حضرت دائود عليہ السلام هڪڙو ڀلارو نبي به هو جنهن
کي الله تعاليٰ ”زبور“ ڪتاب عطا ڪيو. سندس آواز ۾
ايترو ته ميٺاج هو، جو جنهن وقت زبور پڙهندو هو،
ان وقت انسان، حيوان ۽ جبل ساڻس گڏ الله جو ذڪر
ڪندا هئا، ان وقت لوهه کي هٿ ۾ کڻندو هو ته اهو به
نرم ٿي پوندو هو.
هڪ ڀيري حضرت دائود عليہ السلام پنهنجي
محلات تي ٻارن سان گڏ ويٺو هو ته هڪ سهڻو پکي اچي
محلات ۾ لٿو، ٻارڙن ضد ڪيو ته اهو پکي وٺي ڏي.
ٻارڙن جي ضد پوري ڪرڻ لاءِ حضرت دائود عليہ السلام
پکيءَ کي جهلڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر هو اُڏامي ويو.
پاڻ ان جي پويان پيو ۽ وڃي هڪڙي باغ وٽان نڪتو.
اتي ’لسائع‘ نالي هڪڙي سهڻي عورت غسل پئي ڪيو جنهن
کي ڏسي مٿس عاشق ٿي پيو. پکيءَ جي پچر ڇڏي موٽي
اچي ان زال بابت پڇا ڳاڇا ڪيائين، معلوم ٿيس ته
اها ’اورياهه‘ نالي غريب شخص جي زال آهي. جنهن کي
جنگ تي موڪلي پاڻ ان کي نڪاح ۾ آندائين. ’لسائع‘
کي نڪاح ۾ آڻڻ سان سندس هڪ سؤ حرم ٿيا. اها ڳالهه
الله تعاليٰ کي پسند نه آئي. هڪ دفعي هن بند حجري
۾ عبادت پئي ڪئي ته ٻه ملائڪ انساني شڪل ۾ وٽس اچي
نڪتا. حضرت دائود عليہ السلام حيران ٿي کانئن پڇيو
ته توهين هتي ڪيئن آيا؟ مگر انهن مان هڪ ڄڻي ڳالهه
کي مٽائي جواب ڏنو ته اسين ٻئي ڀائر آهيون، توهان
وٽ هڪ فيصلي لاءِ آيا آهيون. هن کي نوانوي رڍون
آهن ۽ مون کي فقط هڪ رڍ آهي، پر هي چئي ٿو ته اها
هڪ رڍ مون کي ڏي ته پورو سئو ڪريان. ان لاءِ مون
کي گهٽ وڌ ڳالهايو اٿس. هاڻي توهان انصاف ڪريو.
حضرت دائود عليہ السلام اها ڳالهه ٻڌي چيو ته
نوانوي رڍن وارو ته ظلم ٿو ڪري جو ٻئي ڀاءُ وٽ هڪ
به نٿو سهي. اهو فصيلو ٻڌي اهي شخص غائب ٿي ويا.
هنن جي وڃڻ کان پوءِ حضرت دائود عليہ السلام کي
پنهنجي نوانوي حرمن هوندي به هڪ غريب جي زال کي
نڪاح ۾ آڻڻ وارو خيال پيدا ٿيو ۽ کيس يقين ٿي ويو
ته اهي ملائڪ ئي هئا ۽ هاڻي آءٌ ضرور عتاب هيٺ
ايندس. سو پشيمان ٿي خدا کي ٻاڏائڻ ۽ معافي گهرڻ
لڳو. آخر اهو ماڻهو اورياهه، جو جنگ ۾ شهيد ٿي ويو
هو، تنهن جي تربت تي ان کان بخشائڻ جي خيال سان
ويو، مگر تربت مان اهو ئي آواز ٿي آيو ته قيامت
تائين بخش نه ڪندس، پر تڏهن به حضرت دائود عليہ
السلام پنهنجي پروردگار کان خطا بخشائيندو رهيو.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.
[1]
سوڍا هلي سنڀري، ڪري ترتئون تياري،
ويرَ ويرين تي چڙهي، سي مير ٿيا ماري،
تنهين منجهان هڪڙي، هئي سوڀ کٽي ساري،
عاقل سا اقرار جي، پت نه هئي پاري،
بات ڪيائين باري، ڪري ٻول ”ٻروچ“ چئي.
