[275]
وڏا وَلر وير کي، هئا چوقبلو چوڌار،
قوم هيس ڪيتري لکين لک هزار،
سڀني مرڪردو ”سرهو“ چئي، هو ورنهه سو وينجهار،
اُڙدن مان اُنهيءَ تي، ڪئي بڇ بجار،
سورهيه به سنڀري وهايس، ڪاني منجهه ڪاپار،
ڏس آگي جا اخير، جو هو ڏسڻ سان ڏڪي ڀڳو.
(سرهو)
وير = چنڊ. قوم = تارا. بجار = حضورﷺ جن.
سورهيه = حضورﷺ جن. ڪاتي = آڱر.
مراد:
چنڊ کي پنهنجي قوم گهڻيئي هئي، مگر اشد آڱر جي
اشاري سان ٻه اڌ ٿي پيو. چنڊ پنهنجي تارن جي لشڪر
۾ ڏاڍي تجمل سان سردار بنيو بيٺو هو. پر حضورﷺ جن
جي آڱر مبارڪ جي اشاري سان ٻه ٽڪر ٿي ويو. هيءُ
بيشڪ الله تعاليٰ جو امر هو جو هڪ ننڍي شيءِ هڪ
وڏي چيز تي غالب ٿي.
[276]
چغل اچي چغلي هنئي، مٿان مرد ملوڪ، عاشق جي
اختياري، ملي ويئي معشوق،
هن کان محبت ملڪ ڇڏايو سائڻ جي سلوڪ،
”حاجي“ چئي هوڪ، محب جي ٿي ملڪ ۾.
(حاجي مهيسر)
چغل = ابوجهل. مرد = چنڊ.
عاشق = الله تعاليٰ. معشوق = حضورﷺ
جن. ساڻن = اشد آڱر. سلوڪ = اشارو.
مراد:
ڪافرن جي معجزي گهرڻ تي حضورﷺ جن، الله تعاليٰ جي
حڪم سان چنڊ کي اشهد آڱر جو اشارو ڪيو ته هو ٻه اڌ
ٿي ويو.
هرڻي وارو معجزو:
چون ٿا ته حضورﷺ جن جي وقت ۾ هڪ ماري
ڪوڙڪي (دام) جي وسيلي شڪار ڪري پنهنجو گذران حاصل
ڪندو هو. هڪڙي ڏينهن جهنگ ۾ گهمندي هرڻيءَ جيپيرن
جا نشان ڏٺائين. رات جو انهن نشانن واري جاءِ تي
ڪوڙڪي منڊي، پاسو وٺي سمهي رهيو. هرڻي به پنهنجن
ٻچن کي ڇڏي اڪيلي چرندي اتي اچي نڪتي، جتي ڪوڙڪي
منڊيل هئي ۽ اوچتو ان ۾ ڦاسي پئي. ماريءَ کي ايڏي
ننڊ اچي ويئي جو صبح ٿي ويو ۽ سڄي رات ۾ سجاڳ نه
ٿيو. ان ڏينهن اتفاق سان حضورﷺ جن به صبح جو سويل
ڪنهن ڪم سان مديني کان ٻاهر وڃي رهيا هئا ۽ اتان
اچي لانگهائو ٿي جتي هرڻي ڦاٿل هئي. هرڻي حضورﷺ جن
کي ڏسي عرض ڪيو ته يا نبي! مون کي هن دام مان آزاد
ڪرايو ته آءٌ پنهنجن ننڍڙن ٻڍڙن کي کير پياري وري
موٽي اچان. حضورﷺ جن کي رحم اچي ويو ۽ هرڻي کي
ڪوڙڪيءَ مان آزاد ڪري، پاڻ اتيئي ويهي رهيا. ٿوري
دير بعد ماري ننڊ مان سجاڳ ٿيو ۽ خبر لهڻ لاءِ
ڪوڙڪيءَ واري جاءِ تي آيو، اتي هرڻيءَ جا پير ڏسي
کيس پڪ ٿي ته منهنجو شڪار انهيءَ شخص وڃايو آهي.
