”جنهن (تاريخ مظهر شاهجهاني) جو پتو گذريل ٽن سون
سالن ۾ ڪنهن به عالم کي پئجي نه سگهيو هو، خود سر
هينري ايليٽ جهڙو باوسائل مستشرق به ان جي زيارت
کان محروم رهيو، جنهن پنهنجي ”تاريخ هند“ جي تاليف
جي سلسلي ۾ ڪتاب هٿ ڪرڻ لاءِ هندستان ۽ يورپ جي
ڪنڊڪڙڇ جي جاکوڙ ڪئي هئي. (ص 3-4)
ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت جو ذڪر ڪندي پير صاحب لکيو آهي:
”خاص مغل دور بابت هن وقت تائين اسان کي ڪابه اهڙي
تاريخ نه ملي هئي، جنهن مان ان زماني جي سياسي ۽
اندروني روئداد معلوم ٿي سگهي. انهيءَ ڪري لاچار
اسان کي مغليه دور جي انهن عام تاريخن مان معلومات
حاصل ڪرڻي پوندي هئي، جن ۾ سنڌ بابت اٽي ۾ لوڻ
برابر احوال آيل آهي. مظهر شاهجهاني پهريون ڪتاب
آهي، جيڪو مغليه دور جي پهرين اڌ صدي جي حالتن تي
تفصيل سان روشني وجهي ٿو.“
هن ڪتاب ۾ اهڙو احوال آيل آهي، جيڪو اڳ ڪنهن به تاريخي
ڪتاب ۾ نه آيو آهي. هي پهريون تاريخي ڪتاب آهي،
جنهن ۾ سنڌ جي حالتن جو تفصيلي احوال ملي ٿو، اهڙو
اهم ۽ قيمتي ڪتاب سنڌ وارن جي اکين کان اوجهل هو.
پير صاحب جو اهو وڏو ڪارنامو آهي، جو اهو ناياب
ڪتاب هٿ ڪري، مرتب ڪري شايع ڪرايائين.
ڪتاب جي منڍ ۾ پير صاحب اردو زبان ۾ مؤلف جا حالات بيان
ڪيا آهن ۽ ڪتاب جو تعارف ڏنو اٿس. آخر ۾ فارسي ۾
تعليقات آهي، جنهن ۾ ٻين تاريخي ڪتابن جي مدد سان
انهن شخصيتن جو احوال بيان ڪيو اٿس، جن جا نالا
”مظهر شاهجهاني“ ۾ آيا آهن. اهڙيءَ طرح ڪتاب کي هر
طرح جامع بنايو اٿس. هيءَ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ
ڇپائي منظر عام تي آندو آهي.
هفت مقاله: هي اردو ڪتاب آهي، جنهن ۾ فارسي زبان ۽ ادب بابت ست
مقالا آهن، هي مقالا پهريائين انجمن ترقي اردو
پاڪستان جي سه ماهي رسالي ”اردو“ ۾ شايع ٿيا. سه
ماهي اردو ۾ ڇپيل مقالن مان هي مقالا پير صاحب
منتخب ڪري، انهن تي مقدمو لکيو ۽ ڪتاب ايران جي
اڳوڻي بادشاهه جي تاجپوشي جي موقعي تي شايع ڪيو
ويو.
تذڪره شعراء ڪشمير: هي فارسي زبان ۾ ڪشمير جي فارسي
شاعرن جو تذڪرو آهي، جيڪو پير صاحب ڏاڍي محنت سان
مرتب ڪيو. ان تي مقدمو به لکيو اٿس ۽ حاشيا به
لکيا اٿس. ڪتاب اقبال اڪيڊمي طرفان شايع ڪيل آهي.
تذڪره مشائخ سيوستان: هي پارسي زبان ۾ سيوهڻ جي بزرگن جو تذڪرو
آهي، جيڪو سنه 1039هه ۾ عبدالغفور بن حيدر
سيوستاني لکيو. پير صاحب اهو تذڪرو هٿ ڪري، ان کان
پوءِ ان جو سنڌي ترجمو ڪرايائين، جيڪو مهراڻ جي
ايندڙ پرچي ۾ شايع ٿيو. پير صاحب ترجمي سان گڏ هن
تذڪري جي اهميت کي واضح ڪيو آهي ۽ ان ۾ جيڪو
تاريخي مواد آهي. هن تذڪري ۾ سيوهڻ جي بزرگن
جهڙوڪ: حضرت قلندر شهباز، ڇُٽو امراڻي وغيره جو
احوال آهي. ان سان گڏ هن ۾ ڪي تاريخي ڳالهيون به
درج ٿيل آهن. سنڌي ادبي بورڊ کي جڳائي ته هي تذڪرو
جدا ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائي.
