سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :16

حضرت يونس عليہ السلام مڇيءَ جي پيٽ ۾ به خدا کي نه وساريو ۽ ”لااِله اِلا اَنت سبحانڪ اني ڪنت من الظالمين“ جو ورد ڪندو رهيو. الله تعالي سندس دعا قبول ڪئي ۽ قدرت طرفان به آزمائش پوري ٿي. سو مڇيءَ حضرت يونس عليہ السلام کي درياءَ جي ڪپ تي اوڳاڇي ڪڍي ڇڏيو. حضرت يونس عليہ السلام جڏهن مڇي جي پيٽ مان ٻاهر نڪتو تڏهن تمام ضعيف ٿي ويو هو. خدا جي قدرت سان حضرت يونس عليہ السلام جي ڇانوَ لاءِ اتي هڪڙو وڻ پيدا ٿيو ۽ سندس پرورش لاءِ هڪ هرڻي ايندي هئي، جا روزانو کيس کير پياري هلي ويندي هئي. تان جو بدن جي کل سائي ٿيس ۽ گهمڻ ڦرڻ جهڙو ٿيو. حضرت يونس عليہ السلام هرڻيءَ کي دعا ڪئي ۽ چيائينس ته آءٌ ڏينهن قيامت جي توکي ماءُ جو درجو وٺي ڏيندس. هرڻي اهو ٻڌي گهڻو خوش ٿي ۽ ٽپا ڏيندي هلي ويئي. پوءِ حضرت يونس عليہ السلام به پنهنجي پٽن ۽ زال کي ڳولي هٿ ڪري واپس وطن آيو ۽ اچي پنهنجي بادشاهي هٿ ڪيائين.

        هن بيان تي ڏور ڏجن ٿا.

[1]

ڇيلا ڪنهن نه ڇوريا، تا ٻڌا باڪارين،

ڪريو مهاڙ ملير ڏي، اڀا اوساري،

انهن کي سارين، جن هيرايا هنجهن ئي.

 

ڇيلا = حضرت يونس عليہ السلام جا ٻه پٽ.

ملير = درياءُ. انهيءَ = حضرت يونس عليہ السلام.

 

مراد: حضرت يونس عليہ السلام پنهنجن پٽن مان هڪ کي درياءَ جي هڪ پاسي ٻڌو ۽ ٻئي کي درياءَ پار ڪري ٻئي پاسي ٻڌي، جيئن واپس وريو ته وچ سير ۾ آيو، تيئن کيس مڇي ڳهي وئي. پيءُ کي نه ڏسي ٻارڙا زاروزار روئندا رهيا.

 

[2]

چُڳيو پئي چاهه مان، ڇتون ساڻ چنهب،

اچي پيس اوچتو، اندر ۾ آرنڀ،

اُڏاڻو ”احمد“ چئي، کڙا ڪري کنڀ،

ٻهڳڻ ٿيو ٻالنڀ، ٻاروچل ٻين جو.

 (احمد)

 

چتون = حضرت يونس عليہ السلام.

وڳر = ٻيڙِ ۾ ويٺل ماڻهو. ٻين = مڇي

ڏانهن اشارو.

 

مراد: حضرت يونس عليہ السلام پنهنجيءَ قوم کي چيو ته توهان تي خدا جو عذاب ايندو. پاڻ ڀڄي اچي ٻيڙي تي چڙهيو پر ٻيڙو ٻڏڻ لڳو. ٻيڙي وارن چيو ته ڪو ٻانهون پنهنجي مالڪ کان بنا موڪل جي ڀڄي اچي چڙهيو آهي ان کي لاهيو. ان تي حضرت يونس عليہ السلام چيو ته بيشڪ اهو آءٌ آهيان(1). پوءِ کيس درياهه ۾ لاهي ڇڏيائون جتي اتي مڇي ڳهي ويس.

 

[3]

سوڍي گهري سور، ورتا راڻي رضا سان،

دوليي ڍٽ ڦٽو ڪيو، ڏيهه به ڇڏيائين ڏور،

وڃي اندر اوطاقي ٿيو، سرس پرائي سور،

پسي مومل جو مذڪور، سوچو گهڻو سرهو ٿي.

 

سوڍو = حضرت يونس عليہ السلام.

ڍٽ = تخت. اندر = مڇيءَ جي پيٽ ڏانهن اشارو.

مومل = آيت سڳوري.

