[44]
تو جو ٻول ٻروچ، ويهي ڪيو وڻڪار ۾،
سوئي پارج هوت، مون مٺي معذور سان.
(شاهه)
ٻروچ = حضرت آدم. مون – عزرائيل.
وڻڪار = الله تعاليٰ جي درٻار.
مراد:
حضرت عزرائيل عليہ السلام جنهن وقت حضرت آدم عليہ
السلام جي روح قبض ڪرڻ لاءِ آيو، تڏهن روح ٻاهر
نڪرڻ کان نٽائي بدن ۾ گُهتون ڏيڻ لڳو، ان تي حضرت
عزرائيل عليہ السلام کيس ”الست برنکم“ ۽ ”قالوا
بليٰ“ وارو قول ياد ڏياري ٻاهر نڪرڻ لاءِ چيو.
[45]
بيٺا هئاسون بر ۾، آءٌ ۽ تون،
تو ٿي ٻول ٻهون ڪيا، تڏهن ڇا ٿي چيو مون،
هاڻ جيئن ٿو چئين تون، تيئن مون کي ناهي ڪرڻو.
آءُ = الله تعاليٰ ڏانهن اشارو.
تون = روح ڏانهن اشارو.
مراد:
روح بوتي ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ٻاهر نڪرڻ کان نٽائڻ
لڳو ۽ ڪجهه وقت مهلت گهرڻ لڳو، پر خدا تعاليٰ ان
وقت سندس هڪ به نه ٻڌي.
[46]
اول نام الله جو، ٻيو محمد ڪيائين مهندار،
راڻي جي رنگ محل تي، سنڀري آيا سردار،
ساميءَ کي به سور ٿيا، ته ماڻيان مومل مزيدار
وري نه مليس وار، ويس اميد ”احمد“ چئي.
(احمد خان مري)
راڻو = حضرت آدم. رنگ محل = لاش.
سردار = سڀ ملائڪ. سامي = عزازيل.
مراد:
حضرت آدم عليہ السلام جي وفات تي سڀ ملائڪ جنازي
نماز لاءِ آيا. شيطان به موقعو ڏسي سجدي ڪرڻ لاءِ
اتي آيو، مگر الله تعاليٰ جي حڪم موجب سڀ ملائڪ
صفون ٻڌي سوڙها ٿي بيهي رهيا، جنهن ڪري شيطان
نااميد ٿي موٽي ويو.
[47]
مَ ڄايو مري ويو، ڪانڌي ملائڪ ٿياس،
حورن کڻي هنج ڪيو، سرهي سيج ٿياس،
وري به ويندياس، تهين ماڳ ”ملوڪ“ چئي.
(ملوڪ)
مَ ڄايو = حضرت آدم ڏانهن اشارو.
مراد:
حضرت آدم عليہ السلام ڄائو نه هو، مگر مٽيءَ مان
پيدا ٿيو هو، جڏهن وفات ڪيائين تڏهن ملائڪ سندس
ڪانڌي ٿيا ۽ حورن هنج ۾ کڻي بهشت ۾ آندس جتي قيامت
تائين رهندو.
[48]
ليلان ڪؤنروءَ پاڻ ۾، ويهي ڪيو واپار،
وٺ پنهنجو وَلهو، موٽائي ڏي هار،
وڻيو ڪين واپار، سودو ٿيو نه سرتيون.
ليلان = قدرت. ڪونرو = ڌرتي
وَلهو = روح. هار = مٽيءَ جو چاڻو.
مراد:
قدرت، ڌرتيءَ کان مٽيءَ جو چاڻو وٺي ان ۾ روح کي
داخل ڪري حضرت آدم عليہ السلام کي تيار ڪيو. آخر
ڌرتي پنهنجي مٽيءَ جي چاڻي جي واپس گهر ڪئي، جنهن
تي حضرت آدم عليہ السلام کي فنا ڪري روح کي پنهنجي
ماڳ ۽ مٽيءَ جي چاڻي کي ڌرتيءَ ڏانهن موٽايو ويو.
