سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1983ع (1)

 

صفحو :12

جميل الدين عالي ¢

 

بي تعصبي، محبت، صداقت، محنت، لياقت ۽ عظمت جي علامت

 

          گذريل ٿورن ڏينهن ۾ متحده عرب امارات ۾ چار مشاعرا منعقد ٿيا. واپسيءَ ۾ پڙهيم ته پير حسام الدين راشدي انتقال ڪري ويو! هو هونءَ به هڪ قابل فخر پاڪستاني هو، مگر ويهن- ٻاويهن سالن کان وٺي آءٌ سندس نيازمند هوس. ذاتي تعلقات نه به هجن ها، تڏهن به کين خراج عقيدت پيش ڪرڻ فرض هو. هاڻي ته دل ۾ هڪ ذاتي سرپرست کان محرومي جو درد پڻ اظهار گهُري ٿو.

          ڪجهه ڏينهن ٿيا ته هن اخبار جنگ، جي خاص ايڊيشن ۾ پير صاحب مرحوم جي مختصر سوانح سان گڏ تصنيفات جا تقريباَ سڄا تفصيل شايع ٿي چڪا آهن. آءٌ سندس علمي حيثيت کان واقف آهيان ۽ سندس تازه ڪتابن کان پڻ باخبر رهندو پئي آيس. مگر سچ ته اهو آهي ته هاڻي جو سندس ڪتابن جي فهرست پڙهيم ته ڏندين آڱريون اچي ويون!

          ليڪن سندس علمي حيثيت بابت ڪا سير حاصل گفتگو انهن ڪالمن ۾ ممڪن ڪونهي. پير صاحب جا ڪيترائي علمي ڪارناما اهڙا آهن،  جو ان جي محنت، لياقت ۽ ڊگهي نظر تي هڪ چڱو ضخيم ڪتاب لکي سگهجي ٿو ۽ انشاء الله اهڙو ڪتاب لکيو ويندو. سندس شخصيت، زندگيءَ ۾ ئي هڪ پي- ايڇ- ڊي مقالي جي مستحق بنجي چڪي هئي، ليڪن سياسي ۽ مالي طور تي ناطاقت وڏن ماڻهن کي انهن جي زندگيءَ ۾ ئي خراج عقيدت پيش ڪرڻ اسان جي موجوده معاشري جو دستور ڪونهي. ڇو؟ اهو معاشرو ئي ٻڌائي سگهندو.

ڪجهه واقعا

          ممتاز حسن مرحوم پير صاحب کي ۽ پير صاحب ممتاز حسن کي گهڻو گهُرندا هئا. هڪ پنجابي ۽ ٻيو سنڌي. ڪيترن ئي سالن کان، جيڪي حالتون اسان سياست ۽ حڪومت کان وٺي ادب تائين ڏسندا رهون ٿا، انهن جي لحاظ کان هي ڳالهه ناممڪن نظر ايندي، مگر نوان نسل يقين ڪن ته اهو سچ آهي. هو ٻيئي نه هم سبق هئا ۽ نه هم پيشه، ليڪن ٻه ڳالهيون مشترڪه هُين: پاڪستان سان محبت ۽ پاڪستان ۾ علم ادب جي فروغ جو شوق. مون انهن ٻنهي کي مختلف سرڪاري کاتن ۾ جنهن هم خياليءَ ۽ يڪ زبانيءَ سان لڙندي ڏٺو، اهي منظر اڄ به وحدت پاڪستان تي منهنجي ايمان کي تازو ڪن ٿا.

          ۽ باباي اردو مولوي عبدالحق کي انجمن (انجمن ترقي اردو پاڪستان) جي موجوده آفيس ڏيارڻ ۾ ڪنهن رات ڏينهن جاکوڙ ڪئي؟ انجمن جي انهن محسنن جا نالا گهڻا هوندا، جن انجمن کي ترقي وٺرائي، ليڪن ان جي ڏکين ڏينهن ۾ جن ماڻهن، انجمن جي رڳن ۾ رت اوتيو، تن ۾ پير حسام الدين راشدي سر فهرست آهي. اها ڪهاڻي خود مولوي صاحب جي زباني آهي.

          ٻارنهن سال اڳ، جنهن شام، جوش صاحب جي ملازمت يا اردو بورڊ سان معاهدي جي خاتمي بابت مجلس منتظم غور ڪري رهي آهي، انهيءَ شام، منهنجي ذهن تي پير صاحب جي شرافت، بي تعصبي ۽ علم ادب لاءِ انتهائي دردمندي جا عجيب وغريب نقش چٽي ممتاز حسن صاحب پنهنجي نازڪ سرڪاري حيثيت سبب پنهنجو اختلافي ووٽ رڪارڊ ڪرائي نٿي سگهيو.  بيگم شائسته اڪرام الله بفضل تعاليٰ حيات آهي، اها شاهدي ڏيئي سگهي  ٿي ته ممتاز صاحب جوش صاحب جي معاهده مشيري ۾ هر صورت ۾ توسيع جو خواهشمند هو بيگم صاحبه خود اردو جي ناتي سان جوش صاحب جي حفاظت جي حق ۾ پرجوش حامي هئي. ليڪن سڀ کان وڌيڪ زوردار ۽ غم انگيز وڪالت پير صاحب ڪري رهيو هو. سڄو قصو وري ڪنهن ٻئي موقعي تي.

