[2]
نه ڪي عضوا آهن عورت کي، نه ڪي وينگس کي وار،
نه ڪي ٻانهون ٻانهياريءَ جون، نه ڪي ڪنڌ ڪپار،
اِها پيتي مان پيدا ٿي آهي، ناز ڀري نار،
سڀ پرئين سهڻي، سسئيءَ ڪيو سينگار،
هلي ڏانهن حب جي، اها ڪامڻ ٿي قرار،
اُتي ايلپنهوار، سسئيءَ کي سُڃاتو.
عورت = پٿر ڇِپَ. نار= ڏاچي.
مراد:
حضرت صالح عليہ السلام کي سندس اُمت چيو ته ڪو
معجزو ڏيکار. پٿر ڏانهن اشارو ڪيائون، ته اُن مان
ڏاچي پيدا ٿي، جنهن کي ڏسي سڀئي حيران ٿي ويا.
سندن سوال موجب ڏاچي اتي جو اتي ويائي ۽ گؤنرو
ڄڻيائين. پوءِ سڀني گڏجي ان ڏاچيءَ جو کير پيتو.
5- حضرت ابراهيم عليہ السلام
(الف) حضرت ابراهيم عليہ السلام جو ڄمڻ:
حضرت نوح عليہ السلام کان ٻه هزار ڇهه سئو
چاليهه ورهيه پوءِ بابل شهر ۾ نمرود نالي هڪ
زبردست بادشاهه راڄ ڪندو هو. جو پاڻ کي خدا
سڏائيندو هو.
نمرود وٽ نجومي رهندا هئا جن کان هو ايندڙ
وقت جون حقيقتون معلوم ڪندو هو. هڪڙي ڏينهن نجومين
ٻڌايس ته هن ملڪ ۾ هڪ اهڙو نيڪ ۽ ڀلارو شخص پيدا
ٿيڻو آهي جو تنهنجي اقبال ۽ حڪومت کي نقصان
پهچائيندو، ۽ کيس اهو به ٻڌايائون ته ٽن ڏينهن
اندر اهو شخص ماءُ جي پيٽ ۾ سرجڻو آهي. اهو ٻڌي
نمرود سڄي شهر ۾ حڪم ڪيو ته شهر جون زالون،
بادشاهه جي ڪوٽ ۾ رهن ۽ مرد، شهر کان ٻاهرئين ڪوٽ
۾. پوءِ ڪوٽن تي پهرو بيهاري ڇڏيائين.
’تارخ‘ نالي هڪ شخص جنهن کي آذر به چوندا
هئا، سو نمرود جي خاص حاضري جو نوڪر هو ۽ نمرود جي
سمهڻ واري جاءِ تي پهرو ڏيندو هو. الله تعاليٰ جي
طرفان جو فيصلو ٿيو هو سو انسان کان ڪيئن روڪجي
سگهندو؟ رات جو تارخ هڪ هٿ ۾ تلوار ۽ ٻئي ۾ شمع
جهليو پهرو پئي ڏنو ته سندس زال ايترن سارن پهرن
جي پرواهه نه ڪري وٽس آئي. خدا جي قدرت سان ان رات
جو ٻار پيٽ ۾ سرجيو، سو هو حضرت ابراهيم عليہ
السلام.
حضرت ابراهيم عليہ السلام جي ماءُ جڏهن هٿ
پير لهڻ کي ويجهي ٿي، تڏهن نمرود جي خوف کان شهر
مان نڪري هڪڙي جبل جي غار ۾ وڃي پٽڙو ڄڻيائين ۽ ان
جو نالو ابراهيم رکيائين. پوءِ روزانو غار ۾ وڃي
سندس پرورش ڪندي هئي. اهڙيءَ ريت ست ورهيه گذري
ويا. هڪ ڏينهن حضرت ابراهيم عليہ السلام پنهنجي
ماءُ کان پڇيو ته تنهنجو مالڪ ڪير آهي؟ ماءُ جواب
ڏنو ته تنهنجو پيءُ آذر. وري پڇيائين ته ان جو
مالڪ ڪير؟ ماءُ جواب ڏنو ته بادشاهه. وري پڇيائين
ته ان جو مالڪ؟ جواب مليس: تارا. اتي حضرت ابراهيم
عليہ السلام وري پڇيس ته ڀلا، تارن جو مالڪ ڪير
آهي؟ ماڻس لاجواب ٿي کڻي ماٺ ڪئي ۽ غار مان نڪري
هلي ويئي. حضرت ابراهيم عليہ السلام رات جي وقت
غار کان ٻاهر نڪتو ۽ هڪ روشن تارو ڏسي چوڻ لڳو ته
منهنجو خدا هيءُ آهي. جڏهن تارو لهي ويو ۽ چنڊ
اڀريو تڏهن چيائين ته لهڻ واري شيءَ کي آءٌ پيار
نه ڪندس، منهنجو خدا هيءُ چنڊ
آهي. پر جڏهن
چنڊ به لٿو ۽ صبح جو سج اڀريو تڏهن چيائين ته: چنڊ
نه پر سج منهنجو خدا آهي، جو سڀني کان وڏو آهي.
