جي ڳائي آهي. مون ڪافيءَ جي تعريف ڪئي ته هڪدم پڇيائون ته ان ڪافيءَ جا ٻول ڪهڙا هئا؟ مون کين ٻڌايو ته اها ڪافي هن ريت آهي:

”ناز سکيو آهن نوان نوان، مشتاقن جي مارڻ لئه...“

          ان ئي وقت صدر ۾ اچي مون کي هڪ ڪيسٽ وٺي ڏنائون ۽ چيائون ته ”سڀاڻي اها ڪافي ۽ ڪجهه ٻيون ڪافيون هن ڪيسٽ ۾ ڀرائي کڻي اچجانءِ.“ مون سندن حڪم جي تعميل ڪئي پاڻ ڏاڍا خوش ٿيا.

          هڪ ڀيري ڳائڻن بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي، مون کين ٻڌايو ته ”اتر جي ڳائڻن جو پنهنجو نياز و انداز آهي، خاص طور صوفي رکيل شاهه جي درگاهه جا فقير جنهن انداز سان سائين رکيل شاهه ۽ سندن سجاده نشين فرزند سائين چيزل شاهه جو ڪلام ڳائين ٿا، سو ٻڌڻ وٽان آهي. هڪدم ممتاز مرزا کي فون تي چيائون ته صوفي رکيل شاهه جي درگاهه جي فقيرن کي گهرائي هڪ محفل جو بندوبست ڪيو وڃي.

          محترم حميد آخوند ۽ ممتاز مرزا صاحب پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۾ اهڙو اهتمام ڪيو. ڪراچي وارن لاءِ اهي فقير بلڪل نوان هئا، پر ان موقعي تي فقيرن اهڙو ته سهڻو ڳايو جو هر ڪنهن ’واهه واهه‘ ٿي ڪئي. سائين رکيل شاهه جي هيءَ ڪافي:

”ڪنهن کي ٻڌايان، مان هيئن وو چئي، احوال سارو حضرت عشق جو.“

۽ سائين چيزل شاهه جي هيءَ ڪافي:

”ڏس عشق جو هي انصاف، ڪعبو پاڻ ڪري ٿو طواف....“

ٻڌڻ وارن کي وجد ۾ آڻي ٿي ڇڏيو. اها محفل ٽي ڪلاڪ کن هلي، پر ان هوندي به سڀني ائين ٿي چاهيو ته اڃا اهي فقير ڳائيندا رهن.

          سائينءَ کي ان راڳ مان تمام گهڻو لطف آيو. ممتاز مرزا کي چيائين ته ”اڃا ڍؤ ڪونه ٿيو آهي، فقيرن کي وري ڪنهن ٻئي موقعي تي گهراءِ، مان پنهنجي گهر سندن راڳ ٻڌندس.“ مهيني کن بعد وري فقير آيا ۽ سائين جي گهر ڇٻر تي راڳ جي محفل ٿي. ان موقعي تي سائين پنهنجي خاص دوستن کي دعوت ڏني هئي. سندن وڏو ڀاءُ پير علي محمد شاهه ۽ سيد محب الله شاهه ڪمشنر سکر ڊويزن ۽ ٻيا راڳ جا شوقين ان موقعي تي موجود هئا. سڀئي تمام گهڻو مسرور ٿيا. اها هڪ يادگار محفل هئي.

          محترم حميد آخوند ۽ ممتاز مرزا صاحب ٻه- چار ڀيرا ڀٽ شاهه تي خاص سائين پير صاحب جي پسند جا ڳائڻا گهرائي، راڳ جون محفلون ڪرايون. ان موقعي تي محمد ابراهيم جويو صاحب، ظفر ڪاظمي صاحب، سيد محسن علي شاهه بخاري، عبدالله خان ورياهه ۽ بابر سومرو پڻ موجود هوندا هئا. مختلف وقتن تي سائين جي پسند موجب مختلف ڳائڻا گهرايا ويندا هئا. هڪ ڀيري سائينءَ، ڍول فقير جي راڳ ٻڌڻ جو شوق ڏيکاريو. مون ڍول فقير کي ريڊيو تي گهڻائي ڀيرا ٻڌو هو، الائجي ڇو مون کي سندس ڳائڻ ڪونه وڻندو هو. شام جو محسن علي شاهه کي ٻڌايم ته ”اڄ ڍول فقير جو راڳ آهي، ته هڪدم چيائين ته ”يار، مري وياسين.... بس مجبوراَ سائينءَ جي خاطر ڍول فقير جو راڳ ٻڌڻو آهي. باقي يار ڍول جو راڳ مون کي الائجي ڇو ڪونه وڻندو آهي.“

