سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :36

کير ۾ برڪت پوڻ:

        چون ٿا ته هڪڙي دفعي ابوهريره کي ڏاڍي بک لڳي. هن خيال ڪيو ته نماز کانپوءِ حضورﷺ جن کي عرض ڪري، کانئن ماني وٺي کائيندس. پر جڏهن نماز کان سڀئي مومن فارغ ٿيا ته حضورﷺ جن جو دستور هوندو هو ته نماز کان پوءِ جيڪي به محتاج وٽن ايندا هئا، تن کي ڪجهه نه ڪجهه کارائيندا پياريندا هئا. سو ابوهريره کي هڪ کير جي پيالي ڏيئي فرمايائون ته هنن محتاجن کي هي کير وڃي پيار. ابوهريره حيرت ۾ پيو ته هي پاءٌ ڏيڍ کير ته مون هڪڙي لاءِ به پورو ڪونهي، سو آءٌ ڪهڙي منهن سان ٻين کي به پياريان. تنهن تي حضورﷺ جن سهي ڪيو ته ابوهريره کي شڪ جاڳيو آهي. پوءِ پاڻ فرمايائون ته تون وڃي پيار. پاڻهي الله تعاليٰ هن ۾ برڪت وجهندو. آخر ابوهريره اهو کير وڃي پيارڻ شروع ڪيو ته هڪڙي شخص پي ڍؤ ڪري ٻئي کي پيالي موٽائي ٿي ڏني. ابوهريره ڏٺو ته پياليءَ ۾ کير اوتروئي موجود هو. پڇاڙيءَ ۾ پاڻ به پي ڍؤ ڪري پياري موٽائي ڏنائين.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.

 

[380]

چارڻ چلي اچي، راجا وٽ رهيو،

ٻيجل ٻوليو ڪينڪي، تنهن کان کنگهارا اڳي سرکنيو،

هن جو ارادو ”عبدالله چئي، اڳئي هو اهو،

پر قدرت ڪم ڪيو، نه ته دانهن پيو هو دهلجي.

 (عبدالله)

 

چارڻ = ابوهريره. راجا = حضورﷺ جن.

ٻيجل = ابوهريره. کنگهار = حضورﷺجن.

اهو = ابوهريره ڏانهن اشارو.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

سڙيل باغ سائو ٿيڻ:

        چون ٿا ته راهب نالي هڪ يهوديءَ جو باغ سڙي ويو هو. هن توريت پڙهندي حضورﷺ جن جا پار پتا معلوم ڪيا هئا، تنهنڪري کيس يقين هو ته اهڙي سڳوري نبيءَ جي قدمن گهمائڻ سان منهنجو باغ سائو ٿيندو. پوءِ ڇا ڪيئين جو هڪ خاص هنڌ تي کٽ وجهائي ويٺو هوندو هو ۽ اتان جيڪو قافلو لنگهندو هو تنهن جي دعوت به ڪندو هو ۽ ان ۾ حضورﷺ جن کي به پيو ڳوليندو هو. تان جو هڪ ڀيري حضورﷺ جن اچي اتان مٽيا. کين ڏسي ان کي توريت جا ڏسيل نشان ياد آيا ۽ کيس پڪ ٿي ته هي اهو ئي شخص آهي، پوءِ کين عرض ڪري باغ ۾ وٺي آيو. چون ٿا ته ٿورن ئي ڏينهن ۾ اهو ڪيتري عرصي جو سڙيل باغ وري تازو ۽ سائو ٿي پيو ۽ پاڻ به حضورﷺ جن تي ايمان آڻي مسلمان ٿيو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[381]

قلم ڪهڙو ڏوهه ڏيان، آهي ڏوهه منهنجي ڪرمن،

ڏکيا سکيا ڏينهڙا، گذاريا منجهه غمن،

اٿم سڪ سڄڻ جي، پرين مانَ اچن،

آيس ملير محلين، ٿيس مزا منجهه منگهن،

اهڙا محبت مينهن وسن، هر ڪنهن وٽ ”حجام“ چئي.