جڏهن سج لهي ويو تڏهن چيائين ته هي خدا هجن ها ته
لهن ئي ڪين ها. منهنجو خدا اهو جل شانہ آهي جنهن
کي سدائين بقاء آهي.
حضرت ابراهيم عليہ السلام جڏهن وڏو ٿيو،
خدا جي وحدانيت جي ماڻهن ۾ تبليغ ڪيائين ۽ ڪافرن
جا بت ڀڳائين تڏهن ماڻهو اچي بگڙيا ۽ حضرت ابراهيم
کي شهيد ڪرڻ لاءِ هڪڙي چورس ڪوٺي ڪاٺين سان ڀرائي،
ان کي باهه ڏيئي آڙاهه تيار ڪيائون.
چون ٿا ته ماڻهو حضرت ابراهيم عليہ السلام
جي کٽ کڻڻ آيا، مگر کانئن اها کٽ کنئي نه ٿي. اتي
نجومين ٻڌايو ته چار ملائڪ کٽ جي پاين کي جهليو
بيٺا آهن، انهن کي پري ڪرڻ لاءِ ڪي اگهاڙيون
ڇوڪريون گهرائجن. اهو ٻڌي نمرود ڪي ڇوڪريون
گهرايون ۽ کين اگهاڙي ٿيڻ لاءِ چيو، مگر انهن مان
فقط چار ڇوڪريون اگهاڙيون ٿي کٽ ڏانهن آيون. اها
حالت ڏسي ملائڪ هٽي ويا. پوءِ حضرت ابراهيم عليہ
السلام کي چؤکنڀو ٻڌي آڙاهه ۾ کڻي اڇلايائون.
چون ٿا ته حضرت ابراهيم عليہ السلام کي
آڙاهه ۾ اڇلڻ کان پوءِ آڙاهه جي باهه اجهامڻ لڳي،
تڏهن سانڊو ڦوڪون ڏيئي آڙاهه کي مچائڻ لڳو ۽ چچي
وري ٿڪون هڻي آڙاهه وسائڻ لڳي، پر آڙاهه ٻنهي کان
زور هو.
نمرود ۽ سندس ڌيءَ ماڙيءَ تان اهو لقاءُ
ڏسي رهيا هئا. خدا جي قدرت سان اهو آڙاهه حضرت
ابراهيم عليہ السلام لاءِ گلزار بنجي پيو. ملائڪ
بهشتي وڳا ۽ تخت کڻي حضرت ابراهيم عليہ السلام وٽ
اچي حاضر ٿيا. حضرت ابراهيم عليہ السلام جا هٿ وٺي
چميائين. خدا جي قدرت سان اُن کي به ڪجهه ڪونه
ٿيو. اتي نمرود جي ڌيءَ خدا کي سوال ڪيو ته منهنجن
مائٽن کي به مون جهڙو ڪر، مگر انهن جي دلين ۾ ڪفر
گهر ڪري ويو هو. تنهنڪري مسلمان نه ٿيا.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا:
[1]
واءُ لڳي منڌ تي، دُنگي نئين دوفان،
ڇوهي نيئي اتي ڇڏي، جتي واٽ وڃڻ جي ڪانه،
ستا جاڳيا ڪينڪي، جيڪي هئا انهيءَ مڪان،
باري اتان بچايا، آگي ٻه انسان،
مرد موچاري اکرين، هئي مهري وڏي مان،
سنت پاڙيئون پاڻ ۾، جيڪا فرمائي رب رحمان،
هاڻي بگهڙ ڪر بيان، ته ڪيئن جيئرا آيا جهان ۾؟
دنگي = حضرت ابراهيم عليہ السلام جي والده.
جيڪي = نمرود جي پهريدار ڏانهن اشارو. مرد = آذر.
مراد:
جنهن وقت حضرت ابراهيم عليہ السلام جي والده کي
پنهنجي وارث آذر سان ملڻ جو خيال ٿيو، تنهن وقت
نمرود جي پهرن هوندي به قدرت واري کيس آذر تائين
پهچايو. ٻئي زال مڙس پاڻ ۾ مليا، حضرت ابراهيم
عليہ السلام والده جي پيٽ ۾ سرجيو.
[2]
ستر چونڪيون سراءِ کي، هئا ڀڙ آرائين ڀينئن،
باندر واهي باغ جا، تنهن ول واهي شينهن،
سانول ساڳئي ڏينهن، چانگو ول چري ويو.
