غلام مصطفيٰ ڀيو
محترم جناب پير حسام الدين شاهه راشديءَ جي ياد ۾
محترم جناب پير سائينءَ کي مرحوم لکندي، دل کي ڏاڍي چوٽ
ٿي اچي ۽ اکين ۾ پاڻي تري ٿو اچي. مگر موت برحق
آهي، هر انسان کي آخر هتان هلڻو آهي ۽ پير سائين
به اسان دوستن ۽ عزيزن کي الوداع چئي پنهنجي رب
ڪريم سان وڃي مليو. کيس الله تبارڪ وتعاليٰ جنت
الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائيندا_______ آمين ثم
آمين.
اڄ کان اٽڪل 23--------24 سال اڳ منهنجو ڪنهن ڪم سانگي
حيدرآباد وڃڻ ٿيو. مان خاص حيدرآباد کان ڪراچيءَ،
پير سائينءَ سان ملڻ ويس. ڪراچيءَ ۾ گاڏيءَ مان
لهي سڌو ڪشميري هوٽل ۾ ڪمرو وٺي ۽ سامان رکي، سڌو
سنڌ اسيمبلي بلڊنگ بندر روڊ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي
بورڊ جي دفتر ۾ اچي پهتس. اتي منهنجو مولانا اعجاز
الحق قدوسي صاحب سان ملڻ ٿيو، جو پير صاحب جو
پيارو دوست هو. ان کان معلوم ڪيم، جنهن چيو ته
اوهان صدر مان 17 ۽ 19 نمبر بس ۾ سوار ٿي، جمشيد
روڊ 1- تي وڃي لهندا ۽ ڏکڻ طرف نگاهه ڪندا ته
اوهان کي جڳهه جي مٿان بيت الضياعه لکيل نظر
ايندو، اها سندس جاءِ آهي ۽ ان جي هيٺان لائبريري
وارو ڪمرو آهي، اتي اوهان کي پير صاحب ملندو. مان
مولانا قدوسيءَ کان موڪلائي انهيءَ بس ۾ سوار ٿي
اچي جمشيد روڊ تي پهتس. سامهون نگاه ڪيم، بيت
الضياعه به ڏسڻ ۾ آيو ۽ هيٺان لائبريري جو ڪمرو به
کليل دروازي سان نظر آيو. اوڀر طرف دروازي کان ڦري
اچي ڪمري جي ڏاڪڻ تي چڙهيم، ڌڙڪندڙ دل سان هٻڪندو
مٿي چڙهيم. پير سائين کي اڪيلو ڪرسيءَ تي ويٺل ڏٺم
۽ کيس عينڪ پيل هئي ۽ حيرت مان اجنبيءَ کي ڏسڻ
لڳو. مان ڪمري ۾ اندر قدم رکي کيس السلام عليڪم
ڪيو، پير صاحب به سلام ورائي اٿي ڪري مون کي آدر
ڀاءُ ڪئي. ڪرسيءَ تي ويهڻ جو اشارو ڪيو ۽ مان
ڪرسيءَ تي ويٺس. پير صاحب مون کان سٺي نموني سان
خوش خير وعافيت ڪئي ۽ پڇيائين ته ڪير آهيو، ڪٿي
ويٺا آهيو، مان کيس جواب ڏنو ته ڀيه آهيان ۽ ڳوٺ
ڪرن جو ويٺل آهيان، جيڪو شڪارپور ۽ ڳڙهي ياسين جي
وچ تي آهي. ”ڪهڙو ڪم اٿو، جو مون وٽ آيا آهيو؟“
مان عرض ڪيومانس ته ”منهنجو اوهان ۾ ڪو به ڪم ڪونه
آهي“، تنهن تي پير صاحب عجب ۾ پئجي پڇيو ته ”باقي
مون وٽ ڪهڙي سبب سان آيو آهين؟“ کيس جواب ۾ عرض
ڪيم ته ”فقط اوهان سان ملڻ جي سڪ هئي ان لاءِ آيو
آهيان“. پير صاحب ڏاڍو متحير ٿي ويو ته تون مون کي
ڪيئن سڃاڻين، جو مون سان ملڻ آيو آهين؟ عرض
ڪيومانس ته ”مطالع وارو ماڻهو آهيان ۽ مون اوهان
جا مضمون به گهڻا پڙهيا آهن، جن کان متاثر ٿي ڪري،
غائبانه طور اوهان جو مداح بڻجي ويو آهيان.
