سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :42

کنوڻ = بيبي حنيفه ڏانهن اشارو.

بادل = پهلوان. لورهه، لٽڻ = جيتڻ.

اوهيرو = حضرت علي ڪرم الله

وجهه﷤. ڏانهن اشارو.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[36]

وٺو راهه رسول جي، اها وهي ٿي وير،

ڪامڻ جي ڪست جو، ڪن ٿا نظير،

هلي آيا هاڪَ تي، حاڪم ۽ حمير،

ڪي هارائي هرج پيا، ڪي موٽي ويا مهمير،

ڪي واري وينگس وَنگيا، عاقل ۽ امير،

آيو مينڌرو ملڪ ۾، جو هو ملڪَ مٿاهون مير،

سو راڻو راند کڻي ويو، ساڻ دهشت ڌانڌاگير،

چولئي ڍٽ سڌاريو، هو دانهه ٿي دلگير،

جيءَ اندر ۾ ”جاڙو“ چوي، اچي ٿيس اُڪير،

پوءِ پئي نبڻ وهايا نير، ڪامڻ انهيءَ ڪاڪ ۾.

 (جاڙو خان مري)

 

ڪامڻ بيبي حنيفه، حاڪم حمير = پهلوانن

ڏانهن اشارو. مينڌرو. راڻو = حضرت علي

ڪرم الله وجهه﷤. ڍٽ = مدينو شريف.

دانهه = بيبي حنيفه. ڪاڪ = بيبي حنيفه جو ملڪ.

 

مراد:  چون ٿا ته بيبي حنيفه جي پڃري کڻن جو شرط حضرت علي ڪرم الله وجهه رضه کٽي، بيبيءَ سان نڪاح ڪري مديني روانو ٿيو. ان جي وڃڻ کان پوءِ بيبي حنيفه حضرت علي ڪرم الله وجهه رضه جي جدائيءَ ۾ روئندي رهي.

 

محتاج لاءِ همدردي:

        چون ٿا ته مسجد نبوي ۾ حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤. جماعت سان نماز ٿي پڙهي ته هڪ ضرورتمند سائل خيرات لاءِ صدا هنئين. حضرت علي ڪرم الله وجه﷤ ٻڌڻ سان پنهنجي چيچ ۾ پيل مُنڊي تڪبير لاءِ هٿ مٿي ڪري اهڙي طرح اُڇلائي جو وڃي اُن سواليءَ جي جهوليءَ ۾ پئي ۽ پاڻ نماز ۾ مشغول رهيو. سندس نماز قائم ٿي ۽ سواليءَ جو سوال به پورو ٿيو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[37]

ساجن بيٺو سنگتين سان، دل دلبر کي ڏيئي،

سيتل اچي سڏ ڪيو، وڃي ڪامل جي ڪَن پيئي،

ٻهڳڻ ڪم ٻيئي، اُنهيءَ مهل پورا ڪيا ”محمد“ چئي.

 (محمد فقير)

 

ساجن = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤.

سنگتي = اصحاب. دلبر = الله تعاليٰ.

سيتل = سوالي. ڪامل، ٻهڳڻ = حضرت

علي ڪرم الله وجهه﷤.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[38]

ساراهيان سچو ڌڻي خالق خلقڻهار،

جا جڪ جهوناڳڙهه ۾ آيو گڍ مٿي گرنار،

راجا رنگ محل ۾ هو خيمي منجهه کنگهار،

الله جي آس ڪري کڻي ٻارٽ ڪئي ٻاڪار،

جاءِ انهيءَ ”جاڙو“ چئي، مليو هوس سورن جو سينار،

ٿيو مطلب مڱڻهار، اِهو موٽيو ميراثي وڃي.

 (جاڙو خان مري)

 

جاجڪ = سوالي. جهوناڳڙهه = مسجد نبوي.

راجا = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤.

رنگ محل = مسجد نبوي. کنگهار = حضرت

علي ڪرم الله وجهه﷤. ٻارٽ = سوالي.

سورٺ = چيچ. سينگار = ويڙهه. مڱڻهار = سوالي.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[39]

مير به ڏسي منڌ سان، ڪري پيو بانڪي سان بيان،

گل ڏنائين گجر جو، پر سڃاڻي سلطان،

موليٰ ڏنا مانَ، انهيءَ امير کي ”الهه بخش“ چئي.

 (الهه بخش)

 

مير = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤.

منڌ = نماز. ڪري پيو = سوالي ڏانهن اشارو.

بانڪو = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤.

