چون ٿا ته سمش تبريز جي جڏهن کل لهرائي وئي تڏهن
هن کي جسم ۾ ڪيئان پئجي ويا پر هي صبر شڪر ۾ رهيو.
هڪ ڏينهن هڪ ڪاسائيءَ شمس تبريز کي ڪچو گوشت ٽڪر
پچائي کائڻ لاءِ ڏنو. جڏهن سمس تبريز اهو گوشت ٽڪر
کڻي هڪڙي نانوائيءَ وٽ ويو پر هن جي جسم ۾ بانس
هئڻ سبب هن کي ويجهو اچڻ ئي نه ڏي. تڏهن لاچار هن
سج کي اِشارو ڪري چيو ته اي شمس! تون به شمش آءٌ
به شمس، هيٺ لهي اچ ته تنهنجي گرميءَ تي هي گوشت
ٽڪر پچايان. اهو ٻڌي سج يڪدم هيٺ لهي آيو. سج هيٺ
اچڻ سبب گرمي زور ٿي وئي. ماڻهو اَلامان پڪاريندا
سڌو شمس تبريز وٽ آيا ۽ دانهون ڪرڻ لڳا. نيٺ ملتان
جي غوث بهاءُالحق جي چوڻ تي شمس تبريز سج کي واپس
وڃڻ جو اشارو ڏنو ۽ سج وڃي پنهنجي جاءِ تي بيٺو.
چون ٿا ته شمس تبريز جي کل لٿي ته سندس
بُت ۾ ڪيئان پئجي ويا، بت کي ڪا ٻوٽي هڻندو هو.
جڏهن وٽس شيخ بهاؤالدين آيو تڏهن هن شمس بريز کان
فيض جي وٽ گهري، جنهن ان ٻوٽيءَ مان کڻي ڪجهه ڏنس
جا هو بيدليو ٿي کڻي موٽيو، پر جڏهن خبر پيس ته
شمس تبريز سندس ٻانهيءَ کي رت لڳل پهراڻ ڌوئڻ لاءِ
ڏنو ۽ اُن اهو چکيو ته فيض واري ٿي وئي تڏهن ڏاڍي
ويچار ۾ پئجي ويو.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.
[1]
سامي هو سياڻو، پر ڪنهن ڦڪل ڦاساڻو،
وٺي هلي وير کي، مڙين ڪيو مانڊاڻو،
جوڳين ڪيو جاڳاڻو، ساميءَ جي سر تي.
سامي = شمس تبريز. جوڳي = ملان ۽ مولوي.
مراد:
ملان ۽ مولوي شمس تبريز کي واعدو ڏئي بادشاهه جي
مئل پٽ کي جيئري ڪرڻ لاءِ وٺي آيا.
[2]
ساميءَ جي سر تي، آئي ڀُل ڀري،
هي غير سندي گودڙي، ڌرتيءَ تي به ڌري،
پوءِ لٿي ڀل طڀري، ساميءَ جي سر تؤن.
سامي = شمس تبريز. گودڙي = کل. ڀري = کل.
مراد:
جڏهن بادشاهه جو پٽ جيئرو ٿيو ته ملن ۽ مولوين شمس
تبريز تي فتويٰ ڏني ته هن جي کل لهرائجي. پر شمس
تبريز پاڻ پنهنجي کل لاهي ڏئي ڇڏي.
[3]
راڻو آيو راڄ ۾، ڪنهن آندو آ امير،
ساوا وڻ سڪي ويا، سڙي ويا سرير،
خلقت پيتو کير، جڏهن راڻو موٽي ويو راڄ مان.
راڻو = سج. راڄ = ملتان شهر.
امير = شمس تبريز.
مراد:
ڪاسائيءَ شمس تبريز کي گوشت جو ٽڪر ڏنو. هو اُهو
نانوائيءَ وٽ پچائڻ لاءِ کڻي ويو. پر هو سندس بدن
جي بانس سبب کيس ويجهو اچڻ نه ڏنو، تڏهن شمس تبريز
گوشت پچائڻ لاءِ سج کي سڏيو ته واءِ ويلا ٿي وئي.
نيٺ ماڻهن جي دانهن تي شمس تبريز سج کي واپس
اُماڻيو تڏهن ماڻهن کي آرام آيو.
[4]
ڦٽيءَ دل فقير، درد منجهارؤن دانهن ڪئي،
آندو مانجهي مسافر کي، حڪم ساڻ حمير،
سڙيا تنهنجي سوز ۾، سوين لک سرير،
ٿورو لائج ٿر تي، ڪر احساني ته امير،
ڏئينس موڪل ”موريو“ چوي، ته وڃي وطن پنهنجي وير،
پوءِ عالم پيتا کير، جڏهن ڪئي هئي ستاري سومري.
(موريو)
فقير = شمش تبريز. مانجهي،
مسافر = سج. امير = شمس تبريز.