پڇيائون ته منهنجا ڪهڙا مضمون اوهان پڙهيا آهن، جن
کان متاثر ٿيا آهيو؟ کيس جواب ڏنم ته ماهنامه رياض
ڪراچي، جيڪو اردو جو مشهور اديب رئيس احمد جعفري
مرحوم ڪڍندو هو، ان ۾ اوهان جو مقالو ”سنڌ جي
تاريخ جو مواد“ اردوءَ ۾ پڙهيم ۽ ٻيا مقالا سنڌي
رسالي مهراڻ ۾، جيئن مير مائل جي بياض ۾ سنڌ جي
تاريخ جو مواد ۽ مڪلي نامه حواشي ۽ تعارف ۽ ان سان
گڏ مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي سوانح ۽ ميرن جي
دؤر جون قديم مهرون وغيره مضمون پڙهي ڪري ڏاڍو
اوهان کان متاثر ٿيو آهيان. انهن منهنجي دل ڏاڍي
خوش ڪئي ۽ خواهش هئي ته جيڪر اوهان سان ملان. اڄ
الله سائين منهنجي اها سڪ پوري ڪئي.“ منهنجي انهن
لفظن سان پير سائين ڏاڍو خوش ٿيو ۽ بيحد دلچسپي
وٺي، مون کان پڇڻ فرمايائين ته اوهان جي مطالع جو
ڪهڙو موضوع آهي؟ مون کيس عرض ڪيو ته ”تاريخ، سيرت،
سوانح، آثار قديمه ۽ سفرنامه قديم.“ ڏٺم ته پير
صاحب جو منهن خوشيءَ وچان ڳاڙهو ٿي ويو ۽ پڇيائين
ته اوهان ڪهڙن مصنفن جا ڪتاب پڙهندا آهيو ۽ ڪهڙن
کان متاثر آهيو؟ عرض ڪيم ته اردو ۾: سر سيد مرحوم،
مولانا شبلي، سيد سليمان ندوي، سيد ابو ظفر ندوي،
شاهه معين الدين احمد ندوي، عبدالسلام ندوي، صباح
الدين عبدالرحمان، مولانا اڪبر شاهه نجيب آبادي،
مولانا غلام رسول مهر، مولانا ابوالڪلام آزاد،
خانبهادر مولوي محمد شفيع، حافظ محمود شيراني، سيد
عابد علي عابد، مولانا عبدالحليم شرر، مولانا صادق
سروهنوي، نسيم حجازي ۽ رئيس احمد جعفري. ان وقت
جيڪي نالا ياد آيا، ٻڌايامان . پير صاحب ڏاڍو
حيران ٿي ويو ۽ سنڌي اديب به پڇيائون.، جواب عرض
ڪيم ته: علامه دائود پوٽو مرحوم، حڪيم فتح محمد
سيوهاڻي، مولائي شيدائي، پروفيسر لطف الله بدوي
مرحوم ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب. وري پير
صاحب پڇيو ته ماهوار رسالا ڪهڙا گهرائنيدو آهين؟
جواب ڏنم ته: آستانه دهلي، پيشوا دهلي، دين دنيا
دهلي، ساقي دهلي، ڪهڪشان دهلي، برهان دهلي، نگار
لکنو، حريم لکنو، نواءِ ادب بمبئي، معارف اعظم
ڳڙهه ۽ لاهور کان سويرا، اردو ادب لاهور، نقوش،
همايون، ادب لطيف ۽ عالمگير ۽ هفت روزه خيام لاهور
ان وقت مرحوم ٿي چڪا هئا، اهي به گهرائيندو هيم،.
پير صاحب دنگ رهجي ويو ۽ ڏاڍي دلچسپيءَ ۽ محبت سان
مون کي ڏسڻ لڳو ۽ وري ٻيهر مون کان پڇيائين ته
منهنجا ڪهڙا مضمون اوهان کي ڏاڍا وڻيا، اهي ٻڌاءِ،
مون عرض ڪيو ته: مڪلي نامه جو مقدمه ۽ حواشي مڪلي
نامه، سوانح مير علي شير قانع مرحوم ۽ مير مائل جي
بياض ۾ سنڌ جي تاريخ جو مواد، اهي مضمون مون کي
ڏاڍو پسند آهن، جو مان انهن کي روزانو پڙهندو
آهيان، ۽ مون کي ڏاڍو مزو ايندو آهي. ان سان گڏ
اردو ۾ مضمون سنڌي جي تاريخ جا ماخذ، ماهنامه رياض
ڪراچيءَ ۾ پڙهيم، ڏاڍو پسند آيو، جنهن جي تعريف
سيد ابو ظفر ندويءَ مرحوم رياض جي ٻئي پرچي ۾، خط
جي ذريعي ڪئي. اهو ٻڌي ڪري، پير صاحب کان ڇرڪ نڪري
ويو ته ان منهنجي مضمون جي سيد ابو ظفر ندويءَ به
تعريف ڪئي آهي! اها مون کي خبر نه آهي. ڏاڍو خوش
ٿيو ۽ ڪنهن ڪم سانگي اندر گهر ويو ۽ هڪڙو ڪتاب
”مولانا محب علي سنڌي“ اردو ۾ کڻي آيو ۽ اهو مون
کي عنايت فرمايائين. اهو ڪتاب پير صاحب جو اردو
زبان ۾ لکيل ۽ ڇپيل هو، جيڪو اڄ بلڪل ناياب آهي،
ان کان بعد پير صاحب پنهنجي بيماريءَ بابت احوال
ٻڌايو ته مان پنهنجي ڀاءُ پير علي محمد راشديءَ
وٽ، جو ان وقت منيلا ۾ سفير هو، رهيل هيم، ان وقت
مون کي دل ۾ ايڏو درد ٿيندو هو، جو چوندو هيم ته
پستول کڻي پاڻ کي هڻان، جو درد برداشت کان ٻاهر هو
۽ مان ٻاويهه ڏينهن موت ۽ حياتيءَ جي ڪشمڪش ۾ هوس
۽ حياتي هئي جو بچي ويس، رب جا لک شڪرانا. ان کان
پوءِ چيائين ته مان آغا بدرالدين خان درانيءَ وٽ
ڳڙهي ياسين ايندس ته مان اتي توکي اطلاع ڏيندس ۽
اوهان مون سان اتي اچي ملندا بعد ۾ مون کان به
ائڊريس ورتائين ۽ پنهنجي به ايڊريس مون کي لکي
ڏنائين انهن ئي ڳالهين ۾ مصروف هئاسين ته شڪارپور
کان مسٽر رحيم بخش خان سومرو اچي ويو. مان به ان
سان ملي ڪري، پير سائينءَ سان ملاقات جيڪا اڄ به
مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ۽ ائين ٿو سمجهان ته
هاڻي به پير سائينءَ سان گڏ ويٺو آهيان ۽ پير
سائين مون کان سوال پڇي رهيو آهي.
