سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :46

Text Box:  

ڀاڱو چوٿون

قدرت

[ڌڻيءَ سڳوري جي قدرت جا معجزا]

1- عزازيل

        چون ٿا ته الله تعاليٰ هڪ دفعي ملائڪن کي چيو ته ملائڪو! سگهو ئي توهان مان ڪنهن هڪ مَلائڪ تي لعنت ايندي. اهو فرمان ٻڌي سڀني ملائڪ خوف ۾ ڪنبڻ لڳا. آخر مڙئي گڏجي هڪڙي وڏي مَلائڪ عزازيل وٽ آيا ۽ کيس چيائون ته هل ته گڏجي خدا تعاليٰ کان ڇوٽڪاري جي دعا گهرون ۽ توبهه تائب ٿيون پر عزازيل نه ويو ۽ ٻين سڀني دربار الاهي ۾ سجدا ڪيا.

        سگهوئي الله تعاليٰ حضرت آدم عليہ السلام خلقيو ۽ ملائڪن کي سجدي ڪرڻ جو حڪم ڪيو. ٻين حڪم جي تعميل ڪئي پر عزازيل تڪبر ڪري حضرت آدم عليہ السلام کي سجدو نه ڪيو چيائين ته توکي ڇڏي، هن خاڪيءَ کي اسين ناري ڪيئن سجدو ڪريون. انهيءَ نافرمانيءَ سبب الله تعاليٰ ان تي ناراض ٿيو ۽ کيس آسمان تان تڙايو.

        چون ٿا ته جڏهن عزازيل تڙيو تڏهن الله تعاليٰ کي عرض ڪيائين ته مون ٻاڙيءَ ٻاڙيءَ زمين تي توکي سجدو ڪيو آهي، پوءِ اُن جو بدلو مون کي اهو ٿو ملي جو اڄ تڙجڻ جو حڪم مليو اٿم. تڏهن الله تعاليٰ فرمايو ته تون ڪيئن ٿو چئين ته تو سجدا ڪيا آهن، اُن جو شاهد ڪير آهي؟ عزازيل چيو ته منهنجي سجدن جي شاهد ڌرتي آهي. حڪم ٿيس ته ڌرتيءَ کان پڇي اچ. قدرت کي ته هن جو تڪبر پسند نه هو، سو هي جڏهن ڌرتيءَ کان پچڻ لاءِ ويو ته ڌرتي جا طبق ئي ڦري ويا. هيٺيان طبق مٿي ٿي ويا ۽ مٿيان هيٺ. پوءِ جڏهن عزازيل ڌرتي کان پڇيو، تڏهن ڌرتيءَ خدا جي پاڪ ذات جو قسم کڻي چيو ته مون کي هن جي عبادت جي ڪابه خبر نه آهي. اهو جواب ٻڌي هو لاجواب ٿي ويو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[1]

چڙهي ڏائي ڏار تي، ڪانگل ڪالهه ڪَهيو،

سڀني سرتن هٿ مان، پَهو پٽ پِيو،

کِلي اٽ کنيو، ويچارن ورونهه جو.

 

ڪانگل = الله تعاليٰ جي حڪم ڏانهن اشارو.

سرتا = ملائڪ. ارٽ = ذڪر الاهي.

 

مراد:  الله تعاليٰ جو حڪم ٻڌي ملائڪ خوف ۾ ڪنبيا ۽ سجدي ۾ ڪري سندس ذڪر ڪيائون.

 

[2]

پنهنجي عورت کي ”علي شير“ چئي، نڪري ويو نانگو،

پاڻ وڃائي پاسي ڪري، ڪيائين سهڻن جو سانگو،

قادر هن جي قبول ڪئي، هنيو دعا وارو دانگو،

جيڪي موليٰ جو هو مانگو، سو نار وٺي نڪري ويو.

 (علي شير جاگيراڻي)

 

عورت = اميد. نانگو = عزازيل.

سهڻا = ٻيا ملاڪ. دانگو = ٻين لاءِ دعا.

 

مراد:  عزازيل الله تعاليءِ جو حڪم نه مڃيو ۽ تڪبر ڪيائين ته اسين ناري هن خاڪي ۽ حضرت آدم عليہ السلام کي ڪيئن سجدو ڪريون؟ انهيءَ نافرماني سبب الله تعاليٰ جي بخشش کان وانجهو رهيو.