ترخان نامه: هي ڪتاب سيد مير محمد بن سيد جلال ٺٽوي جو لکيل
آهي، ۽ منجهس ترخاني دور جو احوال آيل آهي. هن
ڪتاب کي به سنڌ جي تاريخ جي هڪ بنيادي ماخذ جي
حيثيت حاصل آهي. هي ڪتاب به پير صاحب محققانه
انداز ۾ مرتب ڪري شايع ڪرايو آهي. شروع ۾ پير صاحب
جي طرفان پارسي زبان ۾ ”پيش گفتار“ جي عنوان هيٺ
مهاڳ آهي. ان ۾ انهن سڀني تاريخن جو تعارف ڏنو
اٿس، جن ۾ ترخانن جو احوال آيل آهي. ان کان سواءِ
مؤلف ۽ ان جي خاندان جو احوال به آندو اٿس. آخر ۾
وڏي محنت سان ترخانن جا نسب ناما تيار ڪري ڏنا
اٿس.
حديقة الاولياء: هي سنڌ جي صوفياء ڪرام ۽ بزرگان دين جو تذڪرو
آهي، سيد عبدالقادر بن سيد هاشم بن سيد محمد ٺٽوي
جو لکيل آهي. منجهس 41 بزرگن جو احوال آيل آهي.
ڪتاب سان گڏ ساڳي مصنف جو لکيل رسالو به آهي، جنهن
۾ سيد عبدالهادي معروف به جميل شاهه گرناري جو
احوال آيل آهي. سنڌ جي بزرگن جي احوال جي سلسلي ۾
هن ڪتاب کي وڏي اهميت حاصل آهي. هي ڪتاب به پير
صاحب وڏي محنت سان مرتب ڪري شايع ڪرايو آهي. شروع
۾ پير صاحب طرفان سنڌي زبان ۾ طويل ۽ تفصيلي مقدمو
آهي، جنهن ۾ انهن سمورن تذڪرن ۽ تاريخن جو تعارف
ڏنو اٿس، جن ۾ سنڌ جي بزرگن جو ٿورو ڪي گهڻو احوال
آيل آهي. نه فقط ايترو، پر انهن ڪتابن ۾ جيڪو مکيه
مواد آيل آهي، ان جي به نشاندهي ڪئي اٿس. اهڙن
تذڪرن جي اهيمت واضح ڪندي ڄاڻايو اٿس:
”سنڌ جي انهيءَ صوفياڻي لٽريچر کي نه فقط ديني سلسلي ۾ وڏي
اهميت حاصل آهي، بلڪ سياسي، سماجي ۽ ادبي تاريخ ۾
پڻ اهو لٽريچر اهم ترين مواد جي حيثيت رکي ٿو.
تذڪرن، ملفوظات ۽ مڪتوبات ۾ سنڌ جي ڪيترن معاصر
سياسي واقعن جا اشارا ٿيل آهن. ڪيترن ڳوٺن جي
جاگرافي ڄاڻائي ويئي آهي، سماجي صورتحال جا حوالا
ملي وڃن ٿا ۽ سنڌ جي ادبي تاريخ جي سلسلي لاءِ
بيشمار غير معروف شاعرن جا بيت پڻ آيل آهن، جيڪي
ادبي ذخيري جي ڪيترن گمنام گوشن کي روشن ڪن ٿا.“
(ص 44)
ان کان پوءِ اهڙن تاريخي ۽ سماجي واقعن جي نشاندهي به
ڪئي اٿس، جيڪي بزرگن جي تذڪرن ۾ بيان ٿيل آهن.
شاهه شجاع ۽ سنڌ، مدد خان جي گهل، شجاع جي گهل،
کرڙيءَ واري جنگ، گهوٽڪيءَ واري جنگ وغيره.
منشورالوصيت: دستوزالحڪومت: هي ميان نور محمد ڪلهوڙي جو وصيت
نامو آهي، جيڪو پير صاحب مرتب ڪري شايع ڪرايو آهي.
شروع ۾ سنڌي زبان ۾ پير صاحب جي طرفان تعارف آهي،
جنهن ۾ وصيتنامي جو تعارف ڏنو اٿس، ۽ ان جي تاريخي
اهميت واضح ڪئي اٿس. اهميت واضح ڪندي ڄاڻايو اٿس:
”هن وصيتنامي کي تاريخي نقطهء نگاهه کان وڏي اهميت آهي.
پڙهندڙ کي انهيءَ منشور مان هيٺيون مسالو مهيا ٿئي
ٿو:
(1) انهيءَ زماني جا سياسي خواه سماجي حالات، ۽ انهن جي روشنيءَ
۾ ميان صاحب جون ڪيل نصيحتون.
(2) ميان صاحب جي خود پنهنجي مزاج ۽ طبيعت جو ميل ۽ لاڙو.