          پير حسام الدين صاحب کي فارسي ۽ سنڌيءَ جو فاضل چيو ويندو آهي، ليڪن جا خدمت هن اردوءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪئي، اردو ڳالهائڻ وارا بي شڪرا چئبا، جيڪڏهن اُن کي وساري ويهن. تصنيفي ۽ مشاورتي ڪارناما پنهنجيءَ جاءِ تي، انهن جو مقام واقعي تمام وڏو ٿيندو آهي، ليڪن اديب عموماَ عملي ڪم گهٽ ڪندا آهن، پير صاحب مرحوم اردو جي خدمت هڪ عام ڪارڪن، هڪ خاص ڪارڪن، هڪ عاشقِ اردو جي حيثيت ۾ پڻ ڪئي، ۽ جيئن ۽ جيڪا ڪئي، ان جو ثبوت ڪيترن ئي علمي ادارن جي رڪارڊ تي ته هوندو ئي، پر انجمن ترقيء اردو پاڪستان ۽ اردو ڪاليج جي رڪارڊ تي يقيناَ موجود آهي. جيڪڏهن اهي سمورا داستان ڇپجي منظر عام تي اچن ته پير صاحب جي شخصيت اردوء جي ايڏي وڏي روشن ڪائنات ۾ سج وانگر تابناڪ ۽ نمايان نظر ايندي. جي ها، انهيءَ سج جي عمل جي گرمي ٻاويهه سال ته مون عاجز خود  محسوس ڪئي آهي.

          ايترين گهڻين ۽ مسلسل علمي مصروفيتن سان گڏوگڏ پير صاحب، سماجي فرضن جي ادائگيءَ لاءِ پڻ وقت ڪڍي سگهندا هئا. هو ’ٻارن‘ وارو ته ڪونه هو، مگر ’گهڻن دوستن‘ وارو هو. بيمارن جي مزاج پرسي ڪراچيءَ ۾ هڪ وڏو مشڪل ڪم آهي. لاڳاپي وارن تائين رسڻ لاءِ مفاصلا ڊگها ۽ بعض اوقات بيمار دوستن ۽ ان جي بيمار اهل عيال جو تعداد پڻ وڌي ويندو آهي. پير صاحب ڪنهن شاديءَ جي مجلس ۾ نظر اچن يا نه اچن، پر هر بيمار دوست جي بستر وٽ ويٺل ضرور نظر ايندا هئا.  ڪيترن ئي موقعن تي مون ڏٺو هو ته سندس اچڻ سان بيمارن جي چهرن تي رونق اچي ويندي هئي. الله تعاليٰ پير صاحب کان ڪيڏو نه خوش ٿيندو هوندو!

          يارن دوستن، بلڪ پنهنجن بعض بي تدبر مخالفن جي ڏک سک ۾ ڀرپور نموني ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ پير صاحب جي هڪ ٻي صفت هئي.، اهڙي صفت، جنهن کي بعض گهٽ نظر وارا ماڻهو غلط بخشيءَ جو نالو ڏيئي ٿا ڇڏين. اهي اهو نٿا ڄاڻن ته جيڪو انسان هڪ گداز دل جو مالڪ آهي اهو ڪنهن ته تڪليف وقت دوستي ۽ دوشمني جو حساب نٿو رکي سگهي.  پير صاحب ڪنهن به گهرجائو لاءِ، ڪنهن وٽ لنگهي وڃڻ کي پنهنجي وقار ۽ ’اصولن‘ جو مسئلو نه بنائيندو هو. هن کي خدمت لاءِ هڪ لگن رهندي هئي. اها صفت ممتاز حسن صاحب ۾ به هئي. اهو ممتاز حسن، جنهن کان لکين فيضياب ٿيا، ۽ جنهن کي چند سَوَ به ياد نٿا ڪن، مگر ان ڪري ممتاز حسن جي عظمت ۾ ڪوبه فرق نٿو پوي. پير صاحب جو ڪردار پڻ تقريباَ اهڙو ئي هو. اهي ماڻهو جن تي پير صاحب جا احسان ٿيل آهن، کيس ياد رکن نه رکن، پير صاحب جي عظمت ۾ به فرق نه پوندو.

          عظمت جي پهرين صفت اها ناهي ته ڪو تاريخ ۾ ضرور محفوظ رهي. عظمت هڪ عظيم نيڪي هوندي آهي، پنهنجو ڪم ڪندي آهي ۽ الله طرفان مقرره وقت تي بظاهر ختم ٿي، ان جي حڪم سان معاشرن جي جسمن ۾ روح وانگيان جاري ۽ ساري رهندي آهي. اها اسان توهان جي ظاهري تاريخ جي رڪارڊ تي اچي وڃي ته فبها ۽ اسان توهان جي تاريخ ڪيترن اصلي وڏن ماڻهن جا نالا رڪارڊ تي آندا آهن؟

          پير حسام الدين راشدي، ممتاز حسن وانگيان منهنجو هڪ مستقل موضوع آهي ۽ رهندو. الله تعاليٰ کيس پنهنجي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏئي. آمين.

-          (سنڌيڪار: ولي رام ولڀ)

 

  

پريشان خٽڪ ¢

 

سچائيءَ جو سج – حسام الدين راشدي

 