(لعلڻ خان لغاري)
هڪڙو = حضرت دائود عليہ السلام.
عاقل = طالوت.
مراد:
جڏهن ”طالوت“ بادشاهه ٿيو، تڏهن پنهنجن ماڻهن کي
چيائين ته اوهان مان جيڪو عمالقه قوم جي سردار
جالوت کي يڪي سر ماريندو، ان کي اڌ بادشاهي ۽ ڌيءَ
جو سڱ ڏيندس. آخر حضرت دائود عليہ السلام، جالوت
کي يڪي سر قتل ڪيو، پر طالوت واعدي کان ڦري ويو ۽
حضرت دائود عليہ السلام کي سڱ ڏيڻ کان انڪار
ڪيائين.
[2]
سمي آنديون سوکڙيون، ٽول ڄڻيون ٽي،
نه ڪو ساس، نه ڪوماس، نه ڪو عضوو انهن کي،
لکين مرد ماري رکيئون، ٻيو جٺيون جوانن کي،
پرين ڪو پرکي، ڏاهو هي ڏور کي.
سمو = حضرت دائود عليہ السلام.
ٽي ڄڻيون = ٽي پٿريون.
مراد:
حضرت دائود عليہ السلام، جالوت سان وڙهڻ لاءِ پئي
آيو ته رستي ۾ ٽن پٿرين ساڻس ڳالهايو، ته اسان کي
پاڻ سان کڻ ته اسين ڪافر جو خاتمو ڪنديونسين. حضرت
دائود عليہ السلام اهي پٿريون کڻي هلي جنگ ڪئي، ۽
انهن جي وسيلي جالوت ۽ سندس لشڪر مارجي ويو.
[3]
ويري ڪاڻ وڙهڻ جي، ڪئي ترتئون تياري،
ڪاهي آيا ڪست مان ۽ منڪر ٿيا ماري،
بانڪو سو بچي ويو، ڪئي صاحب ستاري،
سڌ خبر ساري، آهي ”لعلڻ“ ساري لوڪ ۾.
(لعلڻ خان لغاري)
ويري = طالوت. منڪر – لشڪر.
بانڪو = حضرت دائود عليہ السلام.
مراد:
طالوت، حضرت دائود عليہ السلام کي سڱ ڏيڻ کان
جواب ڏنو، تڏهن حضرت دائود عليہ السلام ستر ساٿين
سان گڏجي هڪڙي حجري ۾ ويهي خدا جي عبادت ڪرڻ لڳو.
طالوت کي جڏهن اها اخبر پئي تڏهن حضرت دائود عليہ
السلام کي مارائڻ لاءِ لشڪر موڪليائين، جنهن حضرت
دائود عليہ السلام جي ستر ساٿين کي شهيد ڪيو، پر
حضرت دائود عليہ السلام کانئن بچي ويو. طالوت اِها
ڳالهه ٻڌي ڏاڍو شرمسار ٿيو.
[4]
سهڻيءَ کي سڪ ساهڙ جي، تن لڳي جا تار،
هيڪر هن اکين سان، ڏاتر مون ڏيکار،
قادر پنهنجي قدرت سان، ٿو ڪم ڪري ڪلتار،
(لعلڻ خان لغاري)
سهڻي = طالوت جي ڌيءَ.
ساهڙ = حضرت دائود عليہ السلام.
مراد:
جڏهن طالوت، ڌيءَ جي سڱ ڏيڻ کان ڦري ويو، تڏهن
سندس نياڻيءَ جي دل ۾ خيال ٿيو ته بابو مون کي مڙس
ڏيئي وري ڦري ويو آهي، پر الله تعاليٰ گهريو ته
اهو ساڳيو ئي مڙس ڏياريندو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ
طالوت مري ويو. اميرن اها شهزادي حضرت دائود عليہ
السلام کي پرڻائي ۽ کيس ان ملڪ جو بادشاهه مقرر
ڪيو. اهڙيءَ ريت طالوت جي ڌيءَ جي اميد پوري ٿي.