 (ميرمحمد حجام)

 

ڌيان = راهب ڏانهن اشارو. سڄڻ = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

ڳيريءَ لاءِ دعا:

        هڪڙي ڳيري جهنگ ۾ گڏ ٿيل ڍنگرن جي ڪنهن ڪُهڙ ۾ آنا لاٿا هئا ۽ اتي انهن تي آرو ڪيائين. ٻڍا ڦٽا ته هاري به ان ڏينهن ڪهڙ سارڻ لڳو. اهو حال ڏسي ڳيري حضورﷺ جن وٽ فرياد کڻي آئي، کين عرض ڪيائين ته: يا نبي الله! منهنجا ٻڍا اڄ جلي خاڪ ٿي ويندا. حضورﷺ جن ان لاءِ دعا گهري. ڳيري موٽي اچي ڏسي ته آسپاس جا ڍنگر رک ٿيا پيا آهن، پر آکيري وارو ڍنگر سلامت پيو آهي، جنهن کي هاريءَ ڪڍي پرڀرو ڪري ڇڏيو آهي.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[382]

مارئي ملڪ ملير ۾، ڪيون پئي خوب خوشيون،

جڏهن آئي عمر ڪوٽ ۾، اچي رني رت رسيون،

پوءِ ته ڏنائونس پڪ ”پريو“ چئي، وڃي ڏٺئين هار هسيون،

ٿيون واهڙ منجهه وسيون، تڏهن مارئي گهمي ملڪ ملير ۾.

 (پريو ماڇي)

 

مارئي = ڳيري. عمرڪوٽ = حضورﷺ جن

جي ڪچهري. هار هسيون = ٻچا.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

ڦلن ۾ برڪت:

        هڪڙو سوالي حضورﷺ جن وٽ آيو ۽ اچي سوال ڪيائين. حضورﷺ جن ان وقت ڦلا کائي رهيا هئا، سو انهن مان مُٺ ڀري ان کي ڏنائون. سواليءَ کي ويچار ٿيو ته هن مان ڇا پيٽ ڀربو پر لاچار گهر کڻي ويو. سندس زال اهي ڦلا ڏسي خوش ٿي، انهن مان پنهنجي ٻارن کي کائڻ لاءِ ڏيندي ويئي. پر اهي ڦلا اوتري جا اوترا پيا هئا، جن مان مڙس کي به ڏنائين ۽ پاڻ به کاڌائين، پوءِ به اها لپ نه کتي. مڙس کان حقيقت معلوم ٿيڻ تي حضورﷺ جن جي انهيءَ ڪرم جي تعريف ڪرڻ لڳي.

        چون ٿا ته اها لپ مائيءَ سانڍي رکي جنهن مان ڏکئي وقت تي پنهنجي ضرورت پوري ڪندي هئي.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.

 

[383]

لاکيڻو ڪنهن چالر کان، ٿيو منگتو مکڻهار،

ويو هلي در حبيب جي، ڏنائين کولي خبر چار،

مليو دان درويش کي، وڏو ٿيس ويچار،

کوليو تنهن خوشيءَ مان، هو ننگ سڃاتو نار،

پوءِ ٿيا باغ بهار، مهل انهيءَ ”موريو“ چئي.

 (موريو کٽي)

لاکيڻو = غريب شخص (سوالي).

حبيب = حضورﷺ جن. دان = ڦُلا.

نار = سواليءَ جي زال. باغ بهار

ٿيڻ = ڦُلن ۾ برڪت پوڻ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

کجور جي ککڙيءَ مان کير نڪرڻ:

        هڪ سوالي حضورﷺ جن وٽ خيرات لاءِ آيو. خدا تعاليٰ جو شان جو وٽن گهر ۾ خيرئي خير هو. پاڻ بيبي صاحب کي فرمايائون ته اهڙي ڪا شيءِ هٿ ڪانه آئي باقي هڪڙي کارڪ جي ککڙي اڻي حاضر ڪيائين. حضورﷺ جن اها کڻي سواليءَ کي ڏني، جنهن اها کڻي وات ۾ وڌي ته ان مان کير نڪرڻ شروع ٿيو جو پي ڍؤ ڪيائين.

        چون ٿا ته ان شخص کي جيڏيءَ مهل ضرورت ٿيندي هئي ته اها ککڙي کڻي وات ۾ وجهندو هو. کير مان ڍؤ ڪري اها وري پلاند ۾ قابو ٻڌي ڇڏيندو هو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[384]

مطلب ڪڍي منڌ مؤن، ڪيئون عورت اگهاڙي،

مورت اها مُلڪ ۾، گهوٽ هئي گهاڙي،

سوال وٺي سائينءَ وٽ، هڪ ڏورئون آئي ڏاڙهي،

ڳنون تنهن کي ڳاڙهي، هوت ڏني ”حاجي“ چئي.

