سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1983ع (1)

 

صفحو :28

 (ج) فارسي ڪتاب

(16) مثنوي چنيسر نامه:

        ادراڪي بيگلاري ترخانن جي دؤر جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن هي مثنوي مير ابوالقاسم سلطان جي فرمائش تي سن 1010هه 1601ع ۾ لکي پوري ڪئي. ابتدا ۾ هي مثنوي ادراڪي نه، پر سندس ممدوح جي نالي تي مشهور ٿي.

        هي ڪتاب راشدي صاحب جي ايڊيٽنگ ۽ مقدمه نگاريءَ جو اوائلي نمونو آهي. ابتدا ۾ فاضل ايڊيٽر، سنڌيءَ ۾ 67 صفحن تي ڀرپور مقدمو لکيو آهي: جنهن ذريعي ان دؤر جي ادبي، معاشرتي ۽ سياسي جهلڪ به اکين آڏو اچيو وڃي ادبي طور مثنويءَ جو ڪيترو مقام آهي، ان تي به نهايت قيمتي راءِ ڏني وئي آهي. گڏوگڏ بيگلارن جو شجرو ۽ سندن مقبرن جا عڪس (تورڪي مقام) پڻ، ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن. پنجن نسخن جي آڌار تي، تيار ڪيل هي ايڊيشن راشدي صاحب، 1956ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ذريعي نروار ڪيو.

(17) مقالات الشعرا:

        سنڌ ۾ باقي ننڍي کنڊ کان گهڻو اڳ فارسي تذڪره ۽ تاريخون، لکجڻ شروع ٿيا. فارسي گو شاعرن تي، جيڪي اوائلي تذڪرا هتي لکيا ويا، تن جا ليکڪ گهڻو ڪري ٻاهريان هئا. سرڪاري ڪم سان يا گهمڻ ڦرڻ ۽ واءُ سواءُ لهڻ جي خيال سان سنڌ پهتا، قصيدا چيائون يا وري مختلف موضوعن تي ڪتاب لکي. حاڪمن، وزيرن ۽ اميرن جي نالي منسوب ڪري، پنهنجا مطلب پورا ڪري، واپس ويندا رهيا. بهرحال جيئن ته هي ڪتاب پنهنجي سنڌ ملڪ ۾ لکيا ويا، لهٰذا، انهن کي اسين نه ته پنهنجي ادبي تاريخ مان ڪڍنداسين ۽ نه وري اهڙن ڪتابن تان پنهنجي دستبرداريءَ جو اعلان ڪنداسين. ان ڏس ۾ هي اهم تذڪره ذهن ۾ رکڻ گهرجن:

        (1) تذکره لب الالباب 625هه/1227ع،

                تصنيف نورالدين محمد عوفي بمقام ”اچ“.

        (2) روضته السلاطين 958هه/ 1551ع،

                مؤلف فخري هروي بمقام ”ٺٽو“.

(3) جواهر العجائب    962هه / 1555ع،

                مؤلف فخري هروي بمقام ”ٺٽو“.

(4) يدبيضا            1145هه/ 1732ع،

                تاليف غلام علي آزاد بمقام ”سيوهڻ“.[1]

        سنڌ اندر فارسي گو شاعرن تي مير علي شير قانع جو ”مقالات الشعرا“ ان سلسلي جي پنجين ڪڙي آهي، جيڪو هن صاحب 75---1174هه/61--- 1760ع ۾ لکي پورو ڪيو. خاص سنڌ جي فارسي گوشاعرن متعلق ان کي پهريون تذڪره چئي سگهجي ٿو جنهن ۾ ڪل 719 شاعرن جو ذڪر ڪيل آهي. ”يدبيضا“ کان علاوه مير قانع هي ڪتاب لکندي، محمد افضل سرخوش جي ڪتاب ”ڪلمات الشعرا“ کي پڻ ماخذ طور ڪتب آندو آهي. قانع جي تذڪري ۾ ڏنل مواد کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.

        (1) اهي شاعر، جيڪي سنڌي هئا يا وري سير سفر، نوڪري، واپار ۽ ٻين ڪمن سان سنڌ ۾ آيا ۽ هتي رهندي فوت ٿي ويا. ان قسم جا شاعر هاڻي سنڌ جي ادبي تاريخ جو اثاثو آهن.

        (2) اهي شاعر، جيڪي مختلف ڪمن سان سنڌ ۾ آيا ۽ وري واپس وطن پهتا يا روانا ٿي ويا.

        (3) اهي شاعر، جن جو زمانو معلوم نه آهي.

