پروفيسر ڊاڪٽر سيد عبد الله
¢
صاحب فضيلت _ حسام الدين راشدي
پير حسام الدين راشدي، هن صديءَ جي انهن فضلاء مان هو، جن کي
ڪثير الفضائل چئي سگهجي ٿو. عربي، فارسي، سنڌي،
اردو ۽ انگريزيءَ ۾ هن ادب جو جهجهو سرمايو پيدا
ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه ۾ خاص توجهه جي لائق اهو نقطو
آهي جو پير صاحب زماني جي مروجه رسمي تعليم جي
حاصلات لاءِ ڪنهن به مدرسي يا ڪاليج سان با ضابطه
رابطو پيدا نه ڪيو. هن جيڪي ڪجهه حاصل ڪيو اهو گهر
۾ ۽ بزرگن جي فيض وارين نظرن کان حاصل ڪيو تعليم
وتربيت جي اهڙي نجي انتظام جي باوجود سندس ملڻ
وارن کي ڪڏهن به اهو محسوس نه ٿيو ته هو اڪتساب
کان محروم آهي، جيڪو ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهيل
ماڻهو پنهنجي لاءِ مخصوص ۽ لازم سمجهندا آهن ان
ڪمال ۾، انهيءَ اهتمام يقيناً حصو ورتو هوندو،
جيڪو سندس تعليم و تربيت لاءِ خاص طرح ڪيو ويو
هوندو ۽ سندس فطري ذهانت و استعداد ۽ محنت به ان ۾
ججهي انداز ۾ حصيدار رهي هوندي.
مون کي هن مضمون جي شروع ۾ مرحوم سان پنهنجي ذاتي رابطي جو ذڪر
ڪري پوءِ ٻين پهلوئن طرف ڌيان ڏيڻ کپي.
پير صاحب مرحوم جو ذڪر ته مون ان زماني ۾ ٻڌو هو جڏهن هو 1930ع
۾ ”سنڌ زميندار“ سکر جو ايڊيٽر مقرر ٿيو هو.
انهيءَ زماني ۾ مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي، مولانا
غلام رسول مهر ۽ مولانا عبدالمجيد سالڪ سان اخبار
”انقلاب“ جي آفيس ۾ ملڻ ايندو رهندو هو ۽ ڳالهين
دوران فهميدي ۽ صلاحيتمند نوجوان حسام الدين راشدي
جو ذڪر ڪندو رهندو هو. انهن مجلسن ۾ ان اختلاف جو
پڻ ڪجهه تذڪرو ٿيندو رهندو هو جو ان وقت سنڌ جي
سياست ۾ بحث و مناظره جو موضوع هو. ليڪن شيخ
عبدالمجيد هن نوجوان جي ذهانت ۽ لياقت جو وڏو
معترف ۽ مداح هو.
راشدي صاحب سان منهنجي ڏيٺ ويٺ 1958ع ۾ انهيءَ سال قائم ٿيڻ
واري هڪ اداري ”ترقيء اردو بورڊ“ جيڪو هاڻي اردو
لغت بورڊ سڏجي ٿو) ۾ ٿي. اڳ ۾ ڄاڻ سڃاڻ ڪانه هئي،
ليڪن آءٌ سندس قابليت، استدلال ۽ علميت کان گهڻو
متاثر ٿيس. بعد ۾ ساڳئي اداري جي ميٽنگ ۾ ساڻس ميل
جول دوران هڪ طرح سان تعلقات پيدا ٿي ويا، جن جو
سلسلو سندس وفات 1962ع تائين قائم رهيو. منهنجي
لاءِ اها ڳالهه ذڪر جي قابل ۽ فخر جي لائق آهي جو
پاڻ بنده عاجز جي قدر دانن مان هئا.
منهنجي ۽ پير صاحب جي درميان نقطه نظر جو معمولي اختلاف به
رهيو، مر ان تفاوت محبت ۾ ڪڏهن به فرق اچڻ نه
ڏنو، ڇو ته سندس علميت ۽ شرافت جو مان دل جي
گهراين سان معترف ۽ معتقد هوس ۽ پاڻ منهنجي
عاجزانه خدمتن کي قدر جي نظر سان ڏسندا هئا ۽
چوندا هئا ته ڊاڪٽر مولوي محمد شفيع ۽ پروفيسر
شيراني جي مسند جو حقيقي جانشين تون آهين ليڪن
عربي ۽ فارسي کان وڌيڪ اردو جو ٿي ويو آهين. ٻئي
طرف منهنجي مجبوري اها هئي جو آءٌ بنيادي طرح سان
عربي ۽ فارسي سان متعلق هئڻ ۽ انهن زبانن ۾ تحرير
۽ تحقيق جو قابل توجهه سرمايو پيدا ڪرڻ جي باوجود،
حالتن جي جبر جي ڪري اردوءَ جو استاد مقرر ٿيس.