          عمر ننڍي هئي. الله تعاليٰ بزرگن سان گڏ اٿڻ ويهڻ جا ڪيئي موقعا ميسر ڪري ڏنا. 1969ع جي ڳالهه آهي، اسلام آباد ۾ قومي تعليمي ڪانفرنس منعقد ٿي. جناب آءِ. ايڇ. عثماني انهن ڏينهن ۾ وزارت تعليم جو سيڪريٽري هو. سندس صدارت ۾ وزارت تعليم جي ڪميٽي روم ۾ اوڀر ۽ اولهه پاڪستان جا، چوٽيءَ جا عالم ۽ فاضل پنهنجي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهيا هئا. ڪهڙن ڪهڙن جا نالا ٻڌايان؟ جسٽس ايس. اي. رحمان، پروفيسر حميد احمد خان، مولانا اعبدالقادر، ڊاڪٽر اشتياق حسين قريشي....، قلم کي طاقت ناهي جو وڌيڪ ڪجهه اظهار ڪري سگهي! ڇا ماڻهو هئا ۽ ڪٿي غائب ٿي ويا؟ هر هڪ پنهنجي ذات ۾ انجمن هو. هر هڪ جي تقرير ٻڌڻ سان مون جهڙي نو آموز کي اهو محسوس ٿيڻ لازمي امر هو ته معلومات ۾ تمام گهڻو واڌارو ٿي رهيو آهي. قومي زبان جي باري ۾ ڪجهه ڳالهيون اهڙيون ٿيون، جي مون کي ناگوار لڳيون. ڪنهن ڪيون؟ ڪٿان ٿيون؟ ان جو اندازو توهان خود ئي لڳايو ۽ جنهن جو نتيجو اسان ۽ اُهي، سڀ ڀوڳي رهيا آهيون. مون کي جوش اچي  ويو، نوعمريءَ جي به تقاضا هئي، اُٿيس ۽ هڪ جذباتي تقرير ڪري وڌم. جيڪي چيم،. دليلن سان چيم. اڄ جڏهن اُهي سمورا نوراني چهرا خاڪ جي هيٺان محو خواب آهن، مون کي رکي رکي اهو احساس ٿي رهيو آهي ته انهن جي سامهون مون کي مُنهن نه کولڻ کپندو هو. مگر ٿيو  ائين جيئن خداي عزوجل مون تي هميشه عنايتون ڪيون آهن، ان موقعي تي به مون محسوس ڪيو ته سمورن بزرگن جا چهرا خوشيءَ مان ٻهڪي رهيا هئا ۽ هر هڪ مون کي داد ڏنو. ڪانفرنس ختم ٿيڻ کان پوءِ سڀني مون کي ڳراٽڙيون پاتيون.

          چوڻ اهو پئي چاهيم ته منهنجي تقرير کان فوراَ پوءِ، منهنجي سامهون ويٺل هڪ نهايت بارعب قسم جو بزرگ- جيڪو خوبصورت مغربي سوٽ ۾ ملبوس هو ۽ شڪل شبيهه مان تمام سنجيده لڳي رهيو هو – اُٿيو، ۽ منهنجيءَ تائيد ۾، تمام جذباتي انداز سان پرجوش تقرير ڪرڻ شروع ڪيائين. آءٌ مرحوم عبدالقادر جي ڀرسان ويٺل هوس. ان کان سرگوشيءَ ۾ پڇيم ته هي بزرگ ڪير آهي؟ هن حيرت مان چيو ته تون پير حسام الدين راشديءَ کي نٿو سڃاڻين؟ ان موقعي تي پير صاحب ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ صوبي جي نمائندگي ڪري رهيا  هئا. آءٌ حيران رهجي ويس ۽ دل ئي دل ۾ پنهنجي خوشقسمتيءَ تي ناز ڪري رهيو هوس ته منهنجي تائيد ۾ ايڏو وڏو فاضل ان قسم جون جذباتي ڳالهيون ڪري رهيو هو. پوءِ ڇا  ٿيو؟ ڪانفرنس ختم ٿيڻ کان پوءِ سمورا حاضرين هوٽل شهزاد—جنهن ۾ اڄڪلهه وزارت خارجه جي آفيس آهي—وڃي رهيا هئا، پير صاحب نهايت شفقت ۽ محبت وچان مون کي پنهنجي گاڏيءَ ۾ ويهڻ جي دعوت ڏني. مرحوم مولانا عبدالقادر سان سندس پراڻي واقفيت هئي. هڪٻئي سان ڪافي حجائتا هئا. وهندي شرط ئي پير صاحب مٿس ڌوڙيو لائي ڏنو ته توسڄي عمر محتاط رهڻ جو قسم کاڌو آهي، پر هيءَ ڳالهه اسان کان لڪائي رکي ته گود ۾ شينهن جو ٻچو پالي رکيو اٿئي!“ انهيءَ ئي ڏينهن کان مون کي پير صاحب  مرحوم جي محبت مان وڏو حصو پلئه پوڻ شروع ٿيو. ان کان پوءِ جڏهن به ڪٿي ملڻ ٿيندو هو، اسان جي مجلس گڏ ڄمندي هئي.

          مون ڪيترن ئي موقعن تي پير صاحب جي ذات ۽ شخصيت ۾ ڇا ڇا ڏٺو، اهو هڪ ڊگهو داستان آهي. اگر تفصيل ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪندس ته صحيح طور تي احاطه ڪري نه سگهندس. ٿورن لفظن ۾ ائين چوڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس نٿو ڪريان ته پاڻ عالم ۽ فاضل هئڻ سان گڏ هڪ نهايت ئي بيباڪ شخص هئا. نجي گفتگو کان علاوه، مون کين مختلف دؤرن ۾، مختلف محفلن ۾ تقريرون ڪندي ٻڌو. ڪي زمانا اهڙا به هئا، جن ۾ ماڻهو پنهنجن گهرن جي اندر به منهن کولڻ جي جرئت نٿي ڪري سگهيا. ليڪن پير صاحب جو هڪ ئي انداز هو- نهايت شوخ ۽ منهن- ڦَٽ! جيڪي سچ سمجهيائون، ان جي اظهار کان گوٿناٿ نه ڪيائون. حقيقت ته اها آهي ته مان انهن موقعن تي سندس جرئت ۽ بيباڪي جي پنهنجي يا ڪنهن ٻئي شخص طرفان توقع نٿي ڪري سگهيس. اهو فقط پير حسام الدين راشدي مرحوم جو ئي طرح امتياز هو.

          هڪ خاص ڳالهه مرحوم ۾ هيءَ به هئي ته تقرير ۾ پڻ پنهنجي تحرير وانگر علم جا موتي پوئيندو رهندو هو، ليڪن نجي محفلن ۾ ڪڏهن به پنهنجي علميت جو تاثر نه ڏنائين. اهڙي ته سادگيءَ سان پنهنجي مخاطب جي سطح تي ايڏي ته خوبصورتيءَ سان لهي ايندو هو، جو ڳالهائڻ وارو اڪثر اهو ڀلجي ويندو هو ته مون سان گفتگو ڪرڻ وارو ايڏو وڏو عالم آهي.