 

[3]

ڏو جو ڏياچ، سو سورٺ سُرهو نه ڪيو،

ڪيرتا ڪنبي ويا، ڪوماڻا ڪُماچ،

ڪاجا لڳي واچ، تنهن موهيا مڱڻهار کي.

 (رسالو)

 

ڏياچ = عزازيل، سورٺ = زمين.

ڪيرتا ۽ ڪماچ = زمين جا طبق.

واچ = الله تعاليٰ جي رضا. مڱڻهار = پٽ.

 

مراد:  الله تعاليٰ جڏهن عزازيل کي تڙيو، تڏهن عرض ڪيائين ته مون تنهنجي هيڏي عبادت ڪئي آهي تنهن جو اهو بدلو مون کي مليو آهي. الله تعاليٰ فرمايس ته ان جو شاهد ڪير آهي؟ چيائين ته ڌرتي. وري حڪم ٿيو ته حاضر ڪر ڌرتيءَ کي جنهن تي تو سجدا ڪيا آهن. عزازيل ڌرتيءَ کي حاضر ڪرڻ لاءِ ويو، ته الله تعاليٰ جي رضا موجب ڌرتيءَ جا طبق مٽجي ويا. هيٺانهان مٿي اچي ويا ۽ مٿانهان هيٺ هليا ويا هئا. عزازيل ڌرتي حاضر ڪئي، جنهن قسم کڻي چيو ته مون کي هن جي عبادت جي ڪابه خبر نه آهي.

 

[4]

آءٌ سامونڊي سنبهي، سوڌو جهل سکاڻ،

لڳي واءُ وڏاندزو، تون مٿو جهل مهراڻ،

جني ڄاتو پاڻ، ٿيا تڙ توائي تن جا.

 (رسالو)

 

پاڻ = عزازيل ڏانهن اشارو.

ٿي تڙ توائي تن جا = عزازيل جي عبادت

ڏانهن اشارو.

 

مراد:  عزازيل الله تعاليءَ جي نافرماني ڪري پنهنجي عبادتن جو ثواب به وڃائي ڇڏيو.

2- هارُوت ۽ مارُوت

        هارُوت ۽ مارُوت ٻه ملائڪ هئا جن الله تعاليٰ کي عرض ڪيو ته انسان الاجي ڇو گمراهه ٿيا آهن، جڏهن تنهنجو جلال به ڄاڻن ٿا. باري تعاليٰ فرمايو ته اتي هنن کي وڏي آزمائش مان اڪرڻو ٿو پوي. پوءِڪيترائي ان ۾ غلط راهه وٺن ٿا. پر ملائڪ چيو ته جيڪڏهن اسان کي انساني خواهشون ڏنيون وڃن ته اسين تنهنجي حڪمن تي قائم وينداسون. پوءِ هو الله تعاليٰ جي حڪم اسان انساني خواهشن سان ڌرتيءَ تي آيا ته شراب پيتائون، بدي ڪيائون ۽ پاڻ ۾ وڙهيا. جڏهن نشو لٿن تڏهن الله تعاليٰ کي ٻاڏائي عرض ڪيائون ته: اسان نه سمجهيو هو، برابر هن دنيا جو امتحان ڏکيو آهي. اسين ڪري پيا آهيون. اُتي جي سزا جي عيوض اسان کي هتي سزا ملي. چون ٿا ته اُهي ملائڪ ڏينهن قيامت تائين بابل جي اونداهي کوهه ۾ لڙڪيا پيا هوندا.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[1]

سنياسي سيئي، جيڪي آدم کان اڳي هئا،

اوريان اورين عام سان، پريان پريئي،

دُرس ولايت دين جي، تنين کؤن ويئي،

آديسي اُهيئي جيڪي ملڪن ۾ مشهور ٿيا.

 

سياسي = هاروت ۽ ماروت ٻه ملاڪ.

تنين = هارون ۽ ماروت ڏانهن اشارو.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[2]

ٻڪر ٻاٻاڻن جا، ٻڌا ٻاڪارين،

ڪريو مهاڙ ملير ڏي، ٿا سائين سنڀارين،

تن کي ٿا سارين، جن هيرايا هنجن تي.