راشدي صاحب اوائل ۾ 34 تصويرن جي ناياب سيٽ سان گڏ، قانع جي سوانح ۽ ادبي اثاثي متعلق فارسيءَ ۾ مقدمو پڻ ڏنو آهي. ان کان علاوه جا بجاءِ حاشيه ۽ اضافي مواد ڏيندي هڪ ته راشدي صاحب پنهنجي وسيع معلومات، علمي استد لال ۽ فارسي دانيءَ جو اڻ مٽ ثبوت ڇڏيو آهي، ته ٻئي طرف ڪتاب جي افاديت پڻ ڪافي وڌيڪ ڏسجي ٿي. ادبي تاريخ سان گڏ، اسان جي سياسي تاريخ لاءِ پڻ هن ڪتاب کي، بنيادي ماخذ جي حيثيت حاصل آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ سال 1957ع ۾ شايع ڪيو.

(18) مثنوي مظهر الاثار:

        ارغوني دور ۾، سنڌ اندر پيدا ٿيل فارسي ادب ۾ هي مثنويءَ جو اوائلي نمونو آهي. هي مثنوي سيد جهانگير هاشمي سال 940هه/ 1533ع ۾ لکي ۽ شاهه حسن ارغون جي نالي منسوب ڪئي. بعد ۾ هي شاعر حج تي ويندي مڪران ۾ 946هه/ 1539ع ۾ شهيد ٿي ويو. راشدي صاحب ٽن نسخن جي آڌار تي همتن تيار ڪيو. شاعر جي ناياب تصوير پڻ ڪتاب ۾ ڏني وئي آهي. فاضل مرتب فارسيءَ ۾، 62 صفحن جو نهايت ئي قيمتي مقدمو پڻ اوائل ۾ ڏنو آهي. سال 1957ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ هي ڪتاب ڇاپي پڌرو ڪيو.

(19) تڪمله مقالات الشعراءِ:

        فارسي گو شاعرن جو سنڌ ۾ هي آخري تذڪرو، مخدوم ابراهيم خليل ٺٽوي 8—7 130هه/1890ع ۾ لکيو مير قانع جي تذڪري (جنهن جو مٿي ذڪر ٿيو آهي) ۽ هن تذڪري جي وچ ۾ جيڪي ڪتاب لکيا ويا، بهتر آهي ته سڀ کان اول ان سلسلي کي ملائجي.

        (1)     مجمع البلغاءِ                  1218هه/1803ع

                تاليف مير غلام علي ”مائل“ ٺٽو.

        (2)    تذڪره زبدة المعاصرين                1240هه/ 1824ع

                تصنيف مير حسن الحسيني شيرازي حيدرآباد سنڌ.

        (3)    محڪ شعراءِ                   1252هه/ 1836ع

        تاليف محدم صالح شاملوي خراساني        حيدرآباد سنڌ.[2]

        آخري نمبر تذڪرو مخدوم خليل جو آهي، جنهن جو مختصر ذڪر هت ڪرڻو آهي. فاضل مرتب جناب حسام الدين راشدي صاحب مٿس فارسيءَ ۾ مختصر مقدمو لکيو آهي. ڪتاب ۾ تصويرن، مختلف تحريرن ۽ فرمانن جا ڪل 43 فوٽا پڻ ڏنا ويا آهن، جنهنڪري ان جي زيب ۽ زينت ۾ اضافو ٿيو آهي. ليکڪ هن تذڪري ۾ 82 شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن تي فاضل مرتب قيمتي حاشيا هنيا آهن. ان کان علاوه تعليقات جي صورت ۾ پڻ بيحد قيمتي مواد جو اضافو ڪيو ويو آهي. ايران جي هاڪاري عالم علامه آقاي سعيد نفيسي ان ڪتاب تي مختصر تقريظ لکي آهي، جيڪا خاص هن ايڊيشن لاءِ ڏسجي ٿي. هي تذڪره جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ 1958ع ۾ ڇپي، سو ٽالپوري ۽ انگريزي دور جي ادبي تاريخ لاءِ نهايت مفيد آهي.

(20) مثنوي قضا و قدر:

        مير علي شير قانع جي هيءَ ٽين ذهني ڪاوش آهي، جيڪا راشدي صاحب جي توسط سان ڇپجي نروار ٿي. فاضل محقق، مير قانع جي سوانح ۾ هن مثنويءَ جو ذڪر، تصنيف نمبر (3) تحت ڪيو آهي. مير صاحب جڏهن والي سنڌ ميان نور محمد جي درٻار ۾ ”محمد آباد“ ۾ هو، تڏهن هن هيءُ مثنوي نگهت شاعر جي تحريڪ تي سن 1127هه/1753ع ۾ لکي پوري ڪئي.[3]

(21) مثنوي محبت نامه:

