سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :26

مراد:  حضورﷺ جن بيت المقدس ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهندا هئا. جڏهن کين نماز پڙهندي قبلي بدلائڻ جو حڪم مليو، تڏهن ڪعبةالله ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهڻ لڳا ۽ جماعت مان فقط ڏهن ڄڻن سندن پيروي ڪئي. جن کي ”عشرةالمبشرين“ جو لقب مليو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[86]

مانجهي مرد مٿير کي، ڪا ڪُڻڪ ڪن پيئي،

عاشق هئا امير تي، سالڪ سڀيئي،

ڪي وريا ڪينڪي، جن کان هاج هٿئون ويئي،

عازي گوءِ کڻي ويا، عاقل اتيئي،

انهي مهل ”مري“ چئي، سرها ٿيا سي ئي،

ڳالهه ڪيان ڪيئي، واحد جي وڏائيءَ جي.

 (حاجي دوست علي مري)

 

مانجهي = حضورﷺ جن. ڪُڻڪ = الله تعاليٰ

جو حڪم. سالڪ = ڪل اصحاب.

هاج = ڪعبةالله ڏي منهن ڦيرائڻ ڏانهن اشارو.

غازي = اُهي ڏهه اصحاب جن

حضورﷺ جن پٺيان منهن ڦيريو.

 

مراد:  بيت المقدس ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهندا هئا، جڏهن کين نماز پڙهندي قبلي بدلائڻ جو حڪم مليو، تڏهن ڪعبةالله ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهڻ لڳا ۽ جماعت مان فقط ڏهن ڄڻن سندس پيروي ڪئي جن کي ”عشرةالمبشرين“ جو لقب مليو.

 

[87]

ڪامڻ جو پنهنجي ڪانڌ سان، ڏس هو ڪيڏو عورت جو آر،

حاڪمزاديءَ کي ٻيو حق ڏنائون، سو به آهي مانجهي مڻيادار،

طلبيندي تابينو ٻنهي جو، وٺي ڇڏيندي وهنوار،

اهڙو ڪو آچار، ٻئي جو مور نه ٿيندو ”محمد“ چئي.

 (محمد فقير ڏيرو)

 

ڪامڻ = مسجد قبلتين. ڪانڌ = بيت المقدس

وارو محراب. ٻيو حق = ڪعبةالله وارو محراب.

 

مراد:  ’قبلين مسجد‘ جو فقط هڪ محراب بيت المقدس ڏانهن هو، مگر حضورﷺ جن واري وقت ۾ کيس ڪعبةالله ڏانهن به محراب مليو. قيامت جي ڏينهن کيس ٻنهي محرابن جو ثواب ملندو.

 

ڪعبةالله شريف ۾ حجر اسود جو رکڻ:

        ڪعبةالله شريف جي مرمت ٿيڻ سبب حجر اسود هٽائي ٻي جاءِ تي رکيو ويو هو. جڏهن ڪعبةالله جي مرمت مڪمل ٿي تڏهن انهيءَ کي پنهنجي اصلي جاءِ تي رکڻ لاءِ چار قبيلا دعويدار ٿيا، ان ڪري جنگ لڳڻ جو امڪان پيدا ٿي. انهيءَ تڪرار هلندي حضورﷺ جن به اتي تشريف فرما ٿيا. کين ڏسي سڀني قبيلن مٿن فيصلي جو بار رکيو. حضورﷺ جن فرمايو ته هڪ چادر گهرائي، حجراسود کي ان تي رکي هر قبيلي جو سردار هڪڙي هڪڙي ڪنڊ کان جهلي ان کي کڻي اصلي جاءِ تي رکن. اهو فيصلو ٻڌي سڀ راضي ٿيا ۽ قبيلن جي وچ ۾ تڪرار بند ٿي ويو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[88]

وڙهي نڪتا وڳ مان، گوار وٺي گس،

هنن کي اڳي ائين ڪرڻو هو، ويتر ڏاهي ڏنن ڏس،

بانڪا ڪري بس، وير مڙئي ويهي رهيا.