سراءِ = نمرود جو محلات، باندر = ڪافر
باغ = ڪوٽ. ول = آذر جي زال. شينهن= الله تعاليٰ
چانگو = آذر.
مراد:
نمرود کي جڏهن نجومين حضرت ابراهيم عليہ السلام جي
ڄمڻ بابت ٻڌايو تڏهن هن مرد ۽ زالون علحده علحده
ڪوٽن ۾ بند ڪرائي مٿن پهرو بيهاري ڇڏيو. آذر، جو
سندس خاص خدمتگار هو سو سندس محل ۾ پهرو ڏيندو ۽
اتي ئي رهندو هو. خدا جي قدرت، حضرت ابراهيم عليہ
السلام جي والده ايترن پهرن هوندي به رات جو وڃي
پنهنجي مڙس آذر سان ملي. کيس ڪنهن به ڪونه ڏٺو ۽
حضرت ابراهيم عليہ السلام ماءُ جي پيٽ ۾ سرجي ويو.
[3]
گوندر ۾ گشاريا، ساميءَ سرسا سال،
ويٺو هو ورونهه ۾، نه ڪا سرت سنڀال،
پڇيائين ٿي پرينءَ جو، ثابت سو سوال،
تڪڙو ڏنو تڏهن، اچي منڌ مثال.
سامي سرجي ڪونه ڪو، مورنهن سو مجال،
پوءِ ڀلي ڪيا هئس ڀال، لحظي ۾ ”لعلڻ“ چئي.
(لعلڻ خان لغاري)
گوندر = غار. سامي = حضرت ابراهيم عليہ السلام
پرين = الله تعاليٰ. منڌ = حضرت ابراهيم عليہ
السلام جي والده.
مراد:
حضرت ابراهيم عليہ السلام غار ۾ ست سال گذاريا ۽
اتيئي نپنو. هڪ ڏينهن ماءُ کان پنهنجي ’مالڪ‘ بابت
پڇيائين، جنهن آذر ۽ نمرود کي مالڪ ٺهرايو، مگر
حضرت ابراهيم عليہ السلام کي انهيءَ ڳالهه تي
اعتبار نه آيو. آخر تاري، چنڊ ۽ سج کي مالڪ
سمجهيائين، مگر انهن جي لهي وڃڻ تي کيس پڪ ٿي ته
اهي به مالڪ نه آهن. نيٺ حقيقي مالڪ يعني الله
تعاليٰ جي هستيءَ تي ڀروسو ڪيائين.
[4]
بيٺس ڪين بندر تي، جن جي ڪٿيئين ڪٿ،
سڀني مان ”سرهو“ چئي، ڌوئي بيٺو هٿ،
هن کي هئي رِٿ، مٺي تنهن محبوب جي.
(سرهو فقير)
بندر = دلِ. جن جي (ڪٿ ڪٿيئين) = تارن،
چنڊ ۽ سج ڏانهن اشارو. هن = حضرت ابراهيم
عليہ السلام ڏانهن اشارو. محبوب = الله تعاليٰ.
مراد:
حضرت ابراهيم عليہ السلام سج، چنڊ ۽ تارن کي ڏسي
چيو ته هي جي خدا هجن ها ته لهن ئي ڪين ها. اها ڪا
ٻي طاقت آهي، جنهن کي سدائين بقاء آهي.
[5]
ساراهيان سچو ڌڻي، خالق خلقڻهار،
حاڪم حڪومت جو هئو، هو دولت دنيادار،
آڇيا انيراءِ هئا، هن کي هيرن جا هزار،
ٻيجل سان ”ٻروچ“ چئي، تندون ڪيون تيار،
آڻي چاڙهيائين چنگ تي، اچي نسنگ ٿيو نروار،
سورٺ سک ڦٽي ويو، شل اهو مري مڱڻهار!
هو ته راجا راءِ کنگهار هو، سو مانجهي مڻيادار،
”جاڙو“ چئي جهونجهار، هاڻي ڏاها ڳوليو ڏور کي.
(جاڙو خان مري)
حاڪم، انيراءِ = نمرود. ٻيجل = اگهاڙين
ڇوڪرين جو پيءُ. تندون = اگهاڙيون چار
ڇوڪريون. چنگ = دولت. سورٺ = کٽ.
مڱڻهار = ڇوڪرين جو پيءُ.
راٰ کنگهار = حضرت ابراهيم عليہ السلام.