        هن تصنيف جو ذڪر راشدي صاحب، مير قانع جي سوانح ۾ نه ڪيو آهي، البته ”مقالات الشعرا“ ۾ هن مثنويءَ جو ذڪر نمبر (41) تي موجود آهي. هن جي تصنيف جي ڪابه ڄاڻ ڪانهي (سال تصنيف). راشدي صاحب مثنوپيءَ جو تعارف هن ريت ڪرايو آهي: ”هن مثنويءَ ۾، مير قانع ٻه بيان ڏنا آهن، هڪ ”شمع ۽ پرواني“ جو مطالعو، ٻيو ”گل بلبل“ جو مباحثو منڍ جي چند شعرن ۾ محبت جي معاملن ۽ عشق جي نتيجن ۾ عاشق سان گڏ معشوق کي به مظلوم ثابت ڪيوويو آهي.“ قانع جي هيءَ چوٿين تحرير آهي، جيڪا راشدي صاحب ذريعي منظر عام تي آهي.

(22) مثنوي قصاب نامه:

        هيءَ مثنوي پڻ مير قانع جي آهي، جيڪا راشدي صاحب جي سعيي سان ڇپجي نروار ٿي. مثنوي ڪهڙي سال ۾ لکي وئي، ان متعلق ڪابه ڄاڻ ڪونهي. مٿي ذڪر ڪيل مقالي ۾، محترم حسام الدين راشدي ان جو ذڪر نمبر (28) تي ڪيو آهي. شاعر هن ذريعي ٺٽي جي هڪ ڪاسائي نوجوان جي اوچتي موت کان متاثر ٿي، قلم ڪاهي پنهنجي شاعراني پختگيءَ جو ثبوت ڏنو آهي. هي نوجوان شاديءَ کان پوءِ ٻئي صبح تي، اهڙيءَ حالت ۾ گذاري ويو. جو گهوٽ ۽ ڪنوار جي وصل جي نوبت به اڃا ڪانه آئي هئي.

(23) قصيدا ۽ منقبت:

        هيءَ تصنيف پڻ مير قانع جي آهي، جنهن جو ذڪر راشدي صاحب، مير قانع تي لکيل مقالي ۾ نمبر (39) تي ڪيو آهي. فاضل محقق ان ڏس ۾ لکي ٿو ته ”جنهن بياض ۾ ”مڪلي نامو“ آهي، انهيءَ بياض جي شروع ۽ آخر ۾ مير صاحب پنهنجا قصيدا، منقبت وغيره لکيا آهن، جن جو تعداد 26 کن ٿيندو. ان ۾ وڏا قصيدا ۽ طويل منقبت آهن. هڪ قصيدو ”لاميه“ 265 شعرن جو آهي. چند رباعيون به آهن ۽ هڪ نامڪمل مثنوي به منجهس موجود آهي.“ شايع ڪرايل مواد ۾ 27 مڪمل ۽ هڪ اڌو گابرو قصيدو آهي. هنن مان ڪجهه قصيدا مير فتح علي خان، ميان غلام نبي ۽ميان سرفراز جي لاءِ چيل آهن.

        نمبر 20 کان 23 تائين، جملي مواد هڪ ڪتاب ۾، ”مثنويات وقصائد قانع“ جي عنوان سان سال 1961ع ۾ سنڌي ادبي بورد ڇاپي پڌرو ڪيو. راشدي صاحب مٿس 40 صفحن جو تفصيلي مقدمو سنڌيءَ ۾ لکيو آهي. آخر ۾ مير قانع ۽ ڪلهوڙن حاڪمن جا شجرا به ڏنا ويا آهن. آخر ۾ راشدي صاحب مير قانع جي مفصل سوانح لکڻ جو پڻ اشارو ڏنو آهي. افسوس جو هيءُ ڪم پڻ وقت جي وهڪري ۾ لڙهي ويو ۽ منظر تي نه اچي سگهيو!

(24) تاريخ مظهر شاهجهاني:

        مغل دور ۾ (ارغون، ترخان ۽ مغل، سنڌ جي تاريخ تي هيءَ پنجون ڪتاب، ميرڪ يوسف 1044هه/1634ع ۾ لکي پورو ڪيو.هيءُ تاريخي ڪتاب لکجڻ واري وقت کان وٺي، گمناميءَ جي حوالي ٿي ويو، ايتري تائين جو ايليٽ جهڙو باوسائل عالم به ان کي ڳولي نه سگهيو هن ڪتاب کي سنڌ جي سورهين ۽ سترهين صديءَ جو گزيٽير سڏيو ويو آهي. محترم راشدي صاحب ايڊيٽنگ سان گڏ مٿس 100 صفحن جو، اردو زبان ۾ قيمتي مقدمو پڻ تحرير ڪيو آهي. هي ڪتاب، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ 1962ع ۾ ڇپيو، تنهن جو سنڌي ترجمو پڻ ساڳئي اداري ڇاپيو آهي، جيڪو محترم نياز همايونيءَ ڪيو آهي.