          دوستيءَ جو مرحوم پڪو هوندو هو. محبت سندس نس نس ۾ سمايل هئي. جتي به سندس وڃڻ ٿيندو هو ته پنهنجن سڀني واقفڪارن سان ملڻ جي ڪوشش ڪندو. لهٰذا، پشاور اچڻ جي موقعن تي مون کي پنهنجي سڪ کان ڪڏهن به محروم نه رکيائين. خود سندس مهمان نوازيءَ جو اهو عالم هو جو هڪ دفعي ڪراچيءَ جي بوري بازار ۾ اسان جي ملاقات ٿي. انهن ڏينهن ۾ آءٌ نئشنل پريس ٽرسٽ جو ٽرسٽي هوس ۽ ڪراچي اڪثر ويندو رهندو هوس. پير صاحب کي شڪايت هئي ته مون سندس گهر حاضري ڏيڻ جو شرف حاصل نه ڪيو هو. مون کي سوگهو ڪيائين. مون گسائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پير صاحب اڳيان بيوس رهيس. آءٌ حيران هئس ته ايڏي وڏي شهر ۾ رهڻ وارو شخص، جابلو قبيلن ۾ رهڻ وارن ماڻهن کان به وڌيڪ مهمان نوازيءَ لاءِ آيو هو. هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته اسان ٻئي اسلام آباد کان ساڳئي ئي جهاز ۾ ڪراچي وڃي رهيا هئاسين. پير صاحب اصرار ڪيو ته ڪراچي ايئرپورٽ تان آءٌ ساڻس گڏ هلان. مون کي رستي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن سان ملڻو هو، ان ڪري جتي جتي آءٌ رستي ۾ لهي، انهن سان ملڻ پئي ويس ته پير صاحب پنهنجي گاڏيءَ ۾، سخت اُس هوندي به منهنجو منتظر ٿي رهيو. مون کي ملڻ وارن سان جيترو به وقت ٿي لڳو، جڏهن واپس گاڏيءَ ۾ ٿي آيس ته ڇا مجال جو پير صاحب جي کلمک چهري تي بيزاريءَ جو ڪو معمولي نشان هجي! مون کي بار بار ندامت ٿي رهي هئي ته مان ايڏي وڏي هستيءَ سان ڪهڙيون بي ادبيون ڪري رهيو هئس.

          پير صاحب جي سامهون جڏهن به سياست جي موضوع تي ڪا ڳالهه نڪرندي هئي ته پاڻ نهايت ئي انڪساريءَ سان فرمائيندا هئا ته منهنجي ته لائين سياست ناهي ۽ نه ئي سياست ڄاڻان ٿو، ليڪن منهنجو ڀاءُ، جيڪو سياستدان آهي،  تنهن سان ان موضوع تي ڳالهه نڪتي ته هن هيئن  جواب ڏنو هو. اهڙن موقعن تي آءٌ سوچيندو رهندو هوس ته پير صاحب—جنهن کي سياست ۾ پڻ گهري بصيرت حاصل هئي—ڪهڙي نه سادگيءَ سان سياست جي الف- ب ڄاڻڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي ۽ ڪنهن به سياسي نقطي تي راءِ ڏيڻ جي ڪا ذميداري کڻڻ جو انڪري قائل ناهي جو اها سندس لائين ناهي. اسان جي ملڪ جا ماڻهو ڪوبه ڪم ڪندي جڏهن سياسي گفتگو ڪندا آهن ته زعم ۾ ڀرجي روسو ۽ والٽيئر کان به وڌيڪ وثوق سان ڳالهائيندا آهن! ڪاش، اسان به پير صاحب جهڙن بزرگن کان ڳالهائڻ جو ڍنگ سکي وٺون ها.

          اڄ جڏهن پير صاحب ۽ ان زماني جا ٻيا بزرگ اسان وٽ موجود ناهن، ته مون جهڙا اهي سڀيئي ماڻهو - جن کي انهن محفلن ۾ شريڪ هئڻ جا موقعا مليا هئا—يقيناَ پاڻ کي هيڪلو محسوس ڪن ٿا.

-          (سنڌيڪار: طارق عالم ابڙو)

 

ڊاڪٽر نواز علي شوق

 

منهنجو محسن، منهنجو رهبر- راشدي صاحب

 

          اسڪول جي زماني کان ئي سـﮧ ماهي مهراڻ ۽ ماهوار نئين زندگيءَ جو باقاعدگيءَ سان مطالعو ڪندو رهندو هوس. مطالعي دوران پير حسام الدين راشدي صاحب جي علمي، ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي مقالن کان تمام گهڻو متاثر ٿيندو هوس. ان دوران سندن ڪتاب پڙهڻ جو پڻ موقعو مليو، جنهن سبب اڻ ڏٺي پير صاحب لاءِ بيحد عزت، عقيدت ۽ احترام پيدا ٿيو؛ ۽ ان سان گڏ اها آس پيدا ٿي ته شال ڪو موقعو ملي ته سندن خدمت ۾ حاضر ٿي سندن صحبت مان ڪجهه فيضياب ٿيان.

          الله تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان سن 1972ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري ڪرڻ جو موقعو مليو، تڏهن پنهنجي اها پراڻي آس پوري ٿيڻ ۽ ادبي اُڃ لهڻ جي اميد پيدا ٿي. سچي ڳالهه ته مون لاءِ ان ملازمت کان وڌيڪ خوشي ان ڳالهه جي هئي، هينئر پير صاحب جي رهبريءَ ۾ لکڻ پڙهڻ جا موقعا ميسر ٿيندا.