 

گورا = چار قبيلا. ڏاهو = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسون مٿيون بيان.

 

[89]

عرشيءَ تان اچي، لڳي جتن ۾ جنگ،

هر ڪنهن پنهنجي حق جو، چوريو بيٺي چنگ،

آيو سوير صبوح جو، آرياڻي اڙٻنگ،

پوءِ دلبر ڪري دنگ، ڪئي هاج هٿن سان.

 

عرشي = حجراسود. جت = چار قبيلا.

حق = دعويٰ. آرياڻي = حضورﷺ جن.

دلبر = حضورﷺ جن. هاج = حجراسود

کڻي چادر تي رکڻ جو اشارو.

 

مراد:  حضورﷺ جن حجراسود تان ٿيل تڪرار هٽائڻ لاءِ اهو چادر تي رکي سڀني قبيلن کان گڏ کڻائي منجهانئن جنگ بند ڪرائي ۽ سڀني کي راضي ڪيو.

 

حضورﷺ جن ۾ ايمان آڻيندڙن (مومنن) سان تڪليفون:

        روايت آهي ته عورتن ۾ اول بيبي خديجةالڪبريٰ﷤ ايمان آندو، ڇوڪرن ۾ حضورﷺ جن جي سوٽ حضرت علي﷤، مردن ۾ حضرت ابوبڪر﷤ ۽ غلام ۾ حضرت بلال﷤. حضورﷺ جن پنهنجي چاچي حضرت ابو طالب کي اسلام جي دعوت ڪئي. مگر ان چيو ته مان وڏن جو دين نه ڇڏيندس، مگر توکي جيڪي الله فرمائي ان تي قائم رهه، ۽ آءٌ تنهنجو مددگار آهيان. جڏهن قريش قوم جي هڪڙي امير ابوجهل ٻڌو ته محمدﷺ نئون دين ڪڍيو آهي ۽ ماڻهو ان جو دين اختيار ڪندا پيا وڃن. تڏهن چيائين ته افسوس! مون کي اها خبر ڪانه هئي، نه ته هن کان اڳ محمدﷺ جو سر ڪاٽي ڇڏيان ها. جيتوڻيڪ ابوجهل سندن عزيز هو. پر سڀني تڪليفن جو باعث هيءُ ئي شخص هو ۽ آخر تائين حضورﷺ جن جو سخت دشمن ٿي رهيو.

        چون ٿا ته ابوجهل جي پٽ عڪرم حضورﷺ جن تي ايمان آندو هو ۽ سندس ڪچهريءَ ۾ وعظ نصيحت ٻڌي پنهنجي پيءُ کي اچي ٻڌائيندو هو. هڪڙي ڀيري حضورﷺ جن وعظ فرمايو ته، والدين جي فرمانبرداري ۾ ڪوتاهي نه ڪجي. اها نصيحت هن پنهنجي پيءُ ابوجهل کي ٻڌائي. ٻڌڻ کان پوءِ هن هڪڙي پيالي ۾ زهر وجهي کيس ڏنو ته وڃي پنهنجي نبيءَ کي ڏي. عڪرم پيءُ جي فرمان سان اهو پيالو کڻي حضورﷺ جن ڏانهن هليو، پر حضورﷺ جن کي وڃي زهر ڏيڻ تي دل نه ٿيس ۽ رستي ۾ ئي سڄو پيالو پي اچي حضورﷺ جن سان حقيقت ڪيائين. حضورﷺ جن دعا ڪيس ۽ الله تعاليٰ جي ڪرم سان کيس ان زهر جو ڪو اثر نه ٿيو.