          ان رات ڍول فقير اهڙو ته دل کولي ڳايو، جو اسان سڀ حيران ٿي وياسون. سچ پچ ته ڍول فقير جو راڳ ايڏو ته وڻيو جو اهو ڪڏهن وسري نه ٿو سگهي. ڏٺم ته ٻين سان گڏ محسن علي شاهه پڻ بيحد مسرور ٿي رهيو هو.، مطلب ته ان رات ڍول فقير ڄڻ جادو ڪري ڇڏيو. سائين به کيس دل کولي داد ڏنو. چيائين ته ”ڍول فقير! اڄ واهه جو ڳايو اٿيئي، تنهنجي ۽ منهنجي عمر هڪ جيتري آهي. خبر ناهي، ته ڪير اڳي، ڪير پوءِ، هتان نيٺ هلڻو آهي، پر هيءَ محفل سدائين ياد رهندي.“

          سائينءَ جو راڳ سان ڪيترو شوق هو، ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو، جو پنهنجي وصيت ۾ پنهنجي پُٽ سمان ڀائٽيي ۽ جانشين سائين حسين شاهه راشدي کي خاص هدايت ڪئي اٿائون ته ”سنڌي راڳ سان لونءَ لائجانءِ. هيءُ راڳ نه صرف روح جي راحت آهي. پر دل جي ڪَٽ ۽ ڪارنهن صاف ڪري، ان کي آئيني وانگر اجرو ڪري ٿو.“

ايران سان الفت:

          کين ايران ۽ ايران جي اديبن، عالمن ۽ شاعرن سان بي پناهه محبت هئي. ايران وارا به سندن بيحد عزت ۽ احترام ڪندا هئا. کين دل جي حضور سان ايران اچڻ جون دعوتون ڏيندا هئا؛ پير صاحب به وڏي شوق سان ايران ويندو رهندو هو. سندن عزت افزائي خاطر ايران وارن ڪيترن ئي هنڌن تي پير صاحب جي يادگار طور پٿر نصب ڪيا. کين اصفهان ۽ مشهد گهڻو پسند هئا. ”اصفهان نصف جهان ۽ سند مسنڌ سونهاري“ جي عنوان سان هڪ طويل مقالو پڻ لکيو هئائون، جيڪو اول مهراڻ 4-75ع ۾ شايع ٿيو ۽ بعد ۾ سندن مقالن جي ضخيم مجموعي ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ۾ درج ٿيل آهي.

          ايران سان سندن اهڙو ته نينهن جو ناتو هو، جو اڪثر ايران ۽ ايراني دوستن جو ذڪر ڪندا رهندا هئا. ايران جي هن نئين انقلاب کين سخت صدمو پهچايو. سندن ڪي دوست ماريا ويا، ڪن جي باري ۾ ڪا خبر ڪانه ٿي پئي، ته هو ڪٿي آهن؟ ۽ الائجي ڪهڙي حال ۾ آهن؟ جيئرا آهن يا فوت ٿي ويا! انهن ڳالهين سبب پاڻ اڪثر ڏکويل رهندا هئا.