          هڪ ڏينهن سندن جمشيد روڊ واري اڳوڻي جاءِ ”بيت الضياء“ تي ساڻن ملڻ ويس. اڳ ۾ ڪا ملاقات يا ڄاڻ سڃاڻ ڪانه هئي. دل ۾ سوين وسوسا، ته خبر ناهي ته پير صاحب جن سان ملاقات ٿي سگهندي الاجي نه! هڪ ته وڏا ماڻهو، ٻيو وري تمام گهڻو مصروف، اڳ جي سڃاڻ به ڪانه، خبر ناهي ته بنده سان ڪيئن پيش اچن. پر سندن خدمت ۾ حاضر ٿيڻ کان پوءِ سڀ وهم ۽ وسوسا دور ٿي ويا. مون کين بيحد شفيق ۽ مهربان ڏٺو. اهڙي پيار ۽ پاٻوهه سان مليا، ڄڻ ته پاڻ ۾ ڪا ورهين جي واقفيت هئي. سندن ڊگهو سهڻو قد، رعبدار جسم، ملوڪ مهانڊا، وڻندڙ آواز، خوش طبعي ۽ خلوص مون کي موهي  وڌو. نه صرف آءٌ بلڪ هر ملڻ وارو سندن ميٺ ۽ محبت ڀري شخصيت تي موهت ٿي پوندو هو.

          منڍ ۾ آءٌ وٽن مهيني ٻن کان پوءِ ويندو رهندو هوس. سندن شفقت ۽ مهربانيون ڏينهون ڏينهن وڌنديون رهيون. پوءِ هر هفتي موڪل واري ڏينهن وٽن ويندو رهندو هوس. نيٺ عقيدت ۽ محبت ان منزل تي پهچايو، جو روزانو سندن خدمت ۾ حاضر ٿيندو هوس. ڪڏهن ڪنهن مجبوريءَ سبب هڪ ڏينهن جي وٿي پئجي ويندي هئي. پر جي اتفاق سان ٻه ڏينهن ساندهه وٽن نه وڃي سگهندو هوس، ته تڪليف ڪري پاڻ بنده جي غريب خاني تي ايندا هئا ۽ اچڻ شرط چوندا هئا ته ”بابا، خير ته آهي، هيترا ڏينهن ٿي ويا آهن، تون اچين ئي ڪونه ٿو.“

          آءٌ روزانو يونيورسٽيءَ کان شهيد ملت روڊ جي مُهڙ تي پهچي، سواريءَ جو اوسيئڙو ڪندو هوس، پوءِ جيڪا سواري ملي، رڪشا، ٽيڪسي، ڪڏهن ڪا لفٽ ملي ويندي هئي. هڪ ڏينهن شام جو دستور موجب اتي بيٺو هوس ته هڪ قيدين واري گاڏي اچي منهنجي ڀرسان بيٺي. اڳيان هڪ سپاهي ويٺل هو، پٺيان گاڏيءَ کي لوهو ڄار لڳل هو. ان زماني ۾ نئون نئون مارشل لاءِ لڳل هو، تنهن ڪري آءٌ خوف کان وڃي پري ٿي بيٺس. سپاهيءَ هٿ جو اشارو ڪندي چيو ته ”اَجائو“. مون ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪيو، پر هن تمام گهڻو زور ڀريو ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۾ چيائين ته ”هل ته توکي اڳتي کڻي هلون؛ تون جتي چوندين توکي اتي لاهي ڇڏينداسون.“ ڪافي دير کان ڪا سواري نه ٿي ملي، پير صاحب جي ملڻ جو ٽائيم به ڀرجي چڪو هو، نيٺ مجبور ٿي آءٌ اچي لاريءَ ۾ ويٺس، پر دل ۾ ڏاڍو خوف ٿي رهيو هو. سپاهيءَ پڇيو ته ”توهان پوليس کان ايترو ڇو ڊڄندا آهيو؟“ کيس چيم ته ”هر شريف ماڻهو پوليس کان ڇرڪندو آهي؟“. ”پر آءٌ ته تنهنجي ڀلي خاطر توکي سڏي رهيو هوس“ هن چيو.

          پنڌ تمام ويجهو هو، تنهن ڪري جلد ئي الحمرا واري گليءَ جي سامهون مون کين گاڏي روڪڻ لاءِ چيو. گاڏي بيٺي ته آءٌ سندن شڪريو ادا ڪندي، هڪدم گاڏيءَ مان لٿس، خوف ختم ٿيو ۽ آءٌ ڌڻيءَ جا شڪرانا مڃيندي، اچي سائين جن جي گهر پهتس.

          ڪڏهن ائين به ٿيندو هو ته ڀاڙي جيترا پئسا به نه هوندا هئا. ان حالت ۾ شهيد ملت روڊ کان الحمرا ۽ الحمرا کان شهيد ملت ڪنهن نه ڪنهن لفٽ ذريعي پهچندو هوس.

          مون کي ان ڳالهه تي بيحد خوشي ۽ فخر حاصل آهي ته مون سندن رهبريءَ هيٺ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ سالن جا سال سندن صحبت ۾ رهيس. سندن قداور شخصيت بابت مون جهڙو هڪ ڄامڙو ڇا ٿو لکي سگهي؟ سندن علمي ۽ ادبي خدمتن جو احاطو ڪرڻ پڻ منهنجي وس ۾ نه آهي. جيئن چوندا آهن ته ”ڪاڏي پيران پير، ڪاڏي ڇُٽو فقير“، ان چواڻي سندن باڪمال شخصيت آڏو آءٌ ڪجهه به نه آهيان. بهرحال، ساڻن گڏ جيڪو وقت گذاريو اٿم، تنهن جون ڪي يادگيريون پڙهندڙن آڏو پيش ڪري رهيو آهيان.