 

مراد: حضرت يونس عليہ السلام کي الهامي آواز آيو ته ”هاڻي يا پوءِ؟“ ان جي جواب ۾ هن جڏهن ’هاڻي‘ چيو، تڏهن سندس قسمت ئي بدلجي ويئي ۽ کيس ملڪ ڇڏڻو پيو. آخر وڃي مڇي جي پيٽ ۾ پيو. اتي به الله تعاليٰ جي تسبيح پئي ڪيائين. الله تعاليٰ کي سندس عاجزي وڻي تنهنڪري مڇي کيس نديءَ جي ڪناري تي اوڳاري ڦٽو ڪيو.

 

[4]

سج بيٺي ٿيس شام، ٻه ڏک ٻهڳڻ کي رهيا،

هو جوءِ ڇڏي پرجوءِ ويو، غازي ڀري گام،

سج اُڀريو ٿيو سوجهرو، پيو وَسئونءَ منجهه وريام،

خيال ڇڏي ويس خام، مهل تنهين ”موريو“ چئي.

 (موريو کٽي)

 

سج بهڻ = بادشاهي قائم هجڻ.

شام ٿيڻ = بادشاهي وڃڻ.

وريام = حضرت يونس عليہ السلام.

 

مراد: حضرت يونس عليہ السلام دٻدٻي ۽ حشمت سان بادشاهي ڪئي. جڏهن الله تعاليءَ جي طرفان آزمائش ۾ پيو، تڏهن کانئس نه رڳو اها بادشاهي هلي ويئي، پر کيس غم ۾ زندگي گذارڻي پيئي، تان جو پنهنجو ڪٽنب جنهن ۾ زال ۽ ٻه ٻارڙا هئس، سي به وٺي پرڏيهه هليو ويو.

 

[5]

هڪ ڏينهن راڻو نڪتو، تڪيو رکي تن،

نه ڪا راڻي روح ۾، نه ڪا مومل جي من،

سهگڙ ڪي سمجهن، ڏاها انهيءَ ڏور کي.

 

راڻو = حضرت يونس عليہ السلام.

مومل = مڇي.

 

مراد: حضرت يونس عليہ السلام الله تعاليٰ جي ايندڙ عذاب کان ڀڄي درياءِ پار ڪرڻ لاءِ ٻيڙيءَ تي اچي چڙهيو، جتي ملاحن کيس پاڻيءَ ۾ اُڇلايو ته مڇي ڳهي ويس. اهو به الله تعاليٰ جو حڪم هو، جنهن جي خبر نه حضرت يونس عليہ السلام کي ۽ نه مڇيءَ کي هئي.

 

[6]

ٻه انٽيهه ”ٻروچ“ چئي، لکيو لاهوتين،

سختي هئي ساهدار تي، سالڪ ٿا سمجهن،

ٻچا ڪاهل ڪونج جا، بيٺا رات رڙن،

پوءِ راض ڪيو رانجهن، جو چارئي اچي چونڪ ٿيا.

 (جاڙو خان مري)

 

ٻه اٺٽيهه = چاليهه ڏينهن. ساهدار = حضرت

يونس عليہ السلام. رانجهن = الله تعاليٰ.

ڪونج = حضرت يونس عليہ السلام جي زال.

چار = حضرت يونس عليہ السلام سندس زال ۽ ٻن

پٽن ڏانهن اشارو.

 

مراد: حضرت يونس عليہ السلام مڇيءَ جي پيٽ ۾ چاليهه ڏينهن سختي سٺي. انهي عرصي ۾ سندس ٻار روئيندا رهيا. جڏهن مڇيءَ جي پيٽ مان نڪتو، تڏهن وري پنهنجي ٻارن ۽ زال سان مليو ۽ چار ئي ڄڻا خوش گذارڻ لڳا.

 

[7]

وٺو راهه رسول جي، جا وهي پئي وِيرَ،

ليلان کي مڻيو، پلئي وڌو هو پيرَ،

ڪونروءَ هن سان ڪيس ڪيو، ڦري ڪيئينس فقير،

”احمد“ چئي اِهو امير، وري در نه ڇڏينئينس داسڙو.

 (احمد خان مري)

 

ليلان = مڇي. مڻيو = حضرت يونس عليہ السلام.

ڪونهروءَ = مڇي. امير = حضرت يونس عليہ السلام.

داسڙو = حضرت يونس عليہ السلام.

 

مراد: مڇي حضرت يونس عليہ السلام کي ڳهي ويئي، پر حضرت يونس عليہ السلام اتي به الله تعاليٰ جو ذڪر ڪندو رهيو، انهيءَ ذڪر جي سبب ئي مڇيءَ هن کي اوڳاري ڇڏيو.