مراد:
جڏهن حضرت ابراهيم عليہ السلام کي آڙاهه ۾ اڇلائڻ
لاءِ ماڻهو آيا ۽ کٽ کڻي نه سگهيا، تڏهن نجومين جي
چوڻ موجب نمرود هڪ ڪافر کي، جنهن جون چار ڌيون
هيون، دنيا دولت آڇي انهن ڇوڪرين کي اگهاڙو ڪرائي
حضرت ابراهيم عليہ السلام جي کٽ ڏانهن موڪليو،
ملائڪ اگهاڙين ڇوڪرين کي ايندو ڏسي هٽي ويا. پوءِ
نمرود جي ماڻهن حضرت ابراهيم عليہ السلام کي کٽ
سوڌو کڻي آڙاهه ۾ اڇلايو، مگر خدا جي قدرت سان اهو
آڙاهه گلزار بنجي ويو ۽ حضرت ابراهيم عليہ السلام
کي لهس به ڪانه آئي.
[6]
تيرهن طاق تلاءِ کي، نوَ سؤ نوَ دريون،
اوڀر کان ٿي اڀريون، پنج سو پنج پريون،
آڏو نه آيون آب کي، ڏسي ڏيل ڏريون،
”کٽي“ چئي کريون، ڪو سالڪ سمجهي ڳالهڙي.
(موريو فقير)
تلاءُ =اڙاهه. دريون =ڄڀيون (بڀاهه جون).
آب =بيحيائي. پريون =ڇوڪريون (جي نمرود
گهرايون هيون). گريون = اهي چار ڇوڪريون
جيڪي اگهاڙيون ٿيون.
مراد:
نمرود آڙاهه تيار ڪرايو، جنهن جي ڄڀين ماڻهن مان
ڏيل پئي ڏاريا. حضرت ابراهيم عليہ السلام جي کٽ
کڻڻ جي خيال سان هن ڪيتريون ئي ڇوڪريون گهرايون،
مگر ٻين سڀني اگهاڙي ٿيڻ کان جواب ڏنو. فقط چار
ڇوڪريون دنيا جي لالچ تي اگهاڙيون ٿيون.
[7]
لنگهي لچائي ڪري، اچي چارڻ چوريو چنگ،
سورٺ تنهن مڱڻهار جو، بيٺي روئي ڏٺو رنگ،
ڀري مٺيون مهرن جون، اچي گهوريون نارنسنگ،
دانهن ڪندا دنگ، ڏاها انهيءَ ڏور جو.
چارڻ – سانڊو. چنگ چورڻ – ڦوڪون ڏيڻ.
سورٺ – چچي. مهرون – ٿڪوُن.
مراد:
حضرت ابراهيم عليہ السلام لاءِ جڏهن آڙاهه تيار
ڪيائون ته سانڊو ان کي ڦوڪون ڏئي مچائڻ لڳو ۽ چچي
ٿڪون وجهي وسائڻ لڳي. پر اهو آڙاهه هنن ٻنهي جي
ٻارڻ ۾ وسائڻ کان زور هو.
[8]
ڏسي تابش تڪڙي، گهڙيو عشق اري،
ماڻهن کي ماٺ لڳي، اجهو محب مري،
هن به پاٻوهيو پر سان، ظاهر منجهه ذري،
پوءِ جيڪو اچي عشق اري، سو مؤجون ماڻي ”ملاح“ چئي.
(ملاح)
تابش = آراهه جو تؤ. عشق = خدا جي محبت.
محب = حضرت ابراهيم عليہ السلام.
پِر = الله تعاليٰ.
مراد:
حضرت ابراهيم عليہ السلام کي جڏهن نمرود آڙاهه تي
چڙهيو تڏهن هو خدائي محبت دل ۾ رکي بيپرواهه ٿي
منجهس گهڙيو کيس ڪابه تڪليف نه ٿي، پاڻ آڙاهه هڪ
گلزار بنجي پيو.
[9]
مومل مؤج مجاز جي، تنهن گهوٽ گهڻا گهايا،
مورهن موٽِ ڪينڪي، اندر جي آيا،
پر راڻي گڏجي گجر جا، سڀ مڪر منجهايا،
”ٻيڙي“ سان ”ٻروچ“ آهن، ٻول به ٻولايا،
سي ٿيا سجايا، جي ڏاهو ڳولي ڏور کي.
(نبي بخش خان بلوچ)
مومل = باهه. راڻو = حضرت ابراهيم عليہ السلام
مراد:
حضرت ابراهيم عليہ السلام کي جڏهن باهه جي آڙاهه ۾
اڇلايو ويو ته باهه ان لاءِ گلزار بنجي پيئي.
[10]
جيڪا هئي راڻي جي راءِ، ته مومل نه هجي ها ملڪ ۾،
پر مهل انهيءَ ”موريو“ چئي، پيو سوڍي کي سماءُ،
جڏهن راڻي مٽي راءِ، تڏهن رهي پئي راڄ ۾.
(موريو کٽي)
راڻو = الله تعاليٰ. مومل = باهه.