        چون ٿا ته خباث بن ارث حضورﷺ جن تي ايمان آندو ته ابوجهل کي ايڏي ته ڪاوڙ آئي جو کيس گهرائي ماريندو رهيو. هر ڌڪ سان کيس چوندو رهيو ته محمد (ﷺ) کي مڃڻ کان انڪار ڪر، مگر هو ڪلمون پڙهندو رهيو. تان جو کيس ايتري ته مار ملي جو سندس زبان ٻاهر نڪري آئي، پر دين اسلام تي ثابت قدم رهيو. آخر ابوجهل بيزار ٿي ڇڏي ڏنس.

        چون ٿا ته ’ياسر‘ نالي هڪڙي شخص پنهنجي سڄي ڪٽنب سميت اسلام قبول ڪيو. انهن ۾ ياسر جي زال ۽ سندس فرزند هو. ابوجهل انهن کي ايتريون سختيون ڏنيون ۽ ايترو ماريو جو هو ٽيئي شهيد ٿي ويا پر اسلام کان انڪاري نه ٿيا.

        چون ٿا ته ابولهب به حضورﷺ جن کي ڏاڍيون تڪليفون ڏنيون، جنهن ڪري قرآن مجيد ۾ به کيس ننديو ويو. هڪڙي ڀيري حضورﷺ جن نماز ۾ هئا ته اُٺ جي اوجهري آڻي مٿن اڇلايائين. اها خبر جڏهن پاڻ ڪريمن جي چاچي امير حمزه کي پيئي تڏهن ان ابولهب کي وڃي گهڻي جُٺ ۽ ڦٽڪار ڪئي، ۽ اهڙو ذڪر حصورﷺ جن وٽ اچي کين خوش ڪرڻ لاءِ ڪيائين. پاڻ ڪريمن فرمايس ته چاچا! آءٌ انهيءَ ڳالهه کان وڌيڪ هن ڳالهه کان خوش ٿيندس جو توهين ايمان آڻي مسلمان ٿيو. انهيءَ جواب امير حمزي کي ايترو متاثر ڪيو جو حضورﷺ جن تي ايمان آڻي ڪلمون شهادت جو چيائين.

        چون ٿا ته هڪڙي يهودي ڇوڪري توريت پئي پڙهيو. پڙهندي هڪ جاءِ تي حضور جن جو نالو ڏٺائون ۽ سندين تعريف به چڙهيائين، ان ڇوڪر غائبانه حضورﷺ جن تي ايمان آندو ۽ ٻين عزيزن ۽ دوستن کي پڻ ٻڌائڻ لڳو ته هي محمدﷺ سڀني نبين ۾ ڀلارو آهي، جنهن جي توريت به شاهدي ٿو ڏئي. اها ڳالهه ٻين کي ڏکي لڳي، تن هن کي باز آڻڻ لاءِ تڪليفون ڏيڻ شروع ڪيون، تان جو نيٺ هن کي ماري اڌ مئو ڪري شهر نيڪالي ڏيئي ڇڏيائون.

        چون ٿا ته ابوفقيه نالي هڪڙو امير به مسلمانن کي ڏاڍيون سختيون ڏيندو هو. هن هڪڙي نئين مسلمان ’افلح‘ کي تمام گهڻي مار ڏني ۽ کيس پٿر تپائي ڏنڀ ڏنائين، مگر هن اسلام کان انڪار نه ڪيو.