(3) حڪمرانيءَ جي نظام لاءِ سندس ٺاهيل بنيادي اصول.
(4) ڪلهوڙن جي رهڻي ڪهڻي، کائڻ پيئڻ، لٽي ڪپڙي ۽ عام اُٿيءَ
ويٺيءَ جي چٽي تصوير...
(5) ميڙ منٿ، يعني قرآن ڪريم مٿي تي کڻي، سيدن کي ساڻ ڪري هلڻ
جو رواج، جيڪو اڄ تائين هليو اچي، سو ڀائنجي ٿو ته
انهيءَ دور ۾ شروع ٿيو هو....
(6) مقدمن ۾ بهر صورت انصاف ڏيڻ ڪلهوڙن جو اڻٽر اصول هو، انهيءَ
ڪري ميان صاحب بار بار پنهنجن کي تاڪيد ڪيو آهي.
(7) باهمي محبت ۽ هم آهنگي سان رهڻ جو پڻ ميان صاحب اولاد کي
بار بار تاڪيد ڪيو آهي.....
(8) ڪلهوڙا سيد ميران محمد جونپوري جا مريد هئا.
(9) سڀ کان اهم معلومات، وصيت نامي منجهان، ملڪ جي ورهاست متعلق
معلوم ٿئي ٿي.....
(10) نادر شاهه جي فتني متعلق ميان صاحب جا جذبات.
(11) سنڌ جو ڪتبخانو نادر شاهه لُٽي ويو هو.
(12) نادر شاهه ميان صاحب جا پٽ يرغمال ڪري ايران وٺي ويو هو.
(13) محصول ۽ انهن جي اُڳاڙڻ جا قاعدا ۽ طريقا.
(14) قلات جي بروهين، شڪارپور جي دائودپوٽن، دهليءَ جي مغلن،
اڀي جي فقيرن، سيويءَ ۽ گنجابي متعلق ميان صاحب جي
پاليسي.
وصيت نامي جي آخر ۾ پير صاحب اَٺ ضميما به ڏنا آهن.
پهرين ضميمي ۾ جهوڪ واري جنگ بابت ٽي خط آهن. انهن
خطن بابت پير صاحب پاڻ ڪتاب جي منڍ ۾ ڄاڻايو آهي:
”هن ڪتاب ۾ پهريون ضميمو انهن ٽن خطن جو آهي، جي جهوڪ
منجهان جنگ هلندي لکيا ويا آهن.
پهريون خط ميان يارمحمد ڪلهوڙي جو آهي، جيڪو پنهنجي ولي
عهد، ميان نور محمد ڏانهن لکيو اٿس. ٻيو خط ملتان
جي صوبه دار سيد حسن خان جي پٽ جي ڪارنامن متعلق
آهي، جي هن جهوڪ واري جنگ ۾ سرانجام ڏنا، ٽيون خط
آهي ميران سنگ کتري جو، جيڪو پڻ جنگ جي ميدان مان
لکيو ويو آهي.
اهي ٽيئي خط جنگ جي حقيقت، مغلن جي نيت ۽ واقعي نوعيت
تي تفصيلي روشني وجهن ٿا.“
ٻئي ضميمي ۾ محمد شاهه بادشاهه جي وزير اعظم قمرالدين
خان اعتماد الدوله جي وڪيل، راءِ رايان انندرام
مخلص (1111هه- 1164هه) جا چار خط آهن، جيڪي هن
ميان نور محمد ۽ سندس پرڏيهي وزير سيد لطف الله
عرف ميان متارو ڏانهن، سندس لکيل خطن جي جواب ۾
لکيا. ٽين ضميمي ۾ انندرام مخلص جي ڪتاب ”وقايع
بدايع“ مان اهي اقتباس ڏنا ويا آهن، جن جو تعلق
سنڌ سان آهي. چوٿين ضميمي ۾ ”نادرنامه“ يا
”شاهنامـﮧ نادري“ (تاليف 1172هه) جو اهو اقتباس
ڏنو اٿس، جيڪو نادر شاهه جو سنڌ جي ڪاهه بابت آهي.
نادر نامه جو قلمي نسخو ڪراچيءَ جي قومي ميوزم ۾
رکيل آهي. ان بابت پير صاحب ڄاڻايو آهي:
”نادر شاهه بابت ڪم ڪندڙن مان ڪنهن کي به انهيءَ ڪتاب
جو ڏس پتو ڪونه پيو آهي ۽ سنڌ سان تعلق رکندڙ حصو
پهريون دفعو هن ضميمي جي ذريعي عام اڳيان آندو پيو
وڃي.“
پنجين ضميمي ۾ باغ علي جي لکيل ڪتاب ”نامـﮧ نغز“ مان
نادر شاهه جي سنڌ ۾ آمد بابت آيل احوال ڏنو ويو
آهي. ڇهين ضميمي ۾ سيد مير محمد جي ڪتاب ”تبصرة
الناظرين“ ۾ ڪلهوڙن بابت آيل احوال ڏنو ويو آهي.