2- حضرت شيث عليہ السلام
حضرت آدم عليہ السلام جي سڀني پٽن ۾ حضرت
شيث وڌيڪ سهڻو ۽ صالح هوندو هو. حضرت آدم عليہ
السلام وفات وقت حضرت شيث عليہ السلام جي هنج ۾
مٿو رکي الله تعاليٰ کان ان جي پرڻجڻ جي دعا گهري،
ڇاڪاڻ ته حضرت آدم عليہ السلام جا ٻيا سڀ پٽ پرڻيل
هئا. پر شيث ڪنوارو رهجي ويو هو. الله تعاليٰ سندس
دعا قبول ڪئي ۽ بهشت مان ”بيضاء“ نالي هڪ حور حضرت
شيث عليہ السلام لاءِ موڪلي، جنهن سان شادي
ڪيائين.
چون ٿا ته اها حور اڃا جيئري هلندي وتي،
پر نڪا دنيا وارن وٽ آهي ۽ نه وري عرض وارن وٽ
آهي.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.
[1]
عمر آندي مارئي، ڪري مير منُي،
ساريو تن سرتين کي، ٿي راتو ڏينهن رني،
ڪنهن کان ڪانه پُني، جو ماڳ رسائي مارئي.
عمر = حضرت شيث. مارئي = حور.
سرتيون = بهشت جون حورون. ماڳ = بهشت.
مراد:
حضرت شيث عليہ السلام لاءِ بهشت مان حور آئي. جا
ٻين حورن کان ساري رات ڏينهن روئيندي هئي ۽ نه
ڪنهن کي مٿس رحم آيو جو کيس وري به ساڳيءَ جاءِ
يعني بهشت ۾ پهچائي ڇڏي ها.
3- حضرت نوح عليہ السلام
(الف) حضرت نوح عليہ السلام جو ٻيڙو
حضرت نوح عليہ السلام، حضرت ادريس عليہ
السلام جو پڙپوٽو هو. هن پنهنجيءَ قوم کي گهڻي
هدايت ڪئي، مگر هنن تي ڪوبه اثر نه ٿيو ويتر کيس
تڪليفون ڏيڻ لڳا. آخر حضرت نوح عليہ السلام لاچار
ٿي الله تعاليٰ کان ڪافرن تي عذاب نازل ٿيڻ جون
دعائون گهريون، جي ڌڻي جي درٻار ۾ قبول پيون. الله
تعاليٰ جبرئيل کي حضرت نوح عليہ السلام ڏانهن
موڪليو، جنهن اچي عذاب جي نازل ٿيڻ جي حقيقت ٻڌائي
۽ کيس ساڳ جو هڪ وڻ ڏيکاري، ان مان ٻيڙي ٺاهڻ جي
تعليم ڏني.
چون ٿا ته ٻيڙي جي تياري ڪرڻ لاءِ حضرت
نوح عليہ السلام واڍي، لوهار ۽ ميربحر (سڙهه ٺاهڻ
لاءِ) کي گهرايو ۽ هرهڪ کي اجوري ۾ سڱ ڏيڻ جو
انجام ڪيو. ٻيڙي ٺهڻ جو ڪم شروع ٿيو، ساڳ جي وڻ کي
وڍي ان مان تختا چيرائڻ لڳو، پهريون تختو
چيرايائين ته ان تي حضرت آدم عليہ السلام جو نالو
لکيل ڏٺائين. اهڙيءَ ريت جيئن جيئن تختا چيرائيندو
ويو، تيئن تيئن هرهڪ تختي تي سلسليوار هرهڪ نبيءَ
جو نالو لکيل ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو.
چون ٿا ته هڪ تختو کٽي پيو جو هڪڙي ڪافر
کان گهرائي چيرايائين ته ان تي ڪلمون شريف لکيل
هو. جنهن کي ڏسي گهڻو سرهو ٿيو ۽ چيائين ته افسوس
جو حضورﷺ جن کي اکين سان ڏسي نه سگهيس!