        چون ٿا ته هڪ ڪافرياڻي روز اهڙي جاءِ تي ڪن ڪچرو ڇڏيندي هئي، جتان پاڻ ڪريمﷺ لنگهندا هئا. هڪ دفعي جيئن پاڻ انهيءَ هنڌان لنگهيا ته کين اهو گند ٻُهر ڏسڻ ۾ ڪونه آيو، تڏهن پاڻ اصحابن سڳورن کان ان مائيءَ بابت پڇا ڪيئون. هڪڙي پاڙيسري کين عرض ڪيو ته قبلا اها مائي بيمار پئي آهي. پاڻ سڳورن اها ڳالهه ٻڌي، مائي کي پڇڻ لاءِ سندس گهر آيا. مائيءَ جو حضورﷺ جن کي گهر ۾ ڏٺو سا دل ئي دل ۾ پاڻ کي نندڻ لڳي ته مون کين ڪيتريون تڪليفون ڏنيون، پر پاڻ سڳورا مون کي پڇڻ خاطر منهنجي گهر هلي آيا اهن! پوءِ ته مائيءَ کي اها جاءِ نه لڀي جو کڻي حضورﷺ جن کي وهاري. نيٺ پنهنجي گندي کڻي وڇايائين ۽ حضورﷺ جن کي ان تي وهاري کانئن ڏنل تڪليفن جي معافي ورتائين ۽ ڪلمون شهادت پڙهي مسلمان ٿي.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[90]

مردود ڏني هئي مرد کي، دلئون دست ڪري،

هن هلائي هاج ۾، ڪامل قياس ڪري،

معلوم ٿيو مير کي، آيو پانهه پير ڀري،

جڏهن مانجهي مهر ڪري، ته هو اڳي کان ئي اڳرو.

 

مردود = ابوجهل. مرد = عڪرم.

هاج ۾ هلائڻ = پي ڇڏڻ. داناءُ = عڪرم.

مانجهي = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[91]

جيئن تو چيو، تيئن مون ڪيو، تنهن ۾ منهنجو ڪهڙو قصور،

ٻڌي ڳالهه ٻئي جي، مون ته سرس پرايو سور،

سڪَ سڄڻ تنهنجيءَ منهنجو بدن ڪيو بهور،

منڌ ته مون کي منجهائي وڌو، ماڳهين ڪيو مجبور،

اچي درد ڪيا اٿئي دور، ماڳ انهي تي ”مير“ چئي.

(مير محمد حجام)

 

جيئن ٿو = حضورﷺ جن ڏانهن اشارو.

تيئن مون = عڪرم ڏانهن اشارو.

ٻيو = ابوجهل. سڄڻ = حضورﷺ جن.

منڌ = زهر جي صراحي.

 

مراد:  عڪرم، حضورﷺ جن کي اچي خبر ڏني ته توهان فرمايو هو ته ماءُ پيءُ جو فرمان مڃجي. مون کي والد اوهان لاءِ زهر جي صراحي ڏني، آءٌ ان جو چوڻ ڪري زهر اوهان ڏانهن کڻي پئي آيس، پر اوهان کي ڏيڻ بدران پاڻ پي ڇڏيم. حضورﷺ جن شفقت فرمائي کيس دعا ڪئي ته سندس تڪليف دفع ٿي ويئي.

 

[92]

ڏسي دور درياءَ جا، مڙيو ڪونه ملاح،

ترندي ويو تار مان، توڙي آيا اوڙاهه،

لڙهيو پئي لهرن ۾، ته به وريو ڪونه ورياهه،

ڪري ڪاهو ڪاهه، ”لعلڻ“ لڪ لنگهي ويو.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

درياهه جا دور = ابوجهل جون تڪليفون.

ملاح = خباث پٽ ارث.

 

مراد:  خباث بن ارث کي ابوجهل اهڙو سخت ماريو جو هن جي زبان ئي نڪري آئي پر اسلام نه ڇڏيائين.

 

[93]

سهڻن کس سڪ ساهڙ جي، تن اندر ۾ تار،

بيوس يار ”بلوچ چئي، تانگهو ٿي وين تار،

لڙهندي سو لهرن ۾، ملين پاڻ ميهار،

جڏهن ڀيڙو ٿين ڀتار، تڏهن ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

سهڻا = ياسر، سندس زال ۽ پٽ.

ساهڙ = اسلام. لهرن ۾ لڙهڻ = ابوجهل

طرفان تڪليفون پهچڻ.