تنهنڪري حضورﷺجن ڏانهن ڪاوڙ مان نهاري هرڻي بابت
پڇڻ لڳو. حضورﷺ جن، ماريءَ کي هرڻيءَ جي ٻچن کي
کير پياري موٽي اچڻ واري حقيقت ٻڌائي ۽ چيائين ته
جيسين هرڻي نه ايندي تيسين ان جي عيوض آءٌ ويٺو
آهيان، پر ماريءَ کي اعتبار نه آيو ته ڪو آزاد ٿيل
جانوري خوشيءَ سان وري موت جي منهن ۾ ڇوڻ لاءِ
ايندو، سو حضورﷺ جن سان غصي ۾ تڪرار لائي بيهي
رهيو ته تو منهنجو هروڀرو شڪار وڃايو آهي.
هوڏانهن هرڻي حضورﷺ جن سان واعدو ڪري سڌي
ٻچڙن وٽ آئي، جي پڻ ماءُ جي دير ڪرڻ تي انتظار ۾
سندس واٽ نهاري رهيا هئا. پري کان ماءُ کي ايندو
ڏسي خوشي ڪرڻ ۽ ٺينگ ٽپا ڏيڻ لڳا ۽ ماءُ کان دير
ڪري اچڻ جو سبب پڇڻ لڳا. هرڻيءَ پنهنجي ڦاسڻ ۽
حضورﷺ جن جي هٿان آزاد ٿيڻ ۽ واعدي موجب واپس وڃڻ
جو ذڪر ٻچن کي ٻڌائي، کين جلد کير پيئڻ لاءِ چيو.
هرڻيءَ جي ٻچن جڏهن اها ڳالهه ٻڌي تڏهن ماءٌ کي
چيائون ته، هاڻي اسين کير نه پيئنداسون. تون جلد
هل ته هلي حضورﷺ جن وٽ حاضر ٿيون. پوءِ سڀئي گڏجي
ساڳي جاءِ ڏانهن هليا. ماري جيڪو حضورﷺ جن سان
تڪرار لايو بيٺو هو، تنهن هرڻيءَ کي ٻچڙن سوڌو
ايندو ڏٺو ته شرمسار ٿيو. حضورﷺ جن کيس چيو ته
پنهنجي امانت قابو ڪر، پر هو نهايت پشيمان ٿيو.
حضورﷺ جن کان معافي گهري ۽ آئيندي شڪار ڪرڻ کان بس
ڪيائين. پوءِ حضورﷺ جن تي ايمان آڻي مسلمان ٿيو ۽
خوشيءَ سان هرڻي کي ڇڏي ڏنائين، جا ٻچڙن کي ساڻ
ڪري جهنگل ڏانهن رواني ٿي ويئي.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.
[277]
جتن جا جوءِ ۾، ٿا وندر ۾ وڳ وڙڪن،
گڏيل آهن گاڪ ۾، توڙ نه مٿو تن،
ولر مان اُٺ وٺي آيو، جيڪا پئي پڏائي پورهيتن،
سنڀري سويلو هليو، مٿي ڪاڪ ڪنڌين،
روز ويندو هو رات جو. شل ڪڙ نه پئي ڪنهن جي ڪن،
لاڙي ڇڏيندو هو ليٽ تي، جتي چورنگ چرن،
ڇڙي ڪري ڇڏي ويندو هو، پنڌ ڪري سو پيرن،
اتي گل ڦل ميوا ڪيترا، ٻيا چندن وڻ چون،
چوندي هئي چاڳلي، لاڙيو مٿي لڪن،
موڙيئين ڏار مينديءَ جا، ساڻ ڏندن ۽ ڏاٺن،
پئي حقيقت حمير کي، ويو ڏنهن ويڙهين،
تنهين ڪئي آپت اٺ سان، ڪڍيائين ناڪيلي منجهان نڪن،
پوءِ ڳالهيون ٿيون ڳڻجن، هر هر تن جو ”حاجي“ چئي.
(حاجي موسو ڀاڻوجو)
اُٺ = ڪوڙڪي. سنڀري هليو = ماريءَ
ڏانهن اشارو. چاڳلي = هرڻي.