[5]
سڻندا هئا سوڍي جي، گويائي گفتار،
ڪٺي ٿيندا هئا ڪيترا، ٻڌي پرت پچار،
اَچي ويندا هئا اوڏهين، ڪم ڇڏي ڪل ڪار،
”لعلڻ“ لک هزار، تابع ٿي ويا تنهن جا.
(لعلڻ خان لغاري)
سوڍو = حضرت دائود عليہ السلام.
ڪيترا = درندا پرندا وغيره.
مراد:
حضرت دائود عليہ السلام جو آواز اهڙو ته مٺو ۽
وڻندڙ هو جو زبور پڙهڻ وقت سندس آواز تي ڪيترا پکي
۽ جانور وغيره اچي ساڻس خدا تعاليٰ جي ذڪر ۾ شامل
ٿيندا هئا.
[6]
سوڍي مان سڀيئي، هئا ڪندا پرت پچار،
ڪندا هئا قرب جي، گوهر سان گفتار،
نماڻي ڏنائين ناٿ جي، مالڪ پاڻ مهار،
جنهن سان ڀيڙو اهي ڀتار، تنهن کي ”لعلڻ“ لوڏو ناهه
ڪو.
(لعلڻ خان لغاري)
سوڍو = حضرت دائود عليہ السلام.
سڀئي = پکي، جبل وغيره. گوهر = الله تعالي.
ناٿ = لوهه.
مراد:
جڏهن حضرت دائود عليہ السلام ذڪر ڪندو هو، تڏهن
پکي ۽ جبل به هن سان گڏ خدا جي ساراهه ڪندا هئا ۽
پاڻ ان وقت لوهه کي هٿ لائيندو هو ته اهو به نرم
ٿي پوندو هو.
[7]
مسافر تنهن ماڳ تي، آيو ڪانگ ڪهي،
ڏسي رنگ راجا جو، ٺريو ڪونه ٺهي،
مسافر جي محبت لئي، هليو ڪامل پاڻ ڪهي،
هو هليو ويو هنگلاج ڏي، هي رانوَل پيو رهي،
ڏسڻ سان ڏکي پيو، آيو لعل لهي،
سڀئي سورَ سهي، آيو لحظي ۾ ”لعلڻ“ چئي.
(لعلڻ خان لغاري)
مسافر = پکي. ماڳ = محلات.
ڪامل = حضرت دائود عليہ السلام.
هنگلاج = نامعلوم هنڌ. رانوَل = حضرت
دائود عليہ السلام. لعل = حسين عورت.
مراد:
حضرت دائود عليہ السلام پنهنجي محلات ۾ ٻارن سان
ويٺي وندريو ته اوچتو هڪڙو سهڻو پکي اچي نڪتو،
جنهن کي ڏسي ٻارن ضد ٻڌو ته اهو پکي ڪيئن به اسان
کي ملي. ٻارن جي ضد پوري ڪرڻ لاءِ حضرت دائود عليہ
السلام پکيءَ جي پٺيان پيو ۽ هلندي اچي هڪ باغ ۾
پهتو، جتي هڪ خوبصورت عورت غسل ڪندي ڏسي مٿس عاشق
ٿي پيو.
[8]
ريءَ رپوٽ آئيا، ڪوٽ اندر ڪاهي،
اچي بيٺا ٻٽ ٿي، سانگي سڏائي،
ماٺ ڪيو ”مسڻ“ چئي، ويا ڳالهيون ڳالهائي،
مانجهي منجهائي، هاڙهي هوت هليا ويا.
(مسڻ)
ري رپورٽ – بنا اطلاع جي. آئيا = ملائڪن
ڏانهن اشارو. ڪوٽ = حضرت دائود عليہ
السلام جو حجرو. سانگي سڏائڻ = ماڻهو
چوائڻ. مانجهي = حضرت دائود عليہ السلام.
مراد:
حضرت دائود عليہ السلام جي حسين عورت سان شادي ٿيڻ
بعد سندس بند حجري ۾ اوچتو ٻه ملائڪ انساني شڪل ۾
ٿي اندر گهڙي آيا ۽ کانئس رڍن وارو فيصلو
ڪرايائون. حضرت دائود عليہ السلام اهو خدا تعاليٰ
جي طرفان هڪڙو اشارو سمجهيو، جو نوانوي زالن هوندي
به ٻئي غريب جي زال نڪاح ۾ آندئين. پوءِ گهڻو
پڇتايائين.