 

مراد:  هڪ شخص ’ياسر‘ ڪافر مان مسلمان ٿيو، اُن سان گڏ اُن جو پٽ زال به مسلمان ٿيا، ته ابوجهل کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ هنن کي سختيون ڏيڻ لڳو ۽ هنن کي ايترو ماريائين جو هو ٽيئي آخر شيهد ٿي ويا پر اسلام نه ڇڏيائون.

 

[94]

اُٺو بادل عيد ٿي، ويو آب چڙهي،

پر درياءَ منجهه دڙي، سا ريج رجائي ڪانه ڪا.

 

اٺو بادل = حضورﷺ جن تي نبوت جو اچڻ.

درياءَ = حضورﷺ جن. دڙي = ابوجهل.

ريج = دين.

 

مراد:  ابولهب، حضورﷺ جن سان نماز ۾ اڍنگي هلت ڪئي. ان تي حضورﷺ جن جي چاچي امير حمزي کيس وڃي ڦٽڪار ڪئي. جڏهن امير حمزي اهو ذڪر حضورﷺ جن سان ڪيو، تڏهن حضورﷺ جن کيس فرمايو ته انهيءَ ڳالهه کان وڌيڪ مون کي خوشي هن ڳالهه تي ٿيندي ته توهين اسلام تي اچو. اهو جواب ٻڌي امير حمزي ايمان آندو.

 

[96]

سوناري سون ۾ موتي هو ڏٺو،

قيمتي ڪلنئي کان، لڳس مڻيو سو مٺو،

چيو سو چٽو، ٿو ٻڌائي ٻين کي.

 

سونارو = يهودي ڇوڪرو. سون = توريت.

موتي = حضورﷺ جن جو نالو مبارڪ.

 

مراد:  هو يهودي ڇوڪري ڪتاب توريت پڙهندي هڪ جاءِ تي حضورﷺ جن جو نالو لکيل ڏٺو ۽ ان ۾ سندن تعريف به لکيل هئي. اهو پڙهي هن حضورﷺ جن تي غائبانه ايمان آندو ۽ اها ڳالهه پنهنجي عزيزن ۽ دوستن کي به ٻڌايائين.

 

[97]

ڏسي دؤر درياءَ جو، مڙيو نا مانجهي،

بيوس يار ”بلوچ“ چئي، ٿي لڱن ۾ لانجهي،

لڙهيو پئي لهرين ۾، صبح توڙي سانجهي،

ونجهه هڻي وانجهي، ته به مڙيو ڪونه مهراڻ کان.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

مانجهي = افلح. لهرن ۾ لڙهڻ = ابوفقيه جا

عذاب سهڻ. مهراڻ = اسلام.

 

مراد:  ابوفقيه نالي ڪافر، هڪ مسلم افلح کي تمام سخت مار ڏني ۽ آخر ۾ کيس پٿر تپائي ڏنڀ ڏنا، پر هو اسلام تان نه ڦريو.

 

[98]

هلي ۽ ٽلي، عرض نه ڪڍي گندري،

مڇيءَ جو ”ماڻڪ“ چئي، ڇلر ڪين ڇلي،

اهڙي باب بلي، ته به کڻي سمي ملهائي سون ۾.

 (ماڻڪ فقير)

 

گندري = ڪافرياڻي. = ڇلر ڪين ڇلڻ = دل

صاف نه رکڻ. سمو = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿي گند اڇلائيندڙ عورت جو بيان.

 

[99]

پکي آيو پيهي، ڪينجهر ڌڻي ڪانڌ،

چنيءَ چار ڇاند، کڻي ويچاريءَ وڇائيا.

 

پکو = عورت جو گهر.

ڪانڌ = حضورﷺ جن.

 

مراد:  جڏهن حضورﷺ جن اُن گند اُڇلائيندڙ عورت جي گهر آيو ته اُن عورت وٽ حضورﷺ جن جي ويهارڻ لاءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه هو، مٿي جي پوتي لاهي کڻي وڇايائين، ۽ ڪلمون پڙهي مسلمان ٿي.

