سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :11

 8- حضرت يعقوب عليہ السلام

حضرت يعقوب عليہ السلام، بني اسرائيل قوم جو نبي هو. کيس ٻارهن پٽ هئا، جن مان سڀني کان ننڍو حضرت يوسف عليہ السلام هو. حضرت يوسف عليہ السلام تي سندس پيار ڏسي ٻين ڀائرن حسد کان حضرت يوسف عليہ السلام کي وڃي هڪڙي ڦٽل کوهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، ۽ پيءُ کي ٻڌايو ته حضرت يوسف عليہ السلام کي بگهڙ کائي ويا. حضرت يعقوب عليہ السلام اهو ٻڌي پٽ جي فراق ۾ روئي روئي انڌو ٿي پيو. هوڏانهن حضرت يوسف عليہ السلام کي ڪن سوداگرن کوهه مان ڪڍي مصر ۾ وڃي وڪيو، جتي بيبي زليخا سان شادي ڪري مصر جو بادشاهه ٿيو.

چون ٿا ته حضرت يعقوب عليہ السلام وٽ هڪ ڪڪڙ هئي. جنهن کي ڪل ٻارهن ٻچا هئا. هڪ ڏينهن سرڻ لامارو ڏيئي هڪڙو ٻچو کڻي ويئي. جنهن تي ڪڪڙ، حضرت يعقوب عليہ السلام وٽ دانهن کڻي آئي. حضرت يعقوب عليہ السلام چيس ته توکي ٻارهن ٻڍا آهن. تن مان جي هڪ ويو ته ڇا ٿي پيو. تون ايتري واويلا ڇو پئي ڪرين؟ اهو ٻڌي ڪڪڙ هلي ويئي، پر الله تعاليٰ کي حضرت يعقوب عليہ السلام جو اهو گفتو نه وڻيو، کيس اهڙو ئي هڪ پٽ جو صدمو ڏيکاريائين. جيئن ته کيس به ٻارهن پٽ هئا، جن مان هڪ پٽ حضرت يوسف عليہ السلام کي سندس ڀائر وڃي گم ڪري آيا هئا. تڏهن حضرت يعقوب عليہ السلام ڏاڍو روئڻ لڳو. ان وقت ساڳي ڪڪڙ وٽس آئي ۽ چيائينس ته يا نبي! توهان مون کي ٿي ماٺ ڪرائي، اڄ توهين ڇو نه ٿا پنهنجن يارهن پٽن تي صبر ڪري ويهو؟ اهو ٻڌي حضرت يعقوب عليہ السلام پڇتايو ۽ اُن بعد سدائين صبر ۾ رهڻ لڳو.

مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[1]

منڌ بيٺي هئي ماڙ ۾، ڌڻ پنهنجي سان ڌنار،

چور اچي چوري ڪئي، ڪيون آهون ايلپهڻوار،

وارث تنهن کي ورندي ڏني ڇو ٿين ٻاڏائين ٻڪرار؟

انهيءَ ساعت ”سرهو“ چئي، سيباڻو نه سرڪار،

ٿي ڪامل سان اهڙي ڪار، منڌ جهڙو ئي مامرو.

(سرهو)

 

منڌ = ڪڪڙ، ماڙ = جاءِ. چور = سرڻ.

ڌڻ چوزا. ڌنار = ڪڪڙ. وارث = حضرت يعقوب

عليہ السلام. سرڪار – الله تعاليٰ.

ڪامل = حضرت يعقوب عليہ السلام

 

مراد: ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[2]

سسئي پنهنجي سنگت سان، هئي اوڳي بي اختيار،

هن ڌوٻڻ سان ڌاڙو ٿيو. پي رُني زاروزار،

هلي آئي هوت ڏي، پر ڪيس وَرنهه نه ويچار،

ٻڌي دانهون درد جون، ويس ڏمرجي ڏاتار،

پوءِ ٿي ڪامل سان اها ڪار، مگر مٿس گهڻو معاملو.

 

سسئي = ڪڪڙ، سنگت = ٻچا.

ڌوٻڻ = ڪڪڙ. هوت = حضرت يعقوب عليہ السلام.

ڪامل = حضرت يعقوب عليہ السلام.

اها ڪار ٿيڻ = حضرت يوسف عليہ السلام.

 

مراد: ڏسو مٿيون ساڳيو بيان.

 

[3]

سهڻي ساهڙ ڄام وٽ، آئي دانهياڻي درٻار،

تون آهين دادلو درگاهه جو، ٻڌ گويائي گفتار،

ٻڌڻ سان ”ٻروچ“ چئي، عاقل ڪيو اظهار،

آئي موجه ميهار کي، تنهن ڪيا ڌارو ڌار،

”مئو“ چئي جتي ميهر هو مختيار، اتي ٿي مرحبا منڌ سان.