چون ٿا ته جڏهن ٻيڙو ٺهي تير ٿيو تڏهن
واعدي موجب ڪاريگرن سڱ جي گهر ڪئي. هوڏانهن حضرت
نوح عليہ السلام کي فقط هڪ نياڻي هئي جا پنهنجي
ڀائيٽي کي ڏيڻ جو ارادو هوس. آخر ويچار ڪري شاديءَ
جو ڏينهن مقرر ڪيائين. جنهن تي چار ئي ڄڻا اچي
حاضر ٿيا. حضرت نوح عليہ السلام ڇا ڪيو جو گهر جي
چئني ڪنڊن مان هڪڙيءَ ۾ ڌيءَ کي وهاريو، باقي ٽن
مان هرهڪ ۾ ٻلي، ڪتي ۽ گڏهه ٻڌي، ڌڻي جي دربار مان
دعا گهري، چئني گهوٽن کي اندر وڃڻ جي اجازت ڏني.
خدا جي قدرت سان. ڪتي، ٻلي ۽ گڏهه زالون ٿي پيون.
صبح جو جڏهن گهوٽن کان خيريت جو احوال پڇيائين
تڏهن ميربحر چيو ته، زال چڱي پر رانڀوٽا ٿي هڻي.
لوهر چيو ته، زال بهتر پر لتون ٿي هڻي ۽ واڍي چيو
ته، زال چڱي پر چهڙون ٿي ڏئي. حضرت نوح عليہ
السلام سمجهي ويو ته نياڻي سندس مرضي مطابق ڀائيٽي
کي ئي ملي.
جڏهن ٻيڙو جڙي رس ٿيو تڏهن حضرت نوح عليہ
السلام سڀني جنسن جا پکي، جانور ۽ جيت وغيره جوڙو
جوڙو ڪري ٻيڙي ۾ چاڙهيا ۽ جن مٿس آيمان آندو هو تن
کي سڏ ڪري ٻيڙي ۾ چڙهڻ لاءِ چيو، ٻيا ڪيترائي اچي
ٻيڙي ۾ چڙهيا، مگر سندس هڪڙو ڪنعان ٻيڙي ۾ سوار نه
ٿيو.
ڪي چون ٿا ته سندس هڪ زال به ٻيڙي ۾ سوار
نه ٿي ۽ مٿس ٺٺول ڪرڻ لڳي. سندس ٻي زال ۽ ٽي پٽ
سام، يافث ۽ حام ٻيڙي ۾ سوار ٿيا. اوچتو مقرر وقت
تي طوفان اچي ڪڙڪيو ٻين ڪافرن سان گڏ سندس زال ۽
پٽ ڪنعان به ٻڏي مئا ۽ ٻيڙو اٿي هليو.
چون ٿا ته هلندي هلندي هڪڙي هنڌ ٻيڙو رڪجي
بيهي رهيو. تڏهن حضرت جبرئيل چئني مقدس ڪتابن جا
ورق کڻي ٻيڙي ۾ وڌا ته ٻيڙي هلڻ شروع ڪيو. آخر اچي
’جودي جبل‘ سان ٽڪرجي بيٺو. اتي حضرت نوح عليہ
السلام حڪم ڪيو ته، ڪو وڃي پاڻيءَ جو سماءُ لهي
اچي. اتي سڀني گڏجي چيو ته، ڪنهن پکيءَ کي موڪليو
وڃي جو موٽي به سگهي. حضرت نوح هڪ پکيءَ کي حڪم
ڪيو، جو وٺي اڏاڻو ۽ هڪ هنڌ ساوڪ ۽ گلزاري ڏسي
ويهي رهيو.
چون ٿا ته ڪن ڏينهن بعد حضرت نوح عليہ
السلام پاڻ جاچ ڪرڻ لاءِ نڪتو. جڏهن ان جاءِ تي
پهتو تڏهن اهو ساڳيو پکي ڊوڙي وٽس آيو. ان تي حضرت
نوح عليہ السلام پاراتو ڏنس ته ”شل کنڀ سڪنئي جو
ڪڪڙ ٿي هتي ويهي وهئين! ان ڏينهن کان وٺي ڪڪڙ جو
اُڏامڻ بند ٿيو.(1)
چون ٿا ته حضرت نوح عليہ السلام جڏهن هڪ
پکيءَ کي پاراتو ڏيئي ڪڪڙ ڪيو، تڏهن ٻين پکين جي
چاليهن ٽولن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته، متان پاڻ سان به
اها حالت ٿئي تنهنڪري اچو ته گڏجي کيس ماري ڇڏيون.