لهذا اگرچه آءٌ آخرين وقت تائين عربي ۽ فارسي جي
تدريس ۾ شريڪ ته رهيس ليڪن منصبي فرض منهنجي مٿان
حقيقت ۾ اردوءَ جا ئي هئا، جن جي ذميداري منهنجي
ڪلهن تي هئي ۽ منهنجو خيال آهي ته مون اهي
ذميداريون پوري ديانتداريءَ سان ادا ڪيون.
بهر حال پير صاحب کي اها محبت آميز شڪايت هئي ته تو عربي ۽
فارسي تان ڌيان هٽائي ڇڏيو آهي، حالانڪه اهو هڪ
فطري عمل هو. ۽ وري عربي _ فارسي جي تدريس ۽ فروغ
وارو ڪم مون ڪڏهن صفا ڇڏي به ڪونه ڏنو. پير صاحب
انهن حقيقتن کان پوري طرح واقف هو. اهو ئي سبب هو،
جو محبت ۽ شفقت جا تعلقات هميشه جاري رکيائون
۽جڏهن آءٌ اورينٽل ڪاليج لاهور کان ادارهء اردو
دائرهء معارف اسلاميه ۾ چيئرمن بنجي آيس ته آخري
وقت تائين ان منصوبي جي تائيد ۽ منهنجي قدر داني
(عزت افزائي) ڪندا رهيا. چناچه منهنجي زماني ۾
اردو دائرهء معارف اسلاميه بابت پاڻ لکيائون:
”دائرهء المعارف ملندو رهي ٿو. ڏسي ۽ ان مان استفادو ڪري توهان
جي لاءِ دل مان دعائون نڪرنديون رهن ٿيون. پاڪستان
جي ستاويهن سالن جي عرصي ۾ فقط اهو ئي هڪ ڪم
سنجيده، پاڪيزه، دائم رهڻ وارو ۽ علمي طور تي اسان
سڀني کي زنده رکڻ وارو ٿيو آهي. خدا ڪري ته جلد
خير خوبي سان پورو ٿئي.“
انهن چئن سٽن ۾ گهڻو ڪجهه فرمايو اٿن. منهنجي عزت افزائي ۽
اعتراف ته هڪ طرف ان عبارت ۾ پاڪستان جي ٺهڻ کان
پوءِ وارن علمي تهذيبي ۽ تحقيقي ڪمن جي معيار
بندي، دائره معارف جي علمي حيثيت ۽ تهذيبي رتبي ۽
ملڪ واسين لاءِ لمحهء فڪر موجود آهي.
محبت هجي ته اهڙي قدرافزائي هجي ته اهڙي علم دوستي هجي ته
اهڙي.. هي شائستگي انهن جو ئي خاصو هوندو آهي، جن
کي ڪريم ابن ڪريم ابن ڪريم هجڻ جو شرف حاصل هجي. ۽
ان شرف جو اظهار انهن واسطن ۽ لاڳاپن مان ۽ ان
سلوڪ مان پڻ بکي رهيو آهي، جو پير صاحب طرفان
انجمن ترقيءَ اردو ڪراچيءَ جي مسئلن ۽ معاملن ۾
بابا اردو مولوي عبدالحق جي تائيد ۽ حمايت جي صورت
۾ ظاهر ٿيندو رهيو.
مرحوم پير صاحب بابا اردو جو دست راست ۽ انجمن ترقيء اردو ڪراچي
جو مضبوط حامي هو. حالانڪ مقامي ۽ صوبائي مسئلن جي
حوالي سان پير صاحب سنڌي زبان جي سياسي حقن جي
بنيادي علمبردارن ۾ شمار ڪيو ويندو هو ۽ بعض
سرڪاري يا غير سرڪاري ميٽنگن ۾ پاڪستانيت ۽ قوميت
جي باري ۾ سندس خيالن جي اظهار سان ڪجهه ماڻهن کي
شڪايتون پڻ رهنديون هيون، ليڪن هن انجمن ترقيء
اردو ڪراچيءَ جي تائيد ۽ حمايت جاري رکي چناچه هو
رساله ”اردو“ ڪراچي جي مجلس ادارت ۾ آخري وقت
تائين شريڪ رهيو ۽ انجمن جي انتظاميه جي هڪ اهم
رڪن هجڻ جو شرف پڻ پڇاڙيءَ تائين حاصل رهيس. ان
کان علاوه پاڪستان جي تقريباً هر مکيه تحقيقي ۽
علمي اداري جو رڪن رهيو، سندس گفتگو کي هر هنڌ قدر
جي نظر سان ڏٺو ويندو هو، اهو ئي سبب هو جو هر
حڪومت جي دور ۾ کيس اعتراف جي سند ملندي رهي.
پير صاحب جا تحقيقي ڪم پڻ گهڻا آهن ۽ علمي مسافرين جي روداد پڻ
ڪافي ڊگهي آهي. پاڻ پاڪستان جي هر مکيه ۽ وڏي علمي
۽ تهذيبي وفد ۾ شامل رهيا ۽ بعض وفدن جي تشڪيل ۾
سندن موجودگي نهايت ضروري تصور ڪئي ويندي هئي.
