هندو مسلم فساد شروع ٿي ويا جن ۾ هر فرقي پنهنجي گهر کي صاف
سٿرو رکڻ لاءِ پنهنجي ماضيءَ کان مدد ورتي.
ڪي سنڌي مسلم نوجوان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کان
پوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳا. انهن تاريخ
تي تحقيق جو ڪم شروع ڪيو، پراڻن علمي ذخيرن کي
ڳولي هٿ ڪيو کين جيڪي به پراڻا قلمي نسخا ملي
سگهيا. انهن کي تباهه ٿيڻ کان بچايو. هنن سنڌ
هسٽاريڪل سوسائٽي ۽ سنڌ نيچرل هسٽري سوسائٽي قائم
ڪئي. ۽ پنهنجي قلمي پورهيي سان هتي جي ماڻهن ۾
تاريخ ۽ زبان جي اهميت بابت شعور ۽ احساس پيدا
ڪيو.
انهن ڏينهن ۾ ئي آنجهاني ڊاڪٽر گر بخشاڻي جو ڪلاسيڪل ڪتاب شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام تي ٽن جلدن ۾ ڇپي پڌرو
ٿيو هو ۽ ان جي ڪري تمام گهڻي سجاڳي ٿي.
جن صاحبن مسلمانن جي طرفان علمي ۽ تحقيقي ميدان ۾ شروعات ڪئي
انهن جا نالا هي آهن. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
مرحوم، مولانا دين محمد وفائي مرحوم، ڊاڪٽر محمد
عمر دائود پوٽو مرحوم، مسٽر محمد حنيف صديقي
مرحوم، محمد صديق ميمڻ مرحوم، عثمان علي انصاري
مرحوم، سيد ميران محمد شاهه مرحوم (۽ ٻه چارغير
معتصب هندو ليکڪ).
پوءِ اهو حلقو ڪشادو ٿيندو ويو ۽ ڪيترائي ليکڪ ۽ عالم ان ۾ شريڪ
ٿيندا ويا. ڏهن ورهين ۾ سندن ذاتي ڪوششون ايتري ته
اهميت حاصل ڪري ويون جو جناب جي _ ايم _ سيد تعليم
جو وزير ٿيندي ئي انهن سڀني کي هڪ سرڪاري علمي
تحقيقي اداري ۾ شامل ڪرڻ ضروري سمجهيو. اهو ادارو
اڳتي هلي سنڌي ادبي بورڊ سڏجڻ لڳو.
انهن صاحبن سان شروع کان ئي منهنجو تعلق رهيو هو جنهن جي ڪري
حسام الدين مرحوم به انهيءَ حلقي ۾ داخل ٿي ويو
هو، حقيقت ۾ اها اڃا رڳو شروعات هئي، حسام الدين
جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي زندگيءَ جي وقت گذرڻ سان
گڏ هو ان ميدان ۾ تمام گهڻو اڳتي وڌي ويو هو ۽
پنهنجن ڪيترن ئي ساٿين کي پٺتي ڇڏي ويو.
هن مضمون ۾ مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته اخبارن سان تعلق هجڻ جي ڪري
اسين ٻئي ڀائر ان زماني ۾ سکر ۾ رهڻ لڳا سون. پر
ان زماني ۾ سنڌ ۽ خاص ڪري اتر سنڌ جو هڪ مرڪزي شهر
هوندو هو. ان زماني جون ڪيتريون ئي عمارتون اڃا
تائين ڀڳل ڀريل حالت ۾ موجود هيون. اتي وڏن اميرن
ڪبيرن جا مقبرا هئا، جن تي ڪتبا لڳل هئا، پر هاڻي
انهن جي سار سنڀال ڪرڻ وارو ڪوبه ڪونه هو، مون
ڪوشش ڪئي ته انهن پراڻين عمارتن ۽ قبرن جا فوٽو
ڪڍي گڏ ڪريان ۽ جيترا به ڪتبا ڏسن ۾ اچن انهن کي
لکي ڇڏيان. انهيءَ کان سواءِ اتي جي تاريخ ۾ جن
مشهور ماڻهن جانالا نظر آيا ٿي، تن بابت دستاويزي
مواد سندن پونيرن کان هٿ ڪري هڪ هنڌ ڪٺو ڪريان.
حسام الدين انهيءَ ڪم ۾ منهنجو هٿ ونڊائڻ شروع
ڪيو. هڪ وقت ته اهڙو به آيو جو ٿڌ ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪري
مون کي نمونيا ٿي پيئي ۽ آءٌ قبرستان ۾ ڀٽڪڻ جوڳو
نه رهي سگهيس. منهنجي بدران حسام الدين اهو ڪم پاڻ
سنڀاليو ۽ پورو ڪيو. مير معصوم بکري مرحوم تي لکيل
سندس ڪتاب جي شروعات انهن ڏينهن کان ٿي.