مراد:
ڪافرن حضرت ابراهيم عليہ السلام کي باهه ۾ وڌو ۽
باهه کي خدا جو حڪم ٿيو ته حضرت ابراهيم عليہ
السلام تي ٿڌي ٿي وڃ. پر اهڙي ٿڌي نه، سلامتيءَ
واري ٿڌي. جي باهه ٿڌي ٿي وڃي ها ته اڄڪلهه ڏسڻ ۾
ڪانه اچي ها.
[11]
ڍوليو ڇڏي ڍٽ کي، پيو ڪاڪ اندر ڪاهي،
نند ندوري هئا ڇڏيا، هت ٻارڻ ٻارائي،
باهه ٻريو ڀڙڪا ڪري، ٿي جودؤن جلائي،
مومل ماڙيءَ مان لٿي، چوڏس چتائي،
موليٰ ملائي، باهه منجهان بُستان ڪيو.
ڍوليو = حضرت ابراهيم عليہ السلام.
ڪاڪ =باهه ڏانهن اشارو. نند =نمرود ۽
مومل = نمرود جي ڌيءَ.
مراد:
حضرت ابراهيم عليہ السلام کي نمرود باهه ۾ ڦٽو
ڪرائي ڇڏيو، مگر خدا جي قدرت سان اها باهه بستان
ٿي پيئي. نمرود جي ڌيءَ به ان آڙاهه ۾ ڪاهي پيئي ۽
حضرت ابراهيم عليہ السلام سان وڃي ملي.
[12]
سهڻيءَ کي ساهڙ سندي، ٿي محبت اندر من،
لهس نه اِن کي لوڏيو، هوءِ ڪاهي پيئي ڪن،
آيا منجهه امن، سهڻيءَ ساهڙ سک ٿيو.
سهڻي = نمرود جي ڌيءَ. ساهڙ = حضرت
ابراهيم عليہ السلام. ڪُن =باهه جو آڙاهه.
مراد:
نمرود جي ڌيءَ حضرت ابراهيم عليہ السلام کي آڙاهه
۾ خوش ڏسي پاڻ به سندس محبت ۾ مست ٿي اچي آڙاهه ۾
گهڙي ۽ کيس به ڪا لهس نه آئي.
[13]
ماڙيءَ ڪنڊون چار، ڪنڊ ڪنڊ تي ٻري مشعال،
ڄام تماچي هيٺ وسي، مٿي نوري نار،
جڏهن گڏيا گهوٽ ڪنوار، تڏهن ڪينجهر سڀ قراريو.
ماڙي = باهه جو آڙاهه. ڪنڊ ڪنڊ تي مشعال
ٻرڻ = چئن طرفن کان باهه ٻرڻ.
ڄام تماچي = حضرت ابراهيم عليہ السلام
نوري –= نمرود جي ڌيءَ. ڪينجهر جو.
قرارجڻ = باهه جو با بنجڻ.
مراد:
حضرت ابراهيم عليہ السلام کي نمرود باهه جي آڙاهه
۾ اُڇلارايو، ان وقت سندس ڌيءَ هندورن ۾ جهولي رهي
هئي، ان ڏٺو ته چئني طرفن کان باهه هوندي به حضرت
ابراهيم عليہ السلام کي ڪو ضرر نٿو رسي، تڏهن مٿس
ايمان آڻي ٽپ ڏيئي اچي آڙاهه ۾ داخل ٿي ۽ اها باهه
ان لاءِ به باغ بنجي پئي.
[14]
هليو هنگلاج اچي، سامي پسڻ سوادُ،
گنوائي هن گهر جا، ماري ڪيائين ماد،
پاڻ بڻيو دلشاد، ڏوهه رکيائين انهن تي.
هنگلاج = آڙاهه. سامي = حضرت ابراهيم عليہ السلام.
هن گهر = نمرود جي محلات ڏانهن اشارو.
مراد:
حضرت ابراهيم عليہ السلام کي آڙاهه ۾ ڦٽي ڪرڻ سان
نمرود جي ڌيءَ قدرت جا عجيب رنگ ڏسي اچي آڙاهه ۾
پيئي ۽ حضرت ابراهيم عليہ السلام سان ملي.
[15]
باسَ نه باسي مارئي، سهجئون آيس سيڻ،
آرو کڻي اڳين تان، پئي نار وهاڻي نيڻ،
وِرهه پڙهايس ويڻ، شرم ڳڌي آ ”شيرخان“ چئي.
(شيرخان)
مارئي = نمرود جي ڌيءَ. سيڻ =نمرود جي
ڌيءَ جا مٽ مائٽ. اڳيان = مائٽ مٽ.