انهيءَ ڳالهه مان سندس اثر و رسوخ، تدبير و تدبر ۽
علم و فضل جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. مگر ان موضوع
تي اهوئي ماڻهو بهتر خيال آرائي ڪري سگهي ٿو، جنهن
اهڙا موقعا اکين سان ڏٺا هجن، هي عاجز ان معاملي ۾
هميشه صيغهء غائب رهيو آهي.
منهنجي نظر ۾ پير صاحب مرحوم جي زندگيءَ جا اهي ذاتي تعلقات جي
روداد وارا پهلو ثانوي حيثيت رکن ٿا ۽ پڻ سندس
سفارتي ۽ سياحتي ڪارناما منهنجي ضمني معلومات آهن.
اصل ڪم جنهن پير صاحب کي دائمي حيات بخشي ڇڏي آهي،
اهو سندس علمي ۽ تحقيقي ڪمال آهي، جنهن جو ڳاڻيٽو
اسان سڀني لاءِ قابل فخر به آهي ۽ قابل رشڪ پڻ.
پير صاحب مقالا به لکيا، طبعزاد ڪتاب پڻ تيار ڪيا ۽ قديم علمي
نسخن کي ايڊٽ ڪري حواشي ۽ تعليقات، مقدمن ۽ اضافن
سان معياري ۽ مايه دار بنائي شايع ڪيا. سندس گهڻو
ڪم فارسيءَ ۾ ۽ سنڌ جي تاريخ ۽ زبان و ادب متعلق
آهي.
ميرعلي شير ”قانع“ ٺٽوي جو مقالات الشعراء ۽ ان جو تڪمله (مرتب
خليل ٺٽوي) ان کان سواءِ ميرڪ يوسف جي تاريخ مظهر
شاهجهاني، تذڪره روضة السلاطين مرتبه فخري هروي ۽
ساڳئي مصنف جو تذڪرو جواهر العجائب نهايت قيمتي
ڪتاب آهن، جي راشدي صاحب جي تصحيح کان پوءِ سنڌي
ادبي بورڊ شايع ڪيا آهن انهن مان ميرڪ يوسف جي
تاريخ مظهر شاهجهاني (جنهن جو هڪ قلمي نسخو پنجاب
يونيورسٽي لئبرريءَ ۾ آهي) نهايت اهم ڪتاب آهي،
جنهن ۾ شاهجهان جي عهد بابت گهڻو قيمتي مواد سمايل
آهي. پير صاحب ان ڪتاب کي وڏي عرقريزي ۽ محنت سان
شايع ڪيو آهي.
ٻين فارسي ڪتابن ۾ ٺٽي جي عالمن ۽ مشاهيرن ۽ ٺٽي بابت تاريخي
معلومات جا بيش بها ذخيرا موجود آهن. هي اهو شهر
آهي، جيڪو مسلم حڪومت جي زماني جي شروعات کان ئي
وڏي علمي ۽ تهذيبي اهميت جو مالڪ رهيو آهي. راشدي
صاحب انهيءَ سبب سان ٺٽي کي پنهنجي توجهه جو مرڪز
بڻايو ۽ هتي جي فاضلن ۽ انهن جي ڪتابن تي ڪم ڪيو.
قانع ٺٽوي جو قصائد و مثنويات، عطا ٺٽوي جو
مثنويات هشت بهشت، مير محمد ٺٽوي جو تاريخ ترخان
نامه، عبد القادر ٺٽوي جو حديقة الاولياء، تذڪره
مشاهير سيوستان، فارسي زبان ۾ انهن ڪتابن کان
سواءِ تذڪره شعراء ڪشمير چئن جلدن ۾، اردو ۾ هفت
مقاله، دود چراغ محفل، ميرزا غازي بيگ ترخان اور
اس کي بزم ادب ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا پير
صاحب مرحوم جو قيمتي ورثو آهن، جو هاڻي اسان وٽ
ڇپيل موجود آهن.
پير صاحب مجلسي زندگيءَ ۾ باغ و بهار شخص هو ۽ سندس قومي ۽
اجتماعي مصروفيتن جي گهڻائي هئي. انهن حالتن ۾،
حيرت ٿئي ٿي ته پير صاحب ايترو وسيع علمي ۽ تحقيقي
ڪم ڪيئن ڪيو آهي! ان ڳالهه مان سندس سليقي ۽
شائستگيءَ جو پتو پوي ٿو ته هو زندگيءَ کي ڪامياب
بنائڻ جو فن ڄاڻندو هو. پاڻ تقرير پڻ بهترين ڪري
سگهندو هو، سندس تقرير ۾ برجستگي، اثر ۽ علم جو
ڀنڊار هوندو هو. هو قديم تهذيب جو دلداده هو.
وضعداري، تعلقات نباهڻ ۽ انهن جي رکوالي ڪرڻ هڪ
اهڙي وصف هئي، جنهن سندس شخصيت کي به وڌيڪ محبوب ۽
هر دلعزيز بنائي ڇڏيو هو.
خدا بخشلآ بيشمار خوبيان تهين مرنلآ واللآ مين.