 

ٻڪر = هاروت ۽ ماروت. ٻاٻاڻا = ملڪوتي عالم.

ملير = عرس عظيم. سائين = الله تعاليٰ.

تن = ٻين ملائڪن ڏانهن اشارو.

 

مراد:  هاروت ۽ ماروت ملڪوتي عالم ان انساني خواهشن سان دنيا ۾ اچي بڇڙن ڪرتوتن جي سزا پاتي ۽ پنهنجي اصل مڪان وڃڻ لاءِ واجهائيندا وتن.

3- اصحاب ڪهف

        دقيانوس بادشاهه بت پرست هو. هو پنهنجي رعيت تي به بتن ۽ پنهنجي پوڄا لاءِ زور رکندو هو. ان جي وقت ۾ سندس ڇهه نوڪر جي هر وقت سندس خدمت ڪندا هئا، سي ان جي خلاف ٿي، بتن جي ۽ سندس پوڄا کان انڪار ڪري اٿي هليا. ساڻن ”قطمير“ نالي هڪ ڪتو به گڏ هو. هلندي هلندي رستي تي کين هڪ ڌنار مليو، جنهن کانئن خبر چار ورتي. حقيقت ٻڌي هو پاڻ به انهن سان گڏجي هلڻ لڳو ۽ سڀ ئي ”ڪهف“ نالي جبل تي اچي پهتا ۽ ان جي غار ۾ گهڙي الله تعاليٰ جي عبادت ڪندا رهيا. عبادت ڪندي کين اهڙي ننڊ آئي جو ڇهين مهيني پاسو بدلائيندا رهيا. ائين ڪيئي ورهيه گذري ويا تان جو دقيانوس جي بادشاهي به ختم ٿي وئي.

        چون ٿا ته دقيانوس کي نوڪرن زور پئي ڏنا ته ان جي مٿان اوچتو هڪڙو ڪئو اچي ڪريو. دقيانوس ”الله“ چئي ڇرڪ ڀري اٿي ويهي رهيو. انهيءَ تي انهن خذمتگارن خيال ڪيو ته هي پاڻ الله جو نالو پيو وٺي، سو پاڻ الله نه آهي، تنهنڪري دقيانوس وٽان ڀڄي ڪنهن جبل جي غار ۾ اچي الله تعاليٰ جي عبادت ڪرڻ لڳا. الله تعاليٰ انهن جي عبادت قبول فرمائي ۽ اهي قيامت ۾ بهشت حاصل ڪندا.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[1]

سڀيئي هليا ”سولنگي“ چئي، پسي سو پيوند،

ڇڏي پچر پيوند جي، هنن ٻيو راهه ورتو رند،

نڪي ڏٺائون الله اکين سان، نڪي مڃيائون محمد،

پوءِ هادي تن جو هنڌ، بيشڪ جوڙيو بهشت ۾.

 (سولنگي)

 

سڀئي = اصحاب ڪهف ۽ سندن ڪتو.

پيوند = دقيانوس بادشاهه.

 

مراد:  دقيانوس جا ڇهه خذمتگار ۽ هڪ ڪتو ان کي ڇڏي ڪهف جبل جي غار ۾ وڃي الله تعاليٰ جي عبادت ۾ مشغول ٿيا. انهن جيتوڻيڪ الله تعاليٰ اکين سان نه ڏٺو هو ۽ نڪي حضرت محمدﷺ کي مڃيو هو پر اهي عبادت ۽ زهد جي سبب الله تعاليٰ وٽ مقبول ٿيا.

 

[2]

ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب رب سڌر،

اهو هو مڇ مڇريو ملڪ ۾، اچي مواسيو مانگر،

اهي مير رهيا ٿي ميڻ ۾، سي به ڪامل هئا ڪونڌر،

جوش انهيءَ مان ”جاڙو“ چئي، هي جنبي گهڙيا جر،

ڪلاچيءَ جي ڪن تي، ٿين نالا نيشانبر،

آهي عام خبر، انهن ملاحن جي ”مري“ چئي.

 (جاڙو خان مري)

 

مڇ = دقيانوس ڪافر. مير = خدمتگار.

مياڻ = دقيانوس جي محلات.

ڪلاچي جو ڪن = ڪهف جبل جو غار.