سن1937ع ۾ اسان جي والد مرحوم جو لاڏاڻو ٿيو ۽ اسان کي لاچار
سکر ڇڏي واپس پنهنجي ڳوٺ اچڻو پيو. حسام الدين
مرحوم ڇهن سالن تائين ٻنيون سنڀالڻ ۽ ٻني ٻاري جو
ڪم ڪندو رهيو ۽ مون کي واندڪائي ملي ويئي ته آءٌ
سياست ڪندو وتان. سن
1938ع
۾ مسلم ليگ جو ڪم شروع ٿيو ۽ آءٌ وري ڳوٺ ڇڏي اچي
ڪراچيءَ ۾ رهيس، پر حسام الدين جي مدد کان سواءِ
منهنجو اهو ڪم به هليو نٿي سگهيو. جڏهن آڪٽوبر
1938ع
۾ مسلم ليگ ڪانفرنس ٿي ته مون کيس گهرائي ٿوري
عرصي لاءِ پاڻ وٽ رهايو. ان کان پوءِ پاڪستان جي
تحريڪ جي سلسلي ۾ سڄي هندوستان جو گشت ڪيو ويو ته
آءٌ پاڻ سان حسام الدين کي وٺي ويس اهڙيءَ ريت کيس
ان دور جي ڪن وڏن علمي شخصيتن سان ملاقات جو وجهه
مليو. مثال طور بابائي اردو مولوي عبدالحق مرحوم،
مولانا غلام رسول مهر مرحوم، مولانا سيد سليمان
ندوي مرحوم، علامه محمود شيراني مرحوم، پنڊت
دتارتر يه ڪيفي، سيد هاشمي فريد آبادي مرحوم ۽ ٻيا
ڪيترا ئي عالم ليکڪ. اسين جتي به ويا سون ته آءٌ
پاڻ سان حسام الدين کي وٺي ويس. پر حسام الدين
علمي ذوق رکندڙ بزرگن سان ميل ملاقات ڪندو
رهيو.سندس تحرير جي اسٽائيل خواهه تحقيق جي طريقن
تي انهن ماڻهن جو وڏو اثر ٿيو. جڏهن اسين دهليءَ ۾
هوندا هئا سون، ته گهڻو ڪري بابائي اردو وٽ سندس
دريا آباد واري بنگلي ۾ ترسبو هو رات جو آءٌ ته لت
کوڙي سمهي پوندو هوس، پر حسام الدين ڪڏهن ڪڏهن ته
سڄي رات محمود شيراني يا مولانا عبدالحق وٽ ويهي
کين تحقيقي ڪم ڪندي ڏسندو رهندو هو. هڪڙي ڏينهن
آءٌ مولانا جي موٽر ۾ چڙهي ڪاري هرڻ جي شڪار لاءِ
فريد آباد ويس جيتوڻيڪ حسام الدين کي شڪار سان
ڪابه دلچسپي نه هئي، پر ان ڏينهن آءٌ زبردستي هن
کي پاڻ سان وٺي ويس. مون کي اهو سٺو نه ٿي لڳو ته
هو سڄو ڏينهن ڪتابن ۾ منهن وجهي هڪ هنڌ ويٺو هجي.
ڇو ته اهڙيءَ طرح سندس اکين ۽ حافظي تي خراب اثر
پوڻ جو انديشو هو.سندس هڪڙي اک ته پهرين کان ٿوري
ڪمزور هئي. حافظي کي بحال رکڻ جي لاءِ مون ضروري
سمجهيو هو ته سندس دماغ تي هر وقت ٻوجهه نه هجي .
انهيءَ ڏينهن مرحوم منهنجي زور رکڻ تي هڪڙي هرڻ تي
بندوق هلائي جيڪا ٺيڪ نشاني تي لڳي. ان کان پوءِ
سڄي عمر هن نه ڪڏهن بندوق هٿ ۾ کنئي نه وري ٻيءَ
ڪنهن وندر ۾ دلچسپي ڏيکاري. جيتوڻيڪ ڪيترائي ڀيرا
مون سان گڏ هو هندستان جي جهنگن ۾ گهمندو رهيو.
لاچارٿي کيس مون سان گڏ هلڻو پوندو هو. آءٌ بندوق
کڻي هلندو هوس ۽ هو ڪتابن جون پيتيون، جنهن به وڏي
شهر (مثلاً بمبئي، دهلي، لکنؤ، ڪلڪتو) مان اسان جو
لنگهڻ ٿيندو هو، اتي لازمي طرح هو لائبررين ۽
پراڻن ڪتابن جي دوڪانن ۾ گهت هڻندو هو ۽ ڪتاب
ڏسندو ۽ خريد ڪندو رهندو هو. هڪڙي ڏينهن مون شينهن
تي گولي هلائي. شينهن ڦٽجي پيو. ڏاڍو گوڙ گهمسان
ٿيو. پر حسام الدين جو ڌيان ڪتاب ۾ ئي لڳو پيو هو
پوءِ پڇيائين ”ڇاجو هل هنگامو هو؟“ مون وراڻيو
”شينهن هو“ چيائين ”مليو يا نه؟“۽ پوءِ وري اکيون
ڪتاب ۾. سندس اهو حال ڏسي آءٌ وري ڪڏهن به کيس پاڻ
سان شڪار تي وٺي نه ويس. کيس ڪئمپ ۾ ڇڏي ويندو هوس
ته ڀلي پيو بورچيخاني جي سار سنڀال لهي.