[9]
وڙهي آيا ٻه ڄڻا دانهن وٽ دانهين،
ٻڌي چيائين، ته اهو حرف آهي اسان ڏي.
ٻه ڄڻا = ٻه ملائڪ.
دانهن = حضرت دائود عليہ السلام.
مراد:
ٻه ملائڪ رڍن جو فيصلو کڻي حضرت دائود عليہ السلام
وٽ آيا. فيصلي ٿيڻ بعد دل ۾ خود قبول ڪيائين ته
مون هڪڙي غريب جي زال سان نڪاح ڪري وڏو ظلم ڪيو
آهي.
[10]
ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب رب سبحان،
هڪ سائل اچي سئين هنئي، مومل وٽ مهمان،
بخش خطائون مون کي، ڪر الله لڳ احسان،
هن جوش مان جواب ڏنو، ظاهر ساڻ زبان،
ڪوري ڏهي ڇڏي، تو ڏهي ڇڏي آ ڪانه،
مور نه اچجئين مينڌرا، موٽي هن مڪان،
پوءِ ٿيو پريشان، سڻي حرف حساب جو.
مائل = حضرت دائود عليہ السلام.
مومل = قبر. هن = مڙدو (حضرت دائود
عليہ السلام جي پڇاڙيءَ واري زال جو اڳيون مڙس).
مينڌرو = حضرت دائود عليہ السلام.
مراد:
حضرت دائود عليہ السلام ملائڪن جي اشاري ملڻ بعد
پريشان ٿي پنهنجي آخري زال جي اڳئين مڙس جي قبر تي
بخشائڻ لاءِ آيو، مگر اتي جواب مليس ته، تو مون
سان سخت ظلم ڪيو آهي تهنهن ڪري مون وٽ وري ڪڏهن به
معافي لاءِ نه اچج. ان بعد حضرت دائود عليہ السلام
الله تعاليٰ جي دربار ۾ پڇتاءُ ڪري معافي گهري.
(الف) حضرت دائود عليہ السلام جو انصاف:
حضرت دائود عليہ السلام جي زماني ۾ هڪ
عورت ۽ ان جو ڇوڪرو گڏ رهنداهئا. سندس گهر ۾
ڏاڙهونءَ جو هڪڙو وڻ بيٺل هو، جنهن تي گذر سفر
ڪندا هئا. هڪڙي ڏينهن ڇوڪر دل ۾ چيو ته جيڪر الله
تعاليٰ هن ڏاڙهون کانسواءِ اڄ ٻي ڪا شئي کارائي ته
ڪهڙي نه چڱي ڳالهه ٿئي. ٽي دفعا ائين چوڻ سان اهو
وڻ سڪي ويو. هو ٽي ڏينهن بک تي ويهي رهيا. چوٿين
ڏينهن اوچتو ڳوٺ جي وڏيري جو گابو گهر ۾ گهڙي آيو
۽ اچي چيائين ته مون کي ڪُهي حلال ڪريو، پوءِ هنن
گابي کي ڪهي کائي ڇڏيو. جڏهن ان وڏيري کي اها خبر
پئي. تڏهن حضرت دائود عليہ السلام کي وڃي دانهن
ڏنائين. حضرت دائود کي رب پاڪ کان ارشاد ٿيو ته
اهو گابو هن ڇوڪر جو حق هو، جنهن جو پيءُ کي انهي
وڏيري ماري هن جو سڀ مال پنهنجي هٿ ڪيو هو. خدائي
حڪم جي آڌار تي حضرت دائود عليہ السلام ڇوڪري جي
حق ۾ فيصلو ڪيو ۽ پڻ جيڪو مال حق حقاني هوس اهو به
وٺي ڏنائينس.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏئجي ٿو.
[11]
جيئن هئي مرضي مير جي، تيئن هو رازق جو رايو،
هنڌ انهيءَ ”حجم“ چئي، اچي ڳوڌي ڳالهايو،
لاهي سانگو سر جو، هن به گنو کي گنوايو،
آيس سختي سر تي، تڏهن سالڪ سڏايو،
ٿيس ساعت سجايو، ته هو مشڪل جهڙو معاملو
(مير محمد حجام)
مير = ڇوڪرو، ڳوڌو = گابو.