_ (سنڌيڪار: نفيس احمد شيخ)
ڊاڪٽر رياض الاسلام
¢
پير حسام الدين راشدي _ بيت الضياء کان الحمرا تائين
1953ع جي شروعات جو زمانو هو. مون ڪجهه مهينا اڳ محڪمه آرڪائيوز
۾ ڊپٽي ڊئريڪٽر جو عهدو سنڀاليو هو ۽ ڪتابن جو
شعبو پڻ منهنجي حوالي هو. هڪ قومي لئبرريءَ جا
بنياد وڌا پئي ويا. وزارت تعليم ڪتابن جي چونڊ
لاءِ هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي هئي، جنهن ۾ ٻين سان گڏ،
ڊاڪٽر اختر حسين راءِ پوري، ممتاز حسن صاحب، ڊاڪٽر
غلام محي الدين صوفي ۽ سيد حسام الدين راشدي صاحب
پڻ شريڪ هئا. پيرصاحب جي نالي کان ته آءٌ واقف
هئس ليڪن ساڻس پهرين ملاقات ڪميٽي جي پهرئين اجلاس
۾ ٿي. ميٽنگ ۾ پير صاحب جو انداز نهايت سنجيده ۽
پر متانت هو. پاڻ جنهن به ڪتاب جي باري ۾ پنهنجي
راءِ ظاهر ٿي ڪيائون ته ان جا سمورا تفصيل، اڳيان
پويان ايڊيشن ۽ انهن جا اختلافات، سڀئي موضوع،
سندس گفتگو ۾ شامل هئا. هيءَ پهرين ملاقات اگرچه
دفتري ماحول ۾ ٿي، مگر ان جو اثر نهايت خوشگوار
رهيو. پير صاحب جي ذاتي وجاهت، وڻندڙ لباس، خوش
ڪلامي، تعلقات ۾ گرم دلي ۽ ڪشاده قلبي مون کي ستت
ئي سندس گرويدو بنائي ڇڏيو. پوءِ جڏهن سندس جمشيد
روڊ واري بنگلي ”بيت الضياء“ تي حاضري ڏيڻ جو
سلسلو شروع ٿيو، ته سندس مهمان نوازي تواضع ۽ محبت
ڏٺم، سندس لئبرريءَ مان علمي فائدن وٺڻ جا موقعا
مليا ۽ سندس علم جي گهرائيءَ جو اندازو ٿيو.
ڪراچي 1952ع ۾ ننڍو شهر هو، جنهن ۾ بزار هئا، دڪان هئا، بنگلا
هئا، آفيسون هيون، جهوپڙيون هيون، ليڪن علم ۽ ڪلچر
جي معاملي ۾ ائين هو، جيئن وارياسي ۾ ڪٿي ڪٿي
پاڻهي اڀرندڙ ٻوٽا نسري ايندا هجن.
اهڙيءَ غير ثقافتي ماحول ۾ پير صاحب جو وجود سندس گهر ۽ ڪتب
خانو هڪ وڏي رڻ پٽ ۾، مختصر ساوڪ سبزي کان ڪنهن پر
گهٽ نه هو. انهيءَ زماني جي ڪهڙي ڳالهه، جڏهن ويهن
ورهين کان پوءِ ڪراچي ڪاليجن سان ڀرجي ويو ۽ ڪراچي
يونيورسٽسي ۽ ان جي لئبرري به ترقي ورتي، ان وقت
به اڪثر ائين ٿيو جو يونيورسٽيءَ جي لئبرريءَ ۾
ڳولا ڦولا ڪرڻ کان پوءِ به گهربل ڪتاب ميس نه ٿيا
ته پير صاحب جي علم ڪده تي حاضر ٿيڻ جي دير هوندي
هئي ۽ ضرورت جي پورائي ٿي ويئي.