ٿوري عرصي گذرڻ کان پوءِ مان شڪارپور جي پوسٽ آفيس ۾
صبح جو ويس، ان وقت ٽپاليءَ هڪ خط، سائو لفافو
خانگي، جنهن تي ٽڪلي لڳل هئي، مون کي ڏنو. مون کي
لفافي تي نوان ۽ خوبصورت اکر ڏسي، ڏاڍو تعجب ٿيو
ته هيءُ خط ڪنهن لکيو آهي؟ خط کي اٿلائي پٿلائي
ڏٺم، ۽ لفافي کي کوليم ته پير سائينءَ جو خط هو،
جنهن ۾ لکيو هئائون ته مان جلد ازجلد ڳڙهي ياسين
ايندس ۽ مان اوهان کي اطلاع ڏيندس، اوهان مون سان
آغا صاحب مرحوم جي بنگلي تي اچي ملندا. اهو پهريون
خط هو، جو مون کي پير سائين ڏاڍي محبت سان لکيو
هو. مون ان خط کي چمي اکين تي رکيو ۽ خوشيءَ جي
انتها نه هئي. مون پنهنجن ٻين دوستن کي پڻ اهو خط
ڏيکاريو، جو اهي پڙهي ڏاڍو متعجب ٿيا ته سنڌ جي
چوٽيءَ جي اديب ۽ تاريخ نويس، عالم ۽ فاضل اوهان
کي خط لکيو آهي ۽ مون کي چيائون ته هيءُ خط حفاظت
سان رکندا ۽ هن کي ضايع نه ڪندا.
هفتي ٻن هفتن جي گزرڻ کان پوءِ هڪ خط ڳڙهي ياسين کان
آغا بدرالدين مرحوم جن کان پهتو ته ڪراچيءَ کان
جناب پير حسام الدين شاهه راشدي جن اسان وٽ آيا
آهن ۽ اوهان کي سنڀارن ٿا، اوهان مهرباني فرمائي
ساڻس اچي ملندا. مان خط ملڻ شرط ڳڙهي ياسين ۾ آغا
صاحب جي بنگلي تي وڃي پهتم، اتي پير صاحب پنهنجي
ڪمري ۾ هيو ۽ سندس نوڪر امير بخش ويٺو هيو ۽ آغا
صاحب جن پاڻ به جاءِ تي ويل هئا. اطلاع ملڻ شرط
پير سائين هليو آيو ۽ اچي مون سان ڀاڪر پائي مليو
۽ پڇيائين ته غلام مصطفيٰ آهيو؟ مان عرض ڪيومان ته
جي ها مان غلام مصطفيٰ آهيان، پير سائين هڪڙي
اعليٰ پايه جي ڪوٽ سوٽ ۾ مليوس هئا، سائو رنگ ڪوٽ
۽ سوٽ جو هين ۽ پيرن ۾ شو بوٽ، رنگ ياد نه آهي پيل
هين، ڊگهو قد، بدن هلڪو، اکين تي عينڪ، وارن کي
ڦڻي ڏنل، ايڏا وجيـﮣ ۽ خوبصورت پئي لڳا جو ڳالهه
حد کان وڌيڪ هئي ۽ ڳالهائڻ جو انداز بلڪل گنڀير ۽
وڻندڙ جو ويٺا ڳالهائين! مون کان خبرون چارون
پڇيائون زماني جون ۽ ادبي خبرون پڇڻ. ڪهڙا ڪتاب
نوان آيا آهن، اوهان ڪهڙا ڪتاب گهرايا آهن ۽ مان
انهن ڪتابن جا نالا ٻڌايا. مان دارالمصنفين اعظم
ڳڙهه ۽ ندوته المصنفين دهلي انڊيا جا ردو ڪتاب
ٻڌايا ۽ پاڪستان ۾ ان وقت تمدن عرب ۽ تمدن هند
نوان نوان شايع ٿيا هئا. ڏاڍا خوش ٿيا ۽ آغا
بدرالدين خان به ان وقت گهران تشريف فرمائي آيا ۽
مون سان اچي مليا. خوش خير وعافيت کان بعد احوال
ورتائين ۽ پڇائين ته تنهنجو ڪرن ۾ ڪهڙي خاندان سان
تعلق آهي. مان کيس عرض ڪيو ته وڏيرو ڪريم بخش خان
ڀيه مرحوم منهنجو چاچو به هيو ۽ ماسڙ به هيو، ان
تي آغا صاحب ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته منهنجي
پياري دوست جي خاندان مان آهين جو اهو خاندان ڪرن
۾ معزز ۽ زميندار خاندان آهي. پوءِ خود آغا صاحب
مرحوم منهنجي ان ڪري ۽ پير سائين جي مون سان
مهربان هجڻ ڪري ڏاڍي عزت ڪندو هيو. ويندي آخري وقت
تائين مون کي وڏي عزت ڏيندو هيو. الله سائين کيس
بخشي ۽ جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائين، آمين ثم
آمين___ اتي آغا صاحب جن وٽ هڪ گوري عورت ڏٺم مان
ائين سمجهيم ته شايد پير صاحب جن ڪا اها شادي ڪري
آيا آهن ۽ پاڻ سان گڏ وٺيو آيا آهن، مگر مان شرم
کان پڇي نه سگهيم، بعد ۾ پير سائينءَ جي نوڪر امير
بخش کان پڇا ڪيم، ان جواب ڏنو ته ڊاڪٽر اينمري
شميل آهي، مان حيران ٿي ويس. هيءَ اُهائي مائي آهي
جنهن بابت سنڌ جي سڀني اخبارن سنڌي توڙي اردو
اخبارن ۾ سندس بابت احوال لکيل هيو ته پاڪستان ۾
اچي رهي آهي ۽ نئين زندگيءَ جي هڪ پرچي ۾ سندس
بابت مضمون جناب غلام رباني سيڪريٽري ادبي بورڊ
ڏنو هو. ڊاڪٽر شميل صاحبه جي آغا صاحب جن ڏاڍي عزت
پيا ڪن. جنهن به وقت آئي پئي ته ٻئي شخصيتون اٿي
پئي بيٺا پوءِ ڪيترا ڏينهن پير سائين ۽ ڊاڪٽر شميل
صاحبه جن آغا صاحب جن وٽ رهيل هئا. اهو رمضان
المبارڪ جو مهينو هيو، مان روزي سان هوندو هيم ۽
روزانه صبوح جو ڳڙهي ياسين پير سائينءَ سان ملڻ
ويندو هوس. هڪ ڏينهن آغا صاحب راڳ جي محفل رکي،
جنهن ۾ اقبال جوڳيءَ کي به گهرايو ويو. راڳ جي
مجلس ۾ اقبال جوڳي مرلي وڄائي. ان مرليءَ کي ڊاڪٽر
شميل صاحبه ڏاڍو پسند ڪيو. پنهنجي ڪوچ تان لهي ڪري
هيٺ گلم تي ويهي اقبال جوڳي جا مرلي وڄائيندي فوٽو
ڪڍيائين ۽ ڪيترا دفعا فرمائش ڪري اهو مرلي جو ترنم
آواز ٻڌائين پوءِ جڏهن پير صاحب جن واپس ڪراچيءَ
ويا ته اقبال جوڳيءَ کي ريڊيو پاڪستان تي گهرائڻ
شروع ڪيائون جو اڄ ڏينهن سوڌو ريڊيو تي سندس
پروگرام هلندو اچي ٿو. آخر پير سائينءَ جن رمضان
جومهينو ڳڙهي ياسين ۾ گزاري عيد کان هڪ ڏينهن اڳ
واپس ڪراچيءَ جو پروگرام ٺاهيائون. مان کين عرض
ڪيو ته منهنجي به دعوت قبول ڪري ڳوٺ اچڻ فرمايو.