ٽي سوال:

جيئن ته بنده راقم الحروف روزانو وٽن ويندو رهندو هو؛ پاڻ هر روز ٽي سوال ضرور پڇندا هئا، جي هن ريت آهن:

1. اڄ ڪلهه ڇا پيو لکين؟

2. اڄ ڪلهه ڇا پيو پڙهين؟

3. ڪهڙا نوان ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيا آهن ۽ تو ڪهڙا ڪتاب خريد ڪيا آهن؟

          پهرين سوال جو جواب ائين ڏيڻ ته ”ڪجهه نه ٿو لکان“ مون لاءِ ڏکي ڳالهه هئي. تنهن ڪري ڪجهه نه ڪجهه لکندو رهندو هوس ۽ کين ٻڌائيندو هوس ته هن عنوان تي هن نموني لکي رهيو آهيان. جيڪڏهن کين ڳالهه وڻندي هئي ته خوش ٿيندا هئا ۽ ان بابت مفيد مشورا ڏيندا هئا ۽ ٻي ممڪن علمي مدد ڪندا هئا. پر جيڪڏهن کين ڳالهه نه وڻندي هئي؛ ته هڪدم چوندا هئا ته ”بابا، ان مان ڪهڙو فائدو، فضول لکڻ ڇڏي ڏي“. پوءِ آءٌ ان موضوع تي لکڻ ڇڏي ڏيندو هوس. ٻئي نمبر سوال جو سٺو جواب ڏيڻ خاطر ڪجهه نه ڪجهه پڙهندو رهندو هوس. ٽئين نمبر سوال جو سهڻو جواب ڏيڻ خاطر ڪتابن جي دڪانن تي چڪر ڏيڻ ۽ ڪجهه نه ڪجهه ڪتاب خريد ڪرڻ ضروري سمجهندو هوس. انهن ٽنهي سوالن جي جواب سبب مون ۾ لکڻ پڙهڻ جو وڌيڪ شوق پيدا ٿيو ۽ ذاتي لائبرريءَ ۾ گهڻن ئي ڪتابن جو واڌارو ٿيو.

          نهايت افسوس جي ڳالهه آهي ته اڄ چار دوست ڪنهن هنڌ گڏ ٿين ٿا ته ڏٺو ويو آهي ته هو گهڻو ڪري علمي ۽ ادبي گفتگو بجاءِ ڪنهن نه ڪنهن جي غيبت ڪن ٿا. ائين علمي ادبي ڪم وڌڻ بجاءَ دلين ۾ ويڇا وڌندا رهن ٿا. اڄ اهي انسان ڪٿي، جي اديبن جا اختلاف دور ڪري، پاڻ ۾ کين کير کنڊ ڪري ڇڏين. اڄ اهڙيون هستيون ڪٿي، جتي هر وقت علمي ادبي محفلون متل هجن. اهي ماڳ ڪٿي، جتي دنيا جي وڏن وڏن اديبن، شاعرن ۽ عالمن سان ملڻ جا موقعا ميسر ٿين.

اڄ نه اوطاقن ۾، سندي جوڳين ذات.

لکڻ، پڙهڻ ۽ قربائتيون ڪچهريون:

          پير صاحب جن هميشه وڏي اَسُر جو اٿندا هئا. چانهن بسڪوٽ جي نيرن ڪري، لکڻ پڙهڻ جي ڪم کي لڳي ويندا هئا.  نائين لڳي اتان اٿي، وهنجي سهنجي چانهن بسڪوٽ کائي وري تصنيف تاليف جي ڪم کي لڳي ويندا هئا. اهو سندن روز جو معمول هوندو هو اهڙي ريت پاڻ روزانو ٽيهه- چاليهه صفحا ضرور لکندا هئا. جڏهن کين بيماري وڪوڙي وئي ته ان حالت ۾ به لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڇڏي نه ڏنائيون، منجهند تائين پنهنجي لائبرريءَ ۾ ويٺا رهندا هئا. لکڻ پڙهڻ جو ڪم به ٿيندو رهندو هو ته آئي وئي سان ڪچهري به ڪندا رهندا هئا. وٽن اديب، عالم، شاعر، صحافي، دوست، واقف ڪار، شاگرد ۽ ڪي ڪم ڪار وارا ايندا رهندا هئا. هر ڪنهن سان پيار ۽ پاٻوهه سان ملندا هئا.

          سندن محفل ۾ فضول ڳالهيون نه پر سدائين ڪم جون ڳالهيون ٿينديون هيون. ڪنهن سواليءَ کي خالي نه موٽائيندا هئا. هر ڪنهن سان ڀلائيءَ جا ڀيرا ڪيائون. هر ڪنهن تي ٿورا ڪيائون، ڪيترن ئي شخصن کي نوازيائون. ڪن کي ادارن مان علمي ادبي ڪم ڏياري سندن مالي مشڪلون دور ڪيائون، ته ڪن کي سٺيون نوڪريون وٺرائي ڏنائون. مطلب ته هر ڪنهن سان نيڪي ۽ ڀلائي ڪيائون ۽ فائدو ئي فائدو پهچايائون. ڪنهن کي به نقصان نه پهچايائون.

بامقصد تقريرون

          علمي ۽ ادبي جلسن ۾ اڪثر کين صدارت جا فرائض سونپيا ويندا هئا. اهي تقريرون اسان جو املهه خزانو آهن. ڪاش اهي سڀ محفوظ هجن. پنهنجي تقريرن ۾ سهڻيون صلاحون، مفيد مشورا ۽ بامقصد پروگرام ٺاهڻ ۽ علمي ادبي ڪمن ڪرڻ جون صلاحون ڏيندا رهندا هئا، جي وڏي رهبري ۽ رهنمائي جو باعث بنجنديون هيون.