(مٺو)

 

سهڻي = ڪڪڙ. ساهڙ = حضرت يعقوب عليہ السلام.

ميهار = الله تعاليٰ. ڌارو ڌار ٿيڻ = حضرت يوسف

عليہ السلام جو پيءَ کان وڇڙي وڃڻ.

 

مراد: ڏسو مٿيون بيان.

 

[4]

منڌ انهيءَ ميدان ۾، هنيو هاڪارو،

مير تنهن کي منهن تي، چيو سخن سارو،

رنو هو رَت گاڏئون، جڏهن آيو وير سندو وارو.

پوءِ سماچار سارو، ٿيو مشهور ”مهر“ چئي.

(مهر)

 

منڌ = ڪڪڙ. مير = حضرت يعقوب عليہ السلام.

وير = حضرت يعقوب عليہ السلام.

وارو اچڻ = حضرت يوسف عليہ السلام جو گم ٿيڻ.

 

مراد: حضرت يعقوب عليہ السلام، ڪڪڙ جي ٻچي وڃڻ تي ڪابه ساڻس همدردي نه ڪئي. مگر جڏهن حضرت يوسف عليہ السلام غائب ٿي ويو. تڏهن حضرت يعقوب عليہ السلام زار زار رنو.

 

[5]

آئي در عجيب جي، دانهن کڻي دائي،

عجيب اونائي ڪينڪي، نه ڪي ڪامل ڪن لائي،

دانهن اُهائي، وري آئي ورنهه تي.

 

عجيب = حضرت يعقوب عليہ السلام.

دائي = ڪڪڙ. ڪامل = حضرت يعقوب عليہ السلام.

دانهن = فضا. ورنهه = حضرت يعقوب عليہ السلام.

 

مراد: ڪڪڙ، ٻچي کڄي وڃڻ جي دانهن حضرت يعقوب عليہ السلام کي ڏني، جنهن ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي، خدا جي قدرت جو ساڻس به اهائي ڪار ٿي جو ٻارهن پٽن مان حضرت يوسف عليہ السلام گم ٿي ويو.

9- حضرت يوسف عليہ السلام

(الف) حضرت يوسف عليہ السلام جو ننڍپڻ:

حضرت يعقوب عليہ السلام کي ٻارهن پٽ هئا، جن ۾ حضرت يوسف عليہ السلام نهايت حسين هو، جنهن کي سندس پڦي وٺي وڃي نپايو هو. جڏهن سمجهه ڀريو ٿيو تڏهن حضرت يعقوب عليہ السلام پنهنجي همشيره کان وٺڻ ويو. پر بيبي صاحبه جي دل نه چيو ته ڪو حضرت يوسف عليہ السلام مون وٽان پري ٿئي. هن تجويز ڪري لڪ ڇپ ۾ حضرت يوسف عليہ السلام جي چيلهه ۾ ڪمربند ٻڌي ڇڏيو. جڏهن حضرت يوسف عليہ السلام پنهنجي والد سان گڏ گهر پهتو، تڏهن بيبي صاحبه ڪمربند جي چوري ٿيڻ جي خبر مشهور ڪئي ۽ پنهنجي ڀاءُ وٽ ڳوليندي اچي پهتي، اتي حضرت يوسف عليہ السلام کان ڪمربند حاصل ڪري ثابت ڪيائين ته هن ئي اها چوري ڪئي آهي. ان وقت اهو قانون هو ته جيڪو چوري ڪندو هو. سو ٻارهن مهينا ان شخص جو غلام ٿي رهندو هو. جنهن جي چوري ٿيندي هئي، انهيءَ ڪري حضرت يوسف عليہ السلام ٻارهن مهينا وڌيڪ پڦيءَ وٽ گذاريا ۽ پوءِ والد وٽ اچي رهيو.

چون ٿا ته حضرت يوسف عليہ السلام هڪ دفعي پنهنجي سهڻي صورت آئيني ۾ ڏسي فخر ڪري چوڻ لڳو ته مون جهڙو سهڻو دنيا ۾ ڪو مشڪل هوندو! سندس اهو فخر الله تعاليءِ کي نه وڻيو ۽ کيس ڀائرن هٿان تڪليف ڏياريائين.