سالڪ = حضرت دائود عليہ السلام.
ٻهڳڻ = الله تعاليٰ.
مراد:
ڏسو مٿيون بيان.
(ب) حضرت دائود عليہ السلام ۽ انصاف جو زنجير:
حضرت دائود وٽ جڏهن به ڪي ٻه ڌريون فيصلي
لاءِ اينديون هيون، تڏهن آسمان مان هڪڙو زنجير
لٽڪندو هو، جنهن ۾ سچو ڏوهاري هٿ وجهندو هو ته کيس
ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي، جنهن مان ڏوهاريءَ جو پتو
پئجي ويندو هو، ۽ پوءِ فيصلي ڪرڻ ۾ ڪا تڪليف نه
ٿيندي هئس. ان بعد زنجير واپس مٿي هليو ويندو هو.
چون ٿا ته هڪڙي ڀيري حضرت دائود عليہ
السلام وٽ ڪي ٻه ڄڻا فيصلي لاءِ آيا، جن مان هڪڙي
فرياد ڪيو ته هي ماڻهو منهنجا سئو رپيا کائي ويو
آهي. حضرت دائود عليہ السلام انصاف واري ميدان تي
آيو ته زنجير آسمان مان لهي آيو. حضرت دائود عليہ
السلام جوابدار کي زنجير ۾ هٿ وجهڻ لاءِ چيو، هن
جي هٿ ۾ هڪ لٺ هئي جا فرياديءَ کي جهلڻ لاءِ ڏيئي
وڃي زنجير ۾ هٿ وڌائين ته کيس ڪابه تڪيلف نه ٿي.
ڇاڪاڻ ته ان لٺ ۾ اهي امانت وارا سئو رپيا بند ٿيل
هئا، جي ان وقت فرياديءَ جي هٿ ۾ رهيا. انهي واقعي
کان پوءِ زنجير وري ڪڏهن به نه لٿو.
مٿئين بين بابت ڏور ڏجن ٿا.
[12]
ايندو هو عدالت تي، ملهه مٿي ميدان،
هن دعا رکي هئي دل ۾، جا بازي سٽي بي ايمان،
پوءِ پنهنجي ماڳ مڪان، ملهه موٽي ويو ”موريو“ چئي.
(موريو کٽي)
ملهه = زنجير. هن = جوابدار ڏانهن اشارو.
مراد:
حضرت دائود عليہ السلام جي ڏينهن ۾ عدل لاءِ آسمان
کان هڪ زنجير لهندو هو، پر هڪڙي ماڻهو حرفت ڪري
ٻئي جي امانت ۾ خيانت ڪئي. ان بي ايمانيءَ کان
پوءِ اهو زنجير دوباره نه لٿو.
[13]
رُس ائين، جيئن رُسي ويو راڻو،
ڪونه آيو ڪاڪ تي، ڪيو مينڌري ماڻو،
اهڙو سوڍو سياڻو جو وري نه آيو ڪاڪ تي.
راڻٻو = زنجير. ڪاڪ = عدالت جو ميدان.
مراد:
ڏوهاري حرفت ڪري عدالت جي ميدان ۾ خيانت ڪئي
تنهنڪري وري اهو زنجير نه لٿو.
(ج) حضرت دائود عليہ السلام تي عتاب:
چون ٿا ته حضرت دائود عليہ السلام
عبادتگاهه ۾ هميشه شهر جي ماڻهن سان گڏجي نماز
باجماعت پڙهڻ جو انتظار ڪندو هو. هڪ ڀيري دل ۾
خيال آيس ته مون کي پنهنجو اولادئي گهڻو آهي، جنهن
مان خاصي جماعت ٿي سگهندي، پوءِ آءٌ ٻين ماڻهن جو
انتظار ڇو ڪريان؟ انهيءَ خيال ايندي ئي نماز شروع
ڪري ڏنائين.