سيد مير محمد ۽ سندس والد مير عبدالجليل بلگرامي
مغلن طرفان سنڌ ۾ واقايع نويس ٿي رهيا. ڪلهوڙن سان
سندن گهاٽو تعلق هو. تبصرة الناظرين ۾ روزنامچي
وانگر 1101هه کان 1185هه تائين جا واقعا ڏنا ويا
آهن. هن ضميمي ۾ 1117هه کان 1156هه تائين فقط
ڪلهوڙن سان تعلق رکندڙ واقعا ڏنا وياآهن.
ستين ضميمي ۾ سنڌ جي هڪ عالم شيخ رحمت الله جو خط آهي،
جيڪو پهريائين ميان عبدالنبي جي پٽ محمد عارف جو
خانِ سامان هو. ڪلهوڙن جي حڪومت جي زوال کان پوءِ
هو جوڌپور جي راجا وٽ وڃي منشي ٿيو. هن اهو خط
جوڌپور مان ميرزا علي بخت بهادر، محمد ظهيرالدين،
”اظفري“ گورگاني ڏانهن لکيو. اٺين ضميمي ۾ صمصام
الدوله شاهنواز خان جي ڪتاب ”ماثر الامراء“ جي
پهرين جلد ۾ آيل اهو احوال ڏنو ويو آهي، جيڪو ميان
نور محمد ۽ سندس خاندان بابت آهي.
اهڙيءَ طرح پير صاحب ڪلهوڙن جي تاريخ بابت نهايت اهم ۽
اهم نئون مواد مختلف هنڌن تان هٿ ڪري هن ڪتاب ۾
ڏنو آهي.
هشت بهشت: هن ۾ سنڌ جي باڪمال پارسي شاعر مُلا
عبدالحڪيم عطا ٺٽويءَ جون اٺ مثنويون آيل آهن، جن
کي پير صاحب مرتب ڪري شايع ڪرايو آهي. شروع ۾ پير
صاحب طرفان سنڌي زبان ۾ مقدمو آهي، جنهن ۾ مثنوين
جو تعارف آهي ۽ شاعر جو احوال آيل آهي. ان کان
سواءِ ان دور جي سياسي ۽ سماجي حالتن جو ذڪر آندو
اٿس. لکيو اٿس:
”عطا پنهنجي شهر آشوبن ۾ ٺٽي جي تباهه حاليءَ جو جيڪو
نقشو چٽيو آهي، اهو فقط هڪ شهر جو نه بلڪ سڄي سنڌ
جو صورتحال سمجهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته دارالحڪومت جي
حالت کان ملڪ جي روئداد ڪهڙيءَ ريت مخفي ٿي سگهي
ٿي؟“ (ص 127)
مثنوي چنيسر نامه: هي پارسي مثنوي ادارڪي بيگلار جي
لکيل آهي ۽ ان ۾ ليلا چنيسر جو قصو منظوم ٿيل آهي.
پير صاحب جي تصحيح ۽ مقدمي سان مثنوي شايع ٿيل
آهي. شروع ۾ پير صاحب جو 67 صفحن تي مشتمل طويل ۽
تفصيلي مقدمو آهي، جنهن ۾ مثنوي جي اهميت ۽ ادبي
مقام تي روشني وڌي ويئي آهي. ان کان سواءِ مثنويءَ
جي مصنف ادارڪيءَ ممدوحن ۽ محسنن جو ذڪر به ڪيو
ويو آهي.
مثنويات و قصائد: هن ۾ مير علي شير قانع جون پارسي
مثنويون ۽ قصيدا آهن.، هي ڪتاب پير صاحب جي ترتيب
۽ مقدمه سان شايع ٿيو آهي. مقدمه سنڌي زبان ۾ آهي
۽ چاليهن صفحن تي مشتمل آهي. ان ۾ مثنوين ۽ قصيدن
جو تعارف ڏنو ويو آهي ۽ انهن جون خوبيون ۽
خصوصيتون نروار ڪيون ويون آهن. لکي ٿو:
”قانع نعت ۽ منقبت ۾ جيڪي قصيدا چيا آهن،انهن ۾ ڪٿي ڪٿي
پنهنجي دور جي زبون حاليءَ تي به ٻه اکر چوندو
ويو آهي، مثلاَ
روزگاريست شهاکز اثر گردش چرخ – اوفتاده عجب آهنگ
تماشائي طباع قانع پنهنجي ڪلام ۾ ”ديبل“ جو نالو
به آندو آهي. پير صاحب ان تي تبصرو ڪندي لکي ٿو:
”سنڌ جي قديم تاريخي شهر ”ديبل“ جي برباد ٿي وڃڻ بعد اڪثر مورخن
ٺٽي جي شهر کي ”ديول ٺٽو“ ڪري لکيو آهي. هتي
پنهنجي قصيدي ۾ مير قانع پڻ ٺٽي لاءِ ”ديول“ جو
نالو استعمال ڪيو آهي.