مراد:
نمرود جي ڌيءَ باهه ۾ ٽپو ڏنو. کيس ڪابه تڪيلف
ڪانه ٿي ۽ حضرت ابراهيم عليہ السلام سان گڏجي رهڻ
جو ارادو ڪيائين. اها حالت ڏسي سندس مٽ مائٽ کيس
واپس وٺي وڃڻ لاءِ آيا، مگر مائي حضرت ابراهيم
عليہ السلام جي محبت ۾ مست ٿي سڀني کي جواب ڏيئي
پوئتي موٽائي ڇڏيو.
[16]
مارن منجهئون مارئي، ٿي عمر ڏي آئي،
وينگس پنهنجي ور سان، هٺي لنءُ چڱي لائي،
الله اِلاهي، کڻي مارو ڀي مون جهڙا ڪرين!
مارئي = نمرود جي ڌيءَ. عمر = حضرت ابراهيم
عليہ السلام. مارو = نمرود جي ڌيءَ جا مٽ مائٽ.
مراد:
نمرود، حضرت ابراهيم عليہ السلام کي جڏهن باهه جي
آڙاهه ۾ وجهايو تڏهن سندس ڌيءَ دريءَ مان ڏٺو ته
ملائڪ هڪ تخت ۽ بهشتي وڳا کڻي آيا ۽ اچي حضرت
ابراهيم عليہ السلام کي ڏنائون. اها حالت ڏسي پاڻ
به اچي آڙاهه ۾ ٽپو ڏنائين ۽ الله تعاليءِ کي سوال
ڪيائين ته منهنجن مائٽن کي مون جهڙو (مسلمان) ڪر.
[17]
ڪڙ ڪڙ ڪن مَ وڄَ، ڪين ڊڄي ٿي سهڻي،
محبتي ميهار جو، دل تي اٿم ڌَڄ،
آءٌ به گهڙينديس اڄ“ توڙي اُبَتَا آرَ ڪرين.
ڪن = آڙاهه. سهڻي = نمرود جي ڌيءَ.
ميهار = حضرت ابراهيم عليہ السلام.
مراد:
نمرود جي ڌيءَ
جهل پل هوندي به نه رهي ۽ آڙاهه تي اچي ٽپو ڏيئي
وڃي حضرت ابراهيم عليہ السلام سان ملي.
(ب) مڇر ۽ نمرود:
نمرود ڪافر، خدائيءَ جي دعويٰ ڪندو هو
تنهن کي سيکت ڏيڻ لاءِ حضرت ابراهيم عليہ السلام
گهڻي نصيحت ڪئي پر هو پنهنجي هٺ تان هيٺ نه لٿو
نيٺ مٿس خدائي ڏمر، مڇرن جي صورت ۾ نازل ٿيو، جن
سندس سڄي لشڪر کي کائي ڇڏيو. هڪڙو مڇر نمرود جي نڪ
۾ گهڙي ويو ۽ وڃي مغز جا پردا کائڻ لڳو. هو انهيءَ
عذاب دور ڪرڻ لاءِ روزانو مٿي تي جڏهن پادر
هڻائيندو هو، تڏهن ڪجهه فرحت ٿيندي هيس آخر انهيءَ
تڪليف ۾ مري ويو، نمرود جي اها حالت ڏسي سندس ڪٽنب
جا ڀاتي ۽ پوئلڳ شرمسار ٿيا.
انهيءَ بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.
[19]
جوان ڪارڻ جنگ جي، هليو تسنُگ سهي،
خوشيءَ سان ”خدابخش“ چئي، ڪو جو پنڌ ڪهي،
ائين ڪيائين ڪوٽ ۾، جيئن ولوڙجي مهي،
منجهئون ڪوٽ ڪهي، آيو فتح فهميدو ڪري.
(خدابخش)
جوان = مڇر. ڪوٽ - مغز
مراد:
خدائي جي دعويٰ ڪندڙ نمرود،. هڪڙي ضعيف مڇر هٿان
عذاب سهي مري ويو، انهيءَ مقابلي ۾ مڇر جي فتح ٿي.
[20]
ڪامل ڪناري چڙهيو، هو ٿيو حيران،
ڀڃي ڪوٽ ڪفار جو، آيو جاءِ جوان،
خبر آهي عام، ستر ۾ ”سرهو“ چئي.
(سرهو)
ڪامل = مڇر ڏانهن اشارو.
هو = نمرود ڏانهن اشارو. جاءِ = مغز
جوان = مڇر.
مراد:
ڏسو نمرود ۽ مڇر وارو مٿيون بيان.
[21]
سير جي سنڌن ۾، اچي داخل ٿيو دڪو،
پنج دڪي پنج پائي، ڦري ڪيو پئي ڦهڪو،
جي پڙ ٿو پاسي ٿئي، ته ويٺو ڪري واڪو،
ڪهين ۽ ڪشن جو، اچي ساهه سڪو،
نڪئون ٽٽونڪو، تڏهن ڦڪا ٿيا ”فيضو“ چئي.