حمير = حضورﷺ جن. اُٺ سان آپت ڪرڻ
- ڪوڙڪيءَ مان هرڻي آزاد ڪرڻ.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[278]
نر پنهنجي نار سان، ڪندو هو ته گذر،
جاتي يبهاري ناتي بيهي، ڪري حيلو سو ته هنر،
هوءَ ڪميڻي قهر وڏو ڪري، ماري لکين پئي لشڪر،
هڪ ڏينهن ڪيائين زور ضعيف کي، واڌو وجهي ور،
اچي منهن پيو تنهن مرد جي، جو سونهن ڀريو ته سڀر،
چيو تنهن چرئي کي، عاقل انگ اکر،
ته پٽ پاڙان هي پٽيل جون، ته ٿيئي موچارو محشر،
هن ڀي چوڻ وٺي ڪم ڍڱو ڪيو، راضي ڪيائين رهبر،
آهي عام خبر، ملڪن ۾ ”محمدنواز“ چئي.
(محمدنواز ميتلو)
نر = ماري. نار = ڪوڙڪي.
ڪميڻي = ڪوڙڪي. ضعيف = هرڻي.
مرد = حضورﷺ جن. چريو = ماري.
عاقل = حضورﷺ جن. پٽيل = ڪوڙڪي.
مراد:
ماريءَ جي ڪوڙڪيءَ ۾ هرڻي اچي ڦاٿي ۽ حضورﷺ جن کيس
آزاد ڪيو. ماري پهريئين ته حضورﷺ جن سان تڪرار
ڪيو، مگر پوءِ هرڻيءَ جي موٽي اچڻ تي شڪار کان
توبهه ڪري ڪوڙڪي اڇلي حضورﷺ جن کان معافي وٺي مٿن
ايمان آندائين.
[279]
نيشان ڏسي نار جا، ٿيو عاشق آزاري،
ويهڻ بيهڻ وِهه ٿيس، ٿيو چار ئي پهر چاري،
منڌ سندي محبت ۾، هن سڙڪ سينگاري،
ڪنهن سبب ڪامڻ کي ڪيو لالچ لاچاري،
پوءِ هوت کٽي، هن هاري، هنڌ انهيءَ ”حاجي“ چئي.
(حاجي مهيسر)
نيشان = پير. نار = هرڻي. عاشق = ماري.
سڙڪ سينگرڻ = دام وجهڻ. لالچ = بک.
هوت = حضورﷺ جن.
مراد:
ماريءَ هرڻيءَ جي پيرن جا نشان ڏسي دام وجهي ان کي
ڦاسايو، حضورﷺ جن جي ڪرم سان هوءَ آزاد ٿي. جانور
جي واعدي وفائي سبب حضورﷺ جن سرخرو ٿيو.
[280]
منڌ تي مورت جي، شاهديءَ وڌو شور،
نه ته ڪير سڃاڻي ڪامڻ کي، هئي گام پنهنجي ۾ گور،
هن هنر سان هٿ ڪيو، چغل وڏو چور،
پر حاضر نه هيو حاضريءَ تي، ويو ڪم ۾ ڦاسي ڪور،
قربدار ڏسي ڪيس کي، غازيءَ ڪيو غور،
پوءِ تنهن زوراور جو زور، هليو ڪونه ”حاجي“ چئي.
(حاجي مهيسر)
منڌ = هرڻي. مورت = زمين.
ڪامڻ = هرڻي. چغل = پير جو نشان.
ڪم ۾ ڦاسڻ = ننڊ اچڻ. ڪور = ماري.
قربدار = حضورﷺ جن. غازي = حضورﷺ جن.
زوراور = ماري.
مراد:
ماريءَ جي هرڻي جي پيرن جا نشان ڏسي ڪوڙڪي منڊي ان
۾ هرڻي ڦاسي پئي، پوءِ حضورﷺ جن جي ڪرم سان هرڻي
ان ڪوڙڪيءَ مان آزاد ٿي پنهنجي ٻچن وٽ پهتي.
[281]
ٺاهي ٺاهوڪو ڪري، ڪيئينس مٿانس ڪيس،
هن کي ورانڊ وائڙو ڪيو، لڳس هيس کيس،
هو آيا ڪين آفيس ۾، ڪنهن دٻ ڇڏايس ديس،
هو راڄن جو هو رئيس، تنهن حاضري قيريس ”حاجي“ چئي.
(حاجي مهيسر)
مٿانس = ڪوڙڪيءَ ڏانهن اشارو. ڪيس = ڦاسائڻ.
لاٰ ڦند. هن = هرڻي ڏانهن اشارو. وارنڊ = دام.
آفيس ۾ ڪين اچن = دام ڏانهن نه اچڻ. ڊٻ سان
ديس ڇڏڻ- ننڊ ۾ پوڻ. رئيس = حضورﷺ جن.