الله تعاليٰ کي حضرت دائود عليہ السلام جو
اهو فخر پسند نه آيو، ۽ مٿس هيءَ آزمائش آئي جو
سندس سڀ اولاد فوت ٿي ويو. ان کان پوءِ توبهه تائب
ٿيو ۽ هميشه وانگر شهر جي ماڻهن سان گڏجي نماز
باجماعت پڙهڻ جاري رکيائين. الله تعاليٰ مٿس وري
راضي ٿيو ۽ گهڻو ئي اولاد عطا ڪيائينس.
انهيءَ بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.
[14]
ڪاهي آيو ڪاڪ تي، سڄو ساٿ صحي،
سڀ گهرايائين سومرا، ويو هئس وهم ويهي،
جيڪا دودي ڳالهه ڪئي، سا مڃي هئائين ”موريو“ چئي.
(موريو)
آيو = حضرت دائود عليہ السلام ڏانهن اشارو.
ڪاڪ = مسجد. وَهم = جهجهي اولاد جو
خيال. سومرا = پُٽَ. دودو = الله تعاليٰ
مراد:
ڏسو مٿيون بيان.
(د) حضرت دائود عليہ السلام جو ٻار ڏيارڻ وارو
فيصلو:
چون ٿا ته حضرت دائود عليہ السلام وٽ ٻه
زالون هڪڙي ٻار جون دعويدار ٿي فيصلي لاءِ آيون.
هڪ زال چئي ته هي پٽ منهنجو آهي، ۽ ٻي چئي ته
منهنجو. اهو به ٻڌايائون ته اسين ٻئي هڪڙي شاهوڪار
جون زالون آهيون. اهو بيان ٻڌي حضرت دائود عليہ
السلام فيصلي ڪرڻ ۾ منجهي پيو. ايتري ۾ سندس پٽ
حضرت سليمان عليہ السلام اتي اچي نڪتو ۽ پيءُ کي
حيران ڏسي کانئس حقيقت پڇيائين. حضرت دائود عليہ
السلام کيس ساري ماجرا ٻڌائي. حضرت سليمان عليہ
السلام يڪدم حڪم ڪيو ته هي ٻئي زالون هڪڙي ٻار جي
دعويٰ ٿيون ڪن، تنهنڪري اهو اڌو اڌ ڪري، هڪڙو اڌ
هڪ عورت کي ۽ ٻيو اڌ ٻيءَ کي ڏيو. اهو فيصلو فقط
انهيءَ عورت قبول ڪيو جنهن جو پٽ نه هو، پر ٻيءَ
چيو ته مون پٽ جي دعويٰ ئي ڇڏي، مون کي نه پٽ
گهرجي ته ملڪيت، اهو ٻار ڀلي هن کي ڏيو. حضرت
سليمان عليہ السلام صحيح ماءُ کي سڃاڻي ٻار کيس
ڏياريو.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.
[15]
هو هلي آيون حمير وٽ، تون آهين ملڪ جو مختيار،
دانهن دريافت نه ڪئي، ڏسي منجهن ڪو مونجهار،
آيو عمر ڄام اتي، سومرو سچار،
چيائين عدالت ڪريان اوهان جي، ڪري اڌو اڌ آچار،
هڪڙيءَ ته هائو ڪئي ته ٻئي سان لڳي ويو لاچار،
سا ته پتي ڇڏي پري ٿي، ڀاڱي کان بيزار،
مڙئي ڏينس ملڪيت ”محمد“ چئي، مون وير ڇڏيو وهنوار،
ڪيائين هيڻيءَ کي حقدار، سا خوش رهي ٿي کاهڙ ۾.
(محمد فقير ڏيرو)
هلي آيون = ٻن عورتن ڏانهن اشارو.
حمير = حضرت دائود عليہ السلام.
عمر ڄام = حضرت سليمان عليہ السلام.
ڪڙي = ڪوڙي ماءُ. ٻي = سچي ماءُ.
هيڻي = اصلي ماءُ.
مراد:
ڏسو مٿيون بيان.