پير سائينءَ آغا صاحب کي چيو ته جيئن پاڻ فرمائين
ائين هلڻ ٿئي. آغا صاحب جن فرمايو ته اسان جنهن
ڏينهن ڪراچيءَ وينداسين ان ڏينهن شام جو تو وٽ
اينداسين ۽ اتان سکر وينداسين. پير سائينءَ مون کي
فرمايو ته جيڪي هن سال نوان ڪتاب آهن، اهي سڀ جيڪي
توگهرايا آهن، سي رکجانءِ اسان اهي ڏسنداسين مان
پورو پروگرام وٺي بندوبست ڪيو ۽ پنهنجا عزيز ۽
معزز جيڪي به ڳوٺ جا هئا انهن سڀني کي گهرايم. جن
۾ حاجي علي مراد خان ڀيه مرحوم، مولوي صاحب مرحوم،
وڏيرو درياخان مرحوم، وڏيرو عبالمجيد خان جن سڀ
موجود هئا، پير سائينءَ جن ۽ جناب آغا صاحب جن جي
استقبال جي لاءِ. پير صاحب، آغا صاحب ۽ ڊاڪٽر شمل
هڪ گاڏيءَ ۾ هئا ۽ ٻي گاڏيءَ ۾ سندن سامان رکيل
هيو ۽ اها ايندڙ عيد جي رات پئي ٿي. اهو آخري
ڏينهن جو روزو هيو. ڪن ماڻهن ان ڏينهن عيد ڪئي
هئي.
اوطاق جي هڪ ڪمري ۾ ڪتاب ٽيبل تي رکيا هيم، جن ۾ تمدن
عرب، تمدن هند مترجم سيد علي بلگرامي ۽
دارالمصنفين اعظم ڳڙه ۽ ندوة المصنفين دهلي وغيره
ادارن جا وڏا علمي ڪتاب اردو ۽ سنڌي ۾ رکيا هيم.
پير سائين ۽ ڊاڪٽر شمل جيئن آيا تيئن ڪتابن جي
مٿان اچي بيٺا ۽ آغا صاحب جن ڪرسيءَ تي اچي ويٺا.
ڊاڪٽر شميل ڪجهه ڪتاب ڏاڍا پسند ڪيا جن ۾ شاه
عبداللطيف جو رسالو مرتبه ڊاڪٽر گربخشاڻي مرحوم ۽
سوانح علامه اقبال سنڌي، از: پروفيسر لطف الله
بدوي مرحوم طبع اقبال اڪيڊمي ڪراچي ۽ ٻيو هڪ ڪتاب
اردو ۾، سلاطين دهلي کي مذهبي رجحانات از: پروفيسر
خليق احمد نظاماڻي مطبوع ندو ته المصنفين دهلي کي
ڏاڍو پسند ڪيائين، جو مان کيس بطور تحفه جي اهو
عمدو ڪتاب ۽ هفته روز چٽان لاهور جو ادبي ايڊيشن
بهترين نمونه تي سالنامه طور شايع ٿيو هو، اهي ٻئي
ڪتاب ڊاڪٽر صاحبه کي ڏنم جو ڊاڪٽر صاحبه ڏاڍو خوش
ٿي. منهنجي ڪتابن کي پير سائينءَ ۽ ڊاڪٽر شميل
ڏاڍو پسند ڪيو ۽ ٻنهي ڄڻن اسان کي پنهنجو ووٽ ڏنو.
هڪ مولوي محمد ابراهيم ڳڙهي ياسين جي کي ۽ ٻيو مون
کي ڏنائين. پوءِ پير سائينءَ مون کان موڪلائي آغا
صاحب سميت روانا ٿي ويا ۽ ڪراچيءَ پهچڻ تي پير
سائينءَ ۽ ڊاڪٽر شميل صاحبه جن جدا جدا خط لکيا.
ڊاڪٽر شميل صاحبه پنهنجو فوٽو به خط سان گڏ
موڪليو، جنهن کي مان سنڀالي رکيو آهي.