فارسي زبان تي مهارت:

          سنڌ ته ڇا پر پاڪستان ۾ اهڙا ماڻهو مشڪل ملندا، جن کي فارسي زبان تي ايڏي وڏي مهارت حاصل هجي، جيتري پير صاحب کي حاصل هئي. سندن دعوتن ۾ مقامي ايراني دوست به اڪثر ايندا رهندا هئا ۽ ايران کان وقت بوقت ايندڙ عالمن ۽ دانشورن جي مان ۾ دعوتن دوران، انهن سان فارسي ۾ گفتگو ڪرڻ وقت ائين محسوس ٿيندو هو، ڄڻ ڪو سنڌي نه پر ڪو ايراني پيو ڳالهائي.

          هڪ دعوت جي موقعي تي پنهنجي هڪ ايراني دوست کي مٺو کائڻ لاءِ زور ڀري رهيا هئا، جڏهن ته هو انڪار پيو ڪري؛ تنهن تي مون کي هڪ شعر جي مصرع ياد اچي وئي ۽ ان ايراني اديب کي مخاطب ٿي چيم ته:

بخور هرچه آيد ز دستِ حبيب

          ايراني ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پير صاحب کان مٺي جي پليٽ وٺي کائڻ لڳو. ان وقت پير صاحب کيس هيءَ مصرع ٻڌائي:

هرچه از دوست رسد نيکو است

يعني: پريان سندي پار جي، مڙيئي مٺائي.

          فارسي زبان تي کين جيڪا مهارت حاصل هئي، ان جو چٽو مثال سندن ايڊٽ ڪيل فارسي ڪتابن مان ملي سگهي ٿو. سندن فارسي ڪتابن کي هند- سنڌ کان سواءِ ايران، افغانستان، مشرق وسطيٰ، سينٽرل ايشيا ۽ ٻين ملڪن ۾ وڏي قدر ۽ عزت جي نگاهن سان ڏٺو وڃي ٿو.

هر وقت حق جي ڳالهه ڪرڻ:

          پير صاحب جن ڪڏهن به مصلحت کان ڪم ڪونه ورتو. جيڪا ڳالهه صحيح سمجهندا هئا سا بي ڌڙڪ چئي ڏيندا هئا. نجي محفلون هجن يا پبلڪ جلسا، پاڻ اهائي ڳالهه ڪندا هئا، جيڪا صحيح سمجهندا هئا.

          وڏيرن، زميندارن، سرمايه دارن ۽ ڪامورن سان سندن دل نه لڳندي هئي، خاص طور ڪامورن کان گهڻو بيزار هوندا هئا. اڪثر چوندا هئا ته انهن جو سڌرڻ مشڪل آهي. سنڌي ڪامورن متعلق سائين غلام مصطفيٰ شاهه هڪ ڪتابڙو شايع ڪرايو هو، جنهن ۾ ڪامورن جا ڪڌا ڪرتوت بيان ڪيا ويا آهن ۽ سندن تصوير سندن ڪردار جي آئيني ۾ ڏيکاري وئي آهي. اهو ڪتاب کين تمام گهڻو وڻيو. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن تي به ڪڏهن ڪڏهن انڪري محبت آفرين تنقيد ڪندا هئا، جو ان کي هڪ ڪامورن جي جماعت سمجهندا هئا. باقي اصولي طرح ان جماعت جي تعريف ڪندا هئا ته هن جماعت ڪيترائي سماجي ڀلائي جا ڪم ڪيا آهن، پر چوندا هئا ته ”اڃان کين گهڻو ڪم ڪرڻو آهي. عام ماڻهو ۾ سجاڳي آندي وڃي.“ ڊاڪٽر سليمان شيخ کي گهڻو پسند ڪندا هئا، سندس همت ۽ انسان دوستيءَ واري جذبي جي اڪثر تعريف ڪندا هئا. پر عام روايتي سنڌي ڪاموري کان گهڻو بيزار هوندا هئا.