”قانع آن به که دگر راه مناجات رود- بدعا ختم کند، منقبت در
”ديول“
حاشيءَ ۾ پير صاحب لکيو آهي:
”راقم الحروف جي خيال ۾ پير پٺي جو ويرانو دراصل ديبل بندر آهي.
پير پٺي کي خود تاريخ ۾ پير پٺو ديولي لکيو ويو
آهي. جڏهن ديبل بندر تباهه ٿيو، ان وقت اتان جا
ماڻهو لڏي اچي ٺٽي ۾ ويٺا ۽ اهو نئون شهر ديبل
بندر جي بجاءِ آباد ڪيو ويو. انهيءَ مناسبت ۽
ساڳئي وقت، قديم آبادي جي ويجهڙائيءَ ۾ هجڻ سبب،
قدرتي طرح ٺٽي سان ديبل جي نالي جو الحاق رهندو
آيو. ازانسواءِ تاريخ ۾ ديبل
جي ويران ٿيڻ کان ستت پوءِ ٺٽي جو نالو داخل
آهي.“
مثنوي مظهر ال آثار:
هيءَ مثنوي سيد جهانگير هاشمي ڪرماني بکري (متوفي
سنه 946هه جي لکيل آهي، ۽ پير صاحب جي تصحيح ۽
مقدمي سان شايع ٿي آهي. مقدمو پارسيءَ ۾ آهي، جنهن
۾ جهانگير هاشميءَ جي زندگيءَ جو احوال آيل
آهي.
ان کان سواءِ سندس ادبي خدمتن، ۽ ان دور جي سياسي
حالات تي روشني وڌي ويئي آهي.
تذڪره
روضة السلاطين و جواهر العجائب: هي سلطان محمد
فخري بن محمد اميري هروي جي تصنيف آهي، جيڪو شاهه
حسان رغون ۽ مرزا عيسيٰ ترخان جي دور ۾ ٿي گذريو.
هي ڪتاب پير صاحب جي تصحيح ۽ ترتيب
سان شايع ٿيو آهي. پهريائين تذڪره روضة السلاطين
آهي، جنهن جا 7 باب آهن. ان ۾ سنڌ، هند ۽ اسلامي
دنيا جي مختلف حڪمرانن ۽ سلطانن جو ذڪر آهي. ستين
باب ۾ شاهه حسين ارغون جو احوال آهي. تذڪره جواهر
العجائب ۾ مسلمان شاعر عورتن جو ذڪر آيو آهي.
تذڪرن کان پوءِ فخري
هروي جو ديوان به ڏنو ويو آهي. آخر ۾ پير صاحب جي
طرفان پارسي ۾ تعليقات آهي، جنهن ۾ تذڪرن ۾ آيل
مختلف شخصيتن بابت، ٻين مستند تاريخي ڪتابن جي مدد
سان، وڌيڪ احوال ڏنو ويو آهي. شروع ۾ ”حرف آغاز“
جي عنوان هيٺ 77 صفحن تي مشتمل اردو ۾ تفصيلي
مقدمو آهي. ان پير صاحب فخري هروي جو احوال ڏنو
آهي، ان جي ممدوحين جو ذڪر ڪيو آهي، سنڌ ۾ ان جي
آمد جو بيان ڏنو آهي، ۽ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي
صورتحال تي روشني وڌي آهي. جواهر العجائب بابت پير
صاحب لکيو آهي:
”جواهر
العجائب، تذڪرن ۾ انهيءَ ڪري اهم آهي، جو فارسي
ادب ۾ هي پهريون
تذڪرو
آهي، جو شاعر عورتن لاءِ مخصوص ڪيل آهي. ان کان اڳ
۾ فقط عوفيءَ، هڪ شاعره (رابع خضداري) جو ذڪر ڪيو
آهي، ۽ ان کان پوءِ دولت شاهه، مهستي ۽ جهان خاتون
جو ضمناَ نالو کنيو آهي. فخري پهريون ماڻهو آهي،
جنهن جواهر العجائب لکي پهريون ڀيرو دنيا کي
شاعرات کان روشناس ڪرائي ڄڻ پوين تذڪره نويسن لاءِ
دروازو کوليو.“
فخري
هروي، هرات کان شاه حسن ارغون جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾
آيو؛ ۽ 16-17 ورهه هتي رهي، هندستان طرف هليو ويو.