(25) هشت بهشت:

        عطا ٺٽوي مغل دؤر ۾، سنڌ جو فارسي گو شاعر ٿي گذريو آهي. هن ڪتاب ۾ عطا جون ڪل اٺ مثنويون ڏنل آهن. عطا جي هن ذهني ڪاوش مان. مغل دؤر جي سنڌ جي سماج متعلق چڱي معلومات ملي ٿي. راشدي صاحب، جنهن هي ڪتاب ايڊٽ ڪيو، 157صفحن تي، سنڌيءَ ۾ مفصل مقدمو لکندي، ان دور جي سنڌ جي حالتن کي زنده جاويد ڪري ڇڏيو آهي. خود مغلن جي باهمي ڄنڊا پٽ جو پڻ مجمل ذڪر، مقدمي ذريعي ڏنو ويو آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ سال 1963ع ۾ شايع ڪيو.

(26) منشورالوصيت ودستورالحڪومت:

        هي ڪتاب واليء سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙي سن 1163هه/1749ع ۾ لکي پورو ڪيو. ميان صاحب هن وصيت نامي ذريعي، پٽن لاءِ فڪري مواد ڇڏيو آهي، جيئن هو مستقبل ۾ سنڌ ۽ خود پنهنجي حاڪميت کي تباهه ٿيڻ کان بچائين. ڪتاب جي آئيني ۾، ميان نور محمد حاڪم سان گڏ مفڪر ۽ عالم پڻ ڏسجي ٿو. راشدي صاحب ڪتاب ايڊٽ ڪندي، ٻٽيهه صفحن جو سنڌي مقدمو ڏيڻ سان گڏ، ان ۾ ڇهه تصويرون پڻ شامل ڪيون آهن. ڪتاب کي مڪمل ڪرڻ لاءِ فاضل ايڊيٽر، 8 ضميما پڻ ان ۾ ڏنا آهن. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ سال 1964ع ۾ شايع ڪيو.

(27) ترخان نامه:

        مغل دور اندر سنڌ تي لکيل تاريخي ڪتابن جي سلسلي جي هي آخري ڪڙي آهي. سيد مير محمد بن سيد جلال ٺٽوي هي ڪتاب سن 1065هه/1654ع ۾ لکي پورو ڪيو، جنهن ۾ ارغونن ۽ ترخانن تي مفصل مواد ڏنو ويو آهي. راشدي صاحب مقدمو (پيش گفتار)، فارسي زبان ۾ لکيو آهي، جنهن ۾ ان دور جي تاريخي ماخذن، ڪتاب جي افاديت ۽ اهميت سان گڏ، مٿس تنقيدي نگاهه وجهڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه فاضل مرتب ارغونن، ترخانن ۽ مغلن تي 14 مفصل نسب نامه پڻ ترتيب ڏنا آهن، جنهن ڪري ڪتاب جي افاديت گهڻو وڌي ويل آهي. ڪتاب سال 1964ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو.

(28) حديقته الاولياء:

        سنڌي اوليائن بابت هي تذڪرو سن 1016هه/1607ع ۾ سيد عبدالقادر ٺٽويءَ لکيو ۽ ان کي مرزا خسرو چرڪس جي نالي معنون ڪيو، راشدي صاحب سنڌيءَ ۾ 102 صفحن تي مشتمل، هڪ مقدمو منجهس شامل ڪيو آهي، جنهن ذريعي سنڌ اندر هن موضوع تي فارسيءَ ۾ لکيل ڪل 82 ڪتابن جو پتو لڳايوي ويو آهي. سوانح جي موضوع تي ڪم ڪندڙن لاءِ هي مقدمو مشعل راهه آهي. ان سان گڏ سيد عبدالقادر ۽ سندس ڪتاب متعلق تنقيدي جائزو پڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪيل ڏسجي ٿي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1967ع ۾ ڇپي پڌرو ڪيو.

(29) تذڪره الشعراء ڪشمير:

        هي تذڪرو ميرزا اصلح 1161هه/1747ع ۾ تاليف ڪيو، جنهن ۾ ارورنگزيب کان محمد شاهه جي زماني تائين، ڪل 305 فارسي گو شاعرن جو احوال ڏنو ويو آهي. هي شاعر ڪنهن نه ڪنهن ريت ڪشمير سان لاڳاپيل رهيا. هي ڪتاب اقبال اڪيڊمي ڪراچي (هاڻي لاهور) طرفان سال 1967ع ۾، راشدي صاحب جي تصحيح ۽ حاشين سان ڇپجي پڌرو ڪيو.