حضرت يوسف عليہ السلام هڪ رات خواب ۾ ڏٺو ته هن کي سج، چنڊ ۽ تارا سجدو پيا ڪن. صبح جو خواب جي حقيقت پيءَ سان ڪيائين، جنهن منع ڪيس ته ڀائرن سان اهڙو ذڪر نه ڪج. مگر سندس ڀائرن کي انهيءَ خواب جي ڪنهن طرح خبر پئجي ويئي، تن سمجهي ورتو ته حضرت يعقوب عليہ السلام کان پوءِ حضرت يوسف عليہ السلام کي نبوت ملندي، تنهنڪري هو سندس دشمن ٿي ويا. انهيءَ کانسواءِ دشمني جو ٻيو هيءَ به سبب هو ته کيس حضرت يعقوب عليہ السلام ٻين پٽن کان زياده قرب ڏيندو هو. هڪ دفعي حضرت يوسف عليہ السلام جا ڀائر شڪار جي بهاني سان ان جي موڪل وٺي جهنگ ڏي ويا ۽ کيس هڪڙي هنڌ دنبي سان کوهه ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيائون، موٽي پيءُ کي اچي چيائون ته حضرت يوسف عليہ السلام کي بگهڙ کائي ويو.

چون ٿا ته حضرت يعقوب عليہ السلام بگهڙ کي گهرائي کانئس پڇيو. جنهن پنهنجي بيخبري ظاهر ڪئي. ان تي حضرت يعقوب عليہ السلام کيس بهشت جي بشارت ڏيئي روانو ڪيو.

حضرت يوسف عليہ السلام کي کوهه ۾ ڪيرائڻ کانپوءِ به سندس ڀائر روزانو اتي ايندا هئا ۽ ڀتر ٺڪر کوهه ۾ اڇلائيندا هئا. ته جي جيئرو هجي ته انهيءَ طرح مري وڃي. مگر حضرت يوصف عليہ السلام جو الله تعاليٰ نگهبان هو. تنهن پنهنجي پياري کي ايذاءَ پهچڻ نه ڏنو. هڪڙي ڏينهن هڪ قافلو اتان اچي لانگهائو ٿيو ۽ اٺن کي پاڻي پيارڻ جي خيال سان ٻوڪو کوهه ۾ ڍاريائون، ٻوڪو ڏسي حضرت يوسف عليہ السلام ان کي چنبڙي پيو ۽ قافلي وارن کيس ڇڪي ٻاهر ڪڍيو. اتي حضرت يوسف عليہ السلام جا ڀائر اچي نڪتا، جن قافلي وارن کي چيو ته هي اسان جو ڀڄي ويل غلام آهي. انهيءَ بهاني سان هٿ ڪري، وري کيس ٿوري ملهه تي قافلي وارن وٽ ئي وڪڻي ڇڏيائون. جي هن کي ساڻ ڪري مصر روانا ٿيا.

مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[1]

صورت ڏنس ساءُ، ايڏو تنهن عجيب جي،

رکيائين روح ۾، محبت وڌ کؤن ماءُ،

ڪامل جي ڪچهري لاءِ، ڪيائين بيک بتاءُ،

جيڪو روح رکيائين راءَ، ويو ڏس ويچاريءَ کان.

 

عجيب = حضرت يوسف عليہ السلام.

بيک بتاءُ ڪرڻ = حضرت يوسف عليہ السلام

کي چيلهه ۾ ڪمر پٽو ٻڌڻ.

ويچاري = حضرت يوسف عليہ السلام جي پڦي.

 

مراد: حضرت يوسف عليہ السلام پنهنجي پڦي وٽ رهندو هو، جڏهن حضرت يعقوب عليہ السلام وٺڻ آيس تڏهن بيبي صاحبه جي دل ڇڏڻ نٿي گهريو، تنهنڪري حضرت يوسف عليہ السلام کي چيلهه ۾ ڪمر پٽو ٻڌي، چوريءَ جو بهتان هڻي ٻارهن مهينا ٻيا به پاڻ وٽ رهائي ڇڏيو، آخر اهو عرصو گذاري حضرت يعقوب عليہ السلام کيس وٺي ويو.

 

[2]

مير ڏسي پيو محلات ۾، دانهن پٽِ دَرُ،

عينان عينن ۾ وجهيُن، بيٺو رنگ ڏسي رهبر،

شائق اتي شينهن ٿيو، ڪامل ساهيو ڪر،.

آوڙيو ڪين عجيب کي، اهو انگ اکر،

”سرهو“ چئي چاڪر، آهي الله جي آڌار تي.

(سرهو)

 

مير = حضرت يوسف عليہ السلام

محلات = آئينو، ڪر ساهڻ = فڪر ڪرڻ.

چاڪر = حضرت يوسف عليہ السلام

 

مراد: هڪ دفعي حضرت يوسف عليہ السلام آئيني ۾ پنهنجي شڪل ڏسي دل ۾ چوڻ لڳو ته مون جهڙو سهڻو ڪو مشڪل هجي! مگر اهو فخر الله تعاليٰ کي نه وڻيو، جنهنڪري الله تعاليٰ جي آزمائش ۾ پيو ۽ پنهنجي ڀائرن جي هٿان تڪليف ڏنائين.