 (گابر)

 

منڌ = کجور جي ککڙي. گهوٽ = حضورﷺ جن.

ڏاڙهي = سوالي. ڳئون = کجور جي ککڙي.

هوت = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[385]

نه ڪي کير کٽڻي، نه ڪي ماڳ مري،

گوري جا ”گابر“ چئي، چانگي ڪين چري،

پنهنجي ڌيان ڌري، حضرت ڏني هئي هٿن سان.

 (گابر)

 

چانگي = کجور جي ککڙي.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[386]

ڪامل ٻوٽي پي ڪري، ڦٽي ڪيو هو ڦوڳ،

ڪيفي نشو ان کي چڙهيو، جنهن پيتو هو جوڳ،

متان پاندئين ڀوڳ، هو پينار مان پُر ٿيو.

 

ڪامل = حضورﷺ جن. ٻوٽي = کارڪ.

ڦوڳ = کارڪ جي ککڙي. اُن = سائل ڏانهن

اشارو. پينار = سائل.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

اَن جي ٻُڪيءَ ۾ برڪت:

        هڪڙي مائي حضورﷺ جن جي خدمت ۾ اٽي جو سوال ڪيو. حضورﷺ جن اُن مائيءَ کي اَن جي ٻڪي ڏيئي فرمايو ته جنڊ کي اسان جا سلام وڃي ڏي ۽ هيءَ ٻڪي اُن ۾ وجهه ته توکي اٽو ملندو. مائي گهر اچي جنڊ کي سلام ڏنا ۽ اها اَن جي ٻڪي جنڊ ۾ وڌائين. خدا جي قدرت جو جنڊ جي مٿان اَن اچڻ شروع ٿيو، جنڊ هلڻ لڳو ۽ اٽو وهڻ لڳو. مائيءَ پنهنجا مَٽ ماٽا سڀ اٽي سان ڀريا ته به جنڊ مان اَٽو وهڻ بند نه ٿيو. آخر ڪار اَن مائيءَ همت ڪري جنڊ جي مٿئين پڙ کي هيٺئين پڙ کان جدا ڪيو، تڏهن جنڊ جو هلڻ ۽ اَٽي جو وهڻ بند ٿيو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[387]

ٻڌي گل گوهر جا، اڙڏي رکيو آر،

جانب ورتو جوڳيءَ کي، جوان ڪري سوجار،

مطلب ڪيائين منڌ جا، ٿي ڪامڻ بيقرار،

همت ڪيائين خير سان، اتان پرس مٽيو هوپار،

تنهن جو نالو آهه نروار، اڄ تائين ”الهه بخش“ چئي.

 (الهه بخش)

 

گل = سلام. گوهر = حضورﷺ جن.

ارڏي = اُن. جانب = جنڊ، جوان = اَٽو.

منڌ = سوالڻ عورت. همت ڪرڻ = جنڊ جو

جو مٿيون پُڙ لاهڻ. حمير = جنڊ جو مٿيون پُڙ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[388]

موڪليل محبوب جي، ڪيو لاڏڪيءَ لقاءُ،

ڪامڻ ويهاري ڪچهريءَ ۾، ڪيئين اڌوتيءَ کي آءُ،

هلڻ چلڻ هن جو، جيئن واڪا ڪري واءُ،

تنهن جو سُڌ سماءُ، پئي هر هر لڏائين ”حاجي“ چئي.

 (حاجي فقير مهيسر)

 

محبوب = حضورﷺ جن. لاڏڪي = اُن جي

ٻُڪي. ڪامڻ = اُن جي ٻُڪي. ڪچهري = جنڊ

جي ٻن پڙن جي وچ واري جاءِ. آڌوتي = جنڊ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

مانيءَ ۾ برڪت:

        هڪڙو اصحابي سڳورو هڪڙي ڏينهن حضورﷺ جن ۽ ٻين ڪن اصحابن سڳورن کي خدا ڪارڻ دعوت ڏيئي وٺي آيو. سندس گهر ۾ اَٽو ٿورو هو، جنهن مان اصحابيءَ سڳوري جي زال ڪجهه مانيون پچائي رکيون. مهمان هئا اَسي، سو اصحابي سڳورو لاچار شرمندو ٿي اهي مانيون کڻي اچي حضورﷺ جن جي اڳيان رکيون. سڀني گڏجي کاڌو ۽ ڍؤ ڪري اٿيا، پر اصحابيءَ سڳوري ڏٺو ته مانيون اڃا به بچيون پيون آهن.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو

 

[389]

هلي آيو هيج مان، تڙ تماچي ڄام،

ڇُلي آيو ڇپرين، محبت رکي مام،

منڌ تنهن ملاح جي، هئي سا تنگ تمام،

وڌائي گل غريب کي، جهجها تنهن کي جام،

”لعلڻ“ لڳي لام، سَمي کڻي سُرهي ڪئي.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

تڙ = اصحابيءَ سڳوري جو گهر.

تماچي = حضورﷺ جن. ملح = اصحابي سڳورو.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

ڳنڍيل جارن ٻارن جو جدا ٿيڻ:

        هڪڙي اصحابي سڳوري کي ٻه جاڙا ٻار ڄاوا جن جون پٺيون ڳنڍيل هيون. هو اهي ٻار حضورﷺ جن وٽ کڻي آيو. حضورﷺ جن ٻنهي ٻارن جي وچان ڦڻي وڌي ته ٻئي جدا ٿي ويا ۽ اصحابي سڳورو خوش ٿي پنهنجا پٽ کڻي ويو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[390]

هڪ تپاءُ مان پيد اٿيا، جابر ٻئي جوان،

پيچ انهن جا پيچن سان، هئا آدم ٻئي انسان،

”طاهر“ چئي پري ٿيا پهلوان،

ڪاٺي ساڻ قريب جي.

 (طاهر ٻٻر)

 

تلاءٌ = پيٽ. پيچ پيچن سان هجڻ = پٺا

گڏيل هئڻ. ڪاٺي = ڦڻي.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[391]

هين ڪي رٿائون روح ۾، ڪي منشائون من،

ٿيو بهار ”بلوچ“ چئي، ٽڙيو پيا ٽڙن،

هاڻ ته خوشيءَ مان غم ٿيو، اچي ويچار وين،

پوءِ ته هڪ کڻي هاڪاريو، جنهن ڏٺو ساڻ اکين،

سا ته مطلب ڪريو اچي ”مجنون“ چئي، هير ڪيو هٿن،

پوءِ ته سرها ٿيا سانگين سان، لهي لحم وين،

جيڪو پاسي هوندو پنجتن، تنهن کي لهر لوڏيندي ڪانه ڪا.

 (مجنون)

 

هين رٿائون = ماءُ پيءُ ڏانهن اشارو. هڪ = اصحاب

سڳورو. هير = ڦڻي. لحم لهڻ = پٺيون جدا ٿيڻ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

ٻليءَ جو جُبي مبارڪ تي سمهڻ:

        چون ٿا ته هڪ دفعي حضورﷺ جن اصحابن سڳورن سان مجلس ڪري رهيا هئا ته هڪ ٻلي حضورﷺ جن جي بيخبريءَ ۾ اچي سندس جبي مبارڪ تي چڙهي سمهي رهي. نماز جو وقت ٿيو ته حضور بلال ٻانگ ڏني، حضورﷺ جن جيئن نماز لاءِ اُٿيا ٿي ته جبي تي ٻليءَ کي ستل ڏٺائون. حضورﷺ جن ٻليءَ تي رحم آڻي ان کي اُٿارڻ جي بجاءِ پنهنجي جبي مبارڪ جو اهو ٽڪر ڪپي ڇڏيو، جنهن تي ٻلي ستل هئي. پوءِ پاڻ وڃي جماعت کي نماز پڙهايائون.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[392]

مُنڌ مجلي مٿئون، هئي زالن جهڙي زال،

گهمي پئي گهٽين ۾، سا ڪالهوڻي ڪالهه،

ملي ويو مُنڌ کي، ماسو اتي مال،

جڏهن ڀلي ڪيس ڀال، موچاري ٿي ”محسن“ چئي.

 (محسن لکمير)

 

منڌ = ٻلي. محلو = حضورﷺ جن جو جبو

مبارڪ. ڀلو = حضورﷺ جن.