 

[100]

مون ٿي مدايون ڪيون، ساري سڀ ڄمار،

سڀئي معلوم هئا محبوب کي، جيڪي ڪيڙم عيب اپار،

تن وري ورائي ڪين چيو، ته ڪا توڏي منڌ ميار،

مهل انهيءَ ”موريو“ چئي، وري اچي لڌئين سارسنڀار،

هئي نار نڪار، پر پرين کڻي پنهنجي ڪئي.

 (موريو کٽي)

 

مون = ڪافرياڻيءَ ڏانهن اشار.

محبوب = حضورﷺ جن. تن = حضورﷺ

جن ڏانهن اشارو. منڌ = ڪافرياڻي.

پرين = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو گند اڇلائيندڙ عورت وارو بيان.

 

[101]

پرهه ڦٽي پرڀات ٿي، منهنجي هينئڙي لڳي هير،

سلام سڄڻ پار جا، پلئي وڌا پير،

هينئڙا ٿيءُ سڌير، توکي پرين پڇڻ آيا.

 

منهنجي = عورت ڏانهن اشارو.

پرين = حضورﷺ جن.

 

مراد:  حضورﷺ جن مائيءَ کي پڇڻ ويا ته هوءَ تمام گهڻو خوش ٿي.

 

هجرت:

        حضرتﷺ جن جڏهن مڪي جي ماڻهن تي بت پرستيءَ ۽ ٻين گناهن کان منع ڪئي ۽ خدا تعاليٰ کي هڪ ڪري مڃڻ ۽ سندس عبادت ڪرڻ لاءِ هدايت ڪرڻ لڳا، تڏهن اهي ماڻهو مٿن ڪاوڙيا ۽ حضورﷺ جن کي دولت ۽ سرداري جي لالچ ڏنائون ته به پاڻ نه مڙيا ۽ کين دين جي دعوت ۽ نصيحت ڪندا رهيا.

        جڏهن انهن ڏٺو ته پاڻ ڪنهن به طرح انهيءَ ڳالهه کان نٿا رهن، تڏهن سندن دشمن ٿي بيٺا، کين ۽ ٻين مسلمانن کي تڪيلفون پهچائڻ لڳا. مڪي وارن اسلام وڌندو ڏسي، حضورﷺ جن کي شهيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندن چاچو ابوطالب حفاظت ڪندو رهيو. آخر ابوطالب، نبوت جي ڏهين سال وفات ڪئي ۽ ان جي بجاءِ حضورﷺ جن جو ٻيو چاچو ابو لهب سندن سنڀاليندڙ ٿيو، پر اهو پاڻ ٻين ماڻهن سان گڏجي حضورﷺ جن جو دشمن ٿي بيٺو، تنهنڪري لاچار ٿي مڪو ڇڏي، ٻهراڙيءَ جي ڳوٺن ۾ رهڻ لڳا ۽ قديم رسم ۽ رواج موجب جدا جدا قبيلن جا جيڪي ماڻهو حج تي اچي گڏ ٿيندا هئا، تن کي وعظ ۽ نصيحت فرمائيندا هئا.

        ورهيه ٻن اندر مديني جا ڪي ماڻهو اتي اچي مسلمان ٿيا، انهن سان گڏ حضورﷺ جن مصعب بن عمير کي موڪليو ته وڃي مديني جي ماڻهن کي قرآن سيکاري ۽ اسلام جي تعليم ڏئي، هن اتي وڃي گهڻن کي مسلمان ڪيو. نبوت جي تيرهين ورهيه ۾ اهي مسلمان جڏهن حج تي آيا، تڏهن حضورﷺ جن سان اهو ٺهراءُ ڪيائون ته پاڻ لڏي مديني ۾ هلي رهن ته هو هميشه سندن مدد ڪندا رهندا. انهيءَ ٺهراءُ موجب حضورﷺ جن ان سال مڪي مان لڏي مديني وڃڻ جي تياري ڪئي. ان لڏڻ کي هجرت سڏيو وڃي ٿو ۽ ان وقت کان وٺي هجري سنه شروع ٿيو، جو اڃا تائين هلندو اچي.