گل = ويڙهه. گجر = آڱر.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

تميم انصاري کي سڃاڻڻ:

        چون ٿا ته حضورﷺ جن جي حياتيءَ ۾ تميم انصاريءَ کي ڪي ڪافر کڻي ويا، ڇاڪاڻ ته هو هڪڙو وڏو عالم هو ۽ اسلام جي تبليغ ڪندو هو. حضورﷺ جن حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤. سان ذڪر ڪيو ته تميم موٽي ايندو ۽ تون ئي ان کي سڃاڻندين. ٻئي ڪنهن کي به اهڙي خبر نه هئي. حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤. جي زماني ۾ هو مديني ۾ آيو ته ڪنهن به ڪونه سڃاتس. سندس غير حاضري ۾ هن جي زال جدائيءَ ۾ پيئي روئندي رڙندي هئي. نيٺ هن جي مديني ۾ واپس اچڻ تي حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ حضورﷺ جن جو فرمودو ياد ڪري کيس سڃاتو ۽ آڻي سندس زال سان ملايو.

        مٿئين بين بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[40]

وٺو راهه رسول جي ۽ ڀيڙا ٿيو ڀائي،

ڌوٻڻ جو ڌارو ٿيو، جنهن جي ڪَضل نه پئي ڪائي،

هن جو هوت هڄي ويو، ڪئي دُزن دغائي،

هن جو گهٽي گهوٽ کڻي ويا. سي ٿيا توڏا توائي،

هاڻي وؤڙي پئي پنهنجي ور کي، آهي سورن ستائي،

پئي ليلهائي لڪن ۾، جا گهورن هئي گهائي،

چيٽا شينهن چُرن مان، آيا ٻهون ٻيلائي،

ممون ڳوهون ڳورنهاريون، آيس ڪري سنبت سوائي،

پوءِ جاءِ انهيءَ ”جاڙو“ چئي، هئي باري بچائي،

انهيءَ محب به ملائي، ڪامڻ پنهنجي ڪانڌ سان.

 (جارو خان مري)

 

دوٻڻ = تميم انصاري جي زال.

هوت = تميم انصاري. هڄي ويو = ڪافر

کڻي ويا. دز = ڪافر. ور = تميم انصاري.

چيٽا ، سينهن ٻيلائي وغيره = ٻيا انصاري.

انهي محب = الله تعاليٰ. ڪامڻ = تميم جي

زال. ڪانڌ = تميم انصاري.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[41]

آڌوتي آئيو، جوڳي ساڻ ڀڀوت،

ڪنهن ڪين سڃاتو، اهو آڌوتي آبدوت،

تڏهن ٿيو ثابوت، جڏهن لاهوتيءَ لال ڪيو.

 (عثمان ميربحر)

 

آڌوتي، جوڳي = تميم انصاري.

لاهوتي = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

نماز جو مسئلو:

        چون ٿا ته بيبي خاتون جنت نماز پڙهي رهي هئي ته حضرت علي﷤ دروازي تي اچي ڪڙو هنيو. ڪڙي جو آواز ٻڌي بيبي صاحبه فڪر ۾ پئجي وئي جو هڪ طرف خدا جو فرض هو ته ٻئي طرف مڙس جو حق ادا ڪرڻو هو. پر پاڻ تڪڙو فيصلو ڪري، نماز کي ڇڏي وڃي در کوليائين ۽ حضورﷺ جن جي اچڻ تي اهو مسئلو کانئن پڇيائين. حضورتﷺ جن فرمايو ته تو جيڪي وکون مڙس جي حق ادا ڪرڻ لاءِ ڀريون سي پڻ ثواب ۾ شامل ٿي ويون.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[42]

سسئي شهر ڀنڀور مان، لنگهي ڏونگر ڏاڪ،

اتي آري ڄام جي، هاڙهي ٻڌئين هاڪ،

وڃي ملي وَرَ سان، تاڙيون ڀڄي طاق،

پياريءَ سان رب پاڪ، ڪيا لکين وڙ ”واڍو“ چئي.

 (انب واڍو)

 

سسئي = خاتون جنت. آري ڄام = حضرت علي

ڪرم الله وجهه﷤. هاڙهو = گهر جو دروازو.

تاڙيون، طاق = نماز جي مشغولي.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[43]

مڻيو منڌ هٿان، پيتيءَ ۾ پٿون ٿيو،

سڄو تان ”سيد“ چئي، لهي لک سَوا،

ڀڳي پڄاڻا، پدمن کان پري ٿيو.

 (رسايو)

 

مڻيون = خدا جو فرض (نماز).