اهي ڳالهيون پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جون آهن. خود ان تحريڪ ۾ هن
ڪيترو حصو ورتو يا ڪهڙيون خدمتون ڪيون. انهن جو
ذڪر هت ڪرڻ نه ٿو گهران. هن جي پنهنجي خواهش به
اها هئي ته انهن ڳالهين کي ياد نه ڪيو وڃي، ڇا ڪاڻ
ته کيس نه ڪنهن انعام حاصل ڪرڻ جي سڪ هئي نه وري
پاڻ سياسي ماڻهو هو. خود کيس به اها ڳالهه پسند نه
هئي ته ماڻهو کيس ڪنهن ليڊر جي ساڄي ٻانهن يا
ويجهو ساٿي چون.
سن
1950ع ۾ اسين مصر ويا سون ۽ پوءِ لنڊن.
مصر ۾ مرحوم جون ملاقاتون ان زماني جي وڏن وڏن عالم ۽ فاضل
ماڻهن سان ٿيون. هڪ ڏينهن مون ڏٺو ته هو قاهره جي
شپرڊ هوٽل جي هڪ ڪنڊ ۾ ڪنهن سوچ ۾ ويٺو هو (اسين
ان هوٽل ۾ ترسيل هئاسون). ويجهو وڃي پڇيو مانس ته
چوڻ لڳو، ”ڪالهه اسين ٻئي ڊاڪٽر طهٰ حسين سان مليا
هئا سون. اهو شخص ڄائي ڄم کان انڌو آهي، پر ان
هوندي به سندس علمي ڪمال ته ڏسو. دنيا ۾ هن جهڙا
ڪي ٿورا عالم ئي هوندا، اهو انڌو ايترو حاصل ڪري
سگهيو ۽ ايترو لکي سگهيو جو دنيا دنگ رهجي ويئي.
اسان کي ته خدا ٻه اکيون ڏنيون آهن، پر هن جي ڀيٽ
۾ اسان ڇا ڪيو آهي؟ وڏي افسوس ۽ شرم جي ڳالهه
چئبي.“
لنڊن ۾ اسين جيترا به ڏينهن رهيا سون، هو هر روز برٽش ميوزيم
ويندو هو ۽ جيستائين ميوزيم بند نه ٿيندو هو، اتان
نڪرندو نه هو. آڪسفورڊ ويو.ڪئمبرج جا ڪتب خانا
ڏٺائين. خود لنڊن ۾ ڪتابن جا جيترا به دڪان هئا،
انهن جا چڪر هنيائين. ان زماني ۾ اتي هڪ وڏو جشن
پئي ٿيو، جنهن ۾ اسان کي دعوت هئي. آءٌ ويس، پر هو
نه چريو. چيائين، ”ماڻهو لنڊن اچي ۽ جشن ڏسي، اها
اجائي ڳالهه آهي. لنڊن جي اصلي شيءِ ان جا علمي
ذخيرا آهن. انهن مان فائدو وٺڻ اصلي ڪم آهي.“ اتان
ايترا ته ڪتاب خريد ڪري هليو جو موٽندي مهل اسان
کي ڪپڙن جون هڪ ٻه پيتيون لنڊن ۾ ئي ڇڏڻيون پيون
ته جيئن هوائي جهاز ۾ حسام الدين جي ڪتابن جا بنڊل
ساڻ آڻي سگهون.
سن
1950ع
۾ اسين ٿورو هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويا سون. آءٌ عملي
سياست ۾ گهڙي پيس. وزير، سفير وغيره ٿيندو رهيس ۽
حسام الدين سمورو وقت تحقيق، تصنيف ۽ تاليف جي ڪم
۾ لڳي ويو. انهيءَ عرصي ۾ هن ٻاهرين ملڪن جا
ڪيترائي تحقيقي چڪر هنيان. روس ويو. وچ ايشيا جون
تاريخي جايون ۽ علمي مرڪز ڏٺائين. ٻه ڀيرا چين جو
چڪر هنيائين. ۽ ٻه سال فلپائين ۾ رهيو. ۽ ايران
سان ايترا ته لاڳاپا پيدا ڪيائين ۽ ايران جي تاريخ
تي ايترو ته ڪم ڪيائين جو طهران يونيورسٽي کيس
ڊاڪٽريٽ ۽ ايران جي حڪومت ”نشان سپاس درجه اول“ جو
اعزاز ڏيڻ مناسب سمجهيو. هن ڪڏهن به پاڻ کي ڊاڪٽر
نه سڏايو، ڇو جو کيس پنهنجن جي تنگدليءَ جو احساس
هو. سندس خيال هو ته ان جي ڪري نيچ طبيعت وارن
ماڻهن ۾ اجايو سندس خلاف حسد جو جذبو پيدا ٿيندو.
ڪيترن ئي بين الاقوامي سيمينارن ۾ به حصو ورتائين۽
دنيا جي مشهور معروف محققن ۾ ليکجڻ لڳو.