حاضري ڦيرائڻ = هرڻيءَ جي ٻچن سميت جند ڇڏائڻ.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[282]
منشا ڪري من ۾، رکيئين ڪامڻي ڪوٽ اندر،
هاڻ ته منڌ وٺي ويس ”مجبون“ چئي، ٿي بنهين بيخبر،
هؤ به لڙي آئي ڪنهن لهه سان، گام انهيءَ تي گجر،
خبر نه هئس انهيءَ خلل جي، پر قلم لکيو هو قادر،
اڙجي وئي تنهن عورت مان، ٿي وئي ملڪن ۾ مشر،
جڏهن ناميي ڪيس نظر، تڏهن جدا ٿي جوءِ کان.
ڪامڻي = ڪوڙڪي. منڌ = ننڊ.
ٿي ويو بيخبر = ماريءَ ڏانهن اشارو.
گجر = هرڻي. عورت = ڪوڙڪي.
ناهيو = حضورﷺ جن.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[283]
اول نانءُ الله جو، آهي صاحب رب سبحان،
ناتر ٻانهي نند جي، هئي نسوري نادان،
مينڌري ملڪيت ڏيئي، ڦيرائي وڌي جوان،
هئي سوڍي وڏي ڌيان، پر انهيءَ ڪامڻ ڪيرائي وڌو.
(احمد خان لغاري)
ناتر = دام. نند = ماري. مينڌرو = ماري.
ملڪيت = ڳنڍيون. سوڍي = هرڻي.
ڪامڻ = دام.
مراد:
هرڻي جيتوڻيڪ چالاڪ هئي، پر ماريءَ جي ڪوڙڪيءَ کيس
ڦاسائي وڌو.
[284]
ڪار اصل کؤن ڪسي هيس، خريداري خاص،
ڏيئي ڇڏيائين ڏائڻ کي، ڪو لنڊ، کي ته لباس،
بي معلوم بزار مان، هوءَ پائي پي اُداس،
هئي هن کي هميشه، ڪا چڪ وجهڻ جي چاس،
ڪئين ڪيائين ڪيتريون، نر ناريون سڀ ناس،
هوت لاٿس هراس، هنڌ انهيءَ ”حاجي“ چئي.
(حاجي مهيسر)
ڪار ڪسي هئڻ = شڪار تي گذر هئڻ.
ڏائڻ، لنڊي = ڪوڙڪلي. بزار = جهنگ.
هوءَ = هرڻي ڏانهن اشارو. نر، ناريون = هرڻ،
هرڻيون. هوت = حضورﷺ جن.
مراد:
ماري، جنهن جو شڪار تي گذران هو، تنهن شڪار لاءِ
ڪوڙڪي منڊي ڇڏي هئي، هرڻي به چرندي اچي ان ۾ ڦاٿي،
پر حضورﷺ جن. ان کي آزاد ڪرايو.
[285]
عاشق عورت تي ٿي، خفا ڪيا کَر،
وڪوڙي ويا ويچاريءَ کي، موڳي جا ته مڪر،
ڪامڻ اهڙو ڪم نه ڏنو هو، ٿيا هن لاءِ حشر،
دشمن تنهن جو دُور ٿيو، پردو رکيس پرور،
تنهن سان قرب ڪثر، هوت ڪيا هئا ”حاجي“ چئي.
(حاجي مهيسر)
عاشق = ماري. عورت = هرڻي.
موڳو = ماري. مڪر = دام. ڪامڻ = هرڻي.
دشمن = ماري. هوت = حضورﷺ جن.
مراد:
هرڻي ماريءَ جي دام ۾ اوچتو اچي ڦاٿي، هن اهڙي
تڪليف ڪڏهن ڪانه ڏٺي هئي، تنهنڪري ڏاڍي پريشان ٿي،
مگر حضورﷺ جن جي ڪرم سان هوءَ ان دام مان آزاد ٿي.
[286]
منڌ مورت کي، سڪ مؤن سنڀرايو،
ويٺو هئس وجود ۾، هيءَ روح اندر رايو،
سچ پچ سنگ انهيءَ، ڪيو ڪامڻ کي ڪايو،
پو3 ٿيس سفر سجايو، جڏهن هوت آيس ”حاجي“ چئي.