پير صاحب لکيو آهي:
”هيءَ
(جواهر العجائب) ڪتاب فخري جي آخري تصنيف آهي،
جيڪا هن سنڌ ۾ لکي.“
2- سنڌ
جي تاريخي
خاندانن تي ڪتاب:
تاريخي
ڪتاب ايڊٽ ڪرڻ، ۽ انهن جا مفصل مقدما، حاشيا ۽
تعليقات لکڻ کان سواءِ پير صاحب سنڌ جي تاريخي
خاندانن تي پڻ ڪجهه ڪتاب تصنيف به ڪيا. انهن جو
مختصر تعارف هيٺ ڏجي ٿو:
تذڪره
امير خاني:
هن ۾ سنڌ جي هڪ علمي ۽ تاريخي خاندان جو مفصل
احوال ڏنو ويو آهي. اهو خاندان آهي: امير خاني،
جنهن جي افراد جون قبرون سکر جي پرينءَ ڀر درياءَ
جي ڪناري تي ستين جي ٿان تي موجود آهن. هن خاندان
جو وڏو مير ابوالقاسم نمڪين اڪبر جي ڏينهن ۾ بکر ۽
سيوهڻ جو گورنر رهيو: ستين جي ٿان واري جڳهه کيس
پسند هئي؛ هن ان جي مٿان ٿلهو ٺهرايو هو، ۽
اونهاري ۾ چانڊوڪين راتين ۾ انهيءَ ٿلهي تي ويهي
ڪچهريون ڪندو هو. سندس پٽ مير ابوالبقا اميرخان
سيوهڻ، ملتان ۽ جهونا ڳڙهه ۾ مغلن طرفان گورنر ٿي
رهيو. سندس ٻيا پٽ ۽ اولاد به چڱن عهدن تي رهيا.
تاريخ مظهر شاهجهاني جو مصنف ميرڪ يوسف به سندس
فرزند هو. هن ڪتاب ۾ بکر ۽ سيوهڻ وارن علائقن جي
سياسي، ثقافتي ۽ سماجي حالتن تي چڱي روشني وڌل
آهي. سيوهڻ جي گدرن بابت لکي ٿو:
”سيوهڻ
جي ڪن ايراضين ۾ گدرن جي پوک نهايت سٺي ٿيندي هئي،
اتي جا گدرا نهايت لذيذ، ۽ مٺا ۽ غير معمولي وزن
جا ٿيندا هئا. مير نمڪين پنهنجي دور ۾ انهن جي پوک
جو خاص اهتمام ڪيو هو، ۽ ملڪان ملڪ اهي سوکڙيءَ
طور موڪليندو هو. بادشاهه ڏانهن به ڪيترا مرتبا
موڪليائين، جنهن ولايتي گدرن جي مقابلي ۾ هنن کي
هر لحاظ سان پسند ڪيو. جهانگير ته اتان جي گدرن تي
ايترو اڪن ڇڪن ٿيو، جو آخر اراضي جا اهي ٽڪرا ئي
خالصي ۾ آڻي ڇڏيائين. مير ابوالبقا جڏهن سيوهڻ ۾
آيو، ته هن به گدرن جي ڪاشت ۾ غير معمولي دلچسپي
وٺي ان کي وڌايو. پيءُ وانگر پاڻ به استعمال ڪندو
هو ۽ هيڏي هوڏي دوستن احبابن ڏانهن به موسم اچڻ تي
سوکڙي پاکڙي ڪري موڪليندو هو.“ (ص 79)
اروڙ جي باغن لاءِ لکيو اٿس.
”لکيو
ويو آهي ته هو (مير ابوالقاسم نمڪين) کائڻ جو تمام
شوقين هو. ميوو تمام گهڻو ۽ ڏاڍي ذوق سان
واپرائيندو هو. هن پنهنجا خاص باغ سنڌ جي قومي
دارالسطنت اروڙ جي ويجهو رکرايا هئا، جتان روزانو
وٽس ميوو پهچندو رهندو هو.“ (ص 57)
ميرابوالقاسم نمڪين جي بکر ۽ سيوهڻ ۾ ڇڏيل
آثارن بابت لکيو اٿس:
”مير
صاحب جيئن بکر ۾ پنهنجي نشست لاءِ ”صفهء صفا“
(ستين جي ٿان تي جاءِ جوڙائي، ان کي اهو نالو
ڏنائين) نالي درياءَ جي ڪناري هڪ خوش نما عمارت
ٺهرائي، تيئن سيوهڻ ۾ ”صفه وفا“ (يڪ ٿنڀي واري غار
جي مٿان جوڙايل ٿلهو) نالي انهيءَ قسم جي جاءِ
هن جوڙائي.“
مير محمد معصوم بکري:
هيءُ ڪتاب سنڌ جي بنيادي مورخ ۽ تاريخ معصومي جي
مصنف مير معصوم بکري بابت آهي. پير صاحب هن ڪتاب
تي تمام گهڻي محنت ڪئي آهي. ايران و ڃي مير معصوم
جا رند ۽ راهون ڏٺائين، ۽ انهن جا فوٽا ورتائين.