 

[8]

سهڻي ساهڙ ڄام کي، سانڍيو هو منجهه ساهه،

جيڏين تان ”جاڙو“ چئي، ڪڙم ڪئي هئس ڪاهه،

بي ببگي ”بلوچ“ چئي، تون رَمي هلندينءَ راهه،

پوءِ جڏهن امر ٿيس الله، تڏهن ڇڏيو منڌ ميهار کي.

 (جاڙو خان مري)

 

سوهڻي = مڇي. ساهڙ ڄام = حضرت يونس

عليہ السلام. جيڏيون = ٻيون مڇيون.

منڌ = مڇي. ميهار = حضرت يونس عليہ السلام.

 

مراد: مڇيءَ جڏهن حضرت يونس عليہ السلام کي ڳيتو تڏهن ٻين مڇين کيس نبيءَ جي ڳيهڻ تي ڏوراپا ڏنا، مگر جڏهن الله جو حڪم ٿيو، تڏهن اوڳاري ڇڏيائين.

 

[9]

سهڻي کي سير ۾، هاٿي هٿ لڳو،

قابو ڪيائين ڪونب ۾، ويڙهيائينس وڳو،

جڏهن سيريائين سڳو، تڏهن آجو ٿيو ”الهه ڏنو“ چئي.

 (الهه ڏنو)

 

سهڻي = مڇي. هاٿي = حضرت يونس عليہ السلام.

 

مراد: مڇيءَ کي حضرت يونس عليہ السلام هٿ لڳو ته کيس ڳيهي ڇڏيائين. جڏهن الله تعاليٰ جو امر ٿيو، تڏهن هن کي ڪناري تي اوڳاري ڇڏيائين.

 

[10]

مينڌري کي محلات ۾، آندو هو امر،

اندر اونداهو گهڻو، نه ڪو ڀونءِ ڀتر،

چنڊ چانڊوڪي نه ڪري، نه ڪي شمس قمر،

هيڪلي حب ۾، اها تري پئي تجر،

سئل ڳالهه ”صديق“ چئي، اها ڪتابن ڪر،

سالڪ آهين سڌر، ته ڏاها ڳولج ڏور کي.

 (صديق)

 

مينڌرو = حضرت يونس عليہ السلام.

محلات = مڇيءَ جو پيٽ. تجر = مڇي.

 

مراد: مڇي، حضرت يونس عليہ السلام کي چاليهه ڏينهن پيٽ ۾ کڻي پئي تري. هو ان اونڌاهيءَ ۾ به الله تعاليءَ جو ذڪر ڪندو رهيو.

 

[11]

کاهوڙي خفي ٿي، پيئي رهيو پٽ ۾،

جنهن کا کٿا وار کلن جا، سورن جي سٽ ۾،

واڌو وڻ ڇانو ڪئي، جوڳيءَ تي جهٽ ۾،

جڏهن آيو خاوند جي کٽ ۾، تڏهن رضا تي راضي رهيو.

 

کاهوڙي = حضرت يونس عليہ السلام.

واڌو وڻ = ڪدوءَ جي ول.

 

مراد: حضرت يونس عليہ السلام کي مڇي اوڳاڇي هلي وئي. الله تعاليٰ جي حڪمت سان اتي هڪ وڻ پيد اٿيو، جنهن مٿس ڇانو ڪئي. بدن ڳريل هوس ته به الله تعاليٰ کي ياد ڪندو رهيو. جنهن کيس جانورن کان حفاظت ۾ رکيو ۽ چڱو ڀلو ڪيو.

 

[12]

ليلان چنيسر کي، پاڻئون ڪيو پري،

اچي ڪؤنروءَ ڪيو ڪڇ ۾، سا بيٺي قرب ڪري،

ڇڏي آئي ڪڙم قبيلو، هڪ پل نه ٿئي پري،

جڏهن ڏنس دلاسو داسڙي، تڏهن ٿي وينگس وطن وري.

هلي پوئتي پير ڀري، جڏهن ٿيو مطلب پورو ”محمد“ چئي.

 (محمد فقير ڏيرو)

 

ليلان = مڇي. چنيسر = حضرت يونس عليہ السلام.

ڪؤنرو = هرڻي. داسڙو = حضرت يونس عليہ السلام.