ان کان بعد پير سائينءَ جا محبت ڀريا خط ايندا رهيا ۽
مان به کين لکندو رهيم، اهو سلسلو پير سائينءَ
پنهنجي وفات تائين قائم رکيو ۽ ان وچ ۾ پاڻ جڏهن
به ٻاهرين ملڪن جي دوري تي ويندا هئا ته اتان به
مون کي خط لکندا هئا، مثلن هانگ ڪانگ کان، چين
کان، ماسڪو کان، عراق کان، اصفهان کان، تاشقند
کان، ٽيڪسلا پشاور کان ۽ ڪراچي ۽ لاهور درميان رات
جو 12 بجه هوائي جهاز مان، جن ۾ پير سائين پنهنجي
طبيعت جي بحاليءَ بابت ۽ ڪتابن جي تصنيف ۽ تاليف
بابت لکيو اٿن. سندن جيڪي به ڪتاب ڇپيا هئا ته هڪ
ڪاپي مهرباني ڪري مون ڏانهن تحفاَ ڏياري موڪليندا
هئا ۽ جيڪي پريس ۾ ڪتاب ڇپجڻ لاءِ ڏيندا هئا ته ان
کان به آگاه ڪندا هئا.
هڪ دفعي آغا صاحب بدرالدين درانيءَ وٽ ڳڙهي ياسين آيا.
مان به روزانه ويندو هيومان، رات جو وقت هو پير
صاحب جن سان سندن ڪمري ۾ ويٺو هيس. مان کانئن پڇيم
ته سائينجن جي آئنده پروگرام ۾ ڪهڙا ڪتاب لکڻ جو
ارادو آهي. جواب ۾ هڪ چوپڙي کيسي مان ڪڍيائون ۽
کولي ڪتابن جا نالا ٻڌائڻ شروع ڪيائون جن ۾ ڪل
(43) ڪتابن جا نالا هئا، جن ۾ ڪافي ڪتاب ڇپجي آيا
۽ باقي رهجي ويل آهن، جن مان ڪجهه نالا محفوظ آهن.
1--- ارغون، ترخان ۽ مغلن جي دور جي ادبي تاريخ
2--- ٺٽي جي سياسي تاريخ. 3--- ارغون، ترخان ۽
مغلن جي تاريخ. 4--- سرمد شهيد. 5-- سيوهڻ جي
تاريخ. جن بابت پاڻ ٻڌايائون ته مان انهن تي ڏاڍو
گهڻو ڪم ڪيو آهي ۽ ٻين ڪتابن مان، جيڪي ٻڌايائون،
اهي ڪتاب گهڻي تعداد ۾ شايع ٿي چڪا آهن. پاڻ
فرمائيندا هئا ته منهنجي ڪتابن ۾ مڪلي نامه، تاريخ
ٺٽه وڏي پائي جا ڪتاب هوندا ۽ تحفته الڪرام جي
فارسي ايڊيشن کي ايڊٽ ڪرڻ ۽ ان جا وڌيڪ (2) حصه
ٻيا به حواشي سان مرتب ڪندس، جو انهن ڪتابن جي
پڙهڻ کان پوءِ سنڌ جي ماڻهن کي ڪنهن به ٻئي ڪتاب
جي ضرورت نه رهندي، مگر تاريخ ٺٽه، سيوهڻ جي تاريخ
۽ تحفته الڪرام جا بقيه (2) حصه رهجي وين!
سرمد شهيد ۽ مير معصوم شاهه تي گهٽ ۾ گهٽ 50 ورهيه
تحقيقات ڪندا رهيا. ان لاءِ خاص طور ايران جڏهن به
ويندا هئا ته مير صاحب جي آثارن کي ڳولي فوٽا
ڪڍندا هئا ۽ افغانستان به وڃڻ جو خيال هين ته اتي
وڃي مير صاحب جا آثار ڏسان ۽ ڪتاب کي جامع ڪيان.
ٽيون ڪتاب ميرڪي ساداتن، جيڪي پراڻي سکر ۾ رهن ٿا، جو
تذڪره تاريخ به ڪمپليٽ ڪري ڇڏي اٿائون، ان تي ڪو
ٿورو ڪم رهيل هوندو جو اميد ته سندن ڀاءُ جناب علي
محمد شاهه يا ڀائٽيو محترم حسين شاهه راشدي صاحب
جن بقيه رهيل ڪم پورو ڪري شايع ڪرائيندا.
ان سان گڏ سنڌ جي انسائيڪلو پيڊيا بابت ڏاڍو خيال هين
ته ”اهو ڪم مان ڪيان، جن لاءِ 5- ماڻهن ۽ ڪافي
سرمايه جي ضرورت پوندي. جيڪڏهن اهي ٻئي، ماڻهو ۽
سرمايه ميسر ٿئي ته مان ان ڪم کي ٻن سالن جي اندر
پورو ڪري ڇڏيان“، مگر اها به سندن آرزو پوري ڪانه
ٿي. هڪ دفعي سان پير صاحب جن وٽ سندن جاءِ تي رهيل
هيم. جمعي جو ڏينهن هيو، اردوءَ جو مشهور اديب ۽
مؤرخ جناب جميل جالبي صاحب ۽ حسنين ڪاظمي صاحب جن
به آيا منجهند جو وقت هيو، جميل جالبيءَ منهنجي
لاءِ پير صاحب کان پڇيو ته ڪير آهي؟ پير صاحب کيس
جواب ڏنو ته هي منهنجو پيارو دوست آهي ۽ اردوءَ جو
ڏاڍو قدردان آهي ۽ وڏي مطالع وارو ماڻهو آهي، ۽
ڊاڪٽر صاحب سان اردو زبان بابت گفتگو ٿي ته اوهان
ٿا چئو ته ولي گجراتي، اردو جو پهريون شاعر هيو،
مگر اوهان کي معلوم نه آهي ته سنڌ ۾ ولي گجراتيءَ
کان اڳ سنڌي شاعرن اردوءَ ۾ شعر چيو آهي، جو اڄ به
موجود آهي ۽ ان کي هندي زبان چيو ويندو هيو.