 

مراد:  هڪ ٻليءَ حضورﷺ جن جبي مبارڪ تي سندن بيخبريءَ ۾ سمهي رهي. ٻانگ ٻڌي حضورﷺ جن نماز لاءِ ٿي اُٿيا ته ٻليءَ تي نظر پين. هڪڙي جانور تي رحم فرمائي جبي مبارڪ جو ٽڪر ڪڇي ڇڏيائون پر ٻليءَ جو آرام نه ڦٽايائون.

 

[393]

هڪ به هيس بستري، ٻيءَ جو پهتس اچي پيغام،

پاڙيائين پرت جو، انهن ساڻ انجام،

مياري منڌن جو، نه ٿيو وير وريام،

اهڙو نر نظام، آهه هوت اسان جو ”حاجي“ چئي.

 (حاجي فقير مهيسر)

 

هڪ = ٻليءَ ڏانهن اشارو. هم بستري = ٻليءَ

جو حضورﷺ جن جي جبي مبارڪ تي

ٻي = ٻانگ ڏانهن اشارو.

منڌون = هڪ ٻلي ٻي نماز.

هوت = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[394]

لڳي ويو لاهوتيءَ سان، نار سندو ناتو،

پير وڃي پلنگ تي، پَريءَ هو پاتو،

خان ڪري کاتو، ڏنس هڪ ايڪڙ ”حاجي“ چئي.

 (حاجي مهيسر)

 

لاهوتي = سردار. نار = ٻلي.

پلنگ -* جُبو مبارڪ. پري = ٻلي.

خان = حضورﷺ جن. ايڪڙ = جبي

مبارڪ جو ٽڪر.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[395]

ويڙهيچن جي وچ ۾، ڪامڻ هئي ته قرار،

کُلي ڪورٽ ڪريم جي، جيڪا درس وسي دربار،

فهميدي فيصلو ڪيو، اهڙو صحيح ڪري سرڪار،

گولي ٿي گذار، تنين جي ”تڳيو“ چئي.

 (تڳيو)

 

ويڙهيچا = جبي مبارڪ جا پلاند.

ڪامڻ = ٻلي. فهميدي = حضورﷺ جن.

فيصلو ڪرڻ = جبي مبارڪ جو ٽڪر ڪپڻ.

 

مراد:  حضورﷺ جن جي جبي مبارڪ جي ٻنهي پلاندن جي وچ تي ٻلي ستل هئي، حضورﷺ جن جبي مبارڪ جو اهو ٽڪر ڪڇي وڃي نماز ادا ڪئي.

 

[397]

جانب جي جاگير ۾، هن آراڌي ڪئي آٽَ،

هت به نه هنيو نعرو، جوڙي هنيائين جاٽَ،

پوءِ ته هن کي ماڳ ڇڏائي ”مير“ چئي، ڪامل ڪيس ڪاٽَ،

اهو وارث وٺي واٽ، وڃي ڪٺي ٿيو ڪامڻ سان.

 (مير محمد حجام)

 

جانب = حضورﷺ جن. جاگير = جبو مبارڪ.

هن = ٻليءَ ڏانهن اشارو. نر = حضوت بلاول﷤.

نعرو = ٻانگ. ڪامڻ = نماز.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[397]

ويٺي وينگس کي، نيڻين آئي ننڊ،

نه ڪي جانب جاڳائي، دوست مٺي دلبند،

فڪر ساڻ فند، تنهن پانهه پورائي ڪئي.

 

وينگس = ٻلي. جانب = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[398]

سڌ ڏني سائين کي، نعرو هڻي نائڪ،

منڌ خاطر ملوڪ جو، غصوو وڍيو عاشق،

محب پهتو منزل تي، جتي هئا شاهه سندا شائق،

لاکيڻي جا لائق، آهن هر ڪنهن سان ”حاجي“ چئي.

 (حاجي مهيسر)

 

نائڪ = حضرت بلاول﷤. منڌ ٻلي.

ملوڪ = جبو مبارڪ. عضوو = جبي مبارڪ

جو ٽڪرو. عاشق = حضورﷺ جن.

محب = حضورﷺ جن. منزل = مسجد.

شائق = جماعتي. لاکيڻو = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[399]

پاڙي جو پرينءَ کي، ڪيڏو هيو قياس،

ڪوري ڏنئين ڪمال جو، منڌ اڳيائونماس،

اهڙو خاوند خاص، آهي هوت اسان جو ”حاجي“ چئي.