(حاجي مهيسر)
منڌ = بک. مورت = هرڻي.
سانگ = کاڌو. ڪامڻ = هرڻي.
هوت = حضورﷺ جن.
مراد:
بک سبب هرڻي کاڌي لاءِ نڪتي، مگر انهيءَ کاڌي کيس
نقصان پهچايو، جو ماريءَ جي دام ۾ اچي ڦاٿي ۽ پوءِ
حضورﷺ جن جي اچڻ ۾ سندن ڪرم سان ئي هوءَ آزاد ٿي.
[287]
سڀني سان ساڻيهه ۾، پئي سير ڪيائين سرها،
قضا آئي ڪُن ۾، هن جا تُرت وڌا تُرها،
ساريون سڏڙا ڪري، دلبر کي دُرها،
عاشق آڻي آجا ڪيس، جيڪي ور کيس نه پئيل ها،
دليل ڪري دلها، لهو ڪنهن ڪنهن حيلي ساڻ ”حجام“
چئي.
(حاجي حجام)
سڀني سان = عضون سان. ساڻيهه = جهنگل،
دلبر = حضورﷺ جن. عاشق = حضورﷺ جن.
مراد:
هرڻي بيفڪر ٿي جهنگل ۾ پئي چري ته اوچتو دام ۾ وڃي
ڦاٿي جتان حضورﷺ جن آزاد ڪيس.
[288]
سهڻيءَ کي سير ۾، وڌو واڳونءَ وڪوڙي،
دانهون ڪري ٿي درد مان، ٿي تڙي پتوڙي،
ميهر منهن موڙي، سهڻي ڪڍي سير مان.
سهڻي = هرڻي. سير = ڪوڙڪي.
واڳون = ماري. ميهر = حضورﷺ جن.
مراد:
هرڻي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسڻ کان پوءِ دانهون ڪرڻ ۽ پاڻ
ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر حضورﷺ جن اچي کيس ان بند
مان آزاد ڪيو.
[289]
موڳي کي مورت جي منڊ وڌو ماري،
نه ته ڪين مڙي ها ڪامڻ مؤن، جا آيس اوتاري،
ڀلا تنهن جا ڀاڳ ٿيا، پئي پرينءَ پناري،
جنهن مهل ڇٽو جادوءَ کان، پيو ساري سنڀاري،
پيو هو پساري، هوت سان ”حاجي“ چئي.
(حاجي مهيسر)
موڳو = ماري. مورت = ننڊ.
ڪامڻ = هرڻي. پرين = حضورﷺ جن.
جادو = ننڊ. هوت = حضورﷺ جن.
مراد:
ماري دام وجهي سمهي پيو ۽ هو اهڙي ته غفلت جي ننڊ
۾ غلطان ٿيو جو کيس خبر نه رهي ته دام ۾ هرڻي ڦاٿل
آهي، هرڻيءَ سان ته نصيب يا وري ڪئي جو اتفاق سان
سندس ڇوٽڪاري لاءِ حضورﷺ جن اچي نڪتا، جن ڪرم ڪري
کيس دام مان ڪڍيو. پر ماري سجاڳ ٿيڻ سان حضورﷺ جن
کي اتي ڏسي ساڻن تڪرار ڪرڻ لڳو.
[290]
جڙ ڪيس زنجيرن ۾، ٿيڙم پير کٽا،
موڪل ڏي ملير وڄان، ڪنديس ڪانه جٽا،
ويڙهيچن وٽان، رهي اچان راتڙي.
ٿيڙم = هرڻي ڏانهن اشارو. موڪلڏي = حضورﷺ
جن ڏانهن اشارو. ملير = هرڻي جي رهڻ واري جاءِ.
ويڙهيچا = هرڻيءَ جا ٻچا.
مراد:
هرڻيءَ، حضورﷺ جن کي ڏسي دام مان ڇڏائڻ جي التجا
ڪندي چيو ته مون کي آزاد ڪرايو ته آءٌ پنهنجي ٻچڙن
کي کير ڌارائي وري موٽي ٿي اچان.