        مڪي وارن کي اهو ٺهراءُ پسند نه آيو ۽ پاڻ وڌيڪ ڪاوڙيا. ٻين مسلمانن جي مڪي روانه ٿيڻ کان پوءِ جنهن رات حضورﷺ جن مديني وڃڻ وارا ٿيا، ان رات ڪافرن کين سندن ئي گهر ۾ شهيد ڪرڻ جي رٿ ڪئي، پر حضورﷺ جن کي الله تعاليٰ انهيءَ کان آگاهه ڪيو، تنهنڪري حضرت علي﷤ کي پنهنجي هنڌ تي سمهاري، پاڻ حضرت ابوبڪر﷤ سان گڏجي روانا ٿيا ۽ واٽ تي ”حرا“ نالي غار ۾ وڃي ترسيا. مڪي وارا گهر مان نااميد ٿي سندن پٺيان پيا ۽ ان غار تائين به آيا، پر الله تعاليٰ غار جي منهن تي اهڙو سبب موجود ڪيو جو هو ڀلجي ويا. ڇا ٿيو جو حضورﷺ جن غار حرا ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ الله تعاليٰ جي حڪم سان ڪوريئڙي غار جي منهن تي ڄار ٺاهي ڇڏي ۽ هڪ ڪبوتريءَ پنهنجو آکيرو ٺاهي ان ۾ ٻه آنا پڻ لاهي ڇڏيا. اهو ڏسي مڪي وارن کي اندر ماڻهو هجڻ جو ڪوبه شڪ نه پيو ۽ واپس موٽي ويا. غار حرا ۾ داخل ٿيڻ تي حضرت ابوبڪر﷤ غار ۾ ڏرڙ ڏسي، پنهنجي چادر ڦاڙي هرهڪ ڏرڙ بند ڪندو رهيو. تان جو چادر وارو ڪپڙو ختم ٿي ويو ۽ باقي هڪ سوراخ رهجي ويو، جنهن تي کڙي ڏيئي ويٺو ۽ حضورﷺ جن سندس جوٽ تي مٿو رکي آرامي ٿيا.

        چون ٿا ته هڪ نانگ جنهن کي برزگ کان ٻڌو هو ته نبي آخرزمان، هڪ ڏينهن غار حرا ۾ اچي آرامي ٿيندا، سو پڻ حضورﷺ جن جي زيارت ڪرڻ لاءِ ڪيتري عرصي کان اچي غار حرا ۾ ان ڏرڙ ۾ ويهي رهيو هو. جنهن تي حضرت ابوبڪر﷤ کڙي رکي هئي. نانگ، سوراخ کي بند ٿيل ڏسي حضرت ابوبڪر﷤ جي کڙي ۾ چڪ پاتو، جنهن جي ايذاءُ سبب حضرت ابوبڪر﷤ جي اکين مان ڳوڙها نڪري حضورﷺ جن جي پيشانيءَ مبارڪ تي اچي پيا. جنهنڪري پاڻ سڳورا سجاڳ ٿيا ۽ پنهنجي يار کان ڳوڙهن وهڻ جو سبب پڇيائون. حضرت ابوبڪر﷤ ساڻن نانگ جي کائڻ جو ذڪر ڪيو. حضورﷺ جن ايذاءُ واري جاءِ تي ڦيڻي لاٿي ته زهر جو اثر غائب ٿي ويو ۽ ايذاءُ به لهي ويو. سوراخ تان کڙي کڄڻ ڪري نانگ به سري نڪتو ۽ حضورﷺ جن جي زيارت ڪري واپس هليو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org