 (حاجي مهيسر)

 

پاڙي جو = ٻليءَ جو سمهڻ ڏانهن اشارو.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[400]

ليليٰ خاطر مجني کي، ڏني صاحب سا سختي،

پرينءَ اتي پتي، ڏني ڪامڻ کي ”ڪنڀار“ چئي.

 (ٻيڙو ڪنڀار)

 

ليليٰ = ٻلي. مجنون = جُبو مبارڪ.

صاحب = حضورﷺ جن. ڪامڻ = نماز.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[401]

عمر مارئيءَ لئي، ڪيو ٿڪيءَ تي ٿورو،

ڪري قياس ڪامڻ جو، ڦوليئين نه ڦورو،

ساجهر سويرو، حاصل ٿيو وڃي حق سان.

 

عمر = حضورﷺ جن. مارئي = نماز.

ٿڪي = ٻليءَ ڏانهن اشارو. ڪامڻ = ٻلي.

ڦورو = جبي مبارڪ ڏانهن اشارو.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

اصحابي سڳوري کي چادر ڏيڻ:

        چون ٿا ته هڪڙو اصحابي سڳورو فجر نماز جماعت سان پڙهي، دعا گهرڻ کان اڳ هليو ويندو هو. هڪڙي ڏينهن حضورﷺ جن سلام ورائي نماز کان فارغ ٿيا، ڏٺائون ته اهو شخص سلام ورائي تڪڙو تڪڙو وڃڻ لڳو ۽ دعا لاءِ به نه ترسيو. حضورﷺ جن ان شخص کي سڏ ڪري کانئس تڪڙو وڃڻ جي حقيقت پڇي. هن ٻڌايو ته اسين گهر ۾ زال ۽ مڙس ٻه ڄڻا آهيون. اسان وٽ چادر فقط هڪڙي آهي، ٻيون نمازون ته واري سان پڙهون ٿا، مگر فجر واري نماز تي تڪڙ ڪرڻي پوي ٿي ته متان سج اڀري وڃي ۽ نماز قضا ٿي پوي. حضورﷺ جن اصحابي سڳوري جي اها ڳالهه ٻڌي پنهنجي ڪلهن تان چادر لاهي ان کي ڏني. گهر اچڻ تي پنهنجيءَ گهر واريءَ سان حقيقت ڪيائين، جا ٻڌي هوءَ مڙس تي پاڻ ناراض ٿي ۽ کيس چيائين ته تو تڪڙ ڪري چادر آندي آهي، جي ائين نه ڪرين ها ته الله تعاليٰ طرفان توکي هزارين نعمتون حاصل ٿين ها.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[402]

ساراهيان سچو ڌڻي، خالق خلقڻهار،

هلي چارڻ آيو، جنهن کي سڏايو سرڪار،

لاهي اها لاڳيڻي، ڏنيس راجا راءِ کنگهار،

سورٺ سُک پٽي ويو، چئي شل مرين مڱڻهار،

ملئي ها حق هزار، جي مڙي وڃين ها منگتا!

 

چارڻ = اصحابي سڳورو. سرڪار = حضورﷺ

جن. لاکيڻي = چادر. راجا راءِ کنگهار = حضورﷺ جن.

سورٺ = اصحابي جي گهر واري.

مڱڻهار = اصحابي. منگتو = اصحابي.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[403]

ٻه پکي، پر هڪڙو، اوکي آين رات،

جڏهن ڏاتر ڏنين ڏات، تڏهن مطلب ٿين ”موريو“ چئي.

 (موريو کٽي)

 

ٻه پکي = اصحابي ۽ سندس زال.

پر = چنڊ ڏانهن اشارو. ڏاتر = حضورﷺ جن.

ڏات = چادر ڏانهن اشارو.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

الله تعاليٰ جي پنهنجي محبوب جي نگهباني:

        هڪڙو ڪافر وڏو ناظرو هو، تنهن خيال ڪيو ته حضورﷺ جن ماڻهن کي گمراهه پيا ڪن، تنهنڪري کين نظر هڻان ته جيئن ماڻهن کي هدايت ڪري نه سگهن. اهو خيال ڪري حضورﷺ جن ڏانهن روانو ٿيو. ايتري ۾ جبرئيل مسجد شريف ۾ حضورﷺ جن وٽ آيو. پاڻ ان وقت خطبو پڙهي رهيا هئا. جبرئيل حضورﷺ جن کي ڪافر جي اچڻ جو اطلاع ڏئي ويهي رهڻ لاءِ چيو. ڪافر جڏهن مسجد ۾ اندر آيو ته حضورﷺ جن ويهي رهيا ۽ ڪافر جي نظر ئي مٿن ڪانه پيئي ۽ هن جي نظر جو اثر به گم ٿي ويو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.