(30) تذڪره شعراعه ڪشمير (تڪمله)جلد اول:

        سيد حسام الدين راشدي هي ڪتاب تاليف ڪندي، ان متعلق لکي ٿو ته ”هي جو چوڻ آهي ته ڏيئي مان ڏيئو روشن ٿئي ٿو! بزرگن جو هي مثل ڪهاوت نه، پر حقيقت آهي محمد اصلح جو، تذڪره شعراعه ڪشمير مرتب ڪرڻ ويٺس ته ان سان گڏ هڪ ٻيو مستقل ڪتاب وجود ۾ اچي ويو، جنهن جو نه گمان هو ۽ نه وري ڪنهن قسم جو ڪو ارادو. اصلح تي (تذڪره) ڪم ڪندي، ڪيئي اهڙا فارسي گو شاعر نظر آيا، جن جو ذڪر ليکڪ نه ڪيو هو. خيال ٿيو ته اهڙي مواد کي آخر ۾ ضميمي طور ڏيئي ڇڏيان، ليڪن جڏهن شاعرن جو تعداد ٽن سون کان به وڌيڪ ٿي ويو. تڏهن ضميمي جو خيال ڦٽو ڪري، مستقل ڪتاب جي تياريءَ جو ارادو ڪيم. چنانچه هن وقت پڙهندڙن جي خدمت ۾ جيڪو ڪتاب حاضر آهي، ان کي هاڻي محمد اصلح جي تذڪري جو تڪمله تصور ڪرڻ گهرجي.“

        ميرزا اصلح جو ڪتاب ايڊٽ ڪندي، فاضل مرتب تڪمله (هي ڪتاب) پڻ ترتيب ڏيندو ويو، چنانچه ان جو پهريون جلد سال 1967ع ۾، ساڳئي اداري پاران ڇپجي پڌرو ڪيو ويو. هن جلد ۾ الف تائين، ڪل 120 شاعرن جو ذڪر ٿيو آهي.

(31)تذڪره شعراعه ڪشمير (تڪمله)جلد ٻيو:

        راشدي صاحب جي تاليف ڪيل تذڪره شعراء ڪشمير جو هيءُ ٻيو جلد آهي، جنهن ۾ ڪل 54 شاعرن (121---174) جو احوال حرف (ص) کان حرف (غ) ڏنو ويو آهي. هن جلد ۾ مرزا صائب جي ڪل 37 خطي ديوانن جو پتو ڏنو ويو آهي، جيڪي يا ته شاعر جي هٿ جا لکيل آهن يا وري سندس شاگرد عارف تبريزي انهن کي ترتيب ڏنو آهي. راشدي صاحب جي دعوا آهي ته صائب جو شايد ئي ڪو خطي ديوان، هتي ذڪر ٿيڻ کان اوجهل رهيو هجي. ٻن شاعرن ، محمد علي صائب (نمبر 124) ۽ عرفي جمال الدين شيرازي (نمبر 149) متعلق آخر ۾ تعليقات پڻ ڏنا ويا آهن. ڪتاب جي آخر ۾ صائب جي ديوان، مزار ۽ آرام گاه سان گڏ، ڪي ٻيون اهم تصوييرون، جن جو تعدا 38 آهي، پڻ شامل ڪيل آهن. انهن مان ڪجهه فوٽا راشدي صاحب پاڻ ڪڍيا آهن. هي جلد ساڳئي اداري 1968ع ۾ شايع ڪيو، جنهنجو ٻيو ڇاپو پڻ هن سال (1982ع) منظر عام تي آندو ويو آهي.

(32) تذڪره شعراء ڪشمير (تڪمله)جلد ٽيون:

        راشدي صاحب هن جلد تي پيش لفظ لکندي ٻڌائي ٿو ته ”منهنجي تاليف ڪيل تذڪره شعراء ڪشمير جو ٽيون جلد پڙهندڙن جي خدمت ۾ پهچي رهيو آهي. هي جلد حرف (ف) کان وٺي حرف (م) تائين ڪل 69 شاعرن جي ڪيفيت ۽ حالات تي آهي. فاني، فيضي، قدسي، ڪليو، گويا، ماهر ۽ منير جهڙن اهم شاعرن جي زندگي هن جلد جي زينت آهي... هن ڪتاب ۾ ٻن شاعرن---- نمبر 120 (ملا شيداء تڪلو) ۽ نمبر 192 (ملڪ الشعراء فيضي) تي تعليقات پڻ ڏنا ويا آهن. ان کان علاوه آخر ۾، 3 نسب نامه ۽ 35 تصويرون پڻ ڏنيون ويون آهن، جنهن سبب ڪتاب جي زينت ۾ اضافو آيو آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو  1968ع ۾، ۽ ٻيو ڇاپو 1982ع ۾ منظر عام تي آيو.