          شام جو سندن گهر کان جڏهن صدر ايندا هئاسون، ته رستي تي هڪ عاليشان بنگلي جي در تي هڪ ڪراڙو، گوڏ ۽ گنجيءَ ۾ ويٺل نظر ايندو هو. مون ڪيئي ڀيرا اهو ڪراڙو در جي چائنٺ تي مسڪيني حال ۾ ڏٺو. هڪ ڏينهن سائين جن ان پوڙهي ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌايو ته ”اهو پوڙهو 20 گريڊ جو آفيسر هو. پر ڪنهن جو ڪم ڪرڻ کان ڄڻ قسم کڻي ڇڏيو هئائين. هينئر رٽائر ٿيو آهي ته وٽس ڪوبه ڪونه ٿو اچي. فطري طور سندس دل ۾ خواهش رهي ٿي ته ڪي ماڻهو وٽس اچن؛ پر هينئر ڇو وٽس ڪير وڃي؟ تنهنڪري ڪُتي وانگر در تي ويٺو آهي، پيو آئي وئي کي ڏسي. سنڌي ڪامورن ۾ به گهڻا هن پوڙهي جهڙا آهن. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ اهي به هن پوڙهي وانگر پنهنجي گهر جي در تي هيڻا حال ڪيون ويٺا هوندا.“

مهمان نوازي:

          سندن مهمان نوازي، آئي وئي سان پيار ۽ پاٻوهه سان ملڻ، وڃڻ وقت انهن سان ٻاهر دروازي تائين وڃڻ، سندن عام معمول هو. مطلب ته اچڻ واري جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ ۽ وڃڻ وقت کيس جهٽ گهڙي ويهڻ لاءِ چوڻ، خاص پيار ۽ محبت جي نشاني آهي. ڀٽائيءَ جي هيٺين بيت جي شرح مون عملي طور سائين راشدي صاحب وٽ محسوس ڪئي:

جي ايندي چوني آءُ، ويندي چوني ويهه،

ٻيو مٽائي ڏيهه، اڏ اتاهين پکڙا.

          پير صاحب جن عالمن، اديبن،دوستن، سڄڻن ۽ ساٿين جي دعوتن ڪرڻ ۾ تمام گهڻي خوشي محسوس ڪندا هئا. وٽن اڪثر دعوتون ٿينديون رهنديون هيون. ڪڏهن وڏيون ته ڪڏهن ننڍيون. ننڍي کان ننڍي دعوت تي ويهه- پنجويهه مهمان ضرور موجود هوندا هئا. ڪيترن ئي قسمن جا بيحد لذيذ کاڌا مهمانن لاءِ تيار ڪرايا ويندا هئا. ان موقعي تي هر مهمان جي ڀرسان ويهي ٻه- چار منٽ ضرور ڪچهري ڪندا هئا. اهڙي ريت هر ڪنهن ڏي توجهه، هر ڪنهن سان پيار ۽ محبت جو اظهار ڪندا هئا. ماني کائڻ وقت به هر هڪ مهمان جي ويجهو وڃي، ان کي ڪو طعام کائڻ لاءِ اصرار ڪندا هئا ”تو شايد هي نه کاڌو آهي، ٿورو هي کائي ڏس.“ جيڪڏهن مهمان چوندو هو ته ”هن هيءُ طعام کاڌو آهي“ ته وري کيس چوندا هئا ته. ”ڀلا ٿورو هتان کاءُ، هيءُ کاءُ ....“ مطلب اهو هوندو هون ته متان ڪو تڪلف ڪري، گهٽ کائيندو هجي، ته ان وٽ پاڻ وڃي کيس خوب ۽ مزي سان کائڻ لاءِ زور ڀريندا هئا.

          هونئن ته وٽن ڪيئي دعوتون ٿينديون رهنديون هيون، پر هر سال انبن جي موسم ۾ هڪ- ٻه دعوتون ضرور ڪندا هئا. ان موقعي تي ميرپورخاص جا بهترين انب خاص طرح مهمانن لاءِ گهرائيندا هئا.