1961ع
۾ ايوب خان جي حڪومت کي ٿورو شرم آيو ۽ هن
کي”ستاره امتياز“ ڏنو ويو، پر هن پنهنجي نالي سان
ان لقب کي ڳنڍڻ مناسب نه سمجهيو. انهن ڏينهن ۾ هو
مون وٽ هانگ ڪانگ ۾ هو. جڏهن ان لقب جو اعلان ٿيو
ته هن مون کي چيو، ”غاصب جو ڏنل لقب ڪو لقب ڪونهي
اهو ته مرڳو ڪنهن علمي ماڻهوءَ جي لاءِ بيعزتيءَ
جو باعث آهي.“ انساني حقن ۽ آدميت جي احترام جي
مسئلي ۾ هو ايترو ته حساس هو جو سن
1958ع
۾ جڏهن ايوبي مارشل لا لڳو ۽ پاڻ بيمار هو ته مون
کي منيلا مان گهرائي چيائين ته ”مون کي هتان ڪڍي
ڪنهن پاسي وٺي هل نه ته منهنجو هن گهٽ ۾ خاتمو ٿي
ويندو. آءٌ کيس ان اڌ بيماريءَ جي حالت ۾ فلپائن
وٺي ويس ۽ پاڻ وٽ ٻه سال رهايو مانس. اتي به جيئن
ئي سندس صحت سڌري ته بيڪار ويهي نه سگهيو، پنهنجو
مشهور ڪتاب ”هو ڏو ٿي هو ڏينهن“ اتي ئي لکيائين ان
ڪتاب ۾ سندس دل جون ڪيتريون ئي ڳالهيون ملن ٿيون
جن کي سمجهڻ لاءِ عقل ۽ وقت گهرجي.
هي موقعو تفصيل ۾ وڃڻ جو ڪونهي. مختصر هيءُ ته پنهنجي زندگيءَ
جي آخري ٽيهن ورهين ۾ هن ايترو ته علمي ڪم ڪري
ورتو ۽ ايتري قدر ٺوس ۽ بامعنيٰ جو انسان اچرج ۾
پئجيو وڃي. فارسيءَ ۾ پنجويهه وڏا ڪتاب لکيائين،
سنڌيءَ ۾ ٻارهن ۽ اردوءَ ۾ چار. سڀئي معياري ڪتاب
۽ وڏي تحقيق ۽ وڏي محنت جو نتيجو. انهن سان گڏ هو
علمي رسالن جي لاءِ مضمون ۽ تحقيقي مقالا به لکندو
رهيو. (سنڌي ۾ ٻه سؤ، اردو ۾ ويهه ۽ فارسيءَ ۾
پنج، اخباري مضمون ڪيترائي هزار) هي اهي شيون آهن
جيڪي ڇپجي چڪيون آهن. انهن کان سواءِ مرحوم جا
لکيل ٻيا سوين اڻپورا مسودا اڃا به پيا آهن _ جيڪر
انهن تي ڪو شخص ڪم ڪري ۽ انهن کي پورو ڪري ڇپائي
سگهي. اسان جي اوسي پاسي نالي جا بکيا ۽ نااهل ته
ڪيترا ئي آهن، پر مقصد وارو ۽ محنت سان ڪم ڪندڙ
تمام ٿورا نظر ايندا
”شايد که مردي از غيب برون آيد و کاري بکند“
پنهنجي طرفان گهڻو ئي ڪي ڪري ويو آهي. ڪيترين ئي اڻلڀ ۽ قيمتي
شين کي تباهه ٿيڻ کان بچائي عام جي اڳيان آندائين.
سنڌ جي تاريخ تي تمام قيمتي مواد ڪٺو ڪري ڇڏي ويو.
هن خطي جي تاريخ لاءِ پختو بنياد رکي ويو آهي ۽ سڀ
کا وڏي ڳالهه هيءَ ته هن هتي جي لٽريچر کي مقصديت
ڏني.
آخر پنج سال مرحوم ڪينسر جي موذي مرض ۾ ڪنجهندو رهيو، پر تڏهن
به علمي ڪم جاري رکيائين. علاج جي لاءِ ملڪ کان
ٻاهر وڃڻ گهريائين ٿي، پر اجازت حاصل ڪرڻ ۾ وقت
لڳي ويو. جيستائين اجازت ملي ۽ هو لنڊن پهتو،
تيستائين موذي مرض پنهنجو ڪم پورو ڪري ڇڏيو هو.
واپس اچڻ کان پوءِ ٿورن ڏينهن ۾ ئي پنهنجي پالڻهار
کي وڃي پرتو ۽ مون ستر ورهين جي پوڙهي کي ڏکن ڀري
دنيا ۾ اڪيلو ڇڏي ويو.
تو عزم سفر کردي رفتي زبر ما_ بستي کمر خويش شکستي کمر ما،
هن ڌرتيءَ جو هو سرفروش عاشق هو. وصيت ڪري ويو ته مرڻ کان پوءِ
کيس پنهنجي والد ۽ والده جي قدمن ۾ نه، پر سنڌ جي
قومي قبرستان مڪليءَ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي مرحوم
جي ڀرسان هميشه لاءِ سمهاريو وڃي. ان کان وڌيڪ عشق
۽ قربانيءَ جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي. هاڻي
قيامت جي ڏينهن هو انهن بزرگن ۽ شهيدن ساڻ گڏ
اٿندو جن جو ذڪر هن پنهنجي ڪتاب ”مڪلي نامه“ ۾ وڏي
حب سان ڪيو آهي.