 

مراد: حضرت يونس عليہ السلام کي مڇيءَ ڪناري تي آڻي اوڳاري ڇڏيو، هو صفا ٻيرو ٿي ويو هو. الله تعاليٰ جي ڪرم سان هڪ هرڻي اچي کيس کير پياريندي هئي. جڏهن حضرت يونس عليہ السلام هلڻ جهڙو ٿيو، تڏهن هرڻيءَ کي اجازت ڏنائين ۽ چيائينس ته ڏينهن قيامت جي آءٌ توکي ماءُ جو درجو وٺي ڏيندس. هرڻي اهو ٻڌي نهايت خوش ٿي ۽ پنهنجي ماڳ هلي وئي.

 

[13]

سهجان ڄام پنهونءَ پرتان ڏنو پٽ،

نه ڪي ليئو پاتئين لڙڪي، نه ساهه کي آيس سٽ،

هو پيالا پي پر ٿيو، لٿس قطب هنئين تان ڪٽ،

مومل جي مٽ، ٻي مور نه ڀانئين مينڌرو.

 

سهجان = مڇي. پنهون = حضرت يونس

عليہ السلام. مومل = هرڻي.

 

مراد: جڏهن حضرت يونس عليہ السلام کي مڇيءَ اواڳري ڇڏيو هو تڏهن کل ڳري ڳوئي هيس ۽ چرڻ جي طاقت نه هئس. اتي الله تعاليٰ جي حڪم سان هڪ هرڻي ايندي هئي، جا کير پياري ويندي هيس جيستائين چڱو ڀلو ٿيو.

 

[14]

موٽايائينس ماڳ تي، ٿي پيو بانڪوئي بيحال،

قدرت ساڻ ڪريم جي، مليس جڙي جوت جمال،

منڌ به اچي مرد سان، ڪيو قرب ڪمال،

حب مؤن ”حجم“ چئي، ٿيو گهرو گل گلال،

انهيءَ هوت سندو احوال، معلوم ٿيو مڙني کي.

 (مير محمد حجِم)

 

ماڳ = درياءَ جو ڪنار. بانڪو = حضرت يونس

عليہ السلام. منڌ- هرڻي. مرد = حضرت يونس

عليہ السلام. هوت = حضرت يونس عليہ السلام.

 

مراد: ملائڪن، حضرت يونس عليہ السلام کي مڇي اوڳاري ٻاهر ڪڍيو، تڏهن الله تعاليٰ کيس ساڳي تندرستي ۽ حسن عطا ڪيو. انهيءَ لاءِ روزانو هڪ هرڻي اچي کيس کير پياري ويندي هئي. آخر چاليهن ڏينهن بعد حضرت يونس عليہ السلام تندرستي حاصل ڪئي.

 

[15]

سهڻي حڪم حاڪم جو، هن ڀڻي ڀريو پيرو،

اچڻ جو ڄام عمر تان، هن ڀڳو نا ڀيرو،

ڪيس اچي ٿاريليءَ ٿورو، سائين لڳ ”سومار“ چئي.

 (سومار سومرو)

 

عمر = حضرت يونس عليہ السلام.

ٿاريلي = هرڻي.

 

مراد: هرڻي، حضرت يونس عليہ السلام کي الله تعاليٰ جي حڪم سان روز ٻه دفعا کير پياريندي هئي.

 

13- حضرت خواجه خضر عليہ السلام

 

حضرت خضر عليہ السلام ۽ سڪندر ذوالقرنين جو ڄمڻ:

        چون ٿا ته: بلغور جي بادشاهه فيلقوس، نجومين جي چوڻ تي، پنهنجيءَ زال کي ٻڌايو ته اڄ رات فلاڻو تارو ڪاپار تي ايندو، ان وقت جيڪو ٻار سرجندو سو نبي ۽ سدا حيات هوندو. راڻيءَ جي ڀيڻ به اها ڳالهه ٻڌي ورتي. جڏهن رات پيئي ۽ اها ساعت آئي، تڏهن اتفاق سان راڻيءَ کي ننڊ اچي ويئي، باقي سندس ڀيڻ انهيءَ وقت پنهنجي مڙس وٽ وڃي حاضر ٿي. راڻيءَ جي اک ٿوري دير سان کلي، تنهنڪري ڪجهه دير سان پنهنجي مڙس کي وڃي ملي. راڻيءَ کي جيڪو ٻار ڄائو سو سڪندر ذوالقرنين ٿيو ۽ سندس ڀيڻ کي حضرت خضر عليہ السلام ڄائو، جو سدا حيات نبي آهي.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا:

 

[1]

سامي تان سوڍيءَ کي، ڇڏيو سبق سيکاري،

سومل ته سياڻي هئي، نه ويٺي وقت وساري،

ايندو ڏٺئين ”احمد“ چئي، ويٺي تڏهن ڍارو ڍاري،

مومل ور وساري، سمهي رهي سهنج مان.