منڌ = حضرت بيبي فاطمه﷤.

 

مراد:  حضرت بيبي فاطمه﷤ نماز ڀڃي مڙس جو حق ادا ڪيو. کيس حضورﷺ جن فرمايو ته ان نماز جو اجر مڙُس جي فرمانبرادريءَ جي ثواب زياده ڪيو.

 

ذڪر جي برڪت:

        حضرت بيبي فاطمه﷤ کي گهر ۾ اڪيلي هئڻ سبب ڪم جي گهڻائي کان ٿڪاوٽ ٿيندي هئي.

        بيبي صاحبه حضورﷺ جن سان اهڙو ذڪر ڪيو حضورﷺ جن کيس نماز کان پوءِ تسبيح ۾ الله تعاليٰ جي نالي کي چار دفعا ذڪر ڪرڻ جو ڏس ڏنو. بيبي صاحبه سندن فرمودي موجب پابندي سان ورد ڪيو ۽ ڪيتري به ڪم ڪرڻ سان کيس ٿڪ نه ٿيندو هو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.

 

[44]

ڏني دانهن دلبر کي، سُڻ حاڪم حقيقت،

جانب ته اٿم جان ۾، ڪامل سا قوت،

مُنڌون ملاءِ مون کي، ڪر عاقل عنايت،

وير هن کي ورندي ڏني، مور ڪري مصلحت،

چؤنڪ ڏسيئين ٿو چاهه مان، تنهن سان مٺي! ڪر محبت،

پوءِ هن به اوريو پئي اندر ۾، واهه رکي وحدت،

ايڏي ڪيائين الفت، جيڪا محب ڏسي هيس ”مير“ چئي.

 

دلبر = حضورﷺ جن. منڌون- نوڪرياڻيون.

مون کي = حضرت بيبي فاطمه ڏانهن اشارو.

چونڪ = چار دفعا.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

9- حضرت امام حسن﷤ ۽ حضرت امام حسين﷤

 

        حضرت امام حسن﷤ ۽ حضرت امام حسين﷤ حضورﷺ جن جا ڏهٽا حضرت علي﷤ جا فرزند هئا. حضرت امام حسن﷤ وڏو هو جو سنه 2 هجريءَ ۾ ڄائو ۽ حضرت امام حسين﷤ سنه 4 هجري ۾ ڄائو. هڪ ڀيري حضرت عباس﷤ جي گهر واري بيبي اُم الفضل خواب ۾ ڏٺو ته ڪنهن شخص هن کي حضورﷺ جن جي گوشت جو ٽڪر آڻي ڏنو آهي، جڏهن سجاڳ ٿي تڏهن کيس ڏاڍو فڪر ٿيو ۽ صبح جو اُٿڻ سان اهو خواب اچي حضورﷺ جن کي ٻڌايئين. حضورﷺ جن فرمايو ته اهو خواب اهڙو ته چڱو آهي جو انهيءَ ڪري تنهنجو شان وڏو ٿيندو. تنهنجي لاءِ اها خوشخبري آهي ته حضرت بيبي فاطمه﷤ جي فرزند جي تون دائي ٿيندينءَ جا منهنجو ئي جگر آهي. بيبي صاحبه خوش ٿي رواني ٿي. پوءِ جڏهن حضرت امام حسن﷤ ڄائو ته ان جي پرورش بيبي اُم الفضل جي حوالي ٿي.

        مٿئين بين بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[1]

آيو مڻڪ منڌ ڏي، حيران ٿي هيڪر،

هيس سچائي من ۾، غازي ڏانهن گوهر،

اچي عرض رکيائين درگاهه ۾، پوءِ امير ڏنس آڌر،

پوءِ رکي آس اندر، لٽڪي پئي لوڪ ۾.

 (درل ڀٽو)

 

ماڻڪ = گوشت جو ٽڪر.

غازي، امير = حضورﷺ جن.

 

مراد:  بيبي اُم الفضل حضورﷺ جن سان خواب جو ذڪر ڪيو ته پاڻ کيس دلداري ڏنائون ته تنهنجو ڀاڳ ڀلو ٿيو آهي جو حضرت بيبي فاطمه﷤جو اولاد جو منهنجو ئي جگر آهي، ان کي تون نپائيندينءَ، اها خوشبخري ٻڌي بيبي صاحبه خوش ٿي ۽ انهيءَ اميد ۾ رهڻ لڳي ته حضرت بيبي فاطمه رضه کي الله تعاليٰ ڪڏهن ٿو فرزند عطا ڪري!