هن ننڍڙي حياتيءَ ۾ هڪڙو انسان انهيءَ کان وڌيڪ ڪري به ڇا ٿي
سگهيو؟ هاڻي سنڌ جو مٿس ڪهڙو قرض رهيو؟
(ترجمو؛ مراد علي مرزا)
(بشڪريه جنگ، ڪراچي)
ممتاز راشدي
حوم
حسام الدين راشدي _ هڪ انسان، هڪ عالم
هاڻي جيئن ته سندس ڪم پورو ٿيو آهي ۽ خير خوبيءَ سان پورو ٿيو
آهي ۽ سندس هيءَ خواهش به پوري ٿي آهي ته اوڀر جي
تاريخ ۽ ادب جا اهم دؤر نئين دنيا جي ڌيان تي آندا
وڃن، حسام الدين راشدي جي زندگيءَ کي نيٺ آرام
مليو ۽ سندس روح اُڏامي وڃي پنهنجي پالڻهار جي
حضور ۾ حاضر ٿيو.
سندس پڙهندڙ، سندس مداح، سندس دوست، سندس خاندان ۽ پڻ پيشه ور
نقاد ورهين تائين سندس موت تي ڏک ڪندا رهندا. هاڻي
شايد کين وڌيڪ احساس ٿيندو ته هن جي باري ۾ سندس
جيئري جيڪا ڄاڻ هئي، ان کان به وڌيڪ ڄاڻ کين حاصل
ٿئي. تنهنڪري اهي هن بابت جيڪي به پڙهندا يا جيڪي
به ٻڌندا، ان مان هر هڪ ڌاڳو جهٽيندا ويندا ته
جيئن سندس زندگيءَ جو عاليشان تاڃي پيٽو اُڻي سگهن
_ جيئن معلوم ڪري سگهن ته اها ڪهڙي ڳالهه هئي،
جنهن کيس، ٻين جي ڀيٽ ۾، هڪ اهڙي خصوصيت بخشي ۽
شهرت ڏني، جو اسان جي هن فاني دنيا ۾ هن پاڻ کي هڪ
جاودان حيات حاصل ڪرڻ جي لائق بڻايو.
حسام الدين کي آءٌ پنجويهن ورهين کان سڃاڻان ۽ ان سموري عرصي ۾
مون وٽس بي نيازيءَ ۽ خود اعتماديءَ جو هڪ اڻ کٽ
ذخيرو ڏٺو. ظاهر آهي ته اها خصوصيت هن پنهنجي
زندگيءَ جي شروعات ۾ ئي حاصل ڪئي هوندي. ڪير ائين
سمجهندو ته ڇاڪاڻ ته سندس علمي ڄاڻ تمام اونهي هئي
۽ هن پنهنجي تربيت پاڻ ڪئي هئي، تنهنڪري پنهنجي
اوسي پاسي جي ماڻهن کان سولائيءَ سان متاثر نه ٿيو
هوندو. دنيا وارن جي لاءِ سندس طور طريقا ۽ عادتون
نشاة الثانيه جي اميرن ڪبيرن جهڙيون هيون، پوءِ
کڻي اها نشاة الثانيه يورپ جي هجي يا نائين صدي جي
هسپانيه ۽ اتر آفريڪا جي عرب مسلمانن جي هو نفاست
پسند ۽ خوش خلق هو، ان هوندي به ماڻهن کان ٿورو پر
ڀرو رهڻ جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن غلطيءَ وچان کيس مخلص نه
سمجهيو ويو.
هو مهربان هو، خوش طبع هو، زندگيءَ جي سٺين شين مان لطف وٺي
سگهندو هو. عمدين ۽ اعليٰ شين جي وٽس سچي پرک هئي.
فن کي سمجهندو هو ۽ چئي سگهجي ٿو ته فن سان ازلي
عشق هوندو هوس، ڇاڪاڻ ته لکڻ، تحقيق ڪرڻ ۽ علمي
فضيلت کي به فن جو هڪ رخ سڏي سگهجي ٿو. ان هوندي
به هر اهو ڪم جيڪو هن ڪيو ان ۾ توازن جو هڪ اصول
موجود هو، جنهن جي پويان اڪثر ڪري ٿوري سختي هئي،
جنهن جي ڪري دل کي تڪليف ٿي پهتي _ جنهن جي ڪري
دنيا وارن کيس اهڙيءَ طرح ئي ڏٺو. ان هوندي به
سندس جگري دوستن جهڙوڪ مرحوم آغا بدر الدين
درانيءَ، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ يا سندس روحاني
ساٿيءَ مرحوم ممتاز حسن وفات ڪئي، تڏهن هن شخص
ڀريءَ سٿ ۾ ڏاڍو رنو. انساني جدائيءَ جو مٿس ڏاڍو
اونهو اثر ٿيندو هو؛ پنهنجن نياڻين جي پيار (جيڪي
حقيقت ۾ سندس نه پر ڀاڻس جون ڇوڪريون هيون.) کيس
ان وقت روئاڙي ڇڏيو، جڏهن پاڻ سندن شاديون ڪرائي
کين روانو ڪيو _ ۽ پنهنجي خاندان ۾ کيس حق هو ته
اهي ڪم پاڻ سنڀالي _ ڇوته ڀاڻس جا سڀئي ٻار هميشه
پاڻ کي سندس ئي اولاد ڪري سمجهندا هئا. خود منهنجي
ماءُ جي لاش کڻڻ وقت، جنهن سان سندس خون جو ڪوبه
رشتو ڪونه هو، حسام الدين جيڪي ڳوڙها ڳاڙيا، انهن
مان سندس دل جي اونهائيءَ جي خبر پوي ٿي.