ملاح = خذمتگار.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[3]

ڪيچين تنهن قربمان، ڪيون ٿي رهاڻيون ۽ رس،

ڏمر جي ڏير ويا، ڪري ڀنڀورئون ئي بس،

سنگت تنهن ساٿ سان، گام ورتائون گس،

جبل ۾ ”جاڙو“ چئي، ويا لنگهي ليڙا لس،

اڃا ڏور پون ٿا ڏس، انهن مهرين جا ”مري“ چئي.

 (جاڙو خان مري)

 

ڪيچني = دقيانوس جا خدمتگار.

ڏير = خدمتگار. ڀنڀور = دقيانوس جو شهر.

ليڙا = خدمتگار.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[4]

جوڳي ڀوڳي ڪاپڙي، اُهي جوڳي ٿا جاڳن،

پيٽ پليا هوَئون پنهنجا، يسا ڏيئي تن،

بک مرندي بکيا، ڪنهن کؤن ڪين گهرن،

ڦڪي فقيرن، مٺي ڳڌي آ ماٺ جي.

 

ڪاپڙي اصحاب ڪهف. ماٺ = ننڊ.

 

مراد:  اصحاب ڪهف جيئن غار ۾ گهڙيا تيئن ڪنهن به شيءِ جي طلب نه ڪيائون ۽ عبادت ڪندي گذاريائون، نيٺ ننڊ اچي وين.

 

[5]

ويٺي وٽيائون، اوبيندي اٿي ويا،

جنهن درجو هئن آسرو، سودر ئي مٽيائون،

هت به کڻيائون، هُت به گڏيا هوت کي.

 

اوبيندي اٿڻ = زورن ڏيندي هليو وڃڻ.

سودر = دقيانوس واري وقت ڏانهن اشارو.

هوت = خدا پاڪ.

 

مراد:  دقيانوس پاڻ کي خدا چوائي عبادت ڪرائيندو هو، هن جي خدمتگارن ڏٺو ته هن ڪئي ڪرڻ سان الله جو نالو ورتو تڏهن سمجهيائون ته هي اسان جو الله نه آهي پر اهو ڪو ٻيو آهي، تنهنڪري هن کي ڇڏي الله تعاليٰ جي عبادت ڪرڻ لاءِ ڪا جاءِ هٿ ڪرڻ لاءِ پنڌ پيا ۽ ڪهف جبل جي غار ۾ وڃي عبادت ڪندا رهيا. عبادت ڪندي ئي کين ننڊ اچي وئي ۽ الله تعاليٰ وٽ مقبول ٿيا.

 

[6]

جوڳي هن جهان ۾، سامي ست هئا،

نه هئا محڪم دين تي، ساري لوڪ سئا،

هندوءَ پاسي هئا، اُهي ڄيري، ڄراٽيا ڪينڪي.

 (عليم فقير مڱريو)

 

جوڳي، سامي = ڇهه اصحاب ۽ ستون ڪتو.

هندو = دقيانوس ڪافر.

 

مراد:  اصحاب ڪهف دقيانوس کي ڇڏي سچي الله تعاليٰ جي عبادت ڪري دوزخ جي باهه کان بچي ويا.

 

[7]

جوڳي هن جهان ۾، هئا ست ڄڻا سامي،

نڪي نويا نماز جي، نڪي جوڙيائون جامعي،

وڃي ٿيا آرامي، بهشت ۾ ”بلال“ چئي.

 (بلاول)

 

جوڳي = دقيانوس جا ڇهه ماڻهو ۽ ستون ڪتو.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