(هه) حضرت دائود عليہ السلام ۽ سندس هڪ حرم:
چون ٿا ته حضرت دائود عليہ السلام کي هڪ
سئو حرم هئا، جن مان هڪڙي بيبيءَ سان گهڻو پيار
هوندو هوس. جڏهن سندس وفات جو وقت ويجهو ٿيو تڏهن
ان بيبيءَ کيس چيو ته: توهين خدا جا نبي سڳورا
آهيو. توهان جو سوال الله تعاليٰ قبول فرمائيندو،
تنهنڪري سوال گهرو ته هو مون کي به توهان سان گڏ
ماري، جو آءٌ اوهان جي جدائي سهي نه سگهنديس. حضرت
دائود عليہ السلام سندس ڳالهه مڃي الله تعاليٰ کي
اهو سوال ڪيو. کيس جواب مليو ته توهان جو حرم
پنهنجي وقت تي هيءَ دنيا ڇڏيندو. جيڪڏهن هينئر
توهان جي وفات جو غم نه ڪري ته کيس توهان جو ديدار
ٿيندو رهندو. انهيءَ جواب تي بيبي راضي ٿي. حضرت
دائود عليہ السلام جي وفات تي سڀني حرمن روڄ راڙو
ڪيو پر اها بيبي هار سينگار ڪري خوش ٿي ويئي. ان
بعد روزمره هن کي حضرت دائود جي زيات ٿيندي رهندي
هئي ۽ بيبي خوش گذارڻ لڳي. اها حالت ڏسي حضرت
دائود عليہ السلام جي ٻين حرمن ۽ حضرت دائود عليہ
السلام جي والده کي عجب لڳو ۽ شڪ جاڳيو. آخر حضرت
دائود عليہ السلام جي والده ان بيبيءَ کان سندس
انهيءَ حالت جي پڇا ڪئي، جنهن حضرت دائود عليہ
السلام جي اچڻ جو ذڪر ڪير ٻڌايو. تنهن تي هن مخفي
جانچ شروع ڪئي ۽ هڪڙي هنڌ لڪي ويهي رهي. ڏٺائين ته
برابر حضرت دائود عليہ السلام ان بيبيءَ سان گڏ
ساڳيءَ کٽ تي ويٺو آهي. اهو ڏسي پٽ جي محبت کان
پاڻ جهلي نه سگهي ۽ ان کي ڀاڪر پائڻ لاءِ اندر
گهڙي آئي، پر هن جي ڏسڻ سان حضرت دائود عليہ
السلام گم ٿي ويو.
ان کان پوءِ حضرت دائود عليہ السلام جو
اچڻ بند ٿي ويو ۽ ٻئي ڄڻيون غم ۾ گذارڻ لڳيون.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.
[16]
محلن ۾ ماتم ٿيو، هڪ روئي نه راڻي،
ڪاوڙجي ڪست مان، آيس دڳي ڌڃاڻي،
مون ڀانيو ڪي مٽيءَ جا، پئي ڇڄ مٿي ۾ ڇاڻي،
پر تون ته اڳي کان اڳري، شايد مزا پئي ماڻي،
هاڻي انهي ڳالهه جي، ڏينم سگهي سمجهاڻي،
نه ته سٽي انهيءَ سور ۾، وجهنديسئين گهاڻي،
اڳيان وڏي ادب سان، پئي ڪري نياز نماڻي،
مون کي مَ مار، جي تون ڳالهه چڱي ڄاڻي،
هيءَ سيج وڇايم سهڻي لائي، ڪا پلنگ پٿراڻي،
آءٌ وڻان پنهنجي وَرَ کي، ساجن سيباڻي،
پوشاڪون پهريان پٽ جون، ڪيئن پايان پراڻي؟
اٿئي اسم الله جو، ٻيا ٿي وجهئين ننگ نياڻي،
حاڪمزادي وڄ هٽي، ڪر لائق لهراڻي،
مون کي وجهه مَ مامي، تون به سورن سٽاڻي،
پر هوءَ پير نه هٽي پوئتي، جنهن پنهنجي پلاڻي،
مورئون مڙي ڪينڪي، وڃي ڪنه لهه تي لڪاڻي،
پوءِ ته خان اچي ويٺو کٽ تي، ڪري پنهل پڄاڻي،
ڏٺائين اکين سان، سو صحيح سڃاڻي،
ڀانيائين، کارائي طعام خوشيءَ مان، پياريانس پاڻي،
پر ڪامل هليو ويو ڪيچ ڏي، ڪري مير موڪلاڻي،
پوءِ دانهن ڪري در تي ڪري، ويتر ويڳاڻي،
ٿي منٿون ڪيائين منڌ کي، تون هئينءَ سسئي سياڻي،
سمجهيس ڪين تنهنجي ساک تي، آءٌ ٿيس اياڻي،
ڪامڻ پنهنجي ڪانڌ کي، جي هيڪر هت آڻي،
ته هوند تنهنجا ڳڻ ڳائيان، چئي ”ڏيرو“ ڏهاڻي،
چيائين ته ماٺ ڪر، معافي ڏي، ڇو پئي تندوتاڻي،
لوڌيئي لال هٿن سان، ٿينءَ وينگس ويڳاڻي،
هتي هوتاڻي، هاڻي مور نه ايندو ”محمد“ چئي.