اهي سمورا ڪتاب نظر مان ڪڍيائين، جن
۾ مير صاحب بابت ٿورو به احوال آيل آهي. اهڙيءَ
طرح سوانح حيات بابت ڪڻو ڪرڻ ڪري مواد گڏ ڪري، ان
کي يڪجا ڪيائين. نه فقط ايترو پر هر طرح ڪوشش وٺي،
اهي ڪتبا ڪٺا ڪيائين، جيڪي مير صاحب پنهنجي اڏايل
عمارتن تي لڳارايا هئا. ان کان سواءِ مير صاحب ۽
ان جي خاندان
جي
قبرستان جون تصويرون ۽ نقشا به تيار ڪري ڪتاب ۾
شامل ڪيائين. اهڙيءَ طرح قريباَ پنجاهه سالن جي
جاکوڙ کان پوءِ ڪتاب جو ڪم پڄاڻي تي آندائين. ڪتاب
جي ديباچي ۾ پاڻ ڄاڻايو اٿس:
”اڌ
صدي انهيءَ جاکوڙ ۾ گذري چڪي آهي، علمي اوساٽ ۽
تلاش نه کٽڻ جي هئي، نه تڪميل ٿيندي
نظر آئي. ذوق برابر قائم رهيو، پر حياتيءَ جي بي
وفائي کي نظر ۾ رکندي ڪم کي نيٺ اڪلائڻ جي رٿا
ڪرڻي پيئي. اهڙيءَ طرح اڻويهن ورهين جي ڄمار ۾
شروع ڪيل ڪم، عمر جي اٺهٺ ورهين واري منزل تي پهچڻ
بعد بالاخر پورو ڪرڻ ضروري ٿيو.“ (ص 17)
ڪتاب
۾ مير صاحب جي سوانح حيات،
خاندان
۽ اولاد تي نهايت تفصيل سان روشني وڌل آهي. ان کان
سواءِ مير صاحب جي سياسي ڪارگذارين، علمي خدمتن،
تعميراتي ڪمن ۽ علائقي جي حالتن سڌارڻ بابت به
تفصيل سان احوال ڏنو ويو آهي. نه فقط ايترو، پر
سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جو به چٽو
نقش چٽيو ويو آهي. خاص طرح سان بکر واري علائقي جي
حالتن کي اجاگر ڪيو ويو آهي. مير صاحب جي تعميراتي
ڪمن بابت لکيو اٿس.:
”مير
صاحب کي يادگار قائم ڪرڻ، رفاهي عمارتون ٺهرائڻ،
آرامگاهه جوڙائڻ، مسجدن تعمير ڪرڻ ۽ سفر ڪندي ڏيک
وارين جاين ۽ جبلن تي نشاني طور ڪتبن هڻڻ جو بي
پناهه
شوق
هو. عمارتن جي سلسلي ۾ ته ڪن چند مغل اميرن جو
نالو شايد وٺي سگهجي، ليڪن ڪتبن هڻڻ جو ڏانءُ ۽
شوق مير جو خاصو هو، ٻيو ڪوبه معاصر انهيءَ ڏس ۾
سندس ثاني شريڪ نه ٿيو. ڪنهن واحد شخص جا ايترا
ڪتبا شايد تاريخ ۾ ملي نه سگهندا، جيترا هڪ مير
هڻايا. درحقيقت دنيا جي
بي ثباتيءَ ۽ انسان جي فاني هجڻ کان مير ايترو ته
متاثر هو، جو هُن هنڌين ماڳين ڪتبا هڻي، پاڻ کي يا
پنهنجي نالي کي زنده رکڻ ٿي گهريو. ڪتبن ۾ جيڪي
اشعار اڪريا ويا آهن، انهن ۾ اهوئي جذبو ڪارفرما
نظر اچي ٿو.“ (ص 333)
مير صاحب جي دور جو ذڪر ڪندي پير صاحب بکر
بابت
لکي ٿو:
”سنڌ
۾ مير معصوم جڏهن هوش سنڀاليو، انهيءَ وقت شاهه
حسن ارغون حڪمران هو. حڪومت جو مرڪز ٺٽو هو، ليڪن
بکر جنهن صورت ۾ سرحدي شهر هو تنهنڪري جغرافيائي
لحاظ سان انهيءَ کي خاص اهميت حاصل هئي. پنجاب،
هندستان هڪ طرف ۽ بلوچستان، افغانستان ۽ ايران ٻئي
طرف سرحد تي هئا.انهيءَ ڪري بکر ڄڻ ٻيو گاديءَ جو
هنڌ هو.“
ان دور ۾ ٺٽي کي جيڪا حيثيت حاصل هئي، ان بابت پير
صاحب ڄاڻايو آهي:
”ٺٽو
هميشه کان سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهندو ٿي آيو،
تنهنڪري سياسي، سماجي خواهه ثقافتي ورثي جي لحاظ
کان سنڌ جي مملڪت ۽ ملڪ جو ٺٽو ننگر گويا نڪ هو،
هر فن ۽ هر شعبي جا نام آور ماڻهو، اندريان خواهه
ٻاهريان اتي رهيا ٿي. شعر و سخن ۽ علم و هنر جو
شهر مرڪز هو.“ (ص 402)
سيوهڻ
بابت لکيو اٿس:
”سيوهڻ
سندس (مير معصوم جي) ناناڻڪي آڪهه جو پاسو هو.