[291]
چئن اٺن پاڻ ۾، گهاٽو ڪيو پي گهاءَ،
ٻن ڄڻن ”ٻروچ“ چئي. پئي ٿي سرتئين ڪيو سماءُ،
پنڌرهين اتي پلٽن جو، سٽيو ڪڍيو بي ساهه،
ٻيا وري ڪهيو وجهن پيا ڪُني ۾، اچين ڪونه اُٻاءَ
ڏوئي هن جي ڏاڍي هئي، نٿي لڳيس وجود کي واءُ،
پوءِ پلڪ ۾ پئجي ويس، دشمن سندو داءُ،
هن کي ڪامڻ ڇڏيو ڪينڪ، نه ته لوڏي ڪڍيس هالاهه،
ڪيائين عرض عجيب کي، جيڪو هو سخي شهنشاهه،
ير! ”بخشيو“ چئي بچاءُ، هن جو واهه جو وير وهي
ويو!
(بخشڻ خان شر)
چار = پير. اُٺ = کر. گهاٽو گهاءُ ٿيڻ = زمين تي
نشان ٿيڻ. ٻه = اکين جا ترا. سماءُ = ڏسڻ.
پندرهون = وات. پلٽڻ = سلا ۽ گاهه. ٻيا = ڏندن
ڏاٺن ڏانهن اشارو. ڪُنو = پيٽ. ڏوئي = زبان.
دشمن = ماري. داءُ = ڪوڙڪي. ڪامڻ = ننڊ.
لاهه ڪڍڻ = ڪُهي ڇڏڻ. عجيب = حضورﷺ جن.
بچاءُ = ضامن.
مراد:
هرڻي هيڏانهن هوڏانهن نهاري بي فڪر ٿيو پئي چري ته
اوچتو ماريءَ جي وڌل دام ۾ ڦاسي پئي، پر ماري ننڊ
۾ غلطان ٿي ويو هو نه ته ويچاري هرڻيءَ جو خير نه
ٿئي ها. اتي اتفاق سان حضورﷺ جن جي اچڻ تي هرڻي
ساڻن دل جو حال اوريو ۽ سندن ئي طفيل هرڻيءَ جو
بچاءُ ٿيو.
[292]
مِٽن منجهان منڌ کي، ٿيو نار کي نقصان،
لاڙي وڌئون لالچيءَ جو، درس اوڏانهون ڌيان،
پيش اچي پيو اتي، هن عورت کي ارمان،
انهيءَ سان احسان، هوت ڪيو ”حاجي“ چئي.
(حاجي مهيسر)
مٽ = پير. منڌ = هرڻي. نار = هرڻي.
لالچي = ماري. عورت = هرڻي.
ارمان = ٻچن کي ڌارائڻ جو خيال.
هوت = حضورﷺجن.
مراد:
هرڻي جي پيرن جي نيشانن ماريءَ کي دام وجهڻ لاءِ
لالچايو پوءِ هوءَ ڪوڙڪيءَ ۾ اچي ڦاٿي، پر حضورﷺ
جن کيس آزاد ڪري ڇڏيو. ماري دام وجهي وڃي سمهي
رهيو هو. جڏهن ان ۾ هرڻي ڦاسي پئي، تڏهن کيس ٻچن
کي کير ڌارائڻ جو انتظار ٿيو، اوچتو حضورﷺ جن اُتي
اچي نڪتا. جن ان سان ڀال ڀلائي کيس ٻچن ڏانهن
موڪلڻ لاءِ آزاد ڪيو.
[293]
ليليٰ چيو مجني کي، باريءَ لڳ بيهه،
چورنگ چيو ڪيو، ٿيو سانول کي نه سيءُ،
نندي نيون پٽيون، هلي آيو هيءُ،
ليليٰ به اچي حاضر ٿي، جانب منهنجا جيءُ! نندو
نوين هليو، تون حاڪم اڳ ۾ ٿيءُ،
پوءِ سرور آهي سميع، ڏسو رنگ ”راڄپر“ چئي.
(راڄپر)
ليليٰ = هرڻي. مجنون = حضورﷺ جن.
نندو = ماري. نيون پٽڻ = اکيون کولڻ.
مراد:
هرڻيءَ حضورﷺ جن سان ٻچن کي کير ڌارائي موٽي اچڻ
جو واعدو ڪيو، ان تي حضورﷺ جن رحم آڻي کيس دام مان
آزاد ڪيو، ايتري ۾ ماري ننڊ مان سجاڳ ٿيو ۽ حضورﷺ
جن سان ڪاوڙ ۾ پي ڳالهايائين ته هرڻي به ٻچن سوڌي
اچي حاضر ٿي. جنهن کي ڏسي ماري پشيمان ٿيو ۽ حضورﷺ
جن کان معافي وٺي مٿن ايمان آڻي مسلمان ٿيو.