 (احمد خان مري)

 

سامي = فيلقوس بادشاهه. سوڍي = سندس راڻي.

سومل = راڻيءَ جي ڀيڻ. مومل = راڻي.

 

مراد: فيلقوس بادشاهه نجومين جي چوڻ تي پنهنجيءَ راڻيءَ کي ملڻ جو وقت ٻڌايو هو. راڻي کي ننڊ اچي ويئي ۽ راڻيءَ جي ڀيڻ جنهن پڻ اها حقيقت ٻڌي هئي، تنهن پنهنجي مڙس کي ان سعد وقت تي سجاڳ ڪيو.

 

[2]

سچون سپون سمنڊ جون، نڪتا ٻئي جوڙا ٻٽ،

هڪڙن کي وسندي وار لڳي، پلر پي ويون پٽ،

ٻين به هنيو جهٽ، پر سندن موتي ڪجهه ڪسو ٿيو.

 

ٻه جوڙا = هڪڙو بادشاهه فيلقوس ۽ سندس راڻي،

۽ ٻيو بادشاهه جي سالي ۽ سندس مڙس.

هڪڙا = بادشاهه جي سالي ۽ سندس مڙ.

پلرپيڻ = حضرت خواجه خضر عليہ السلام جو ڄمڻ.

 

مراد: نجومين جي چوڻ موجب ٻئي جوڙا تيار ٿيا، مگر سعد موقعو بادشاهه جي ساليءَ کي هٿ لڳو، جنهن کي حضرت خواجه خضر عليہ السلام سدا حيات نبي پٽ عطا ٿيو ۽ ڪجهه دير ٿيڻ ڪري بادشاهه کي سڪندر ذوالقرنين پٽ مليو، جو حضرت خواجه خضر عليہ السلام کان مرتبي ۾ البت گهٽ هو.

 

14- حضرت شموئيل عليہ السلام

        بني اسرائيل مان هڪ مرد کي ٻه عورتون هيون، جن مان هڪ کي ڏهه پٽ هئا ۽ ٻي بي اولادڻ هئي. هڪڙي ڏينهن پٽن واري عورت ٻيءَ کي بي اولاد هئڻ جو طعنو هنيو، جو هن کي ڏکيو لڳو. پوءِ هن مائي الله تعاليٰ جي دربار ۾ سچي دل سان ٻاڏايو. سندس سوال اگهاڻو ۽ کيس هڪ پٽ عطا ٿيو، جنهن جو نالو ’شموئيل‘ رکيائين. حضرت شموئيل عليہ السلام جڏهن چاليهن ورهين جو ٿيو، تڏهن الله تعاليٰ کيس نبوت جو درجو بخشيو. هن پنهنجي قوم کي حق جي دعوت ڏني. سڀني بني اسرائيلن کيس سچو سمجهي مٿس ايمان آندو ۽ کيس چيائون ته اسان تي ڪو بادشاهه مقرر ڪيو وڃي، جيئن اسين ان جي حڪم هيٺ رهي عمالقه قوم سان جنگ ڪريون. حضرت شموئيل عليہ السلام چين ته اوهان تي بادشاهه مقرر ڪريان ٿو، مگر توهان کي خدا جي راهه ۾ جهاد ڪرڻو پوندو. انهيءَ شرط کان پوءِ متان ڦري نه وڃو! انهيءَ تي قوم وارن چيو ته عمالقه قوم وارا اسان جو ’سڪينه تابوت‘ کڻي ويا آهن، جنهن ۾ پيغمبرن جون سڀ نشانيون پيل آهن ۽ تنهن کانسواءِ اسان کي لوڌي ڪڍيو اٿن، سو انهيءَ شرط کان ڪيئن ڦرنداسون، اسين ضرور جهاد ڪنداسون.