 

[3]

ويساهي وڳدار کان، ويا ڪنواٽ ڪڍي،

ڌُناري تنهن ڌَپڙ کي، ويا ٻوساٽي ٻڌي،

گهلڻ جي گسن تي، ڪيئون گؤنري سان گندي،

هنن به نيئي اُت ڇڏيو، جت ڪابه ڪانه ڪنڌي،

ٻڌي روهيلن رنڍي، اهو ڪر هو اماڻيو ڪيچ ڏي.

 

وڳدار = حضرت يعقوب عليہ السلام.

ويا = حضرت يوسف عليہ السلام جي ڀائرن ڏانهن اشارو.

ڪنواٽ = حضرت يوسف عليہ السلام.

ڏپڙ = حضرت يوسف عليہ السلام.

ات = کوهه ي اشارو. گونرو = حضرت يوسف عليہ السلام.

روهيلا = قافلي وارا. ڪرهو = حضرت يوسف عليہ السلام.

ڪيچ = مصر.

 

مراد: حضرت يوسف عليہ السلام جي ڀائرن هن کي پيءَ کان گهمڻ جي بهاني وٺي، وڃي کوهه ۾ ڦٽو ڪيو هو. اُتان هڪ قافلو اچي لانگهائو ٿيو. جنهن حضرت يوسف عليہ السلام کي جڏهن کوهه مان ڪڍيو ته سندس ڀائر به اچي پهتا، جن وري کين قافلي واري وٽ وڪڻي ڇڏيو. جن سان هو مصر پهتو.

 

[4]

مارن ڪيون ڪيتريون، عمر سان لايون،

واحد بچيايس وير مان، هيون عمر سان لايون،

عمر سان لايون، قادر ڪيون ڪينڪي.

 

مارو = حضرت يوسف عليہ السلام جا ڀائر.

عمر = حضرت يوسف عليہ السلام.

لايون = دشمنيون.

 

مراد: حضرت يوصف عليہ السلام کي سندس ڀائرن کوهه ۾ اڇليو، مگر الله پاڪ جي ڪرم سان کيس کوهه ۾ ڪابه تڪليف ڪانه پهتي.

 

[5]

سوين سرڙا گهوريان، مٿان تو مٽئون،

جيڪي تون ٿو چوين ڳالهڙيون، اهو مارن وڙ نه مون،

کڻي نيڻ ”کٽي“ چئي، جي تنهنجي تڪي طعامن تؤن،

لڄي اسان جي لوءِ ٿئي، جيڪر مون پٽ پئون،

جي مرون ڪين ملير ۾، ته ڪهڙو نڪ نيون،

ڏئي پوءِ پهراڻيون، راءُ اماڻيس راڄ مان.

(ملان جانڻ کٽي)

 

تون = حضرت يعقوب عليہ السلام ڏانهن اشارو.

مون = بگهڙ ڏانهن اشارو.

تنهنجا طعام تڪڻ = حضرت يوسف عليہ السلام

ڏانهن اشارو. پهراڻيون ڏيڻ = بهشت جي.

خوشخبري ٻڌائڻ. راءُ = حضرت يوسف عليہ السلام.

 

مراد: ڀائرن حضرت يوسف عليہ السلام کي کوهه ۾ ڦٽي ڪرڻ بعد پيءَ سان ڪوڙ ڳالهايو ته کيس بگهڙ کائي ويو. انهيءَ تي حضرت يعقوب عليہ السلام بگهڙ کي گهرائي پڇا ڪئي، جو بي قصور ثابت ٿيو ۽ کيس حضرت يعقوب عليہ السلام بهشت جي بشارت ڏني.

 

[6]

واڀايو آهون ڪري، مور لئي ٿو مري،

ويجهو هو ته آيو ڪي وري، پانهه ويو پري،

جهليو ڪهڙيءَ جهل ۾، ڪي جهليو ڪن تري،

الله من ڪري، ڏسان مور ملاحن وچ ۾.

 

اوڀايو = حضرت يعقوب عليہ السلام.

مور = حضرت يوسف عليہ السلام.

ملاحَ = حضرت يعقوب عليہ السلام جا پٽ.

 

مراد: حضرت يعقوب عليہ السلام، حضرت يوسف عليہ السلام جي گم ٿيڻ سان تمام گهڻو دلگير ٿيو ۽ رب تعاليٰ کان دعا گهرڻ لڳو ته شل حضرت يوسف عليہ السلام کي ٻين فرزندن سان وري گڏ ڏسان.

 

[7]

مڻيا ته سڀئي سهڻا، پر هڪڙو هو سردار،

سو ڪڻو ڪريو قدرت سان ۽ ڇڄي ٿيو ڌار،

سنڀالي ٿو صاحب کي، تون آهين پروردگار،

هڪ ڪري ڏي هار، قادر ! پنهنجي قدرت سان.