حسام الدين سن 1911ع ۾ ڄائو هو، جڏهن سندس وڏو ڀاءُ فقط پنجن
سالن جي ڄمار جو هو ۽ جيئن پير علي محمد شاهه
ڏاڍيءَ حسرت ساڻ ٻڌايو ته منهنجي ڏاڏي هن کي هڪدم
کڻي منهنجي ”جهوليءَ“ ۾ وڌو (ڪهڙو نه سهڻو طريقو
هو اهو!) ان وقت کان وٺي ٻئي گڏ هوندا هئا، ائين
جيئن مٽر جي ڦريءَ ۾ ٻه مٽر گڏ هوندا آهن. لڳي ٿو
ته ٻئي راند روند ۽ حرڪتن ڪرڻ ۾ لڳي ويا هوندا ۽
انهن ڏينهن ۾ هنن ان رتبي يا حيثيت بابت اهڙي ڪابه
لکا نه ڏني، جيڪا وڏي هوندي هر هڪ کي حاصل ڪرڻي
هئي. کين پڪ سان مڪتبي زندگيءَ جي ڪابه تربيت حاصل
نه ٿي، جنهن ڪري هنن سنڌ جي جاگيرداري ماحول جي
سڀني رعايتن ۽ شوقن مان خاصو لطف ورتو هو.
سن
1923ع
تائين حسام الدين کي ڪتابن سان يا مطالعي ڪرڻ سان
ڪابه دلچسپي نه هئي. انهن وچ وارن سالن ۾ سندس وڏو
ڀاءُ ”جماعت راشدي“ تنظيم ۾ رڌل هو، جيڪا مشهور
بزرگ پير تراب علي شاهه پنهنجي وڏي خاندان جي
سماجي ڀلائيءَ جي خيال سان ٺاهي هئي. پير علي محمد
شاهه بهمن ڳوٺ مان هڪ هفته وار اخبار ”الراشد“ جي
نالي سان به ڪڍندو هو. سنڌ جي انهن ننڍڙن ڳوٺن ۾
اونداهيءَ ۽ اڻ ڄاڻائيءَ جي هوندي به بهمن ۾
صحافتي سرگرميون پوري قوت سان شروع ٿي ويون، جن جي
ڪري حسام الدين ۾ پڙهڻ ۽ لکڻ جي خواهش ڄڻ ته ڀڙڪو
کائي اٿي. آءٌ خود سندن لفظ ورجائينديس، جيڪي هن
پاڻ مون کي چيا هئا ته ڪيئن نه سندس زندگيءَ ۾ هڪ
زبردست ڦيرو آيو، جنهن جي ڪري علم ۽ ادب کي پاڻ
ارپي ڇڏڻ جي شاندار شروعات ٿي. مون کي شادي ڪئي
اڃا هڪ سال مس ٿيو هو ته سن
1957ع
جي آرهڙ ۾ حسام الدين چئن ڏينهن جي لاءِ منهنجي
گهر ۾ اچي ترسيو. کيس ڪو ذاتي ڏک پهتل هو، جنهن
کان مون کي سندس ڌيان هٽائڻو هو. منهنجي خاوند جا
واضح حڪم هئا ته آءٌ سندس ڌيان انهن شين ڏانهن
ڇڪايان، جيڪي کيس پسند هيون. انهن ڏينهن ۾ آءٌ اڃا
تائين اولهه پاڪستان ۾ هڪ اوپري عورت هيس. ٻيو ته
جيتوڻيڪ حسام الدين ٻين جو تمام لحاظ ڪندو هو، ان
هوندي به هن مون کي ٿورو ڊيڄاري ڇڏيو، ڇو جو مون
کي خبر هئي ته پاڻ هڪ سنجيدو عالم آهي ۽ ان وقت هڪ
ضخيم ڪتاب ”مڪلي نامه“ لکڻ ۾ مصروف هو. منهنجي
ڦوهه جواني هئي ۽ اڃا مون کي ”مڪلي نامه“ مڪليءَ
جي قبرستان ۽ خود سنڌ جي تاريخ جي ڪابه ڄاڻ ڪين
هئي. مون فيصلو ڪيو ته سندس ڌيان کي ٻئي پاسي
هٽائڻ جو هڪ بهتر طريقو هيءُ آهي ته انهيءَ ڪتاب
بابت ئي ساڻس خيالن جي ڏي وٺ ڪريان. ان تي پاڻ نه
رڳو کُلي پيو، پر ڪتاب جو مسودو پڻ کڻي آيو ۽ ان
مان ٽڪرن جا ٽڪرا پڙهي ٻڌائڻ لڳو. آءٌ غور سان ٻڌڻ
لڳيس ۽ اهڙيءَ طرح اسين ڪيترن ڪلاڪن تائين پنهنجن
ذاتي معاملن کي وساري ويٺاسون. سچ پڇو ته سندس
وسيع معلومات ۽ تحقيق جي باريڪ تفصيل مون تي ڏاڍو
رعب وڌو.