        بني اسرائيلن مان ”طاقوت“ نالي هڪ شخص حضرت شموئيل عليہ السلام وٽ آيو ۽ عرض ڪيائين ته آءٌ مسڪين آهيان، ماڻهن جا چور چاري پيٽ پاريندو آهيان. اڄ مون کان هڪ ڍور وڃائجي ويو آهي، مون وٽ ايتري طاقت ڪانهي جو آءٌ ڌڻين کي ان جي قيمت ڏيئي سگهان، تنهنڪري اهڙي ڪا دعا ڪريو جو منهنجي دل جو اهو غم دور ٿي وڃي. طالوت جو قد بت ڏسي حضرت شموئيل عليہ السلام خوش ٿيو. وٽس هڪ جُبو پيل هو، جنهن بابت کيس الهام ٿيل هو ته جنهن کي اهو جبو ٺهڪي اچي، تنهن کي نبي اسرائيلن جو بادشاهه مقرر ڪج. حضرت شموئيل عليہ السلام اهو جبو طالوت کي ڍڪايو ته پورو ٿي آيو. تڏهن طالوت کي وٺي بني اسرائيلن وٽ آيو ۽ کين هن ڏانهن اشارو ڪري چيائين ته جيڪو بادشاهه توهان گهريو ٿي سو هي آهي، جنهن کي الله تعاليٰ اوهان لاءِ مقرر ڪيو آهي. بني اسرائيلن پهريائين ته طالوت جي غربت ڏسي کيس بادشاهه ڪرڻ کان انڪار ڪيو، مگر حضرت شموئيل عليہ السلام جي زور ڀرڻ تي هن شرط تي راضي ٿيا ته جڏهن طالوت عمالقه قوم کي سڪينه تابوت،. آڻي ڏنو تڏهن کيس بادشاهه ڪري مڃينداسون.

        عمالقه قوم، بني اسرائيلن کان سڪينه تابوت (صندوق) انهيءَ لاءِ ڦريو هو جو منجهس سڀني نبين جون نشانيون پيل هيون ۽ هنن جو اهو عقيدو هو ته جنهن وٽ اهي نشانيون هونديون سو جنگ ۾ نه هارائيندو. انهيءَ ڪري اهو تابوت بني اسرائيلن کان ڦري اچي کولڻ جي ڪوشش ڪيائون، مگر صندوق نه کلي. پوءِ کيس باهه ۾ وڌائون، مگر نه سڙي، آخر هڪ گاڏيءَ ۾ اها پيتي وجهي ٻه ڀلا ڏاند جوٽي بيابان ڏي منهن ڏيئي آيا.

        جڏهن حضرت شموئيل عليہ السلام بني اسرائيلن جي چوڻ تي طالوت کي حڪم ڏنو ته وڃي پيتي هٿ ڪري اچ. تڏهن طالوت اٿي الهندي طرف روانو ٿيو. اڃا ڪجهه پنڌ ڪيائين ته ڏسي ته ڏاند گاڏي گهليندا پيا اچن. جڏهن نزديڪ آيا، تڏهن ان ۾ اهائي صندوق پيل ڏٺائين، جا آڻي بني اسرائيلن جي اڳيان موجود ڪيائين. جن پوءِ کيس پنهنجو بادشاهه تسليم ڪيو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[1]

ڪامڻ ڏاڍي ڪست مان، سڏي ڪيو سوال،

ڪر ڪو غور غريب جو، تون آهين جلُ جلال،

قادر تنهن سان ڪرم ڪيو، ڀلا ٿي ويس ڀال،

خوشيون مڙيئي خيال، لڌائين ”لعلڻ“ چئي.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

ڪامڻ = بي اولاد عورت.

ڀلاڀال ٿيڻ = پٽ ڄمڻ.

 

مراد:  بي اولاد عورت، ٻي عورت جي طعني کان جلي رب تعاليٰ کي سوال ڪيو جو قبول پيو ۽ کيس هڪ پٽ عطا ٿيو، جنهن جو نالو شموئيل رکيائين. ان کي الله تعاليٰ نبوت عطا ڪئي.

 

[2]

سڀيئي آيا سنڀري، ڪيائون گوهر سان گفتار،

اَسان تي ڪر احسان تون، قرب منجهان ڪوهيار!

وِير ڪري ويچار، سا دم رکي دل ۾.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

سڀيئي = بني اسرائيل ڏانهن اشارو.

گوهر = حشرت شموئيل عليہ السلام.

احسان = بادشاهه مقرر ڪرڻ ڏانهن اشارو.

 

مراد: حضرت شموئيل عليہ السلام کي چاليهن سالن کان پوءِ نبوت ملي. بني اسرائيلن کيس تسليم ڪيو. هڪڙي ڏينهن سڀئي بني اسرائيل گڏ ٿي وٽس آيا چيائون ته اسان تي بادشاهه مقرر ڪر، ته اسين ان جي سرداري هيٺ عمالقه قوم سان جنگ ڪريون، ڇاڪاڻ ته هو اسان جو سڪينه تابوت کڻي ويا آهن، جنهن ۾ نبين سڳورن جون نشانيون پيل آهن. حضرت شموئيل عليہ السلام اها ڳالهه ٻڌي ۽ کانئن انجام قرار وٺي قبول ڪيو.