          1978ع ۾ سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچي يونيورسٽي پاران شاهه لطيف جو ڏينهن ملهايو ويو هو. ان جلسي جي صدارت سائين جن ڪئي هئي. ان موقعي تي شاهه لطيف جي فڪر ۽ پيغام بابت تقرير ڪندي ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاهه لطيف ريسرچ انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ ۽ شاهه جي رسالي جي ”ڏسڻي“ تيار ڪرڻ جون سهڻيون صلاحون ڏنيون هئائون. سندن ذاتي دلچسپي سبب شاهه لطيف ريسرچ انسٽيٽيوٽ جا ڪاغذي مرحلا جلد ئي طئي ٿي ويا. هڪ- ٻه گڏجاڻيون پڻ ٿيون. عمارت جا نقشا ٺهي ويا، تخمينا به تيار ٿي ويا، پر افسوس جو انتظاميه جي بي توجهي ۽ مالي مشڪلاتن سبب اهو ادارو سندن حياتيءَ ۾ باقاعده وجود ۾ نه اچي سگهيو. بهرحال، سنڌي شعبي جي استادن ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شاگردن جون ڪوششون جاري آهن، انشاء الله سائين جن جو اهو رٿيل پروگرام هڪ ڏينهن ضرور سندن اميدن مطابق عمل ۾ ايندو.

          سائين جن جي ان ڏينهن واري تقرير کان متاثر ٿي هڪ دوست محترم لطف الله اڄڻ شاهه سائينءَ جي مختلف رسالن جي ”ڏسڻي“ تيار ڪرڻ شروع ڪئي. ان سلسلي ۾ مون سان صلاح مشورو ڪرڻ آيو. مون کيس صلاح ڏني ته ان بابت سائين حسام الدين راشدي صاحب سان صلاح مشورو ڪرڻ گهرجي.

          نيٺ 2 جنوري 1981ع جمع ڏينهن لطف الله اڄڻ ۽ آءٌ سائين جن جي خدمت ۾ حاضر ٿياسون. اڄڻ ”ڏسڻي“ متعلق ان وقت تائين تيار ٿيل ڪم سندن آڏو رکيو. پاڻ بيحد خوش ٿيا. کيس صلاح ڏنائون ته في الحال وڃي مختلف ڪتابن جي ”ڏسڻي“ ڏس. ڪجهه ڏينهن بعد پنهنجي گهر ماهرن جي ميٽنگ سڏارايائون. ان گڏجاڻيءَ ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جو لائبرين، محترم محمد ابراهيم جويو صاحب، محترم سراج الحق ميمڻ، محترم حميد آخوند، محترم ممتاز مرزا ۽ بنده راقم الحروف شامل هئا. گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ هڪ بهترين نمونو رٿيو ويو. اڄڻ هڪدم ڪم شروع ڪري ڏنو. ڪجهه وقت کان پوءِ سائين جن جي ارشاد موجب محمد ابراهيم جويي صاحب ۽ راقم الحروف لطف الله اڄڻ جي گهر وڃي، سندس ڪم جي چڪاس ڪئي. اسان ٻئي سندس ڪم کان متاثر ٿياسون. جويي صاحب سائين جن کي سڄي حقيقت ٻڌائي ته اڄڻ تمام سهڻي نموني ڪم ڪري رهيو آهي. اهو ٻڌي پاڻ بيحد خوش ٿيا. لطف الله اڄڻ پنهنجي ڪم ۾ ڏينهن رات مصروف آهي، اميد آهي ته هو سال ڏيڍ اندر اهو ڪم پورو ڪري وٺندو. سندس ڪتاب سنڌ سرڪار جي ثقافتي کاتي پاران ڇپرايو ويندو.

وقت جو قدر:

          پير صاحب سڄي زندگي منظم نموني گذاري. لکڻ پڙهڻ جا وقت مقرر، ماني کائڻ ۽ آرام ڪرڻ جا وقت مقرر ۽ انهن تي پابند رهڻ. پنهنجو وقت ڪڏهن به اجايو نه وڃايائون. کين وقت جو تمام گهڻو قدر هو. وقت جو ايڏو قدر مون هن وقت تائين ڪنهن به شخص ۾ ڪونه ڏٺو آهي.

          هڪ ڀيري هڪ دوست ستايو ته  سندس ڀيڻ پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ گهري ٿي، پير صاحب سان ملاقات ڪرايو ۽ کين گذارش ڪريو ته اديءَ جو پي. ايڇ. ڊي ۾ گائيڊ ٿيڻ قبول ڪن. مون گهڻوئي لنوايو، پر هو همراهه صفا مڇڏ ٿي بيٺو. نيٺ هڪ ڏينهن کين پير صاحب وٽ وٺي ويس. پير صاحب مائيءَ کان پڇيو ته ”هن وقت تائين ڇا ڇا لکيو اٿيئي؟“ مائي ڪجهه لکيو ئي نه هو، تنهنڪري جواب ڏنائين ته ”ڪجهه به نه.“ ان بعد سائين جن پڇيس ته ”ڀلا ڪهڙا ڪتاب پڙهيا اٿيئي؟“ مائيءَ ٻن ٽن ڪتابن جا نالا کنيا. پير صاحب هڪدم چيس ته ”اهي ضرور ڪورس ۾ رکيل هوندا.“ واقعي اهي بي. اي جي ڪورس جا ڪتاب هئا. سائين جن وري کانئس پڇيو ته ”ذاتي لائبريري ٺاهي اٿيئي؟“ ”نه.“ مائي شرمساريءَ کان جواب ڏنو. تنهن تي پير صاحب کيس چيو ته ”پهرين وڃي ذاتي لائبريري ٺاهه، ڪتاب پڙهي ڪجهه مضمون لکي ڇپراءِ، پوءِ مون وٽ اچ.“

          جڏهن هو ٻئي موڪلائي هليا ويا ته ان بعد پير صاحب مون تي ناراض ٿيو ۽ سختيءَ سان چيائين ته ”فضول ماڻهو مون وٽ وٺي نه ايندو ڪر، منهنجو قيمتي وقت ضايع نه ڪندو ڪر.“

          مائيءَ کان ايترا مرحلا طئي ٿي سگهڻ مشڪل ڳالهه هئي، تنهنڪري سندس ڀاءُ وري مون سان پي. ايڇ. ڊي جي ڳالهه ٻولهه نه ڪئي ۽ نه وري آءٌ وٽن ڪو ٻيو پي. ايڇ. ڊي جو اميدوار وٺي ويس.