 

مٺيا = پٽ، هڪڙو = حضرت يوسف

عليہ السلام. ڪڻو = حضرت يوسف عليہ السلام

ڏانهن اشارو.

 

مراد: حضرت يعقوب عليہ السلام جا جيتوڻيڪ ٻيا يارهن پٽ به سهڻا هئا، مگر حضرت يوسف عليہ السلام نهايت حسين هو، ان کانسواءِ حضرت يعقوب عليہ السلام جو ٻئي اولاد کان وڌيڪ هڪ سان قرب هو، ان جي گم ٿي وڃڻ تي راتو ڏينهن الله تعاليٰ جي دربار مان هن جي ملڻ جي دعا گهرندو رهيو.

 

(ب) حضرت يوسف عليہ السلام جو مصر ۾ وڪامڻ:

        چون ٿا ته مصر جي بادشاهه ”ريان“ کي هڪ حسين ڌيءُ هئي. جنهن جو نالو ”زليخان“ هو، جنهن هڪڙيءَ رات حضرت يوسف عليہ السلام کي خواب ۾ ڏٺو. صبح جو اها حقيقت پيءَ کي ٻڌايائين. وري ٻيءَ رات پڻ حضرت يوسف عليہ السلام کي ڏٺائين. ان کان خواب جي ئي حالت ۾ پڇيائين ته تون ڪير آهين؟ جواب مليس ته مصر جو وزير ۽ تنهنجو وارث. هن اها ساري خبر وري به پيءَ کي ٻڌائي. جنهن کيس پنهنجي وزير ”عزيز“ سان پرڻائي ڇڏيو. بيبي زليخا جڏهن عزيز کي ڏٺو تڏهن دل ۾ چيائين ته مون جيڪو شخص خواب ۾ ڏٺو هو سو هيءُ نه آهي، ان تي خداتعاليٰ کي سوال ڪيائين ته مون کي هن کان پناهه ۾ رک. خدا تعاليٰ سندس سوال اگهايو ۽ هو عزيز کان امن ۾ رهي.

        قافلي وارا حضرت يوسف عليہ السلام کي مصر ۾ وڪڻڻ لاءِ وٺي آيا، ڪيترائي ماڻهو حضرت يوسف عليہ السلام جي سونهن ڏسي کيس خريد ڪرڻ لاءِ آيا ۽ سوداگر کان سندس قيمت پڇڻ لڳا. سوداگر چيو ته: ساهميءَ جي هڪڙي پڙ ۾ حضرت يوسف عليہ السلام کي ويهاري ٻئي پڙ ۾ جيڪي هيرا جواهر پوندا، اها سندس قيمت ٿيندي. اها ڳالهه ٻڌي مصر جو وزير عزيز آيو ۽ سڀ هيرا جواهر آڻي ساهميءَ جي ٻئي پڙ ۾ وڌائين، مگر حضرت يوسف عليہ السلام وارو پاسو ڳرو رهيو. بيبي زليخا کي جڏهن اها خبر پئي تڏهن اهڙي حسن صورت کي ڏسڻ جي خيال سان اتي آئي، حضرت يوسف عليہ السلام کي ڏسي کيس خواب واري صورت ياد آئي ۽ پنهنجي ڳچيءَ جو هار لاهي کڻي ساهميءَ جي پڙ ۾ وڌائين ته حضرت يوسف عليہ السلام وارو پاسو هلڪو ٿي مٿي کڄي ويو. اهڙيءَ ريت حضرت يوسف عليہ السلام خريد ڪري عزيز ۽ بيبي زليخا پنهنجي گهر وٺي آيا.

        بيبي زليخا، حضرت يوسف عليہ السلام تي عاشق هئي، تنهن هڪڙي ڏينهن حضرت يوسف عليہ السلام سان ڳالهين ڪندي ۽ کيس گهمائيندي ستن ڪوٺين ۾ وڃي بند ڪيو، هرهڪ دروازي تي ڪلف لڳائيندي وئي. ستين ڪوٺيءَ ۾ پهچي بيبي زليخا هن کي منٿ ميڙ ڪرڻ لڳي ته جيئن هن جي دل جي مراد پوري ڪري، مگر حضرت يوسف عليہ السلام خدا جي خوف کان کيس جواب ڏيئي پويان پير ڪري وٺي ڀڳو ۽ جيئن جيئن دروازن وٽ ٿي پهتو تيئن تيئن ڪلف ڪرندا رهيا ۽ آخر حضرت يوسف عليہ السلام ٻاهر نڪتو ته پويان بيبي زليخا به ڊوڙي اچي سندس پهراڻ ۾ هٿ وڌو. حضرت يوسف عليہ السلام ڇڪ ڏيئي پهراڻ ڇڏائي وٺي ڀڳو، مگر پهراڻ جو ٽڪر ڦاٽي پيو، جو بيبي زليخا جي هٿ ۾ رهيو.