بيت الضياء ۾ پير صاحب جي ويهڻ جي جاءِ ۽ ڪم ڪرڻ جي سيٽ هڪ ڪمرو
هو، جنهن جون ديوارون، ڪتابن سان ڀريل ڪٻٽن سان
ڍڪيل هونديون هيون فرش کان وٺي ڇن تائين ڪاٺ
جاڪيٻٽ هوندا هئا ۽ ڪٻٽن جي مٿين حصن مان ڪتاب ڪڍڻ
لاءِ هڪ ننڍي ڪاٺائين ڏاڪڻ، ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ رکي
پئي هوندي هئي. پير صاحب کي هر ڪتاب جي جاءِ معلوم
هئي. ائين تمام گهٽ ٿيو آهي، جو کانئس ڪو ڪتاب
گهرڻ کان پوءِ پاڻ فوراً اشاري سان ائين نه ٻڌايو
هجي ته فلاڻي ڪٻٽ ۾، فلاڻي خاني ۾ فلاڻي طرف رکيل
آهي. ڪمرو ڪو خاص وڏو ڪونه هوندو هو ۽ ان کي هڪ
تمام وڏي ميز اڃا به ننڍو بنائي ڇڏيو هو. ان وڏيءَ
ميز تي هڪ پاسي اهڙا ڪتاب رکيل هوندا هئا، جن جي
لکڻ دوران، حوالن خاطر ضرورت پوندي هئي.ميز جي هڪ
پاسي پير صاحب جي ويهڻ جي ڪرسي هوندي هئي ۽ سامهون
ملاقاتين لاءِ چند ننڍيون ڪرسيون. بس سڄي ڪمري ۾
ايتري گنجائش هوندي هئي. ڪمري جو هڪڙو دروازو رستي
طرف کلندو هو، جتان بسن ۽ گاڏين جو گوڙ گهمسان
هوندو هو، انڪري اهو عموماً بند رکيو ويندو هو. ۽
فقط اچڻ وڃڻ وارن لاءِ کوليو ويندو هو ۽ پوءِ بند
ڪيو ويندو هو. ٻيو دروازو پير صاحب جي خواب گاهه
ڏانهن کلندو هو سندن سمهڻ جو ڪمرو پڻ چڱو خاصو ڪتب
خانو هوندو هو. پلنگ تي ڪتاب،
پلنگ جي هيٺ ڪتاب وهاڻي تي ڪتاب، وهاڻي جي هيٺان
رسالا ۽ اخبارون ميز تي ڪتاب، مطلب ته انهيءَ ڪمري
۾ پڻ ڪتابن جو راڄ هوندو هو . اتي ئي ڪمري ۾ ميز
تي مائڪرو فلم ريڊر رکيل هوندو هو، جنهن وسيلي پير
صاحب قلمي نسخن جو مطالعو ڪندو هو. پير صاحب جي
مطالع واري ڪمري جو ٽيون دروازو گهر جي حصي طرف
هوندو هو. انهيءَ ننڍي ڪمري پنجويهن سالن دوران
ڇاڇا نه ڏٺو؟ شايد ئي اهڙو ڪو محقق هجي جنهن جي
ڪراچي اچڻ کان پوءِ انهيءَ ڪمري ۾ پذيرائي نه ٿي
هجي. انهن مان جيڪي نالا هينئر ياد اچن ٿا، تن ۾:
بنڊت برج موهن دتاتر ڪيفي (ڀارت)، پروفيسر زڪي
وليدي طوفان (ترڪي)، پروفيسر گڪو وسڪي (روس)
مولانا صباح الدين عبد الرحمان (اعظم ڳڙهه)،
پروفيسر ڊاڪٽر اينمري شمل (اولهه جرمني)، پروفيسر
بائيل (مئنيچيسٽر)، پروفيسر عبدالغني مرزا يوف،
پروفيسر بابا جان غفوران (ماسڪو)، جناب قاضي عبد
الودود (پٽنه)، آقاي باقرزاده (ايران)، پروفيسر
عبد القادر تارا خان (استنبول)، پروفيسر لطفي صورت
گر (ايران)، پروفيسر خليق احمد نظامي (علي ڳڙهه)
جهڙا مشاهير شامل آهن. وري جڏهن اهڙن ڪمال جي
صاحبن جي اعزاز ۾ پير صاحب طرفان دعوتون ڪيون
وينديون هيون ته شهر جي علم دوست بزرگن ۽ عالمن کي
پڻ مدعو ڪيو ويندو هو. ان طرح سان پير صاحب جي گهر
کي علمي ۽ تحقيقي رابطي جي هڪ عظيم علمي مرڪز جي
حيثيت حاصل هئي. شهر جي علمي ماڻهن جون، ٻاهرين
ملڪن جي عالمن سان پهريون ملاقاتون پير صاحب جي
وسيلي سندس گهر ۾ ٿيون پير صاحب دل کولي دعوتون
ڪندا هئا. اهڙن موقعن تي گهر جي اندرئين حصي جو
وڏو ڪمرو کوليو ويندو هو، جتي ويهڻ ۽ طعام جو
انتظام رکيو ويندو هو. کاڌي ۾ ڪيترائي قسم هوندا
هئا ۽ لذت پڻ. ڪجهه قسم پير صاحب جي گهر ۾ خاص طرح
سان پچندا هئا، جن ۾ سنڌي برياني، پالڪ گوشت، گجرن
جو حلوو وغيره، جيڪو پنجاب واري حلوي کان وڌيڪ
سوادي هوندو هو، شامل هئا.
پير صاحب وٽ مختصر دعوتن جو ته رواج ئي ڪونه هوندو هو. ننڍي کان
ننڍي دعوت ۾ پڻ پنجويهه ٽيهه ماڻهو هوندا ئي هوندا
هئا. انهن يادگار دعوتن جو سمورو انتظام حسين شاهه
راشدي ۽ سندس بيگم وڏي سليقي ۽ خوبي سان رکندا
هئا.