          اهڙيءَ هڪ دعوت جو دلچسپ واقعو ياد اچي ٿو. اٽڪل سَتر- اَسي مهمان آيل هئا. جن ۾ ڪجهه ايراني هئا، ته هڪ هندوستان جو اديب به هو. ٿڌا، مٺا انب، ڪپيل ڦارون ٿيل، پليٽن ۾ موجود هئا. انبن کائڻ  لاءِ ننڍڙا چمچا رکيا ويا هئا. مهمان وڏي محنت ۽ نفاست سان ڦارن مان چمچن سان ڳَر ڪڍي کائي رهيا هئا. مون کي اهڙي طريقي انب کائڻ جو اڳ ۾ تجربو ڪونه هو، تنهنڪري مون لاءِ وڏي مشڪل پيش آئي. چمچي سان ڳَر ڪڍڻ جي ڪوشش پيو ڪريان، ته ڦار وڃي هيٺ پئي ڦهڪو ڪري، مطلب ته ڳر آسانيءَ سان نه پئي نڪري. وڏي محنت، هشياري ۽ خبرداريءَ جي ضرورت هئي. مان منجهي پيس ته هينئر ڇا ڪرڻ گهرجي. آخر هڪ اٽڪل سجهي آئي. ڪجهه ڦارون پليٽ ۾ کڻي، مهمانن جي ميڙ کان ٿورو پاسيرو هڪ پاسي وڃي ٻروچڪي نموني انب کائڻ شروع ڪيم. ايتري ۾ ڏٺم ته هندوستان کان آيل اديب (شايد سهارنپور جو ويٺل هو) سو به مون وانگر انب پليٽ ۾ کڻي اتي اچي عام طريقي سان کائڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته ”يار، چمچي سان انب کائڻ، انب جي توهين آهي.“ انب جي ڦار وات ۾ وجهي مزي سان کائيندي چوڻ لڳو ته ”اصل ۾ انب هينئن کائبو آهي.“

          جڏهن به وٽن ڪو ٻاهريون اسڪالر ايندو هو، ته پوءِ پير صاحب جن ان جي اعزاز ۾ پرتڪلف دعوت ڪندا هئا. ان دعوت ۾ شهر جي لاتعداد اديبن ۽ شاعرن کي پڻ ڪوٺ ڏني ويندي هئي. ان طرح سندن گهر عالمن، اديبن ۽ دانشورن جي ملاقاتين جو مرڪز هوندو هو. اهڙي ريت ان قسم جي خاص موقعن تي، هڪ ئي وقت ڪيترن ئي عالمن، اديبن ۽ اسڪالرن سان ملڻ جو موقعو ملندو هو.

روح رهاڻ:

          پير صاحب جي رهائش جڏهن جمشيد روڊ تي هئي، تڏهن وٽن گهڻا ئي ماڻهو ايندا رهندا هئا، پر پوءِ جڏهن الحمرا سوسائٽي ۾ رهائش اختيار ڪيائون ته پوءِ ملڻ وارن جي اها اڳين رش ڍري ٿي ويئي. هڪ ته اها جڳهه ڪجهه پري آهي ۽ ٻيو ته ان طرف ڪنهن بس وغيره جو روٽ ڪونه آهي، پر ان هوندي به سندن ڪي شيدائي وٽن ضرور پهچي ويندا هئا.

          پير صاحب جن محفلن جا مور ۽ ڪچهرين جا ڪوڏيا هئا. ڀوڳ چرچو، ٽوٽڪا ٽوڻا سندن محفلن ۾ وڏي لطف ۽ ورونهن جو سبب بنجندا هئا. دل ائين چوندي هئي ته سڄو ڏينهن وٽن ويٺو رهجي، ڀٽائيءَ جي لفظن ۾:

ويٺي جنين وٽ، ڏکندو ڏور ٿئي،

ويهه تنين وٽ، اَڏَ اُتاهين پکڙا.