(33) تذڪره روضته السلاطين:

        عوفيءَ جي تذڪري کان پوءِ، سنڌ اندر فارسي گو شاعرن متعلق هي ٻيو تذڪرو، ننگر ٺٽي ۾ سن 958هه/1551ع ۾ فخري هروي نالي هڪ بسيار نويس لکيو. ابتدا ۾ هي تذڪرو شاهه حسن تڪدريءَ جي نالي منسوب ٿيو، جڏهن ساڍن چئن سئو سالن بعد هي ڪتاب دستياب ٿيو، تڏهن ان جي اصلي ليکڪ متعلق وڃي حقيقت معلوم ٿي. اهي حڪمران، وزير ۽ بادشاهه، جيڪي شاعر ٿي گذريا، تن متعلق هي تذڪرو لکيو ويو. اوائل ۾ قاضي احمد ميان اختر جهونا ڳڙهي مرحوم کي ڪتاب ايڊٽ ڪرڻ لاءِڏنو ويو، ليڪن موت کيس هي ڪم پوري ڪرڻ جي مهلت نه ڏني. راشدي صاحب چئن نسخن جي آڌار تي هي تذڪرو ايڊٽ ڪيو. ان کان علاوه پاڻ پنجين نسخي  جو ڏس به ڏنو اٿن.[4] هي ڪتاب 1968ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپيو، جنهن جي آخر ۾ قيمتي مواد، تعليقات جي صورت ۾ ڏنو ويو آهي.

(34) جواهر العجائب:

        سنڌ اندر فارسي گو شاعرن تي لکيل هي ٽيون تذڪرو پڻ فخري هروي، ٺٽي ۾ 962هه/1554ع ۾ لکيو ۽ ان کي شاهه حسن جي بيوه ۽ مرزا عيسيٰ جي زال حاجي ماه بيگم جي نالي منسوب ڪيو. راشدي صاحب جڏهن هن تذڪري جي اصليت ۽ ان جي انتساب جو ذڪر ڪيو آهي، تڏهن پاڻ فخري هرويءَ جي خوب کل لاٿي اٿس. هي ڪتاب عورت شاعرات تي لکيل آهي. سال 1968ع ۾، قيمتي تعليقات سان. سنڌي ادبي بورڊ ان کي ڇاپي پڌرو ڪيو. شمس الله قادري پڻ رسالي اردو ۾ ان کي وري شايع ڪيو هو.

(35) ديوان فخري:

        ساڳئي سال ۾ راشدي صاحب، فخري هرويءَ جو ديوان به ڇاپي پڌرو ڪيو.

        مٿيا ٽئي ڪتاب، هڪ ئي مجمل ڪتاب ۾ گڏ شايع ڪيا ويا آهن. مهڙ ۾ 80 صفحن جو تفصيلي ”مقدمو“ اردو زبان ۾ لکيو ويو اهي. ساڳئي وقت ڪجهه نسب نامه پڻ، هن ڪتاب ۾ ڏنا ويا آهن، مقدمو پڙهندي، راشدي صاحب جي علمي وسيلن، ادبي لاڳاپن ۽ تحقيقي ڪاوش جو داد ڏيڻو پوي ٿو.

(36) تذڪره شعراعه ڪشمير (تڪمله) جلد چوٿون:

        سال 1968ع تائين اسان جي عالم، ڏاهي ۽ محقق جناب سيد حسام الدين راشدي صاحب، پنهنجي تاليف ڪيل ”تڪمله“ جا ٽي جلد نروار ڪري چڪو هو. رٿا هيٺ چوٿون ۽ آخري جلد پڻ اچڻو هو. ليڪن ان جي لاءِ علمي دنيا کي هڪ سال جو انتظار ڪرڻو پيو. ٽن جلدن جي اشاعت (مارچ 1968ع) کان پوءِ، فاضل محقق ايران ويو ٿو ڏسجي. اتان واپس ٿيندي، پاڻ هڪدم فخري هرويءَ جي مٿي ڏنل ڪتابن کي ترتيب ڏئي ان سال ۾ ئي  شايع ڪيائون، جنهن بعد ”تڪمله“ جي چوٿين جلد تي ڪم شروع ٿيو هن جلد ۾ ڪل 130 شاعرن متعلق (ن --- ي)، احوال ۽ مواد سهيڙو ويو آهي. هي ايڊيشن 1969ع ۾، اقبال اڪيڊمي شايع ڪيو. هن جلد جي سٽا هن ريت آهي:

        -130 شاعرن جو احوال (اهي به جن جو ذڪر، اولائلي جلدن ۾ اچڻ کان رهجي ويو)، تڪمله ۽ تتمه تڪمله جي صورت ۾ ڏنو ويو آهي.

        جلد پهرئين ۽ ٻين ۾ آيل شاعرن جي احوال ۾ تعليقات جي صورت ۾ اضافو ڪيو ويو آهي.