4- بخت نصر

          بابل شهر جي هڪڙيِ بادشاهه ”جام“ نالي هڪ سهڻي عورت بنا نڪاح پاڻ وٽ ويهاري، جنهن کي هڪڙو حرامي ٻار ڄائو. عورت خواريءَ کان اهو ٻار هڪڙي بت ”نصر“ نالي جي اڳيان ڇڏي هلي وئي. خدا تعاليٰ جي قدرت سان هڪڙي ڪتي اچي هن کي کير ڌارائي ويندي هئي. اتي هو پئي وڏو ٿيو. ماءُ ٻارهن مهينن بعد ان جو سماءُ لڌو. جڏهن کيس معلوم ٿيو ته ڪتيءَ جي کير تي نپنو آهي تڏهن اتان کڻي گهر آئي. جڏهن وڏو ٿيو ته اهڙو طاقت وارو ٿيو جو ڪوبه ساڻس مٽ نه پئجي سگهندو هو. ان وقت بني اسرائيل قوم حضرت ارمياءَ نبيءَ کي تنگ ڪيو هو. حضرت ارمياءَ کي الله تعاليٰ وٽان پيغام پهتو ته بني اسرائيل قوم لاءِ بخت نصر کي بادشاهه ٿيڻ جي آڇ ڪر ۽ کانئس مدد وٺ. انهيءَ حڪم سان نصر، بني اسرائيل قوم جو بادشاهه ٿيو. جڏهن تخت تي ويٺو تڏهن ڪيترا ملڪ هٿ ڪيئين ۽ انهيءَ لالچ ۾ بيت المقدس تي ڪاهي ويو، جتي ڦرلٽ ڪري ڪيتري دولت هٿ ڪيائين.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.

[1]

وٺو راهه رسول جي، ويو اَٿو سچ ٻڌائي سرور،

مدد تنهن مغل کي، ڏني هئي پاڻ ڌڻي پرور،

آلادين تنهن دودي تي، هليو لاءءُ وٺي لشڪر،

اَها ٻاگهي آڻيدس ”ٻروچ“ چئي، جا آهي نالي نشانبر،

ڪري هليو تڪبر، موٽيو ئي ڪين ”مري“ چئي.

 (احمد خان مري)

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

5- ملائڪ اِسرافيل ۽ عزرائيل

 

        قيامت وقت صُور ڦوڪڻ جو ڪم ملائڪ اسرافيل جي حوالي آهي، هو الله تعاليٰ جي حڪم جي انتظار ۾ ايتري قدر تيار بيٺو آهي، جو اک به نٿو ڇنڀي ته متان صور ڦوڪڻ جو اِشارو ٿئي ۽ آءٌ اک ڇنڀڻ سبب ڏسي نه سگهان ۽ چون ٿا ته هر وقت پيو روئي ته متان مون کان حڪم جي تعميل ۾ ڪا گهٽتائي ٿي وڃي ۽ هُو الله تعاليٰ جي خوشنودي خاطر سدائين خوش هوندو آهي.

        چون ٿا ته ملائڪ عزرائيل مخلوق جي ساهه قبض ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيل آهي، اهو پنهنجو فرض پورو ڪندو رهي ٿو. قيامت ۾ جڏهن هو سڀ روح قبض ڪري وٺندو ۽ باقي پاڻ وڃي بچندو، تڏهن اُن کي الله تعاليٰ طرفان حڪم ٿيندو ته جيئن ٻين جا روح قبض ڪيا ٿئي، تيئن هاڻي تون پنهنجو به روح قبض ڪر. عزرائيل پنهنجي ساهه قبضن ڪرڻ لاءِ گهڻي ڪوشش ڪندو پر سندس ساهه نه ويندو. نيٺ الله تعاليٰ پنهنجي حڪمت سان سندس روح قبض ڪندو.

مٿئين بينا بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[1]

جوڳيءَ کي جُڳ ٿي، مٿي سين ميري،

ڪَڪا وار ڪُلهن تي، ڄَراٽين ڄيري،

اکيون الک سامهون، ڀؤ نه پيو ڀيري،

جاسين نيهن نه نيبري، تاسين سُور چري تيئن سنرو.

 

جوڳي = ملائڪ اسرافيل.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[2]

ڪتَڻ واري ڪَتبو، سُٽ به ڍيرون ڍير،

باقي رهو سير، سو آڻڻ ۾ اوکو لڳو.

 

ڪَڻ وارو = عزرائيل. سٽ = ساهه.

ڍيرون ڍير = مخلوق جي ساهن ڏانهن اشارو.

سير = عزازيل جو ساهه

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[3]

بڪاري باغ مان، ويٺو گل ڇني،

نڪي گل کُٽن ٿا، نڪي ڇٻوئي ڀرجي.

 

بڪاري = ملڪ عزرائيل. گل ڇنڻ = ساهه قبض ڪرڻ.