هيءُ شهر به علم ۽ فن جي لحاظ کان پنهنجي اقبال
مندي جي انتها
تي پهتل هو.“ (ص 403)
نوٽ: مٿي ڏيکاريل سمورا ڪتاب (تذڪره شعراء ڪشمير ۽
هفت مقاله کان سواءِ) سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايل
آهن.
ميرزا غازي بيگ ترخان اور اس کي بزم ادب:
هي ڪتاب اردوءَ ۾ سنڌ جي حاڪم مرزا جاني بيگ ترخان
جي پٽ مرزا غازي بيگ بابت آهي، جنهن اڪبر ۽
جهانگير جي دور ۾ سنڌ کان سواءِ قنڌار تي به
حڪمراني ڪئي. هن نه فقط اميرانه ٺاٺ ۽ عياشيءَ سان
زندگي گذاري، پر شعر و سخن جون محفلون به مچايون.
هن ڪتاب ۾ انهن محفلن جو ذڪر آهي، جن جي مرزا غازي
بيگ سرپرستي ۽ قدرداني ڪئي. اهڙيءَ طرح هن ڪتاب ۾
ان دور جي سياسي
حالتن
جو به ذڪر آهي، ته علمي ۽ ادبي فضا تي به ڀرپور
روشني وڌي ويئي آهي. مطلب ته ان دور جي هڪ سياسي ۽
ثقافتي، علمي ۽ ادبي تاريخ آهي.
مرزا غازي بيگ جڏهن مغل حڪومت طرفان قنڌار جو حاڪم
هو، ته ٺٽي جي رياست خسرو خان چرڪس جي حوالي هئي.
هو وڏو ظالم هو. پير صاحب ان بابت لکيو آهي:
”خسرو
خان پنهنجي واسطيدارن کي مملڪت جي مختلف حصن تي
مسلط ڪيو، جن ڳجهن وانگر ماڻهن جو ماس پٽي، پنهنجو
پيٽ ڀرڻ شروع ڪيو.“
مطلب ته خسرو خان چرڪس ۽ ان جي ڇاڙتن کان ملڪ
بيزار ٿي چڪو هو. ملڪ ۾ روزانو اڻ سونهائيندڙ
واقعا ظاهر ٿيندا ٿي رهيا. ڪجهه ماڻهو ٺٽي مان
قنڌار پهتا، ته جيئن مرزا غازي بيگ کي دانهن ڏين.
انهن ۾ مرشد خان به هو، جنهن جي مرزا غازي بيگ ان
جي علم ۽ فضل جي ڪري تمام گهڻي عزت ڪندو هو،
ايتريقدر جو فتح الله جي ڀائرن ۽ پيءُ کان به ان
کي وڌيڪ گهرندو هو. ان جي آڏو مرزا صاحب ڪڏهن به
ڪو ناشائسته لفظ زبان مان نه ڪڍندو هو. هڪ ڀيري
عيد جي ڏينهن فتح الله خان کيس پنهنجي جاگير تان
گهرايو. جڏهن هو ٺٽي پهتو ته ان سان اهڙو برو
برتاءُ ڪيائين، جو سندس دل کي سخت صدمو پهتو. جڏهن
فتح الله خان هاٿيءَ تي چڙهي عيدگاهه طرف ويو ته
مرشد خان ڏاڍو شرمندو ٿي پنهنجي جاگير ڏانهن
موٽيو، اتان قنڌار روانو ٿيو. جڏهن مرزا غازي بيگ
کانئس سنڌ جو احوال پڇيو، ته هن جواب ۾ هڪ شعر
پڙهيو،جنهن ۾ ان وقت جي حالتن جي ترجماني ڪيل آهي.
شعر
هن طرح آهي:
”لب
شيرين بڪام خسرو شد، جانِ بي هوده مي کند فرهاد.“
(ص 96-97) |