        کشمير در شعر فارسي، هي مواد پنجن ڀاڱن ۾ ڏنو ويو آهي. ڪشيمر جي سماج ۽ تاريخ لاءِ هي مواد انتهائي قيمتي آهي.

        فهرست مصادر (ڪتب آندل مواد)، ڪشمير جي متعلق ڪتابن، 27 تصويرن ۽ انڊيڪس شامل ڪرڻ سان، هن تاريخي ڪم جي تڪميل جو اعلان ڪيو ويو آهي. راشدي صاحب جي ”تڪمله“ ۾ ڪل 2000 (ٻه هزار)صفحا ڏنل آهن، جنهن ۾ هيٺين ريت مواد ملي ٿو:

                جلد  I،                 120 شاعر

                جلد II،         54 شاعر

                جلد III،                69 شاعر

                جلد IV،                130 شاعر (ڪل ____ 373 شاعر)

        راشدي صاحب گهڻو ڪري فارسي زبان جا ڪتاب ايڊٽ ڪيا، ليڪن هي ڪتاب سندن اصلي ورڪ چئي سگهجي ٿو، تاهم ان کي تصنيف بجاءِ تاليف ۽ ترتيب سڏڻ بهتر ٿيندو. ڪتاب اٿلائڻ سان خبر پوي ٿي ته، فاصل محقق ۽ مؤرخ، هن تذڪري جي تاليف ڪندي، ڪيڏي نه جاکوڙ ڪئي آهي! ڀارت جي هاڪاري عالم مولانا سيد صباح الدين عبدالرحمان ”بزم تيموريه“ (ڇاپو ٻيو) ۾ هن ڪتاب جي افاديت ۽ اهميت، انتهائي ايمانداريءَ سان چٽي ڪئي آهي. بلاشبه جڏهن ننڍي کنڊ ۾ فارسي زبان تيزيءَ سان زوال پزير آهي، تڏهن هي ڪتاب ۽ ان جو مؤلف بجا طور تي فارسي ادبي تاريخ ۾ هڪ اهم جڳهه والاريندا.

(37) ديوان بيرم خان:

        هيءُ صاحب (بيرم خان) مشهور سپه سالار عبدالرحيم خانخانان جو والد ۽ همايون توڙي اڪبري دور جو سپه سالار ٿي گذريو آهي. بيرم خان کي حج تي ويندي گجرات ۾ 968هه/1561ع ۾ قتل ڪيو ويو. هيءُ صاحب فارسي ۽ ترڪي ٻولين جو شاعر پڻ هو. جيتوڻيڪ E. Denison Ross ، 1910ع ۾ ڪلڪتي مان بيرم خان جو ديوان ڇاپيو هو، تاهم وڌيڪ مواد دستياب ٿيڻ ڪري، ان جو نئون ايڊيشن اڻ ٽر ٿي پيو. راشدي صاحب فارسي ديوان جي ايڊيٽنگ ڪئي آهي. ان سان گڏ ڊاڪٽر محمد صابر ترڪي شعر ترتيب ڏنو ۽ انگريزي مقدمو ايم ايڇ صديقي صاحب تحرير ڪيو، هيءُ گڏيل ايڊيشن ڪراچي يونيورسٽي پاران انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل ائنڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز سال 1971ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو.

(38) تحفته الڪرام (جلد ٽيون، حصو پهريون):

        مير علي شير قانع، ٽن جلدن ۾، هيءُ ڪتاب 1181هه/1767ع ڌاري لکڻ شروع ڪيو ۽ ان کي 1188هه/1774ع ۾ مڪمل ڪري ورتو: آخري جلد ”سنڌ“ متعلق آهي، جنهن جا پڻ ٽي ڀاڱا آهن:

        1. سنڌ جي تاريخ (سرفراز تائين)،

        2. سنڌ جي شهرن ۽ اتي جي مشاهيرن جو احوال ۽

        3. ننگر ٺٽو، تاريخ ۽ مشاهير.

        ڪتاب جا سنڌي، اردو توڙي فارسي ايڊيشن ظاهر ٿي چڪا هئا، ليڪن سنڌي ادبي بورڊ ان جي بين الاقوامي معيار تي مبني جديد تنقيدي ايڊيشن آڻڻ لاءِ، اوائل ۾ هيءُ ڪم ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم کي سونپيو. افسوس جو ڊاڪٽر صاحب زندگيءَ جي بيوفائيءَ جي ڪري هيءُ ڪم پورو نه ڪري سگهيو. ان بعد راشدي صاحب تحفته الڪرام جي ايڊيٽنگ شروع ڪئي، ليڪن ارمان اهو آهي ته پاڻ به ان جو صرف پهريون ڀاڱو ڇاپي سگهيو. هونءَ ته فاضل ايڊيٽر جي محنت قابل ديد آهي، ليڪن هن ايڊيشن جون ڪي اهم خوبيون به آهن:

---- سومرن ۽ سمن تي نئون مواد سهيڙيو ويو آهي.