 

مراد:  ملائڪ عزرائيل الله تعاليٰ جي حڪم سان مخلوق جا ساهه قبض ڪندو رهي ٿو.

 

[4]

سورٺ مئي سک ٿيو، خيما کنيا کنکهار،

نڪو راڳ نه روپ ڪو، نڪا تند تنوار،

تنهان پوءِ مکڻهار، ڏنو سِرَ ڏياچ کي.

 (رسالو)

 

سورٺ = مخلوقات. خيما = روح.

کنکهار = الله تعاليٰ. مڱڻهار = عزرائيل.

ڏياچ = الله تعالي.

 

مراد:  قيامت ۾ ملائڪ عزرائيل سڀني مخلوقن جا روح قبض ڪري وٺندو باقي سندس روح وڃي رهندو. تڏهن حڪم ٿيندس ته هاڻ تون پنهنجو ساهه قبض ڪر. هو گهڻئي ڪوشش ڪندو پر ساهه نه ويندس. پوءِ الله تعاليٰ پنهنجي حڪمت سان سندس روح قبض ڪندو.

 

[5]

اُٺيون هن الله جون، جانگيون ڪن چَرن،

هو ٻُجهن ٿيون هنگلاج ۾، وهليون ڪين ورن،

تيئن ئي کير پين، آهي موت معافي جن ٿئون.

 

اُٺيون = حورون. هنگلاج = بهشت.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان. 

6- انسان جي قرباني

        چون ٿا ته الله تعاليءَ جڏهن انسان ٿي خلقيو تڏهن ملائڪن عرض ڪيو ته عبادت لاءِ اسين ڪافي آهيون ۽ انسان دنيا ۾ فتنو فساد ڪندو، پر الله تعاليٰ فرمايو ته هو جيڪا قرباني ڪندوسا اوهين نه ڪري سگهندئو، توهين ڀلي انهن کي وڃي آزمايو. پوءِ ملائڪن هڪڙي ماڻهوءَ کي ڏٺو جنهن گهر، اولاد ۽ سڀڪجهه الله تعاليٰ جي راهه ۾ قربان ڪيو هو. ملائڪن کيس چيو ته تون چاهين ٿو ته زال ۽ ٻار ڏسان؟ چيائين ته مون ڌڻيءَ جي راهه ۾ قربان ڪيا آهن هاڻي منهنجو انهن سان ڪهڙو واسطو؟ مون لاءِ الله تعاليٰ ئي بس آهي. تڏهن ملائڪن به انسان جي قربانيءَ کي مڃيو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.

 

[1]

سَوَ سُک ڏيئي، ڏک ورتائين هيڪڙو،

تنهن نيئي، درد سُونهايس دوست جو.

 

سک = گهر ٻار ۽ مال ڏانهن اشارو.

ڏک = الله تعاليٰ جي ياد. دوست = الله تعاليٰ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

7- قرآن شريف ۽ سندس سورتون

 

        حضرت آدم عليہ السلام کان وٺي جدا جدا نبين سڳورن تي الله تعاليٰ طرفان پاڪ ڪتاب پئي لٿا آهن، مثلاً: توريت، انجيل، زبور ۽ قرآن شريف. قرآن شريف سڀني پاڪ ڪتابنکان آخر ۾ اسان جي نبي ڪريمﷺ جن تي لٿو. اهو قرآن شريف قائم ۽ مڪمل آهي جو قيامت تائين قائم رهندو. قرآن شريف جون سورتون الله تعاليٰ وٽان هڪ سئو چوڏهن نازل ٿيون آهن. فقط هڪڙي سورة ”توبه“ کانس واءِ ٻيون سڀ سورتون ”بسم الله“ سان شروع ٿيون آهن. پر هڪڙي سورة ”النمل“ جنهن ۾ حضرت سليمان عليہ السلام جو بيبي بلقيس ڏانهن خط جو ذڪر آيل آهي ان کي هڪ وڌيڪ ”بسم الله“ جو شرف مليل آهي.

[1]

تارا مڙيئي ڀلارا، پر هيءَ اور اٿئي آساني،

جنهن جو ناتو نبيءَ ڪريم سان، وڃان تنهن قطب تان قرباني،

ننهن پير نه هضئو پوئتي، ٻيا اهن سڀيئي سيلاني،

مُور نه ڏسندين مُلڪ ۾، مَٽ تنهن جو ثاني،

”روشن“ ڪئي مالڪ مهرباني، اهڙو ٻيو خاوند خلقيو ڪونڪو.