هڪ دعوت جو آءٌ خاص طرح ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو. دارالمصنفين اعظم
ڳڙهه ڪنهن زماني ۾ وڏي مشڪل ۾ هو _ پاڪستان جا
واپاري ۽ ناشر ان جا ڪتاب ڇپي وڪرو ڪري ڇڏيندا
هئا. ڀارت ۾ اردو جي ناقدري سبب ۽ هتي پاڪستان ۾
انهن جي سرقه ايڊيشن سبب انهن ڪتابن جي ڦهلاءُ جو
دائرو گهٽجي ويو هو. دارالمصنفين جي ناظم مولانا
صباح الدين عبدالرحمان صاحب انهيءَ مسئلي بابت
حڪومت پاڪستان ۽ هتي جي چند مکيه علمي ماڻهن کي
شڪايتون لکيون. (هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته ان
اداري جا سڀ ڪتاب اردو ۾ آهن) پير صاحب ۽ ممتاز
حسن صاحب ان مسئلي تي حڪومت پاڪستان سان رابطو
پيدا ڪيو. ڪجهه شروعاتي راهون هموار ڪرڻ کان پوءِ
مولانا موصوف کي پاڪستان اچڻ لاءِ چيو ويو. جڏهن
مولانا صاحب ڀارت کان آيو ته پير صاحب پنهنجي گهر
هڪ عظيم الشان دعوت جو انتظام ڪيو، جنهن ۾ تقريباً
پنجاهه سٺ مهمان موجود هئا. دعوتين ۾ شهر جا عالم
۽ اديب، مکيه ناشر ۽ ڪتابن جا واپاري، (بوڪ سيلرس
ائسوسيئيشن جي صدر سميت) اعليٰ عملدار (ڪاپي رائيٽ
آفيسر سميت) مطلب ته اهي سڀ ماڻهو، جن کي
دارالمصنفين جي مسئلي سان دلچسپي ۽ واسطو هو، اهي
سڀ سڏيل هئا. ماني کائڻ کان پوءِ تقريرون ٿيون.
تجويزون پيش ڪيون ويون ۽ مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ
اپاءُ سوچيا ويا نيٺ، پير صاحب ۽ ممتاز حسن مرحوم
۽ ٻنهي جي دوستن جي مدد سان، اهو مسئلو حل ٿي
سگهيو.
جمشيد روڊ تي ”بيت الضياء“ جو اهو ننڍو ۽ ڪتابن سان ڀريل ڪمرو
ڪيترين ئي يادن جو حامل آهي ۽ ڪيترين ئي مجلسن جو
شاهد .
پير صاحب هميشه صبح جو سوير اٿندو هو، ۽ اٿڻ شرط لکڻ پڙهڻ جي ڪم
کي لڳي ويندو هو. چانهه بسڪٽ جو دور هلندو رهندو
هو، ۽ پاڻ پنهنجي وڏي ميز تي ڪتابن ۾ گهيريل ڪم ۾
رڌل رهندو هو. نائين بجي و هنجي سهنجي تيار ٿي
چانهه بسڪٽ جو ناشتو ڪري وري لڳندو هو ساڳئي ڪمري
۾ ساڳي ميز تي ڪم کي. انهيءَ دستور جو وڏو فائدو
اهو هوندو هو جو ”قرض خواهن“ (ملاقاتين لاءِ پير
صاحب جو اصطلاح) جي اچڻ کان پهرين پاڻ تصنيف تاليف
جو گهڻو ڪم ڪري وٺندو هو. پوءِ هڪ ڏيڍبجي تائين
اهو سلسلو جاري رهندو هو ۽ ان وچ ۾ آيل ماڻهن سان
ملاقاتون پڻ ٿينديون رهنديون هيون.
جيستائين پير صاحب جي رهائش جمشيد روڊ واري بنگلي تي هئي،
ملاقاتين جي رش رهندي هئي. اهل علم، شاگرد، صحافي،
اديب، حاجتمند، دوست، واقفڪار مداح ايندا رهندا
هئا ۽ خوش ٿي موٽندا هئا. پاڻ هر هڪ کي خنده
پيشاني ۽ بي تڪلفيءَ سان ڀليڪار چوندا هئا ۽ هر هڪ
سان ان جي مرتبي، مقام ۽ شان و درجي جي مناسبت سان
گفتگو ڪندا هئا. انهن ملاقاتن ۾ علمي ڳالهيون
ٿينديون هيون ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي ڪم سان ايندا
هئا تن جي ڪم جون ڳالهيون پڻ ٿينديون هيون. اچڻ
واري کي سيني سان لڳائڻ پير صاحب جو معمول هوندو
هو، ليڪن ان ۾ ڪا به ظاهر داري نه هوندي هئي. کين
انسانن سان محبت هوندي هئي ۽ پاڻ هر ڪنهن ساڻ
ڀلائي ڪرڻ گهرندا هئا. پير صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾
ڪڏهن به ڪنهن کي نقصان ڪونه رسايائون، چاهي ڪنهن
ماڻهوءَ سان ڪيڏي به ڪشيدگي يا بد مزگي ڇو نه هجي!