---- سنڌ جي مغليه فتح تي سمورو مواد يڪجاءِ ڪيو ويو آهي.

        ---- شاهه بيگ جي موت جو سال 930هه ڏنو ويو آهي.

---- ‎ٺٽي جي مغليه صوبيدارن جي مڪمل لسٽ ڏني وئي آهي.

---- حڪمراني جا نسب نامن ۽ ڪتبن ذريعي تاريخ جي ڳولا
     پڻ نطر اچي ٿي.

---- عرب گورنرن جي مڪمل فهرست پڻ آخر ۾ ڏنل آهي
     (جيڪا ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ واري لسٽ کان وڌيڪ جامع
     آهي).

        ڪتاب جي آخر ۾ 124 تصويرن جو سيٽ پڻ ڏنو ويو آهي. جڏهن هن ايڊيشن ۽ سنڌي ڇاپي کي ڀيٽجي ٿو، تڏهن پوئين جي ناقص ۽ اڻ پوري هجڻ جي خبر پوي ٿي سال  1971ع ۾، هيءَ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو، جنهن جي مهڙ ۾ دارا اعظم جو هي قول ڏنل آهي:

”خداوندا اين کشور را از دشمن، از خشکسالي، از دروغ محفوظ دارد.“

(39) تذڪره مشايخ سيوستان:

        ٻين شهرن سان گڏ، سيوهڻ به مغل دور ۾ هڪ اهم سياسي، سماجي ۽ علمي مرڪز هو هتي ان دور ۾ پيدا ٿيل فارسي ادب جو اهم مثال، هيءُ تذڪره پڻ آهي، جيڪو عبدالغفور بن حيدر سيوهاڻي نواب ديندار خان لاءِ سن 1039هه/1629ع ۾ لکيو هي مختصر ڪتاب سيوهڻ جي بزرگن تي لکيل آهي. راشدي صاحب ان کي هن ريت شايع ڪرڻ گهريو ٿي.


[1]  مير غلام علي آزاد سيوهڻ ۾ وقايع نويس جي حيثيت ۾، پنهنجي مامي جي نيابت ڪرڻ لاءِ ٽي سال (1145هه __ 1147هه) رهيو. هتي رهندي هن فارسي گو شاعرن جو تذڪره ”يدبيضا“ نالي لکيو. ساڳئي موضوع تي هن ٻه ٻيا ڪتاب ”سرو آزاد“ (1166هه/1752ع) ۽ ”خزانه عه عامره“ (1176هه/ 1762ع) لکيا، جيڪي ترتيبوار ”کتابخانه عه آصفيه“ مان 1913ع ۾ ۽ ڪانپور مان 1871ع توڙي نولڪشور مان 1900ع ۾ ڇپجي نروار ٿيا. جيئن ته پهريون تذڪره ”سنڌ“ ۾ لکيو ويو، لهٰذا، هندي محققن ان جي ڇپڻ جي ضرورت ئي نه سمجهي، ان ڪري اهو اڃا تائين ترتيب هيٺ نه آيو.

[2]  نمبر 1 ۽ 2 لاءِ ڏسو، راشدي صاحب جو مقالو ”سنڌ جي تاريخ جا بنيادي ماخذ“ ۽ نمبر 3 لاءِ ڏسو، ”تاريخ ادبيات“ جلد پنجون ص 10-209، ناشر پنجاب يونيورسٽي سال 1972ع.

 

[3]  ڪلهوڙن جا متعدد تخت گاهه رهيا آهن. مختلف محققن ان ڏس ۾ پنهنجي پنهنجي راءِ ڏني آهي. ”محمد آباد“ موري تعلقي ۾ کنڊرن جي صورت ۾ اڄ به موجود آهي، جتي ميان نور محمد پاڻ به دفن ٿيل آهي. هيءَ شهر 1164هه کان 1167هه تائين، ميان صاحب جو تخت گاهه رهيو. راقم الحروف پنهنجي مقالي ”ڪلهوڙن جا تخت گاهه“ ۾ ان بابت تفصيل ڏنا آهن. اهو مقالو، ”مهراڻ“ رسالي ۾ ڇپجڻ جي لاءِ اداري کي پيش ڪيل آهي.

 

[4]  راشدي صاحب ان کي ناقص سڏي ٿو. ياد رهي ته هن نسخي کي اساس بنائي، ڊاڪٽر ع. خيام پور ”روضته السلاطين“ جو تبريز مان، سال 1335 شمسي/ 1966هه ۾ هڪ ايڊيشن شايع ڪيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com