ماني کائڻ وقت مون کانئس پڇيو ته اوهان ڪهڙي يونيورسٽيءَ ۾
پڙهيا آهيو. ان سوال تي کن پل لاءِ ٿورو گهٻرائجي
ويو، پر پوءِ هڪدم کل ۾ ٻڏي ويو.
”تنهنجو مڙس ۽ آئون ڪا يونيورسٽي ته ڇڏيو، پر ڪڏهن ڪنهن اسڪول ۾
به نه پڙهيا آهيون.“
وري چوڻ لڳو ”ته آءٌ ته ڪڏهن به ڪونه پڙهيس ۽ جوانيءَ جو وقت
اجايو وڃائي ڇڏيم، جنهن طريقي سان ملان اسان کي
پڙهائيندو هو، مون کي پنهنجي ڀاءُ وانگر بلڪل پسند
نه هئو. البت اسين وڏي چاهه ۽ حب سان ”گلستان ۽
بوستان“ پڙهندا هئا سين جيڪي اسان جي ڏاڏي اسان جي
لاءِ آندا هئا. پر اهي ڪتاب اسين پاڻ ئي پڙهندا
هئا سون. آءٌ ته پڙهڻ ۾ ڏاڍو جڏو هوس ڇالاءِ ته
آءٌ ڪا به ٻولي چڱيءَ طرح پڙهي نه سگهندو هوس.
پوءِ مون کي ياد اچي ٿو ته سال
1923ع
۾ هڪڙو موقعو اهڙو آيو جو آءٌ ادا جي ڪمري ۾ ويس ۽
وڃي سندس ڪٻٽ کوليم ادا انهن ڏينهن ۾ ننڍا ڪتابڙا
جيڪي ٻن پائين ۾ ملندا هئا، خريد ڪري گڏ ڪندو هو.
انهن ڪتابڙن جو نالو ”چلبلي غزليات ڪا سلسله“
هوندو هو. ۽ جن کي ڏاڍي سنڀال سان هڪ هنڌ رکندو
هو. مون انهن ڪتابن مان ٻه ٽي ڪتاب کڻي ڏٺا ته
ايتري ۾ ادا ڪمري ۾ لنگهي آيو ۽ مون کي ڇڙٻ ڏئي
سختيءَ سان چوڻ لڳو ”تون ته جاهل آهين“ هنن ڪتابن
کي ڏسي ڇاڪندين. مون کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ مون ڪو به
جواب نه ڏنو. پر ان گهڙيءَ مون فيصلو ڪيو ته آءٌ
نه رڳو مطالعو ڪندس پر علم ۾ پنهنجو نالو روشن
ڪندس.
هو منهنجي فيصلي تي قائم ٿي بيٺو ۽ سن
1926ع
ڌاري پنهنجي ڀاءُ سان گڏ صحافت جي دنيا ۾ داخل
ٿيو.سال
1929ع
ڌاري ٻئي ڀائر سکر ويا، جتي وڏو راشدي ”سنڌ
زميندار“ اخبار ڪڍڻ لڳوجيڪا خانبهادر کهڙي جي
ملڪيت هئي. حسام الدين ان اخبار جو ايڊيٽر هو،
ٻنهي ڀائرن ڏکيا ڏينهن به ڏٺا ته سکيا به. ننڍو
ڀاءُ وڏيءَ محنت ۽ هوشياريءَ سان ڪم ڪندو هو ۽
پاري جهڙي شخصيت ۽ ذهن جو مالڪ؛ وڏو ڀاءُ معاملا ۽
مسئلا حل ڪندو هو. حسام الدين جو ڀاڻس ۾ وڏو عقيدو
۽ اعتماد هو ۽ سواءِ ڪنهن حيل حجت جي سندس نقش قدم
تي هلندو هو. پر آءٌ سمجهان ٿي ته حسام الدين
پنهنجيءَ سوچ وارو هو ۽ هن پنهنجي سر سوچيو هوندو
ته کيس هڪ ٿائينڪي زندگي گذارڻ وڌيڪ پسند ايندي
بنسبت ڀاڻس جي زندگيءَ جي، جيڪا هو صحافت سان گڏ
سياسي سرگرمين جي ڪري گذارڻ تي مجبور هو. انهيءَ ۾
ڪو به شڪ ڪونهي ته کيس پنهنجي دؤر جي انقلابي
انداز فڪر ۾ اعتقاد هو. سن
1937ع
تائين پاڻ ان ساڳئي طريقي سان پنهنجي ڀاءُ جو ساٿ
ڏيندو آيو، پر رفتي رفتي هو هڪ تجربيڪار عالم جو
متوازن طريقو اختيار ڪرڻ لڳو ۽ دنيا جي لاءِ هڪ
قيمتي سرمايو ڇڏي ويو.