        چون ٿا ته اها ساري ماجرا دائيءَ جي ننڍڙي پٽ پئي ڏٺي ۽ عزيز به اوچتو اتي اچي نڪتو. بيبي زليخا بدنامي جي خيال سان پنهنجي مڙس عزيز کي پهراڻ ٽڪر ڏيکاري حضرت يوسف عليہ السلام چيس ته: انهيءَ ڳالهه جي سچي يا ڪوڙي هئڻ جي حقيقت دائيءَ جي هن معصوم ڇوڪرڙي کان پڇي ڏسو. عزيز پهريئين ته حيران ٿي ويو ته هي ڇهن مهينن جو ٻار ڪيئن ٻڌائي سگهندو! مگر ڇوڪري الله جي حڪم سان چيو ته حضرت يوسف عليہ السلام جو پهراڻ اڳيان ڦاٽل هجي ها ته هو برابر ڏوهي هجي ها، پر پهراڻ پٺيان ڦاٽل آهي تنهن مان ظاهر آهي ته حضرت يوسف عليہ السلام ڀڄڻ جي ڪئي آهي ۽ بيبي زليخا کيس جهلڻ جي ڪوش ڪئي پهراڻ ۾ هٿ وجهي، ڇڪ ۾ ٽڪر ڦاڙي ورتو آهي، تنهنڪري ڏوهڻ بيبي زليخا آهي. ڇوڪري جي اها شاهدي ٻڌي عزيز، بيبي زليخا کي چيو ته: ڏوهه تنهنجو آهي، تون هروڀرو بيگناهه کي ٿي ڦاسائين. ان بعد بيبي زليخا شرمندي ٿي ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهي ۽ سندس دل ۾ ان ڇوڪري لاءِ بغض پيدا ٿيو.

        بيبي زليخا جي سهيلين سرتين جڏهن اها خبر ٻڌي ته هوءَ پنهنجي هڪڙي غلام تي عاشق ٿي پيئي آهي.، تڏهن کيس سمجهائڻ آيون. هن ڇا ڪيو جو حضرت يوسف عليہ السلام کي ڪوٺيءَ ۾ وهاري، شهر جي زالن کي ڪوٺائي هڪ مجلس ڪيائين، جنهن ۾ اوڻيتاليهه سهيليون گڏ ٿيون. انهن مان هرهڪ کي ڇري ۽ ڪجهه ميوو ڏيئي، حضرت يوسف عليہ السلام کي ٻاهر اچڻ لاءِ سڏيائين. عورتن جيئن ڇريءَ سان ميوو پئي وڍيو تيئن حضرت يوسف عليہ السلام کي ڏسي ميوي جي بجاءِ پنهنجون اڱريون وڍي ويهي رهيون، مگر هن مان نظر نه ڪڍيائون. اهي عورتون حضرت يوسف عليہ السلام کي پسند ڪرڻ لڳيون ۽ بيبي زليخا کي مجبور سمجهيائون، پر انهيءَ واقعي کان پوءِ سڄي شهر ۾ بيبي زليخا ۽ حضرت يوسف عليہ السلام جي محبت جو چؤٻول شروع ٿي ويو. ان ڪري عزيز، حضرت يوسف عليہ السلام کي کڻي قيد ۾ وجهايو.

        حضرت يوسف عليہ السلام کي الله تعاليٰ خوابن جي تعبير ڪرڻ جو شرف عطا ڪيو هو. اتي قيد ۾ قيدين جا خواب تعبير ڪيائين. ساڻس گڏ ٻين قيدين جي خوابن جو تعبير ڪندي هڪ کي چيائين ته: تون ڦاسيءَ تي چڙهندين. ۽ ٻئي کي چيائين ته، تون بادشاهه جو ساقي ٿيندين، پر ان وقت مون کي نه وسارجانءِ. نيٺ ائين ٿيو. هڪ کي ڦاسي ملي ۽ ٻيو بادشاهه جو ساقي بنيو.

        هڪڙيءَ رات مصر جي بادشاهه ريان خواب لڌو جو کانئس وسري ويو. صبح جو اميرن وزيرن کي خواب ٻڌائڻ ۽ تعبير ڪرڻ لاءِ چيائين، پر سڀڪو منجهي پيو. اتي اهو ساقي جو قيد مان ڇٽو هو، تنهن کي حضرت يوسف عليہ السلام ڏانهن موڪليو، هن حضرت يوسف عليہ السلام کي بادشاهه جي خواب لهڻ ۽ وسري وڃڻ لاءِ چيو. حضرت يوسف عليہ السلام چيو ته هن ملڪ ۾ ست سال سڪار ٿيندو ۽ ست سال سخت ڏڪار پوندو، تنهنڪري پهريان ست سال جيڪو اناج ٿئي تنهن مان ٿورڙو کائي ۽ ٻيو ڏڪار وارن ستن سالن لاءِ بچائي رکجي. بادشاهه اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ قاصد کي موڪلي، حضرت يوسف عليہ السلام کي عزت اڪرام سان پاڻ وٽ گهرائي کيس پنهنجو وزير ڪيو.