پاڻ اهڙن ماڻهن کان سخت بيزار هوندا هئا، جي سطحي
هجن ۽ گهرائيءَ جو تاثر ڏيڻ چاهين. جي علمي ادارن
سان واسطي ۾ هجن، ليڪن مطالع ۽ تصنيف و تاليف جو
ذوق نه رکن يا جيڪي ڄاڻي واڻي غلط بياني ڪندا هجن،
چاپلوسي ۽ چرب زباني کان کين نفرت هوندي هئي ۽ پاڻ
ان قسم جي گفتگو کي فوراً ڪٽي ڇڏيندا هئا.
1974ع ۾ پير صاحب الحمرا سوسائٽيءَ ۾ هڪ بنگلو خريد ڪيو ۽
پنهنجي پوٽي (حسين شاهه راشدي جي پٽ) علي رضا جي
نالي تي ان گهر جو نالو ”علي رضا هائوس“ رکيائون،
ليڪن ڪافي عرصي تائين ڪتبخانو جمشيد روڊ واري
بنگلي ۾ قائم رکيائون. پوءِ آهستي آهستي ڪتبخانو
الحمرا واري بنگلي ڏانهن نيائون، ليڪن پاڻ صبح جو
هڪ ٻه ڪلاڪ روزانه بيت الضياء ۾ اچي ويهندا هئا
1980ع ڌاري ”بيت الضياء“ کي ڇڏي ڏنائون الحمرا
وارو گهر شهر جي مرڪز کان ڪافي پري هجڻ ڪري ڪيترن
ئي ماڻهن جي رسائي کان ٻاهر هو. پري هجڻ کان سواءِ
سينٽرل جيل جي چوراهي کان الحمرا جي پسگردائي
تائين ڪنهن بس وغيره جو به بندوبست نه هو. بهر
حال، جن ماڻهن کي پير صاحب سان ويجهو لاڳاپو هو،
اهي ڪنهن نه ڪنهن طرح وٽس پهچي ئي ويندا هئا، ليڪن
جمشيد روڊ واري بنگلي ”بيت الضياء“ جي سولائي ۽
مناسبت تعلق وارن کي مدت تائين ياد رهندي. اڄ به
جڏهن اتان گذر ٿئي ٿو، ته بي اختيار اکيون بيت
الضيا ڏانهن کڄي وڃن ٿيون ۽ گذري ويل هڪ زماني جون
يادون دل کي ورائي وڃن ٿيون! الحمرا سوسائٽيءَ
واري ڪشادي بنگلي ۾ اچي پير صاحب کي جمشيد روڊ
واري هل هنگامي کان نجات ملي ۽ ”قرض خواهن“ جي
يورش پڻ ڪجهه گهٽ ٿي. ٻيو ته جيئن پير صاحب کي
علمي دوستن لاءِ جن وڏين وڏين دعوتن ڪرڻ جو شوق
هو، ان لاءِ پڻ علي رضا هائوس جا ڪشاده لان وڌيڪ
مناسب هئا. پير صاحب هڪ دعوت انبن جي موسم ۾ ضرور
ڪندا هئا، جنهن ۾ کاڌي کان پوءِ بهترين قسم جا انب
مهمانن کي نهايت ڪشاده دليءَ سان پيش ڪيا ويندا
هئا. الحمرا واري بنگلي جي دعوتن جي خاص مهمانن ۾
پروفيسر سعيد اڪبر آبادي (علي ڳڙهه) ڊاڪٽر ضياء
الدين ڊيسائي (ناگپور)، پروفيسر اي. ايل بيشم
(آسٽريليا)، پروفيسر سائمن ڊگبي (لنڊن) ۽
پروفيسرلطف الله هنر فر (اصفهان) قابل ذڪر آهن.
پاڪستان ۾ اهڙا ماڻهو تمام گهٽ هوندا، جن کي فارسي زبان تي اهڙي
دسترس حاصل هجي، جهڙي پير صاحب کي هئي. پاڻ قديم
فارسي، وچولي فارسي ۽ جديد فارسي مان هڪ جهڙا واقف
هئا. فارسيءَ ۾ نه صرف رواني ۽ ڪاميابيءَ سان
گفتگو ڪري سگهندا هئا پر عمديون تقريرون پڻ ڪندا
هئا. ايران ۽ ايران جي رهواسين سان کين عشق هو ۽
حقيقت اها آهي ته ايران جا عالم ۽ دانشور پڻ پير
صاحب سان گهڻي محبت ڪندا هئا ۽ سندن ڳالهه ۽ راءِ
جو وڏو احترام ڪندا هئا. ايران ۾، اهڙا تمام گهٽ
نامور عالم هوندا، جن سان سندن ذاتي تعلقات نه
هجن. پاڪستان مان ڪوئي اسڪالر ايران ويندو هو ته
هر هنڌ پير صاحب جي خيرو عافيت پڇندا هئا ايران جي
ادبي بنيادن (فائونڊيشن) ۽ تعليم ۽ ثقافت (فرهنگ و
هنر) جي وزارتن ۾ پير صاحب جي وڏي مڃتا هئي. جنهن
به تجويز کي پير صاحب قبول ڪندا هئا، ته متعلقه
ڊئريڪٽر يا ايڊيٽر، اکيون پوري اها ڳالهه مڃي
وٺندا هئا. ايران وارا پير صاحب کي وڏي شوق ۽
احترام سان دعوتون ڏيئي پاڻ وٽ سڏائيندا هئا ۽ پاڻ
به اهڙي ئي ذووق و شوق سان وٽن ايران ويندا هئا.