انهن ڏينهن ۾ حسام الدين شاعري پڻ ڪندو هو. سندس تخلص ”فدائي“
هو. ڀاڻس وڏو سندس شاعراڻي لاڙي تي ساڻس چرچا ڪري
کيس کٿ ڪندو هو. انهيءَ تي هن وڏي ڀاءُ کي هو
ڪاريو ته تون شاعري نه ٿو ڪري سگهين. اهو ٻڌي ڀاڻس
وڏي کيس هڪ طويل نظم لکرايو، جنهن ۾ ان وقت جي سنڌ
جي انتظاميه تي هڪ اثرائتي سٺ ڪيل هئي. اهو نظم
اخبار جي پورن ٻن صفحن تي پکڙيل هو. نظم جي ڇپجڻ
کان پوءِ اخبار جي ايڊيٽر پير حسام الدين ۽ چيف
ايڊيٽر پير علي محمد راشديءَ تي بيعتيءَ جا ڪيس
ڪيا ويا. اهي ڪيس ٽن سالن تائين ڪورٽ ۾ هلندا رهيا
۽ آخر ڪار سندن حق ۾ فيصلو ٿيو ۽ ڪيس خارج ڪيا
ويا. هنن اهڙيون تمام گهڻيون تڪليفون وڏي همت سان
۽ کل ڀوڳ ۾ سٺيون.
جيڪڏهن ايمانداريءَ سان فيصلو ڪجي ته آءٌ چونديس ته دنيا جي هڪ
مڃيل مستشرق جي حيثيت ۾ جيڪا سندس حاصلات آهي، ان
کان هٽي ڪري ڏسجي ته پاڻ پنهنجي سماج جي جيڪا وڏي
۾ وڏي خدمت ڪيائين اها هيءُ هئي ته هن پاڻ کي ان
لائق بڻايو جو جاگيرداري سرشتي جي هر رجعت پذير
شيءِ کي نه رڳو پاڻ ٿڏي ڇڏيائين، پر سندس ويجهو
جيڪي به آيا ته سڀني ۾ آزادي پسنديءَ ۽ انسان
دوستيءَ جا گڻ پيدا ڪيائين. سنڌ، ايران، ۽ وچ
ايشيا جي پراڻي تاريخ ۽ مشرقي علم و ادب ۾ جيڪو هن
تحقيقي ڪم ڪيو آهي، تنهن لاءِ کيس انهن درٻاري
وقائع نويسن جي ضخيم قلمي ڪتابن جو تمام اونهو
اڀياس ڪرڻو پيو، جن رڳو بادشاهن ۽ حاڪمن جا
ڪارناما بيان ڪيا آهن. سندس علمي تحقيق جي خصوصيت
حقيقت ۾ سچ سان سندس پڪي پختي خلوص جو نتيجو هئي _
اهو سچ ته معلوم ڪجي ته انهن ڏينهن ۾ حاڪم طبقي تي
نه پر عام ماڻهن تي ڇا وهيو واپريو ۽ ڪهڙين حالتن
هيٺ اهي واقعا ٿيا. سندس پنهنجي زندگي ثبوتيت (positivism)
جي تصوير هئي. ان هوندي به سندس هلت چلت ۾ هن
پنهنجي اميراڻي طبقي واري خوبي ۽ فياضي قائم رکي.
ڪتابن، چينيءَ جي قيمتي ۽ نادر ٿانون، هٿ جي ٺهيل
تصويرن ۽ فن جي ٻين شين بابت سندس ذوق، سندس ڪپڙن
۽ مهمانن جي لاءِ سندس دسترخوان مان سندس اميراڻو
پس منظر ظاهر ٿيندو هو. اهڙيءَ ريت هن زندگيءَ ۾
جيڪو توازن ۽ جيڪا خود اعتمادي حاصل ڪئي، اها هڪ
اهڙي شخص جي لاءِ تعريف جو ڳي آهي جنهن ڪڏهن به
تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل نه ڪئي، پر جنهن جي
زندگيءَ جي شروعات ۽ اوسر هڪ خاص جاگيرداري سماج ۾
ٿي. هو گهڻي قدر الرازي، گليلو يا مائيڪل انجيلو
جهڙو هڪ عظيم انسان هو، جنهن پنهنجي ماحول جا
زنجير ٽوڙي ۽ رنڊڪون هٽائي ذاتي ۽ ذهني آزادي حاصل
ڪئي ۽ دنيا کي ايندڙ صدين تائين حيرت، سونهن ۽
سوچڻ جي لاءِ مواد ڏنو.
ترجمو: مراد علي مرزا
(بشڪريه ڊان، ڪراچي) |