        چون ٿا ته ريان، چاليهن ٻولين ۾ سوال ڪيس جن جا پورا جواب ڏنائين، ان کان پوءِ عزت ڏيئي کيس پنهنجو وزير مقرر ڪيائين ۽ اناج گڏ ڪرڻ۽ اُن جي حفاظت ڪرڻ جو ڪم سندس حوالي ڪيائين.

        حضرت يوسف عليہ السلام جي وزير ٿيڻ بعد سگهوئي عزيز گذاري ويو. ۽ بيبي زليخا گهر ۾ رکيل سڀ بت ڀڃي الله تعاليٰ کي ياد ڪري حضرت يوسف عليہ السلام جي ملڻ لاءِ دعا گهرندي هئي. هڪڙي ڏينهن بيبي زليخا، حضرت يوسف عليہ السلام جي لنگهڻ جو رستو روڪي ويهي رهي. جڏهن حضرت يوسف عليہ السلام آيو ته بيبي زليخا چيس ته منهنجي لاءِ دعا گهر ته الله تعاليٰ مون کي ساڳي جواني نصيب ڪري. ايتري ۾ جبرئيل به نازل ٿيو ۽ کيس دعا گهرڻ لاءِ چيائين. حضرت يوسف عليہ السلام ٻه رڪعتون شڪراني جون ادا ڪري دعا گهري، جا دربار ۾ قبول ٿي ۽ بيبي زليخا کي ساڳي جواني عطا ٿي ۽ نيٺ چاليهن ڏينهن کان پوءِ حضرت يوسف عليہ السلام سان شادي ڪيائين.

مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[8]

وٺو راهه رسول جي، ويو غازي ڏسي گس،

سيم سمڌيس ڪينڪي، ڪيڏي لڳي وئي ڪس،

تنهن کان ته رسول کڻي رَس، ڦاهو کان ها ”فقير“ چئي.

 (احمد خان مري)

 

سيم = بيبي زليخا ڏانهن اشارو.

ڪس لڳڻ = حضرت يوسف عليہ السلام

جي بدران عزيز سان شادي ٿيڻ.

 

مراد: بيبي زليخا، خواب ۾ حضرت يوسف عليہ السلام ڏٺو، جنهن جو ذڪر پيءَ سان بيان ڪيائين. ٻيءَ رات به ڏٺائين، اتي بيبي زليخا پڇيس ته تون ڪير آهي؟ ٻڌايائين ته مصر جو وزير ۽ تنهنجو وارث آهيان. ٻئي ڏينهن بادشاهه پنهنجي وزير کي گهرائي بيبي زليخا کي پرڻائي ڇڏيو. بيبي زليخا، عزيز جو منهن ڏسي ڏاڍي پشيمان ٿي ته هي اهو شخص نه آهي جو مون خواب ۾ ڏٺو. تڏهن هن الله تعاليٰ کان دعا گهري ته هن کان مون کي پناهه ڏي. آخرڪار حضرت يوسف عليہ السلام مصر ۾ وڪاڻو، پوءِ وزير ٿيو ۽ بيبي زليخا کي مليو. بيبي زليخا چئي ٿي ته خواب ته برابر مون ڏٺو پر سمجهيم ڪونه تڏهن تڪليف حاصل ٿيم.

 

[9]

خان وڌو خاني ۾، جانب جيءَ جمال،

رکي هيج هوت سان، ڪيائون قرب ڪمال،

گهوريائون گهوٽ تان، مڏيون خزانا مال،

مليو ڪين محنت سان، لعلن سندو لعل،

جڏهن ڀلي ڪيو ڀال، تڏهن گوءِ گجر کٽي وئي.

 

خان = حضرت يوسف عليہ السلام.

خانو = ساهميءَ جو پڙ. محنت – تور.

لعل = حضرت يوسف عليہ السلام.

گجر = زليخا.

 

مراد: حضرت يوسف عليہ السلام کي جڏهن سوداگر مصر ملڪ ۾ وٺي آيا تڏهن ملڪ عزيز هن کي خريد ڪرڻ چاهيو. ساهميءَ جي هڪ پڙ ۾ هيرا جواهر ۽ ٻئي پڙ ۾ حضرت يوسف عليہ السلام هو، پر اُٽل حضرت يوسف عليہ السلام طرف هئي. جڏهن بيبي زليخا وڏيءَ سڪ مان پنهنجي ڳچيءَ جو هار لاهي پڙ ۾ وڌو ته اٽل برابر ٿي ۽ انهيءَ طرح هن حضرت يوسف عليہ السلام کي حاصل ڪيو.