هڪ دفعي ڳڙهي ياسين ۾ آغا صاحب جي بنگلي تي ويٺا
هئاسين، اتي علامه سيد سليمان ندوي جي موضوع تي
ڳالهه نڪتي. پاڻ فرمايائون ته علامه مرحوم مون کي
فرمائش ڪئي ته مان کيس جي لائبريري ڏيکاريان. مان
غفلت ڪئي ته ڪنهن وقت کيس پنهنجي لائبريري
ڏيکاريندم، مگر هو رحلت فرمائي ويو، جنهن جو اڄ
ڏينهن تائين ڏک آهي. آغا بدرالدين مرحوم جڏهن دنيا
مان سفر آخرت جو اختيار ڪيو ته پير صاحب ڏاڍا دل
شڪسته ٿي پيا ۽ ڳڙهيءَ اچڻ ڇڏي ڏنائون، جن بابت خط
۾ به اظهار ڪيائون. پروفيسر احسان احمد بدوي مرحوم
جڏهن ايڪسيڊنٽ ٿيڻ سبب انتقال فرمايو، تڏهن به
مرحوم تي خط ذريعي مون سان ماتم ڪيائين، وري لطف
الله بدوي صاحب جي رحلت تي به ڏاڍو ڏک جو اظهار
ڪيائون، گرامي مرحوم تي سخت ڏک ڪيائون. پير صاحب
جا ڪيئي دوست سندس حياتيءَ ۾ گذر فرمائي ويا جن
بابت ڏاڍو ارمان ڪندا هئا. خانبهادر مولوي محمد
شفيع مرحوم لاهور ۾ جڏهن وفات ڪئي. ان تي به ڏاڍو
ارمان ڪيائون ۽ مون کي چيائين ته مان سندس مرڻ کان
3-4 ڏينهن اڳ ملي آيو هيومانس. اهڙا ڪيئي قصا
روبرو ٻڌائيندو رهيو.
پڇاڙيءَ جي عمر ۾ پير صاحب اڪثر بيماريءَ حالت ۾
گذاريندو هيو ۽ دوائون به هر وقت استعمال ڪندو
رهندو هيو. صحت جي ناسازي باوجود به تصنيف و تاليف
۾ مشغول رهندو هيو. هڪ دفعي مان چئن سالن جي وقفي
کان پوءِ ملڻ لاءِ ڪراچيءَ سندس جاءِ تي 11-12 بجه
ڏينهن جو وڃي جمشيد روڊ تي مليومانس،. پاڻ
لائبريريءَ ۾ ويٺا هئا، اطلاع ڪرائڻ تي هڪدم
گهرايائين. وڏيءَ سڪ سان ڀاڪر پائي مليو. ڪيترو
وقت ڀاڪر ۾ جهليو بيٺو رهيو ۽ پڇيائين ته توکي مون
سان گهڻو وقت ملئي ٿيو آهي؟ جواب ۾ عرض ڪيم ته 4
سال گذري ويا آهن. ڏاڍو متحير ٿيا ۽ فرمايائون ته
ايڏو وقت گزري ويو آهي جو ڪو نه مليا آهيو ۽
فرمائڻ لڳا ته تنهنجي اچڻ جي ڪري مان ڏاڍو خوش ٿيو
آهيان، دل کي فرحت آئي آهي. ان وقت پير سائين جن
ڪشمير جي فارسي شاعرن بابت ڪتاب کي مرتبه ڪرڻ ۾
مصروف هئا. ان ڪتاب جا چار حصا ڇپجي چڪا هئا ۽
پنجين حصه تي ڪم ڪري رهيا هئا. ان ڪتاب کي مرتب
ڪرڻ ۾ ڏاڍي محنت ڪئي هئائون ۽ خوش به ڏاڍا ٿي رهيا
هئا. مان کين عرض ڪيو ته پير سائين، اوهان سنڌ جي
زرخيز وادين مان نڪري ڪشمير جنت نظير ۾ ڪيئن پهتا
آهيو؟ ۽ اهي (5) ڪتاب به جيڪر اسان کي سنڌ جي
تاريخ متعلق ڏيو ها ته ڏاڍو سٺو ٿئي ها. جواب ۾
فرمايائون ته هي هڪ حادثو هيو، تنهن جي تحت هي
ڪتاب لکيو اٿم. مون کي به هڪ سيٽ ڏيڻ فرمايائون.
جنهن به وقت خط لکندا هئا ته نون ڪتابن بابت مون
کان ضرور پڇندا هئا ته ڪهڙا ڪتاب شايع ٿيا آهن.
پير صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻيا به بهترين ڪم ڪيا، جن ۾
هڪ ڪم ڏاڍو اهم هو. دارالمصنفين اعظم ڳڙهه انڊيا
جا ڪتاب پاڪستان ۾ عام طور ڪيئي ڪتب فروش شايع ڪرڻ
لڳا هئا، جنهنڪري ان اداره کي ڏاڍو نقصان پهتو.