 

[2]

مليو اچي منڌ کي، ڪامڻ ڀانئي ڪس،

سياڻيءَ انهيءَ سور جو، وينگس ڪيو وس،

سمجهي مام ملوڪ، پوءِ ڏاهي ڏس،

تنهنجو شان سرس، ٿيندو جيڏين ۾ ”جلال“ چوي.

 (جلال ڀٽو)

 

مليو = حضورﷺ جن جي گوشت

ڏانهن اشارو. منڌ = بيبي اُم الفضل.

ملوڪ = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[3]

لڳي ماٺ منڌ کي، عجب ڏسي اسرار،

پڇيئين پير ڀري، هلي سر هيڪار،

ٻڌي ڳالهه ”ٻروچ“ چئي، گوهر ڪئي گفتار،

اٿئي ڀاڳ ڀلو ٿيو، تون مون تؤن لاهه مونجهار،

”لعلڻ“ ئي لاچار، لحظي ۾ لهي ويو.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

منڌ = بيبي ُم الفضل. اسرار = خواب.

گوهر = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[4]

منڌ سندي محلات ۾، جوڌو آيو جواب،

ڏسي ڏيل ڏري ويئي، ٿي هرگز جا حيران،

ڪيائين حال حبيب سان، سو ظاهر ساڻ زبان،

ٻُڌي ڳالهه ”ٻروچ“ چئي، بانڪي ڪيو بين،

پوءِ خلل ويو خفقان، لحظي ۾ ”لعلڻ“ چئي.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

منڌ = بيبي اُم الفضل. محلات = خواب.

جوان = گوشت جو ٽڪر حبيب،

بانڪو = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[5]

لٽڪي پئي لوڪ ۾، اچي هن آس پُني،

ڪوهيارل آيس ڪيچ ۾، ٿي سرهي سرس ني،

پوءِ ٿي صفا صاف ني، دني ۾ ”دُرل“ چئي.

 (درل ڀٽو)

 

لٽڪي پئي = بيبي اُم الفضل ڏانهن اشارو.

هن = بيبي اُم الفضل.

ڪوهيارل = حضرت امام حسن﷤

 

مراد:  بيبي اُم الفضل، حضرت بيبي فاطمه﷤ کي فرزند ڄمڻ ۽ پاڻ ان جي دائي ٿيڻ جي جيڪا اميد رکي هئي سا الله تعاليٰ ان جي پوري ڪئي جو کيس حضرت امام حسن﷤ جي دائي ٿيڻ جو شرف مليو.

 

حضورﷺ جن جي امام حسن﷤ سان محبت:

        حضورﷺ جن حضرت امام حسن﷤ سان تمام گهڻو پيار ڪندا هئا. حضورﷺ جن نماز ۾ سجدي ۾ هوندا هئا ته اڪثر حضرت امام حسن﷤ سندس پٺيءَ مبارڪ تي چڙهندو هو ۽ جيستائين پاڻ خود نه لهندو هو تيستائين حضورﷺ جن سجدي مان مٿو مبارڪ نه کڻندا هئا.

        چون ٿا ته هڪڙي ڀيري حضورﷺ جن نماز ۾ سجدي ۾ هئا ته حضرت امام حسن﷤ سندس پٺي مبارڪ تي اچي ويٺو ان وقت جبرئيل اچي پيغام ڏنو ته الله تعاليٰ فرمايو آهي ته اوهين تيستائين سجدي مان نه اٿو جيستائين اسان جو محبوب حضرت امام حسن﷤ پاڻهي نه لهي. پوءِ جڏهن امام حسن﷤ پاڻهي لٿو تڏهن حضورﷺ جن سجدي مان مٿو مبارڪ کنيو.

        مٿئين ڏنل بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[6]

ساجن آيو ساٿ ۾، اچي لالَ ورايس لانگ،

هنڌ اُنهي ”هاشم“ چئي، ڪئي جو ڪهيس ڪانگ،

متان ڪُر کڻي ڪيري وجهين، سڀ رسائج سانگ،

جڏهن پالها ٿيس پلاند، تڏهن عاشق ڳالهه ادا ڪئي،

 (هاشم)

 

ساجن = حضورﷺ جن. ساٿ = جماعت.

لال = حضرت امام حسن رضه.

ڪانگ = جبرائيل، عاشق = حضورﷺ جن

ڪالهه = نماز.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[7]

نه ڪاڻ ڪڍيائين ڪامل جي، نه پريءَ جي پرواهه،

منڌ سنڀرائي ملوڪ تي، ڪيائين ڪاهو ڪاهه،

”حاجي“ چوي هوت کي، ملي سهڻي صاف صلاح،

ڏٺا اهڙا ڪم الله، ته به ڏاتر ڏمريو ڪينڪي.