(فيضو)
سير = نمرود. دڪو = مڇر.
پنج دُڪي، پنج پائي = موچڙا.
پڙ = پادر. ڪهيون ڪشا = نمرود جي آڪهه
۽ اولاد. نڪو ٽٽڻ = نمرود جو مرڻ.
ڦڪا ٿيا = نمرود جا پوئلڳ.
مراد:
خدائي جي دعويٰ ڪندڙ نمرود جي مغز ۾ مڇر وڃي ويهي
رهيو ۽ کيس چڪ هڻڻ لڳو، تڏهن پريشان ٿي مغز تي
پادر هڻائيندو هو ۽ آخر نمرود جي مرڻ کان پوءِ
سندس پوئلڳ به پشيمان ٿيا.
[22]
نينگرڙو نچي، ڪاهي پيو ڪن ۾،
انهيءَ اچي هن کي، وڌو مونجهارو من ۾،
ڇوڪرڙي ڇن، هن کي ڇيرن سان ڇني وڌو.
نينگرڙو = مڇر. ڪن = نڪ.
هن = نمرود ڏانهن اشارو. ڇيرا = چڪ
مراد:
ڏسو نمرود ۽ مڇر وارو مٿيون بيان.
[23]
گهاتو منجهه گهڙي، وڌا ڪات ڪلين ۾،
جڏهن پيو مچ مري، تڏهن سڀئي سرها ٿيا.
گهاتو = مڇر. ڪات = چڪ. مڇ = نمرود.
مراد:
نمرود جي مرڻ کان پوءِ سڄو ملڪ سندس ظلم کان آزاد
ٿي ڏاڍو خوش ٿيو.
(ج) حضرت ابراهيم عليہ السلام جو پکين کي ماري وري
جيئرو ڪرڻ:
چون ٿا ته هڪ ڀيري حضرت ابراهيم عليہ
السلام کي خيال آيو ته قيامت ۾ مئل ڪيئن زندهه
ٿيندا. انهيءَ حيرت ۾ هن الله تعاليٰ کي عرض ڪيو
ته: هي مئل قيامت ۾ ڪيئن زنده ٿيندا. تنهن تي الله
تعاليٰ فرمايو ته: چئن قسمن جا پکي وٺي انهن کي
چار چار ٽڪر ڪري، انهن جي سسين سان مختلف عضوا
ملائي مختلف پاسن ڏانهن اڇلاءِ. ان بعد چئني پکين
کي سڏ ڪر. حضرت ابراهيم عليہ السلام حڪم مڃي ائين
ڪيو ته چار ئي پکي اڏامندا اچي اڳيان ٿيس. تڏهن
الله تعاليٰ جو آواز آيو ته: اي ابراهيم! مون لاءِ
اها ڪا وڏي ڳالهه نه آهي آءٌ ائين ئي مئل زندهه
ڪندو آهيان.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.
[24]
ساراهيان سچو ڌڻي، جو آهي ملڪ جو مختيار،
خاوند خاص خلقي، نبي ڪيو نروار،
نفس نمايو نر کي، ٿو بچي پرينءَ کان پار،
آواز آيس اوچتو، ته ڪر ڪهڻ جي ڪار،
ڇيها ڏيئي ڇريءَ سان، ڪيائين ڪاسائڪي ڪار،
مڙدا مٽائي مهل انهيءَ، ڇڏيئين چؤطرف چوڌار،
خيال منجهان ”خاصخيلي“ چئي، آهي وڏي سگهه ستار،
ڪري ڌڙ سسيءَ کؤن ڌار، سي هن ڦوندا ڪري ڦٽا ڪيا.
(حاجي حاميد خاصخيلي)
نر = حضرت ابراهيم عليہ السلام
پرين = الله تعالي. آواز اچڻ = چئن پکين کي
آڻي ڪهڻ لاءِ چوڻ.
مراد:
حضرت ابراهيم عليہ السلام چئن پکين کي ذبح ڪري
انهن جا ٽڪر ڪيا، آهي جدا جدا طرفن تي اڇلايا، وري
کين سڏ ڪيائين ته چار ئي پکي جيئرا اڏامي اچي سندس
اڳيان حاضر ٿيا.
[25]
بي سرا بر ۾، هليا واڄٽ وڄائي،
ويلو ته ڪيائون وچ ۾، ڇڏيا سائين سمجهائي،
مليا وڃي ملوڪ کي، قلبئون سي ڪاهي،
ويا دليل دل مان، ٿي دانهن دلجائي،
خيال منجهان ”خاصخيلي“ چئي، هو ٺام ويٺو ٺاهي،
پوءِ ترتئون تپائي، هن ريهيا وڏي روح سان.