(محمد فقير ڏيرو)
هڪ راڻي = حضرت دائو عليہ السلام جي
دل وارو حرم. دڳي ڌڃاڻي = حضرت دائود عليہ
السلام. جي والده. سهڻو = حضرت دائود عليہ
السلام. ڪامل = حضرت دائود عليہ السلام.
ڪيچ ۾ عالم ارواح.
مراد:
ڏسو مٿيون بيان.
(و) حضرت دائود عليہ السلام جي شداد ڪافر کي
تنبيه:
’سامره‘ شهر ۾ شهداد نالي هڪڙو زبردست
بادشاهه رهندو هو، وٽس دولت ۽ مال متاع بي انداز
هو. هن جي عمر اٺ سئو ورهيه کن هئي. هو الله
تعاليٰ جي هستي کان انڪاري ٿي، پاڻ کي خدا چوائي
پنهنجي پوڄا ڪرائيندو هو. الله تعاليٰ جي حڪم سان
حضرت دائود عليہ السلام کيس حق جي دعوت ڏني ۽ کيس
چيائين ته تون توبهه تائب ٿيءُ ته عذابن کان ڇٽين
۽ بهشت ۾ داخل ٿين. انهيءَ تي شداد جواب ڏنو ته
مون کي خدا جي بهشت جي پرواهه نه آهي، آءٌ هن زمين
تي پنهنجو اهڙو بهشت ٺهرائي، هينئر ئي آرام ڪري
سگهان ٿو. ائين چئي هن بهشت جي جاءِ جي ڳولا
ڪرائي. آخر ’عدن‘ ۾ بهشت جهڙي زمين هٿ آيس ۽ اتي
ئي بهشت ٺهرائڻ جو حڪم ڏيئي خزانن جا در کولي
ڇڏيائين. آخر ٽن سون ورهين کان پوءِ بهشت ٺهي تيار
ٿيو ۽ پاڻ حسين ڪنواريون ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا ساڻ ڪري
بهشت جي سير ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو(1). اڃا بهشت جي
دروازي وٽ مس پهتو ته کيس عزرائيل گڏيو، جنهن کي
ڏسي شداد کي اچي ڪنبڻي ورتو ۽ کيس آزيو نيازيون
ڪري هڪ ڀيرو بهشت گهمڻ لاءِ چيائين، مگر عزرائيل
هڪ به نه ٻڌس ۽ سندس ساهه قبض ڪري ورتو(2). شداد
جي مرڻ کان پوءِ الله تعاليٰ اهو بهشت مٿي کڻائي
ورتو.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.
[17]
هلي آيو هيج مان، مٿي سانگ سفر،
ٻڌايائين ”ٻروچ“ چئي، تنهن انڌي کي اکر،
مئي ڇڏج مستان تون، تهدل توبهه ڪر،
وِڄا وينديئي وسري، باري سجهي بر،
مور مڃي ٿو ڪونه ڪو، مڙي ويو منڪر،
عمل تنهن کي اُڀري، ۽ وڙهيا ٿي ولر،
”لعلڻ“ چئي لشڪر، پوءِ سُڃو ڇڏي ويو ساٿ کي.
(لعلڻ خان لغاري)
هلي آيو = حضرت دائود عليہ السلام ڏانهن
اشارو. انڌو = شهداد. ولر وڙهڻ – نانگ جو ڏنگڻ.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان. |