هر سال، ٻئي سال، ايران ڏي سندن سفر رهندو هو. کين
مشهد جو شهر گهڻو پسند هو ۽ اتي وڃي گهڻو خوش
ٿيندا هئا. پاڻ ايران مان تازه دم ٿي، وڌيڪ ڪم ڪرڻ
جو نئون جذبو ۽ ولولو وٺي ايندا هئا. ايران جي
علمي صحبتن ۽ ادبي مجلسن جو ذڪر پاڻ وڏي چاهه ۽
اتساهه سان ٻڌائيندا هئا. ايران جي حاليه واقعن
کين گهڻو ڏکويو هو. آخري زماني جي غمن ۾ هڪ غم اهو
پڻ هو ته سندس اهي ايراني عالم دوست جن سان
پنجويهن ٽيهن ورهين کان گهاٽا ناتا قائم ٿيل هئا،
تن سان سندن رابطو ڪٽجي ويو ۽انهن جي خير خبر کان
به محروم رهجي ويا.
پير صاحب نهايت خليق انسان هئا. هو ملڻ وارن سان محبت سان پيش
ايندا هئا.ليڪن ائين ڪڏهن به نه ٿيو ته پاڻ ڪنهن
کي خوش ڪرڻ لاءِ اهڙِي ڳالهه چئي هجي، جنهن کي هو
صحيح نه سمجهندا هجن. پاڻ نهايت سچا، با اصول، بي
باڪ ۽ منهن تي چئي ڏيڻ وارا هئا: چاهي نجي محفل
هجي، چاهي پبلڪ جلسو هجي، پير صاحب اهائي ڳالهه
چوندا هئا جا سندن سوچ ۽ فڪر جي لحاظ کان درست
هوندي هئي. اهو نقطو هڪ مثال جي وسيلي واضح ڪري
سگهجي ٿو. پير صاحب مير حسن کي امير خسرو کان وڏو
شاعر سمجهندا هئا، ان ڪري صرف خسرو جي طرفدارن
(مداحن) کي خوش ڪرڻ لاءِ پاڻ خسرو جي تعريف وتوصيف
ڪرڻ لاءِ آماده نه هئا. پاڻ نه وقت جي لهر سان گڏ
لڙهڻ پسند ڪندا هئا ۽ نه وري حاڪمن ۽ صاحب اقتدار
ماڻهن جي ويجهڙائي کين پسند هئي.
پير صاحب وڏي سليقي ۽ تنظيم جا صاحب هئا. پروفيسرن جي ڀل ته
مشهور آهي ليڪن هونءَ به اسڪالر ۽ عالم عام طرح
سان، ڪنهن نه ڪنهن حد تائين ان بد نظميءَ جا شڪار
هوندا آهن. پير صاحب ۾ علمي تحقيق ذاتي تنظيم،
ٻيئي، بدجهء اَتم، موجود هيون. وٽن، سموري دنيا
جي عالمن جا خط ايندا هئا ۽ بي شمار ادارا، جن سان
پاڻ وابسته هئا، تن جا ڪاغذ پٽ ۽ مراسلا پهچندا
هئا، جي گڏ ٿيندا ويندا هئا. ليڪن انهن سڀني خطن ۽
ڪاغذن جي فائيلن جو نظام اهڙو ته مڪمل هوندو هو،
جو ضرورت جي وقت گهربل ڪاغذ ڪڍڻ ۾ ذرو به وقت نه
لڳندو هو. ٻين کان ٿوري وقت لاءِ ورتل ڪتاب الڳ
رکيل هوندا هئا ۽ سندس نگاهه ۾ رهندا هئا. ڪتاب جو
مالڪ اگر ڪتاب واپس گهرندو هو ته هڪ لمحي ۾ کڻي
موٽائيندا هئا. ٻيو وري اهو ته توهان پير صاحب کان
فون نمبر پڇو ته لنڊن واري فلاڻي پروفيسر جي
ائڊريس گهرجي يا لاهور ۾ فلاڻي صاحب جو فون نمبر
کپي ته پاڻ گهر ۾ هجن يا ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي، کيسي
مان هڪ ننڍڙي ڊائري ڪڍي، پوءِ ائڊريس ۽ فون نمبر
وغيره سڀ توهان کي ٻڌائيندا. ان قسم جي نظم و ضبط
جي وسيلي سان ئي اهو ممڪن ٿي سگهيو جو ايتري گهڻي
علمي ڪم ڪرڻ سان گڏو گڏ پاڻ لا تعداد انجمن، علمي
ادارن ۽ سوسائٽين جي نگراني ۽ رهنمائي پڻ ڪري
سگهيا.
|