وطن = آسمان. سومرو = شمس تبريز
مراد:
سج جي هيٺ اچڻ تي ماڻهن ۾ روڄ ۽ راڙو ٿيو. جڏهن
سمس تبريز سج کي واپس اماڻيو تڏهن ماڻهن کي آرام
آيو.
[5]
رڙهي آيو راءُ ڏي، وٺي سوالي سوال،
هن ڀي بدليو دان ورتو، پر هن ڪيس ڀلائي ڀال،
پوءِ کڙو ڪيائين خيال، جڏهن مهل ويس ”موريو“ چوي.
(موريو)
آيو = غوث بهاءالحق ڏانهن اشارو.
راءُ = شمس تبريز. هن غوث ڏانهن اشارو.
ڪيائين = غوث ڏانهن اشارو.
مراد:
جڏهن سج جي گرميءَ کان ماڻهو بيزار ٿيا تڏهن غوث
بهاءالحق به شمس تبريز کي ماڻهن جي پاران عرض ڪيو.
شمس تبريز سج کي واپس ڪيو. ان بعد غوث کانئس فيض
جي وٽ گهري. شمس تبريز جيڪا ٻوٽي بت کي هڻندو هو
اها کڻي ڏنائينس جا هو بيدليو ٿي وٺي روانو ٿيو.
[6]
اڻ گهريو اڻڄاڻ سان، سائين ڪيو ته سبب،
پليتيءَ مونپ اڪ ٿي، ٿيو منڌ سندو مطلب،
پوءِ ٿيو عالم کي عجب، مهل انهيءَ ”موريو“ چوي.
(موريو)
اڻڄاڻ = غوث بهاءالحق جي ٻانهيءَ ڏانهن اشارو.
سائين = الله تعاليٰ. پليتي = جبي کي لڳل
رت جي داغ ڏانهن اشارو. منڌ = ٻانهي.
عالم = ملتان جا ماڻهو.
مراد:
شمس تبريز، غوث بهاءالحق جي ٻانهيءَ کي پنهنجو جبو
صاف ڪرڻ لاءِ ڏنو، جنهن هڪڙي داغ کي وات سان صاف
ڪيو ته فيض واري ٿي. ان ڳالهه جو نه رڳو غوث کي پر
سڄي ملتان کي عجب ٿيو.
3- شاهه عبداللطيف ڀٽائي
چون ٿا ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جيسلمير
۾ پنهنجي هڪڙي مريد وٽ وڃي ترسيو جنهن جي زال حسن
واري ۽ الله پاڪ جي نيڪ ٻانهي هئي. اتي هڪ شاهوڪار
رهندو هو، جو پنهنجي ملڪيت جي زور تي چاهيندو هو
ته ڪنهن به طرح انهيءَ عورت کي هٿ ڪريان. مگر مائي
اُن شاهوڪار ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڏيندي هئي. جڏهن
مرشد اچي ترسيو ته سندن حالت اها هئي جو وٽن اَن
جو ڪڻو به ڪونه هو، جو مرشد کي رٻ جو ڍُڪ کڻي
پيارين. نيٺ زال پنهنجي مڙس کي ڪنڊ پاسيرو ڪري،
ساڻس حال اوريو ته فلاڻو شاهوڪار مون کي ڪيترن
ڏينهن کان پيو ڇڪي، منهنجي صلاح آهي ته آءٌ ههڙي
مشڪل حال ۾ اُن وٽ لنگهي وڃان. مڙس به ٻي ڪا واهه
نه ڏسي زال جي صلاح کي پسند ڪيو ۽ کيس موڪل
ڏنائين، مائي شاهوڪار وٽ لنگهي وئي، شاهوڪار پڇيس
ته هيترا سارا ڏينهن مون پئي توکي ستايو، ته تون
مون ڏانهن اک کڻي به نٿي نهاريو، مگر اڄ توکي ڪهڙو
خيال آيو، جو مون وٽ لنگهي آئي آهين؟ ان تي مائيءَ
چيو ته اڄ مون وٽ مرشد آيو آهي. اُن لاءِ گهر ۾
ڪجهه به ڪونه آهي ۽ پنهنجي مرشد جي صدقي آءٌ هلي
آئي آهيان ۽ مون کي ڪوبه خطرو ڪونهي. شاهوڪار اها
ڳالهه ٻڌي شرمسار ٿي مائيءَ جي پيرن تي ڪري پيو ۽
کيس ڀيڻ ڪوٺي، جيڪي ڪجهه مائيءَ کي گهربو هو سو
ڏئي کيس روانو ڪيائين. شاهه صحب انهيءَ ڳالهه تي
بيت چيو آهي، جو هتي ڏجي ٿو:
[1]
تن جيسلميرياڻين جس، جي الله ڪارڻ لنڊيون،
اَلائي کان ”عبدللطيف“ چئي، ڪانه لڳندين ڪس،
هت به رهايئون رَس. هُت به مليون هوت کي.
(رسالو)
هت = شاهوڪار وٽ. هٿ = مرشد وٽ.
هوت = مرشد.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان. |