 (حاجي مهيسر)

 

ڪامل = حضورﷺ جن. پري = نماز منڌ = لانگ.

هوت = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[8]

محبت جي ميدان ۾، ڪئي پي ڪامل پنهنجي ڪار،

پريت سان پيار رکي، ڪيئين قابو قربدار،

رنج نه ڪجانءِ رانجهن کي، تون ٺاري رکج ٺار،

سهڻي صلاح سهڻي جي، هن ڪيو آيت تي اعتبار،

پوءِ جڏهن پرچي اٿيو پهنوار، تڏهن جوان ويو ”جان محمد“ چئي.

 (جان محمد)

 

محبت جو ميدان = مسجد نبوي.

ڪامل = حضورﷺ جن. ڪار = نماز.

قربدار = حضورﷺ جن. رانجهن = حضرت امام

حسن﷤. سهڻو = الله تعاليٰ. آيت = الله تعاليٰ

جو پيغام. پهنوار = حضرت امام حسن رضه.

 

مراد:  حضورﷺ جن مسجد ۾ نماز پي پڙهي ۽ حضرت امام حسن رضه اچي سندن پٺيءَ مبارڪ تي چڙهي ويٺو. ايتري ۾ جبرائيل حضورﷺ جن کي پيغام ڏنو ته جيسين حضرت امام حسن﷤ پنهنجي خوشيءَ سان نه لهي تيسين توهين سجدي ۾ رهجو. جڏهن حضرت امام حسن﷤ لٿو تڏهن حضورﷺ جن به سجدي مان اُٿيا.

 

[9]

ڏسي وجهه ويهي رهيو، ورنهه وڏيءَ وير،

ڏاڍو دور درياهه کي، اُتي موجون پئي ڪيو مير،

هو خواجه وهيو ٿي خيال سان، ثابت رکيو سير،

هُو دهليو ڪين درياهه کان، هتي سو حمير،

هينئڙي آيس هير، تڏهن وڃڻ کان وڏو ٿيو.

 

ورنهه = حضرت امام حسن﷤.

درياهه = حضورﷺ جن.

خواجه = حضورﷺ جن. وهڻ = نماز پڙهڻ.

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

بهشتي وڳا:

        چون ٿا ته هڪڙيءَ عيد جي موقعي تي حضرت امام حسن﷤ ۽ حضرت امام حسين﷤، حضرت بيبي فاطمه﷤ ۽ ناني جي خدمت ۾ نَون ڪپڙن پهرائڻ لاءِ عرض ڪيو. بيبي صاحبه فاطمه ۽ حضورﷺجن ڏاڍو فڪرمند ٿيا جو ان وقت ڪوبه نئون ڪپڙو موجود ڪونه هو. ايتري ۾ الله تعاليٰ جبرائيل کي حڪم ڪيو ته بهشت مان ڪپڙن جا وڳا کڻي جلد وڃي پهچاءِ، متان شهزادا ڏکڻهارڪا ٿين. جبرائيل ويس مٽائي حويليءَ جي دروازي تي ڪڙو کڙڪائي بهشتي وڳا ڏئي ويو.

        چون ٿا ته امام صاحبن بهشتي وڳا ڍڪي حضور جن کي چيو ته ماڻهو اُٺن تي چڙهيو عيد نماز لاءِ پيا وڃن ۽ اسين به اُٺن تي چڙهي هلون. حضورﷺ جن کي پيار ڏئي فرمايو ته آءٌ توهان جو اُٺ آهيان توهين مون تي سوار ٿيو. پوءِ ٻئي امام صاحب حضورﷺ جن جي ڪلهن مبارڪن تي چڙهيا ۽ وارن جون چڳون هٿن ۾ جهلي اُٺ وانگر هلائڻ لڳا. وري امام صاحبن حضورﷺ جن کي چيو ته ٻين جا اُٺ رڙن پيا پر اسان جو اُٺ ڇو نه ٿو رڙي؟ تڏهن حضورﷺ جن به اوٺ جي اهل ڪري رڙ ڪئي. چون ٿا ته جبرائيل اچي حضورﷺ جن کي رڙ ڪرڻ کان منع ڪئي ۽ چيئين ته الله تعاليٰ فرمايو آهي ته توهان وڌيڪ آواز نه ڪريو ۽ زياده پيار چڱو نه آهي، اسان وٽ توهان جو تمام گهڻو پيار آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org