(حاجي حاميد خاصخيلي)
بي سرا = چارئي پکي.
ملوڪ = حضرت ابراهيم عليہ السلام.
ريهڻ = ڌڙن تي سسيون رکڻ.
مراد:
حضرت ابراهيم عليہ السلام پکين جو عضوو عضوو جدا
ڪري اڇليو، وري سڏ ڪرڻ تي انهن جون سسيون ڌڙن سان
اهڙي ريت ملي ويون جيئن ڪو ڀڳل ٿانءُ ريهه اچڻ سان
ڳنڍجي وڃي.
[26]
ريهيائين وڏي روح سان، جن ۾ وٿي ناهي وار،
ويا وسوسا وجود جا، ٿي تن اندر تار،
لڳس ميخون محبت جون، هينئڙي منجهه هزار،
خيال منجهان ”خاصخيلي“ چئي، تي لنءَ لنءَ منجهه
لغام،
پوءِ ٿيو صاف سردار، جنهن جا لٿا ڪَس قلب تان.
(حاميد خاصخيلي)
ريهيائين = پکين جون سريون ڌڙن تي رکيائين.
هن = حضرت ابراهيم عليہ السلام ڏانهن اشارو.
مراد:
پکين جا ڌڙ ۽ سسيون ملي ويون ۽ هر هڪ قسم جدا ٿي
اُڏامڻ لڳو.
[27]
چار املهه آڻي، ڪامل وڌا ڪين ۾،
سي نابودان ويا نڪري، وڌا پرور پڇاڙي،
ڇڏيا عاقل اٿاري، مهل انهيءَ ”موريو“ چئي.
املهه – پکي. ڪامل = حضرت ابراهيم عليہ السلام
ڪين ۾ وجهڻ = ماري ڇڏڻ.
عاقل = حضرت ابراهيم عليہ السلام.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
(د) حضرت ابراهيم عليہ السلام ۽ فقير:
ڳالهه ٿا ڪن ته حضرت ابراهيم عليہ السلام
وٽ هڪ لڱا هڪڙي فقير اچي خيرات جو سوال ڪيو. حضرت
ابراهيم عليہ السلام کي جڏهن معلوم ٿيو ته هو غير
مسلم آهي. تڏهن چيائينس ته مسلمان ٿيءُ ته پوءِ
خيرات ڏيانءِ. اهو ٻڌي فقير خيرات کان بس ڪري هليو
ويو. ايتري ۾ الله تعاليٰ طرفان جبرئيل پيغام آندو
ته: اي ابراهيم! فقير کي نه موٽايو پر سندس مرحبا
ڪريو. حڪم ٻڌي حضرت ابراهيم عليہ السلام فقير کي
ڳولي کيس موٽائي وٺي آيو ۽ سندس گهڻي عزت ڪيائين ۽
کيس خيرات به ڏنائين. اهو حال ڏسي اهو فقير ايمان
آڻي مسلمان ٿيو.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.
[28]
آديسي اڱڻ تي، هنئي سين سچي،
ڪامل ويٺو هو ڪوٽ ۾، تنهن جي روح رچي،
واحد وحي هلايو، ته ڪر نه ڳالهه ڪچي،
سو ويندو بحرن کان بچي، مهل انهيءَ ”موريو“ چئي.
(موريو کٽي)
آديسي = سوالي فقير. ڪامل = حضرت ابراهيم
عليہ السلام. بحر = دوزخ جي باهه.
(هه) حضرت ابراهيم عليہ السلام جي مهمان نوازي:
چون ٿا ته، حضرت ابراهيم عليہ السلام جي
عادت هوندي هئي ته هو ڪڏهن به مهمانن کان سواءِ
ماني نه کائيندو هو. هڪڙي دفعي ٽي ڏينهن گذري ويا
پر ڪوبه مهمان ڪونه آيو ۽ نڪي وري حضرت ابراهيم
عليہ السلام ائين ماني کاڌي سو مهمانن جي انتظار ۾
ڏاڍو پريشان ٿيو. الله تعاليٰ سندس پريشاني ڏسي،
ٻه ملائڪ انساني شڪل ۾ مهمان ڪري ڏانهس موڪليا، جن
کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. ۽ اُنهن سان گڏجي ماني کائڻ
ويٺو. کاڌو کائي مهمان ته هليا ويا پر کاڌي تي نظر
پيس ته اهو اوتروئي هو تڏهن سمجهيائين ته شايد
مهمان ڪجهه به نه کاڌو فقط هٿ ڳنڍيو ويٺا هئا. اهو
ڏسي کيس ڏاڍو ارمان ٿيو ته مهمان بکايل هليا ويا. |