[294]
سهڻي تي ساهڙ جي پئي نيڪ نظر،
نه ته ٻڏي وڃي ها ”ٻروچ“ چئي، ٿئين ها ڪنن ۾ قبر،
ڳالهه هُلي ساري ملڪ ۾، وڃي پئي کاهڙ منجهه خبر،
”مٺو“ چئي ٻڌي ساهڙ جي سانڀر، اچي منڌ ملي ميهار
کي.
(مٺو ٻروچ)
سهڻي = هرڻي. ساهڙ = حضورﷺ جن.
کاهڙ ۾ خبر پوڻ = هرڻي جي ٻچن کي خبر پوڻ.
منڌ = هرڻي. ميهار = حضورﷺ جن.
مراد:
حضورﷺ جن هرڻي کي ڦاٿل ڏسي مٿس رحم آڻي کيس آزاد
ڪيو نه ته ماري جي ور چڙهي وڃي ها ته سندس کاڄ ٿئي
ها ۽ واعدي موجب جڏهن موٽي حضورﷺ جن جي حضور ۾ ٿي
آئي ته اها خبر سندس ٻچن کي پئي ته اهي به ماءُ
سوڌا حضورﷺ جن وٽ اچي حاضر ٿيا.
[295]
منڌ پئي مامري، آئي اجل هٿ عورت، اوڏو جڏهن اصيل
ٿيو، ڏٺائين جمالي جلوت،
پاسي ڪيائين پهنوار کؤن، اها عداوت،
هُن ڪري صبوريت، اچي مامَ مڃي ”مهر“ چئي.
(بهاول مهر)
منڌ = هرڻي. اجل = ڪوڙڪي.
اصيل = حضورﷺ جن. پهنوار = هرڻي.
عداوت = ڪوڙڪي. هن = ماري ڏڌانهن اشارو.
مراد:
هرڻي ماريءَ جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسي پئي، اوچتو حضورﷺ جن
آيا، جن هرڻي کي آزاد ڪيو. جا ٻچڙن کي کير پياري
موٽي آئي. ماري اها حالت ڏسي ايمان آندو.
[296]
ماڙيءَ سر مدام، ماڙ نهاري مارئي،
ڪڍي ڪوٽن مان ڪئي، آجي عمر ڄام،
باندي ڇڏي بند مان، ويريءَ کان وريام،
ساٿ سلامت سام، ماڙ رسي وڃي مارئي.
مارئي = هرڻي. عمر = حضورﷺ جن.
ويري = ماري. وريام = حضورﷺ جن.
ساٿ = هرڻي ۽ سندس ٻچا. ماڙ = هرڻيءَ
جي رهڻ واري جاءِ.
مراد:
حضورﷺ جن هرڻيءَ کا ماريءَ جي دام مان آزاد ڪيو جا
پنهنجي ٻچڙن کي کير پياري واعدي موجب ٻچڙن سوڌي
موٽي آئي. حضورﷺ جن جي ڪرم کان متاثر ٿي ماريءَ
هرڻيءَ کي ڇڏي ڏنو.
[297]
هڪ به ويس هٿن مان، جڏهن ٻئي ٻڌس ٻرو،
ورتائين وهندو ئي، تڏهن تار ترو،
ڏينهن ڏسي شينهن ٿيو، تڏهن پيس پرو،
کوٽي کي کرو، هوت ڪيو ”حاجي“ چئي.
(حاجي مهيسر)
هڪ = شڪار ڏانهن اشارو. ٻيو = ننڊ ڏانهن
اشارو. وهندو ئي = بيداري.تار ترو وٺڻ = ننڊ
واري حالت ۾ بي سُڌ ٿيڻ. ڏينهن ٿيڻ = ننڊ مان
جاڳڻ. کڱوٽو = ماري. هوت = حضورﷺ جن.
مراد:
ماري کان هڪ ته شڪار ويو ته کيس ننڊ اهڙي آئي جو
ڏينهن ٿي ويس. سجاڳ ٿيڻ تي حضورﷺ جن سان تڪرار
ڪيائين، پر آخر سندس ڪرم ڏسي ايمان آندائين. |