 

[3]

ٻڌي ڳالهه ”ٻروچ“ چئي، چٽو ڪيائين،

متان ڪو مُڙِي وڃي، اهو قول ڪيائين،

سڀن سوال قبول ڪيو، وچن ورتائين،

ٻيهر ٻڌائين، ڪري ٻول ”ٻروچ“ چئي.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

چيائين = حضرت شموئيل عليہ السلام ڏانهن اشارو.

سڀن = بني اسرائيلن ڏانهن اشارو.

 

مراد: حضرت شموئيل عليہ السلام بني اسرائيلن کي چيو ته اوهان تي بادشاهه مقرر ڪريان ٿو، پر اوهان کي خدا جي راهه ۾ جهاد ڪرڻو پوندو، متان پوءِ اقرار ڪري ڦري وڃو! هنن جواب ڏنو ته اسان کي عمالقه قوم لوڌي ڪڍيو ۽ سڪينه تابوت کڻي ويئي آهي، تنهنڪري اسين وري به واعدو ٿا ڪريون ته انهيءَ قوم سان ضرور في سبيل الله جهاد ڪنداسون.

 

[4]

ڏسي صورت سواليءَ جي، خاصو ڪيائين خيال،

قادر توسان ڪرم ڪيو، ڀلي ڪيا اٿئي ڀال،

قطرو ناهي ڪوڙ جو، اها اٿئي بات بحال،

مڏيون ڇڏايئين مال، ٻڌي ڳالهه ”ٻروچ“ چئي.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

سوالي = طالوت. ڪيائين = حضرت شموئيل

عليہ السلام ڏانهن اشارو

 

مراد: طالوت جڏهن سوالي ٿي حضرت شموئيل عليہ السلام وٽ آيو، تڏهن الله تعاليٰ وٽان آيل جبي جو خيال آيس، جنهن لاءِ کيس الهام هو ته جنهن جي بت تي پورو اچي، سو بني اسرائيلن جو بادشاهه ٿئي. تنهنڪري اهو جبو جڏهن طالوت کي پهرايائين ته بت تي ٺهڪي آيس ۽ کيس بادشاهه ٿيڻ جي مبارڪ ڏنائين.

 

[5]

منڌ اچي ويئي مامري، بيوس مٿي بَر،

سا ته ڪچي ٿي ڪانه ڪا، ڪن پيا زوري زناوَر،

بچي ويئي بحر کان، کڻي پت رکي پرور،

ڏنائون ڏهاڳ ڏکيءَ کي، تن پوري ڪئي سا پَر،

اِها عام خبر، آهي ”لعلڻ“ ساري لوڪ ۾.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

منڌ = پيئي. زناور = عمالقه قوم جا ماڻهو.

 

مراد: عمالقه قوم وارن بني اسرائيلن واري ’ڪينه تابوت‘ کي ڀڃڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، مگر ناڪام ٿيا، وري باهه ۾ وڌائون ته به پيتيءَ کي ڪجهه به ڪونه ٿيو. نيٺ بيل گاڏيءَ تي رکي ڀلا ڏاند جوٽي ڍڳن کي وٺي سونٽا هنيائون ته ڍڳا منهن ڪري وٺي ڀڳا. هنن جو مطلب هو ته جيئن اها پيتي موٽي بني اسرائيلن کي هٿ نه اچي.

 

[6]

ڪيئي آيا هئا ڪاڪ تي، ڪري صاف صلاح،

حيلا ڪيائون هنر ڪي، ڏاهن ڪري ڏاهه،

منهن نه ڏٺائون موڪل جو، سي پانهه ٿي ويا پاهه،

سوڍو هليو سنڀري، راند وٺي سو راهه،

محبت رکي مام ۾، ڪيئين ڪاهو ڪاهه،

جڏهن اَمر ٿيو الله، تڏهن مومل ماڻي مينڌري.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

ڏاها = عمالقه قوم. مومل = پيتي

(سڪينه تابوت). سوڍو = طالوت.

 

مراد: عمالقه قوم وارن بني اسرائيلن کان سڪينه تابوت ڦري کين لوڌي ڪڍيو، ۽ اها پيتي کولڻ جي ڪوشش ڪيائون، پر کلي نه سگهيا. آخر اها ڍڳي گاڏيءَ ۾ وجهي، ڀلن ڏاندن کي رڻ منهن ڏيئي اُماڻي ڇڏيائون. پوءِ حضرت شموئيل عليہ السلام طالوت کي ان پيتي آڻڻ لاءِ چيو، جنهن اها پيتي وڃي هٿ ڪئي.