 

[404]

ڪامڻ کي ڪارانهي جي، هن ڇڏي هئي ڪثرت ڪرائي،

نيڪي انهيءَ نينگر جي، پيو ٻين کي ٻڌائي،

خان خاطر خاصي ڪري، هليو سوکڙي سنڀرائي،

پر سُڌ ڏيئي ويو سهڻي کي، عاشق الائي،

راجا هن جي روپوش ڇڏي هڻي، مانجهي مٽائي،

ويئي گولي گسائي، ماڳ انهيءَ تؤن ”ميوو“ چئي.

 (ميوو ڦلپوٽو)

 

ڪامڻ = نظر. هن = ڪافر ڏانهن اشارو.

خان = حضورﷺ جن. سوکڙي = نظر ڏانهن اشارو.

سهڻو = حضورﷺ جن. عاشق = جبرئيل.

گولي = نظر. ماڳ - مسجد.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

الله تعاليٰ سڀ جو رازق آهي:

        حضورﷺ جن ۽ ٻيا اصحاب هجرت ڪري مديني منوره ۾ آيا ته انصارن کي مهاجر تقسيم ٿي مليا ته فلاڻو انصار فلاڻي مهاجر جي کاڌي وغيره جو بندوبست ڪري. انهن مان هڪ انصار ڪنهن ٻئي سان ذڪر ڪيو ته مان پنهنجي ٻچن تائين مس پورو آهيان، سو ايڏو بار ڪئين کڻي سگهندس! جڏهن اها خبر حضورﷺ جن تائين پهتي تڏهن ٿورو رنج ٿيا. وحي آيو ته اهو انصار شيطاني وسوسي ۾ آيو آهي. کيس هڪ جهرڪي ڏيئي حڪم ڪريو ته ان کي فقط پاڻيءَ جو ڍؤ ڪرائي ڏيکاري. حضورﷺ جن ان انصار کي هڪ جهرڪي پاڻي پيارڻ لاءِ ڏني، مگر هو کيس ڪٿان به پاڻيءَ جو ڍؤ ڪرائي نه سگهيو ۽ آخر حضورﷺ جن وٽ اچي عاجزي ڪري چوڻ لڳو ته آءٌ هن جهرڪيءَ کي ڍؤ ڪرائي نٿو سگهان. تڏهن حضورﷺ جن فرمايو ته اهو الله تعاليٰ ئي رازق آهي جو سڀ کي روز ٿو رسائي، باقي انسان کي طاقت نه آهي جو ڪنهن کي روز ڏيئي خوش ڪري سگهي.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[405]

منڌ ڏني هئائين مرد کي، جا نازڪ هئي نار،

هن حيلا سڀ هلايا ۽ لُڇي ٿيو لاچار،

موٽي آيو مير وٽ، داناءَ جي درٻار،

هن کي سائين پاڻ سنڀار، منهنجي ناهي جاءِ ”جيئل“ چئي.

 (جيئل)

 

مُنڌ = جهرڪيءَ ڏانهن اشارو.

مرد = اصحاب، نار = جهرڪي.

مير = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[406]

ڪا جا صلاح سرير ۾، آئي عمر ڄام،

مهري مرد کي ڏني، سالڪ ڪري سام،

خوشيءَ منجهئون کڻي هليو، غازي ڀري گام،

تنهن مهل ”منگهن“ چئي، هن ڪيا وڏا وَس وريام،

هن ۾ مير رکي هئي مام، نه ته ڇا هو وَس ويچاريءَ جو.

 (منگهن)

 

عمرڄام = حضورﷺ جن. مهري = جهرڪي.

مرد = اصحاب. سالڪ = حضورﷺ جن.