(روشن شاهه)

هيءُ = ڪلام پاڪ ڏانهن اشارو.

قطب = قران شريف. ٻيا = توريب، انجيل،

زبور وغيره ڏانهن اشارو.

 

مراد:  حضرت آدم عليہ السلام کان وٺي صحيفا ۽ ڪتاب مثال توريت، انجيل زبور قدرت جي طرفان نبين سڳورن تي لٿعا. جن ۾ ڦير گير ٿي پئي ۽ آخر اسان جي نبي ڪريمﷺ تي قرآن شريف لٿو. جو قائم ۽ مڪمل آهي ۽ اُن ۾ ٻين پاڪ ڪتابن وانگر ڪابه ڦير گهير نه ٿيندي.

 

[2]

عرشئور لهي ائيون، سوڍيون صورتدار،

هاڪاريون سي حسن جون، مانڊي موچار،

”مصراڻي“ چئي ملڪ ۾، آهي تن جي تانگهه تنوار،

هئي انهن ۾ هڪڙي، نماڻي ڪانار،

ڏس آگي جا اسرر، جو نٿ نه ڏنائينس نڪ ۾.

(احمد خان مصراڻي)

 

سوڍيون = قران شريف جون آيتون.

نار = توبهه سورة ڏانهن اشارو.

نٿ = بسم الله ڏانهن اشارو.

 

مراد:  قرآن شريف ۾ هڪ سئو چوڏهن سورتون آهن، انهن مان هڪ ”توبهه“ سورة ”بسم الله“ کان خالي آهي.

 

[3]

هڪ سئو چوڏهن سهڻيون، آهن ثابت سڀيئي.

سي ڪامڻيون پنهنجي ڪانڌسين ٿيون مرڪن مڙيئي،

ان مان هڪڙي، اچي دک ۾ دکوئي،

پوءِ انگ ويس وهي، ٿي غمگين ”گڊو“ چئي.

(لونگ گڊو)

 

سهڻيون = آيتون. ڪانڌ قرآن شريف.

 

مراد:  قرآن شريف ۾ هڪ سئو چوڏهن سورتون آهن، انهن مان هڪ ”توبهه“ سورة ”بسم الله“ کان خالي آهي.

 

[4]

خالق سهڻيون خلقيون، سؤ ڏهه ۽ چار،

ٻين سڀني کي نٿون نڪ ۾، هوءَ نٿ نه رکي ڪار،

جيڪا نٿ کان ڌار، سا ويٺل سڀني جي وچ ۾.

 

سهڻيون = قرآن شريف جون سورتون.

نٿ = بسم الله. هوءَ = سورة توبهه ڏانهن اشارو.

 

مراد:  قرآن شريف ۾ هڪ سؤ چوڏهن سورتون نازل ٿيون آهن. انهن سڀني جي اڳيان بسم الله موجود آهي. فقط سورة توبهه کي بسم الله سان شروع نه ڪيو ويو آهي ۽ اها سورتن جي وچ ۾ موجود آهي.

 

[5]

ليلن جو لِهور ۾، سهڻو هو سهاڳ،

ڪؤنروءَ ڪچو ڪينڪي، جنهن جو ڀلو ٿيو ڀاڳ،

هن کي مليو سهاڳ، هوءَ هيڪلي رهي حجام چئي.

(مير محمد حجام)

 

ليلان = سورة النمل، لهور = قرآن شريف.

ڪونرو = سورة توبهه. هيڪلي = سورة توبهه

ڏانهن اشارو.

مراد:  قرآن شريف ۾ هڪ سورة ”النمل“ آهي، جنهن ۾ حضرت سليمان عليہ السلام جو بيبي بلقيس کي خط لکڻ جو ذڪر آيل آهي، ان جي شروعات ته بسم الله سان آهي. مگر انهيءَ سورة کي ٻيو شرف ٻي بسم الله جو پڻ مليل آهي. ۽ ٻي هڪڙي سورة “توبهه“ آهي، جنهن ۾ هڪڙي به بسم الله ڪانهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org