15- حضرت دائود عليہ السلام

        حضرت شموئيل عليہ السلام، طالوت کي بني اسرائيلن جو بادشاهه مقرر ڪيو، جنهن عمالقه قوم تي ستر هزار بني اسرئيل سان چڙهائي ڪئي. عمالقه قوم جو سردار جالوت هو، جو تمام قداور هو، تنهن به تير ٿي مقابلو ڪيو، طالوت جا ڪئين ماڻهو مارجي ويا. طالوت جڏهن ڏٺو ته هاڻي منهنجي هار ٿي ٿئي، تڏهن لشڪر ۾ هوڪو ڏياريائين ته، جيڪو ماڻهو جالوت کي ماريندو ان کي پنهنجي حڪومت جو اڌ ۽ ڌيءَ جو سنڱ ڏيندس. طالوت جي لشڪر ۾ پهلوان سپاهي هو، جو جالوت کي مارڻ لاءِ تيار ٿي ٿورو اڳڀرو هليو ته هڪڙي پٿر ساڻس ڳالهايو ته مون کي کڻ آءٌ جنگ جي وقت توکي ڪم ايندس. آءٌ انهن پهڻن منجهان آهيان، جيڪي الله تعاليٰ حضرت نوح عليہ السلام جي قوم تي وسايا هئا، حضرت دائود عليہ السلام پٿر کڻي توبري ۾ وڌو. اڃا اڳتي هليو ته وري ٻئي پٿر ساڻس ڳالهايو ۽ چيو ته، مون کي کڻ، جو آءٌ حضرت شعيب عليہ السلام جي قوم تي وَٺو هوس. اهو به کنيائين. اهڙي طرح ٽئين پٿر ساڻس به ڳالهايو ۽ اهو به کنيائين. جڏهن ٽيئي پر توبري ۾ وڌائين تڏهن اهي گڏجي هڪ پٿر ٿي پيا.

        جنگ جي ميدان ۾ جالوت، حضرت دائود عليہ السلام کي للڪاريو ۽ وار ڪرڻ لاءِ چيو. حضرت دائود عليہ السلام توبري مان اهو پهڻ ڪڍي جالوت کي سيني ۾ اڇلائي هنيو ته ٻئي پاسي کان نڪري هڪ مان ڦري ساڳيا ٽي پٿر ٿي ويا، جن وري وڃي لشڪر ۾ ٽاڪوڙو وڌو. اهڙيءَ ريت حضرت دائود عليہ السلام، جالوت کان جنگ فتح ڪري طالوت وٽ آيو ۽ کانئس ڪيل واعدي جي طلب ڪئي، مگر طالوت واعدي تان ڦري ويو ۽ سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪري چيائين ته منهنجي نياڻي حسين آهي، حضرت دائود عليہ السلام جون اکيون شيريون آهن. تنهنڪري کيس سڱ نه ڏيندس.

        حضرت دائود عليہ السلام درويش طبع انسان هو، تنهن کي اهڙي لالچ ڪانه هئي، سو شهر کان ٻاهر وڃي هڪڙي حجري ۾ الله تعاليءِ جي عبادت ڪرڻ لڳو. ان سان گڏ ٻيا ستر ڄڻا پڻ اتي گذاريندا هئا. طالوت کي جڏهن اها خبر پيئي تڏهن هنن کي قتل ڪرڻ لاءِ لشڪر موڪليائين، جن کي حضرت دائود عليہ السلام هٿ نه آيو باقي سندس سڀ همراهه قتل ڪري ڇڏيائون. طالوت کي حضرت دائود عليہ السلام جي بچي وڃڻ تي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ پوءِ الله تعاليٰ جو ڊپ ٿيس جنهنڪري معافي وٺڻ لاءِ حضرت دائود عليہ السلام کي گهرايائين پر هو نه آيو. نيٺ طالوت هڪ جنگ تي روانو ٿيو اتي مارجي ويو. اميرن وزيرن حضرت دائود عليہ السلام کي آڻي تخت تي ويهاريو ۽ طالوت جي ڌيءَ جا حضرت دائود عليہ السلام کي ڏنل هئي ۽ پاڻ به حضرت دائود عليہ السلام کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي قبول ڪرڻ نٿي چاهيائين، سان سندس نڪاح ۾ ڏنائون. اهڙيءَ ريت حضرت دائود عليہ السلام بادشاهه ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org