 

[10]

اول نانءُ الله جو، جو سچيءَ دل ساري،

قرض مرض ان تان، ڇڏي تهن جيئن تاري،

عاشق معشوق گهرايو، اچي ٿيو پرين پناري،

چونڪي ان تي چاري چڏيئون، ڪوٽ به ڪناري،

هڪڙا لتاڙيئين لتن ۾“، ٻيا مرد ڇڏيا ماري،

وڪيل ولايت واري، جوان بچايو جنم کان.

(احمد خان مري)

 

عاشق = بيبي زليخا.

معشوق = حضرت يوسف عليہ السلام.

پرين = حضرت يوسف عليہ السلام.

چونڪي = ست دروازا. هڪڙا ۽ ٻيا = در ۽ ڪڙا.

وڪيل = ڇوڪرو. جوان = حضرت يوسف عليہ السلام.

 

مراد: بيبي زليخا، حضرت يوسف عليہ السلام کي ستن ڪوٺين ۾ بند ڪري، پنهنجي دل جي مراد پوري ڪرڻ لاءِ کيس آزيون ڪيون، مگر حضرت يوسف عليہ السلام ڏانهس ڪوبه ڌيان نه ڏنو ۽ پويان پير ڪري جيئن ڀڳو تيئن الله تعاليٰ جي قدرت سان ڪوٺين جا ڪلف لهندا ويا ۽ در کلي پيا. بيبي زليخا پويان لڳس ۽ حضرت يوسف عليہ السلام جي پهراڻ ۾ سندس هٿ پيو، ڇڪڻ ۾ ان جو ٽڪر هٿ ۾ آيس، جو پنهنجي مڙس عزيز کي ڏيکاري، حضرت يوسف عليہ السلام تي بهتان مڙهيائين، مگر دائيءَ جي ڇوڪري شاهدي ڏيئي کيس قيد ۾ پوڻ کان بچايو.

 

[11]

مٺا، مٺئي مون کي، مئا مرين ها تون،

ٻيجل ٻن ڪنن سان، اها ڳالهه نه سڻين ها تون،

تو اچي مون، ڪيو ڏوهاري ڏيهه ۾.

 

مُٺا! = دائيءَ جي ڇوڪري ڏانهن اشارو.

مون = زليخا ڏانهن اشارو.

 

مراد: دائيءَ جي ڇوڪري جڏهن شاهدي ڏني، تڏهن بيبي زليخا کيس ڏوراپا ڏنا ته توئي مون کي سڄي ملڪ ۾ شرمسار ڪيو آهي.

 

[12]

وٺو راهه رسول جي، سائين ڪندو سهنج،

توکي ماکيون مصريون موڪ پياريم، هون حاڪم منهنجي هنج،

ڪهڙو لڳئي اهنج، جو ڏنئي خواري خلق ۾.

 

توکي = ٻانهي جي ڇوڪري ڏانهن اشارو.

پياريم = بيبي زليخا ڏانهن اشارو.

 

مراد: حضرت يوسف عليہ السلام کي بيبي زليخا ڪوٺين ۾ بند ڪري پنهنجي دل جي مراد حاصل ڪرڻ لاءِ آزيون ڪيون، پر حضرت يوسف عليہ السلام کيس انڪار ڪري پوئتي وريو. عزيز جي اڳيان ڇوڪري شاهدي ڏيئي حضرت يوسف عليہ السلام کي بچايو ۽ بيبي زليخا کي شرمندو ڪيو. تڏهن بيبي زليخا ڇوڪري کي ڏوراپي طور چيو ته مون توکي ڪهڙو ڏک ڏنو هو، جو مون کي سڄي خلق ۾ خوار ڪيئي؟

[13]

ائٽ سندي آسري، مون جا پوکي پوک،

ڀانيم لڳندي مرڪَ، پر پاڻي پيئڻ لئي ڪونه لڀي.

 

ائٽ = حضرت يوسف عليہ السلام.

ڀانيم = بيبي زليخا ڏانهن اشارو.

موڪ لڳڻ = محبت ٿيڻ.

مراد: بيبي زليخا جو خيال هو ته آءٌ حضرت يوسف عليہ السلام کي محلات جي ڪوٺين ۾ بند ڪري پنهنجي من جي مراد پوري ڪنديس، مگر حضرت يوسف عليہ السلام پنهنجي پاڪدامنيءَ کي قائم رکيو ۽ بيبي زليخا نااميد ٿي ويئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org