سيد صباح الدين عبدالرحمان صاحب ناظم دارالمصنفين
اعظم ڳڙهه واري ڪيئي خط پير صاحب جن ڏانهن ۽ آغا
شورش ڪاشميري ايڊيٽر هفته روزه چٽان ڏانهن لکيا ته
اوهان اسان جي مدد ڪريو. مون ڏانهن به سيد صباح
الدين صاحب هڪ خط لکيو ۽ پنهنجي اداري جي مشڪلاتن
کان آگاهه ڪيو. پير صاحب، سيد صاحب جي خط لکڻ تي
جنگ اخبار ۾ اهي خط ۽ پنهنجي همدردانه تاثرات شايع
ڪرايا. ان کان پوءِ آخر سرڪاري سطح تي دارالمصنفين
۽ نيشنل بوڪ فائونڊيشن اسلام آباد پاڪستان سان
معاهدو ڪرائي 114 ڪتابن جو معاوضو نئشنل بوڪ
فائونڊيشن کان 15 لک روپين ۾ ڪرائي دارالمصنفين
وارن کي ڏياريا. ان مدد جي ڪري هي ادارو بچي ويو ۽
اڄ وڏي ٺاٺ سان علمي ۽ ادبي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ پير
سائينءَ جو ڏاڍو شڪر گذار آهي، جنهن جو اظهار سيد
صباح الدين عبدالرحمان صاحب پاڪستان جي اخبارن ۾
هڪ انٽرويو ۾، جيڪو اخبار جهان ڪراچي ۾ ڇپيو هو،
ڪيو آهي ۽ رسالي معارف اعظم ڳڙهه ۾ سيد صاحب، پير
صاحب جو شڪريه بجا آندو آهي.
پير صاحب کي مشاهير ۽ اهل علم به خراج تحسين پيش ڪري
ويا آهن، جن ۾ علامه سيد سليمان ندوي مرحوم کين
محقق سنڌ سڏيو آهي، جيڪو نقوش سليمان جي ديباچه ۾
درج آهي. سيد ابوظفر ندوي مرحوم به، جنهن تاريخ
سنڌ اردو ۾ لکي آهي، مقاله ”سنڌ کي تاريخ کي ماخذ“
مطبوعه ماهنامه رياض ڪراچي ۾ مطالعي ڪرڻ بعد
فرمايو ته ”پير صاحب جهڙو محقق سنڌ ۾ موجود آهي،
ان جي تاريخ لکڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪير سنڌ تي لکي
سگهندو ۽ سنڌ وارن کي مبارڪ هجي جو سنڌ ۾ اهڙو
ماڻهو موجود آهي جو فخر جو باعث آهي“ ۽ ٻين ڪيترن
ئي عالمن به کيس خراج عقيدت پيش ڪيو آهي.
پير سائينءَ جو پويون ڪتاب ”مير معصوم شاهه بکري“ جڏهن
ڇپجي بازار ۾ اچي ويو ته هڪ ڪاپي مون ڏانهن به
بذريعي رجسٽري روانه فرمايائون ۽ خط به لکيائون ته
ڪتاب پڙهي راءِ ڏيندا. ٿوري عرصي کان پوءِ وري ٻيو
خط لکيائون ته منهنجو ڪتاب مير معصوم شاهه، سکر ۾
معصومي سيدن به گهرائي پڙهيو آهي يا نه؟ مون کين
جواب ۾ عرض ڪيو ته پنهنجي ڏاڏي جو ذڪر، سندس اولاد
ڪيئن نه پڙهيو هوندو! مان سکر ويندم ۽ اتان معلوم
ڪندم. پوءِ مون سکر وڃي معلوم ڪيو. معصومي سيدن جي
خاندان ۾ جيڪي به پڙهيل ماڻهو هئا، انهن سڀني اهو
ڪتاب خريد ڪري مطالع ڪيو ۽ اهل نساءِ به مطالعو
ڪيو. اهو احوال پير صاحب کي ڏنم، پير صاحب ڏاڍو
خوش ٿيا.
پير صاحب سان ملئي مون کي گهڻو وقت ٿي ويو هو. گذريل
سال 1982ع جي اول ۾ مان حيدرآباد ويم، اتي مون کي
سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري مان معلوم ٿيو ته پير صاحب
ڏاڍو بيمار آهي. بورڊ جي سيڪريٽري جناب غلام رباني
صاحب سان ملڻ ٿيو. پير صاحب بابت پڇيومانس، جنهن
فرمايو ته هن وقت ٺيڪ آهي ۽ اسپتال مان گهر ويو
آهي. منهنجي دل کي ڏاڍي بيقراري ٿي ۽ ڏاڍو پريشان
ٿيم. آخر اتان ڪراچيءَ هليو ويس ۽ 4-5 بجه مهل
سندس رهائش واري جاءِ تي ويومانس. الحمرا
سوسائٽيءَ ۾ پهرين ته ملڻ لاءِ سندس نوڪرن انڪار
ڪيو، مگر مون چيومان ته مان 200 ميلن کان آيو
آهيان، منهنجي لاءِ پير سائينءَ کي اطلاع
ڪرائيندو، پوءِ گهرائي يا نه. مگر پير صاحب اطلاع
ملڻ شرط فورن هليو آيو ۽ پري کان ڏسي چيائين ته
”ڀلا مري ويو آهين ڇا، جو خط پٽ به ڪو نه ٿو
لکين.“ جواب ۾ عرض ڪيومانس ته ”اوهان پراڻي جاءِ
ڇڏي آيا آهيو ۽ هن جاءِ جي مون وٽ ايڊريس ڪانه
هئي، جنهن ڪري خط ڪو نه لکيو اٿم“. معذرت ڪئي
مانس، پوءِ ڪيترو وقت ويٺا رهياسين. پنهنجي
بيماريءَ بابت ۽ ٻيا حال چال ڪياسين. هڪڙو پير
صاحب جي مقالات جو مجموعو ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“
تازو ڇپيوهو، ان بابت به چيائون ته مان توڏانهن
موڪليندم، مگر پير صاحب جي مسلسل بيماريءَ جي ڪري
۽ لنڊن وڃڻ ڪري، اتان موٽي آيا ته پنهنجي جان جان
آفرين جي حوالي ڪيائين، ان ڪري ڪتاب ڪو نه ملي
سگهيو، مون کي چيائين ته مان مير معصوم شاهه تي
ٻيو جلد به لکي رهيو آهيان، تون سکر وڃي ڪري سندن
خاندان ۾ ڪنهن لکئي پڙهئي ماڻهوءَ سان ملي، مون
سان رابطو قائم ڪراءِ ته مان کائنس مير صاحب بابت
ڪجهه زباني احوال وٺندس. مان کانئن موڪلائي هليو
آيس ۽ سندس حڪم مطابق سکر ۾ معصومي سيدن جي خاندان
سان مليس ۽ ميان قوت علي شاهه جي ڀاءُ بابت معلوم
ٿيو ته اهو ماڻهو اوهان کي اها معلومات ڏيندو مان
ان سان مليس ۽ پير صاحب بابت احوال ڪيومانس.