پکين اها رٿ رٿي، هوڏانهن وري قدرت کي اها ڳالهه
نه وڻي، تنهن سڀني پکين جي ٽولن جون ٻوليون بدلائي
جدا جدا ڪري ڇڏيون، جي هڪٻئي جي ٻولي سمجهڻ کان
عاجز ٿي پيا ۽ سندس ارادا خاڪ ۾ ملي ويا.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا:
[1]
ڪي جو ڏٺم ڪاٺ ۾، ٿيس حيرت ۾ حيران،
اهو اٿم ارمان، جو اکئين نه ڏٺم ان کي.
ڪي = ڪلمي ڏانهن اشارو.
ڏٺم = حضرت نوح عليہ السلام ڏانهن اشارو
اُن = حضورﷺ جن ڏانهن اشارو.
مراد:
حضرت نوح عليہ السلام جي ٻيڙي ٺهڻ وقت هڪ تختو کٽي
پيو، جو هڪ ڪافر کان گهرائي چيرايائين ته منجهس
ڪلمون شريف لکيل هو، جنهن کي ڏسي چيائين ته،
افسوس! جو حضورﷺ جن کي اکين سان ڏسي نه سگهيس.
[2]
چڙهيا چار ئي چار چڻا، ٿا مومل تي مستان،
چڙهي ويٺا کٽن تي، پنهنجي خانيءَ خان،
اهڙو ئي رب رحمان، جو مومل ماڻي مينڌري.
چار ڄڻا – ي ٻيڙي جا جوڙيندڙ ۽ چوٿون
حضرت نوح عليہ السلام جو ڀائيٽو.
مومل = حضرت نوح جي نياڻي
مينڌرو = حضرت نوح عليہ السلام جو ڀائيٽو.
مراد:
حضرت نوح عليہ السلام جي ٻيڙي تيار ٿيڻ بعد ٽي
ڪاريگر ۽ چوٿون سندس ڀائيٽو شادي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي
آيا، خدا جي قدرت جو حضرت نوح عليہ السلام جي
نياڻي سندس ڀائيٽي کي ملي.
[3]
هڪ ذات اڳي ئي هئي، ٽي زناور ذات،
پرهه ڦٽي پرڀات، مطلب مڙني جا ٿيا.
ذات – حضرت نوح عليہ السلام جي ڌيءَ
ٽي زناور = ٻلي، ڪتي ۽ گڏهه.
مڙني = حضرت نوح عليہ السلام جو ٻيڙو ٺاهيندڙ
مراد:
حضرت نوح عليہ السلام کي ٻيڙي ٺاهڻ جي اُجوري ۾ سڱ
ڏيڻو هو. تنهن پنهنجي نياڻيءَ سان گڏ ٽي جانور
يعني ٻلي، ڪتي ۽ گڏهه کي به گهر جي ڪنڊن ۾ ويهاريو
هو، جڏهن رات جو گهوٽ وٽن ويا ۽ صبح جو حضرت نوح
عليہ السلام پڇا ڪئي ته چارئي ڄڻا خوش ڏسجڻ ۾ آيا.
[4]
وانگي نڪتو وڳ مان، ٿيو وڏو توائي،
مليو ڪين ”ملاح“ چئي، ڪئي گوري گڏهائي،
ڪنهن نه ورايس واهي، لکيو لوڙيائين سير ۾.
(حاجي فضل ملاح)
ونگي = حضرت نوح عليہ السلام جو پٽ ڪنعان.
وڳ = حضرت نوح عليہ السلام جو خاندان.
مراد:
ٻيڙي جي هلڻ وقت حضرت نوح عليہ السلام پنهنجي پٽ
ڪنعان کي چڙهڻ لاءِ چيو، مگر هن انڪار ڪيو ۽ ٻيڙي
۾ نه چڙهيو، سندس تقدير ۾ جيڪي لکيل هو. تنهن کي
ڪوبه ڊاهي نه سگهيو ۽ آخر طوفان ۾ ٻين ڪافرن سان
گڏ ٻڏي مئو. |