وصيت ۽ نصيحت:

          يونيورسٽين ۾ ڪنهن زماني ۾ اهو قانون هوندو هو ته شعبي جي چيئرمني واري پڳ ٽن استادن ۾ بدلجندي رهندي هئي. محترم اياز قادريءَ کان پوءِ اها پڳ منهنجي حصي ۾ آئي. اسان جي سنڌي شعبي ۾ هڪ ليڪچرر جي جڳهه خالي ٿي. ڪيترن ئي اميدوارن درخواستون ڪيون. مون وٽ دوستن ۽ ساٿين جون سفارشون اچڻ لڳيون. هڪ دوست جي ڀيڻ پڻ اميدوار هئي، تنهنڪري ان ڏاڍو ستايو. مون کيس چيو ته ”انٽرويو ۾ پير صاحب جن ماهر جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيندا. جيڪي راءِ پير صاحب جي هوندي، آءٌ ان راءِ سان شامل ٿيندس.“ هن دوست زور ڀريو ته گڏجي هلي پير صاحب کي گذارش ڪريون. دوست جي ڳالهه ٽاري نه سگهيس. نيٺ ٻئي پير صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿياسون. پير صاحب کي ساري حقيقت عرض ڪيم. سائين ان دوست جي روبرو ته سٺو دلاسو ڏنو، پر جڏهن منهنجو دوست موڪلائي هليو ويو، ته مون کي نصيحت ڪندي فرمايائون ته ”هيءَ منهنجي ’وصيت ۽ نصيحت‘ اٿيئي ته علمي معاملن ۾ دوستي ۽ سفارش موجب هرگز نه هلجانءِ. هونءَ دوستن کي کاراءِ پيار ۽ کين ٻيا مالي فائدا ڀلي پهچاءِ، پر علمي ادارن ۾ هڪ لائق شخص آڻڻ جي ڪوشش ڪجانءِ. سڀاڻي انٽرويو آهي، ڏسندس ته جيڪو اميدوار لائق هوندو، ان جي سفارش ڪندس. جيڪڏهن تنهنجي دوست جي ڀيڻ ليڪچراريءَ جي لائق نظر آئي ته ان لاءِ سفارش ڪندس، نه ته هرگز نه ڪندس.“

          انٽرويو واري ڏينهن جڏهن پير صاحب ڪمري ۾ آيو ته ان وقت جو وائيس چانسلر، جيڪو پير صاحب لاءِ منتظر ويٺو هو، تنهن پير صاحب کي هڪ ٻئي ڪمري ۾ وٺي وڃي ڪجهه سفارش ڪئي. بعد ۾ پير صاحب ٻڌايو ته وائيس چانسلر کيس هڪ اميدوار جي حق ۾ راءِ ڏيڻ لاءِ چيو ۽ اهو به چيائين ته ”اڄ صبح جو ان اميدوار جي چونڊجڻ لاءِ وزير صاحب جي فون پڻ آئي آهي.“ تنهن تي پير صاحب کيس چيو ته ”وزير سڀني جا خيرخواهه آهن، توهان هن اداري جا سربراهه آهيو، هي علمي ادارو آهي هن ۾ لائق ماڻهو اچڻ گهرجن، هتي سفارش نه ٻڌڻ گهرجي.“ پير صاحب کيس صاف صاف چئي ڇڏيو ته ”هو ڪابه گذارش يا سفارش ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. هو صرف ان اميدوار جي حق ۾ راءِ ڏيندو، جيڪو ان جو اهل هوندو.“ جيڪڏهن پير صاحب جي هن اصول تي عمل ڪيو وڃي، ته يقيناَ علمي ادارن جو مانُ مٿانهون ٿي وڃي پر افسوس جو اڄڪلهه سفارش تي ڪم ٿي رهيا آهن تنهنڪري علمي ادارن ۾ ڪم ڪرڻ وارا ۽ قابل ماڻهو گهٽ نظر ايندا.

علمي ۽ ادبي ادارن سان عشق:

علمي ۽ ادبي سنڌي ادبي ادارن بورڊ ۽ سنڌ الاجيءَ سان کين عشق جي حد تائين دلچسپي هئي. پاڻ ٻنهي ادارن جي بانين مان هئا، ان ڪري انهن جي ترقي ۽ ترويج لاءِ گهڻو خواهشمند رهندا هئا ۽ انهن جي رهبري ۽ رهنمائي ڪندا رهندا هئا. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سچل اڪيڊمي ۽ ٻيا علمي ادبي ادارا سندن ئي ڪوشش ۽ دلچسپيءَ سبب قائم ٿيا. ظاهر آهي ته جڏهن انهن علمي ادبي ادران ۾ سندن اميدن مطابق ڪم نه ٿيندو هجي، ته پوءِ کين ڪجهه ڏک به ٿيندو هو. اهوئي سبب آهي، جو ڪڏهن ڪڏهن انهن ادارن تي پنهنجائپ ۽ محبت مان تعميري تنقيد پڻ ڪندا هئا. پاڻ ڪيترين ئي علمي ادبي انجمنن جا باني ۽ روح روان هئا. بيحد زوربار ۽ منٿ ميڙ ڪرڻ جي باوجود ڪڏهن به ڪو وڏو عهدو قبول نه ڪيائون. سندن خداداد صلاحيتن، محبت ۽ دلچسپيءَ سبب انهن ادارن ۾ گهڻائي اهم ۽ تاريخي علمي ادبي ڪارناما مڪمل ٿيا.

_________________

نوٽ: محترم جميل الدين عالي جي، پير صاحب بابت اها والهانه گفتگو، جنگ ۾، سندس ڪالم ۾ شايع ٿي. هِت، شڪريي سان،ا ن جو سنڌي ترجمو پيش ڪجي ٿو.

 نوٽ: اداري جي گذارش تي خٽڪ صاحب اهو مضمون، هن خصوصي نمبر لاءِ لکي موڪليو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com