          محترم حميد آخوند ۽ محترم ممتاز مرزا هر ٻئي ٽئين ڏينهن وٽن ايندا هئا. پير صاحب جا هونئن ته گهڻائي پيارا دوست هئا، پر حميد آخوند ۽ ممتاز مرزا سان تمام گهڻو پيار هون. انهن ٻنهي نوجوانن جي ڪم ڪرڻ واري جذبي ۽ سندن اعليٰ صلاحيتن جي گهڻي تعريف ڪندا هئا. هڪ ڏينهن محترم ناصر بروهي ايڊيٽر هلال پاڪستان جي آفيس ۾ جڏهن انهن دوستن سان مهينن کان پوءِ ملاقات ٿي، ته هڪ ٻئي کي ڏوراپا ڏناسون.  تنهن تي ممتاز مرزا صاحب چيو ته ”پنهنجي ملاقات جو مرڪز ”علي رضا هائوس“ هو، پير صاحب  جن جي شخصيت هئي، جن جي سڪ، محبت ۽ عقيدت ۾ اتي اچي ڪٺا ٿيندا هئاسون. هينئر اهڙين ملاقاتن لاءِ پيا سڪون.“ ائين ٽنهي جي دلين مان هڪ ٿڌي آهه نڪتي. مون جڏهن ٿورو ويچار ڪيو ته ڏٺم ته واقعي اڄ ادبي فضا مايوس آهي. شهرن ۽ بازارين ۾ ماڻهن جي اهائي پيهه آهي، پر جن جي دم سان ادب جي دنيا ۾ رونق هئي، سي ڏورانهين ڏيهه هليا ويا، ته ڄڻ هر هنڌ سڃ پئي نظر اچي:

نه سي ووڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتياريون.

پسؤ بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.

ڪتابن گڏ ڪرڻ جو شوق:

          پير صاحب کي ڪتابن گڏ ڪرڻ جو جيڪو شوق هو، سو بيان ڪري نه ٿو سگهجي. سندن ڪتب خانو پاڪستان جي وڏن ڪتب خانن مان هڪ هو، جنهن جو هڪ حصو قائدِ اعظم يونيورسٽي  اسلام آباد وارن کي وڪڻي ڏنائون ۽ باقي ڪتابن لاءِ وصيت ڪري ويا آهن ته ”اهي سنڌالاجي لائبريريءَ کي ڏنا وڃن،“ جي سندن وفات بعد سائين حسين شاهه راشدي، سنڌالاجي وارن جي حوالي ڪري ڇڏيا.

          سائين جن حياتيءَ جي آخري دم تائين ڪتاب خريد ڪندا رهيا. لنڊن وڃڻ کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن سندن طبع پُرسيءَ لاءِ آيل هئا. پير صاحب ان ئي ڏينهن ڪجهه ڪتاب خريد ڪري آيا هئا. جڏهن سائين جن ٿوري دير لاءِ ڪنهن ٻئي ڪمري ۾ ويا، ته مولانا صاحب حيرت مان چوڻ لڳو ته ”پير صاحب پنهنجو موت اکين سان ڏسي رهيو آهي، پر ان هوندي به ڪتاب خريد ڪندو رهي ٿو!“

          پير صاحب جن بيحد صفائي پسند هئا. سٺا ڪپڙا پائڻ ۽ سٺا کاڌا کائڻ سندن روز جو معمول هوندو هو. مون کين سدائين خوش اخلاق ۽ خوش پوشاڪ ڏٺو. جيئن ته کين خوبصورت شيون وڻنديون هيون، تنهنڪري ڪتابن جو به سٺو ايڊيشن خريد ڪندا هئا ۽ ڪتابن کي سهڻا جلد ٻڌرائي نهايت ئي خوبصورت بنائي ڇڏيندا هئا. لنڊن وڃڻ کان اڳ هڪ جلد ساز کي پنهنجا ڪي ڪتاب جلد بنديءَ لاءِ ڏنا هئائون. کين ڪتابن سان ايڏو عشق هو جو لنڊن کان موٽي اچڻ بعد سخت بيماريءَ جي حالت ۾ به روزانو پنهنجن انهن ڪتابن لاءِ پڇندا رهندا هئا، تان جو پهرين اپريل 1982ع صبح جو جيئن ئي سندن خاڪي جسم گهر آندو ويو، ته ان ئي وير جلد ساز به سندن ڪتاب کڻي اچي پهتو. عاشق ۽ معشوق جي اهڙي نموني آخري ميلاپ ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com