منهنجي ڏاڍي آڌر ڀاءُ ڪيائين ۽ چيائين ته پير صاحب
سان مان پاڻ وڃي ملندس ۽ جيڪي معلومات هوندي، اها
ڏيندومانس مان کيس پير صاحب جي ايڊريس ڏئي هليو
آيس ۽ اهو پير سائينءَ کي احوال اطلاع لاءِ لکي
موڪليم، مگر مون کي جواب ڪو نه مليو.
پوءِ معلوم ٿيو ته پير صاحب جن لنڊن ويا آهن. منهنجو
پير صاحب ۾ ساهه ٽنگيل هو ۽ مان ڏاڍو پريشان رهڻ
لڳس. هڪ خط برادرم نواز علي شوق کي لکيم ته پير
صاحب جو ڪو حال احوال ڏيندا، مگر جواب ڏاڍو دير
سان موصول ٿيو، مگر نا اميديءَ جهڙو. دل ائين پئي
چوي ته جيڪر ڪراچي پکيءَ وانگر اڏري وڃان ۽ پير
صاحب جي خبر چار لهان، مگر نه وڃي سگهيس ۽ ڏاڍو
اداس پريشان رهيس. هر وقت پير صاحب منهنجي اکين
آڏو پئي گهميو ۽ مان انتهائي غم ۾ رهڻ لڳس. پهرين
اپريل جي ڏينهن محترم ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
پرنسپال شاهه لطيف ڪاليج شڪارپور وٽ ويٺو هوس ته
اتي پروفيسر اسرار احمد علوي صاحب آيو جنهن هٻڪي
هٻڪي خبر ٻڌائي ته پير سائينءَ جن اڄ رحلت فرمائي
معبود حقيقي سان وڃي مليا. هي دهشت انگيز خبر ٻڌي
ڪري ساهه سڪي ويو ۽ مغز جاءِ تي نه رهيو ۽ ساري
جان جنبش ۾ اچي ويئي. اهو ڪاليج ڦرڻ لڳو ۽ اکين
اڳيان انڌيرو ڇانئجي ويو. مگر اهو حال ڊاڪٽر
عبدالمجيد سنڌي صاحب جو به ٿي ويو. مان هڪدم اتان
موڪلائي سڌو اچي بگيءَ ۾ سوار ٿيس. ڳوٺ وڃڻ لاءِ
منهنجو بت بگيءَ تي ويٺو هو، مگر حواس گم. جڏهن
گهر پهتس ته ڦهڪو ڏئي اچي هنڌ تي ڪريس. سڀئي گهر
جا ڀاتي اهو حال ڏسي اچي مٿان بيٺا ته ٻيو ته خير
آهي. هي خبر پير صاحب جي جڏهن ڏنيمان ته سڀئي غم ۾
ٻڏي ويا اها رات منهنجي لاءِ ڏاڍي ڏک جي هئي، اها
ڪيئن گذري، اها مون کي خبر آهي.
الله سائين پير صاحب کي بخشيندو ۽ کيس جنت ۾ جاءِ
ڏيندو، آمين، هڪ دفعي پاڻ خط ۾ لکيو هئائون ته
هتان جا ماڻهو مرده پرست آهن، جيئرن جو قدر نه
ڪندا آهن ۽ مرڻ کان پوءِ ڪندا آهن. اها ڳالهه
برابر آهي ته پير صاحب جو مرڻ کان پوءِ ماڻهن ڏاڍو
قدر ڪيو شايان شان قدر. سنڌ جي اهل علم پير صاحب
جي وفات کي وڏو حادثو ڄاتو آهي. پير صاحب عزت جي
لائق هو. پير صاحب جي پايي جا عالم هندستان ۾ ڪي
چند ٿي گذريا آهن مثلاَ شبلي نعماني، سيد سليمان
ندوي، خانبهادر مولوي محمد شفيع مرحوم، حافظ محمود
شيراني، سيد هاشمي فريدآبادي، قاضي احمد ميان اختر
جونا ڳڙهي، علامه دائود پوٽي ۽ مولانا غلام رسول
مهر. اهي وڏي درجي جا عالم ۽ فاضل هئا. اڄ سنڌ
اهڙي محقق ۽ مصنف کان محروم ٿي ويئي. الله تبارڪ
وتعاليٰ کيس جنت الا عليٰ ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽
سندس پوين ۽ اسان دوستن کي صبر جميل عطا فرمائي!
.......................
”ڊاڪٽر هرومل سدا رنگاڻي ”خادم“ اسان جو معاصر آهي ۽ اڃا ننڍو
نوجوان آهي. سنڌ ۾ فارسيءَ جو پروفيسر هو. ڊاڪٽريٽ
جي ڊگري ”سنڌ جي فارسي شاعرن جي تذڪري“ تي حاصل
ڪيائين. داڻو پاڻي قسمت جي وس آهي، انسان ڇا ٿو
ڪري سگهي؛ ورهاڱي جي واءُ وڇوڙي جا ورق ورائي،
هتان کيس کڻي وڃي دهليءَ پهچايو آهي. اکين کان اڄ
گرچه دور آهي، ليڪن دل کان دور نه آهي. جتي رهي شل
اتي خوش هجي آمين“
سيد حسام الدين راشدي
مضمون”سنڌي هندن جو فارسي ادب ۾ حصو“،
1957ع (ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 674).. |