مير = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[407]

ڏسي عجب رنگ الله جا، ٿيو بنهه سو بيزار،

سڏي صاحب هن کي، هي عاشق ڏنو آزار،

چئي ڪئين ڪريان ڪيڏانهن وڃان، کپي ٿو ته خرار،

پوءِ ته وري آيو تنهن وير وٽ، جيڪو هو محب مٺو منٺار،

سائين! ڀڳو اڳئي هوس انهيءَ ڀؤ کان، پر توبه واهه ڏسيم واپار،

ڇو موڳا مت وئي اٿئي، اهو اٿئي آگي جو اسرار،

وري وڃ پوئتي، وڃي ڪر پنهنجي سان تون پيار،

اهڙو اُلٽو آر، وري مور نه ڪيائين ”مير“ چئي.

 (مير محمد حجام)

 

صاحب = حضورﷺ جن. هيءُ = جهرڪي ڏانهن

اشارو. ويرُ = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

ڪلمي جو بقاءُ:

        سوال لک نبين جا آيا. هر ڪنهن نبيءَ جو پنهنجو ڪلمون رب تعاليٰ وٽان مقرر ٿي ويندو هو. هڪ نبيءَ کان پوءِ ٻئي نبيءَ جي اچڻ سان اڳيون ڪلمون مٽيو ٿي ويو، ته پر حضورﷺ جن تي جيڪو ڪلمون طيب ”لااِلہ اِلاالله محمد رسول الله“ نازل ٿيو، سو قيامت تائين رهندو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو

 

[408]

ڪهندو مٿان ڪاڪ مان، راڻو ٿي آيو،

رهندو آيو راڄن ۾، پر ڪنهن نه رهايو،

جڏهن هٿ آيو، تڏهن راڻو رهي پيو راڄ ۾.

 

ڪاڪ = خدا وندي درٻار. راڻو = ڪلمون.

راڄن = هرهڪ نبي وٽ. هِت حضورﷺ

جن ڏانهن اشارو. راڻو = ڪلمون.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

نماز جي برڪت:

        قيامت جي ڏينهن نمازي مومنن جي سڃاڻپ سندن گوڏن ۽ نراڙ جي نشانن مان پوندي. جيڪي گنهگار هوندا سي به نماز جي برڪت سان پل صراط اُڪري ويندا.

 

[409]

آريءَ جي اٺن کي، ظاهر زيب زَريون،

ٻيا بوتا هلن بار سان، کڻيو خوب ڀريون،

پوءِ ترڪن ڪين تريون، انهن توڏن جون تڙڀيڙ ۾.

 

آري = حضورﷺ جن. اُٺ = نمازي.

بار = گناهن ڏانهن اشارو. بوتا = گنهگار

بندا. توڏا = گنهگار بندا. تڙڀيڙ = پل صراط

ڏانهن اشارو.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

حضورﷺ جن جي نالي مبارڪ جو اثر:

        هڪ يهودي ڇوڪري توريت پڙهندي حضورﷺ جن جو نالو ان ۾ ڏٺو. هن کي اهو نالو اهڙو ته وڻي ويو، جو جيڪي يهودي ملندا هئس، انهن کي اهو نالو ڏيکاري چوندو هو ته ڏسو هي نالو ڪيترو نه مٺو ۽ پيارو آهي ۽ هلو ته هلي انهيءَ پياري پيغمبر جو دين قبول ڪريون.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.

 

[410]

سوناري سون ۾، هڪڙو موتي هو ڏٺو،

سو ته وڻي ويس وجود ۾، ٿيس مڙني کان مٺو،

ٿو ڏيکاري ڏينهن کي، ته هي سهڻو آهي سٺو،

چيو سو چٽو، پيو ٻڌائي ”ٻروچ“ چئي.

 (جاڙو خان مري)

 

سونارو = يهودي ڇوڪرو. سون = توريت.

موتي حضورﷺ جن جو نالو.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

حضورﷺ جن لاءِ پيشنگوئي:

        حضورﷺ جن جي خدمت ۾ هڪڙي يهودي ڇوڪري اچي پنهنجي پيءُ راهب جا سلام عرض رکيا ۽ کين چيائين ته منهنجي والد توريت ۾ اوهان جي اچڻ جي پيشنگوئي پڙهي هئي. هن مون کي ٻڌايو هو ته تنهنجي وقت ۾ ههڙن نشانن سان حضورﷺ جن پيدا ٿيندا، انهن کي منهنجا سلام پهچائجانءِ، ۽ کين عرض ڪجانءِ ته مون کي پنهنجي مهر ڪرڻ کان نه وسارجو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org