سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :35

[344]

چوڻ سان چؤگان ۾، ڪونج هلي ڪاهي،

هزارن جا هڪل سان، لاڏ وڌئين لاهي،

جارائتو ”جانڻ“ چئي، هن وڌا اوتڙ اُٿلائي،

چورنگ چاڙهيو چاڳلو، سورهيه سنڀرائي،

مرد بيٺو ميدان ۾، ڪيهر ڪَر ساهي،

اِها عام خبر آهي، ته ڪيئن نوايائين ناٿ کي.

 (جانڻ کٽي)

 

ڪونج = هوا. چورنگ = منبر. چاڳلو = ڏيو.

سورهيه، ڪيهر = ڏيو

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[345]

ٻڌي حڪم حاڪم جو، پيا گهيڙ نهارين گهٽ،

ويندي ڏٺائون ولائت ڏانهن، چيائون اجهو جوان ڏيندس جهٽ،

هو هلي آيو هٽ، پر ڪاڻ نه ڪيائين ”ڪاسائي“ چئي.

 (فيض محمد ڪاسائي)

 

حاڪم = حضورﷺ جن. جوان = طوفان.

هو = طوفان ڏانهن اشارو.

 

مراد:  ڏيو سخت طوفان ۾ به روشن رهيو.

 

[346]

هن جو پردو پرور رکيو، نه ڪامڻ کي هو ڪوٽ،

عاشق انهيءَ عورت تي، ٿيا لکين لوٽ بوٽ،

نر سندو نوٽ، آهي هر ڪنهن ٻڌو ”حاجي“ چئي.

 (حاجي فقير مهيسر)

 

هن = ڏيي ڏانهن اشارو. ڪامڻ = وٽ. عاشق = واءُ

جا جهوٽا. عورت = لاٽَ. نر = حضورﷺ جن.

نوٽ = معجزو.

 

مراد:  حضورﷺ جن ڏيو ٻارائي منبر تي رکايو جو ساري رات لاٽون ڪري ٻرندو رهيو. هوا جا ڪيترائي جهوٽا لڳا پر هو نه وساڻو. حضورﷺ جن جو اهو معجزو عام خاص وٽ مشهور ٿيو.

 

بسم الله جي برڪت سان نانگ مان هار ٿيڻ:

        چون ٿا ته هڪڙي يهودي جي ڌيءَ حضورﷺ جن جي گهر ايندي ويندي هئي، اتي حضورﷺ جن کي هر ڪم ڪندي ڏسندي هئي ته پاڻ بسم الله چئي ڪم شروع ڪندا هئا. اها ڇوڪريءَ به حضورﷺ جن جي پيرويءَ ۾ هرڪو ڪم بسمم الله چئي ڪندي هئي. پڻس اهو حال ڏسي اچي ڪاوڙيو ۽ دل ۾ چيائين ته هيءَ ڌيءَ هڪڙي ڏينهن ضرور پنهنجو دين بدلائيندي. سو کيس مارڻ جي خيال سان هڪڙي جوڳيءَ کان ڪاريهر نانگ گهرائي طَس ۾ وجهي ڇڏيائين. هڪڙي ڏينهن ڌيءَ کي چيئين ته طَس مان فلاڻي شيءِ ڪڍي اچ. ڇوڪريءَ بسم الله ڪري طس ۾ هٿ وڌو ته نانگ ڦري نوَ لکو هار ٿي پيو ۽ ڇوڪري اهو ڪڍي ڳچيءَ ۾ پائي اچي پيءُ جي اڳيان بيٺي ۽ ٻڌايائين ته توهان جيڪا شيءِ چئي اها ته ان ۾ ڪانه هئي باقي هار پيو هو. يهودي پاڻ حيران ٿيو ۽ خبر پڇڻ تي کيس سڄي حقيقت معلوم ٿي ته اهو حضورﷺ جن جو معجزو آهي جو نانگ مان ڦري هار ٿيو آهي ۽ پوءِ پاڻ صدق دل سان اسلام تي آيو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[347]

سانڍي ڇڏيئين ساهه سان، جيڪا پرين ڪئي هئي پريءَ مان پچار،

هن جا دوست ڦري دشمن ٿيا، سڻي گويائي گفتار،

لڪائي ڇڏيئون لاڏڪي کان، جنهن کي هئي نه خبر چار،

هن سان ساڻي ٿيو رب ستار، سا مرڪي پئي ”مري“ چئي.

 (جاڙو خان مري)

 

پرين = حضورﷺ جن. پري = ڇوڪري.

پچار = بسم الله ڏانهن اشارو.

هن جا دوست = ڇوڪريءَ جا مائٽ.

لڪائي = نانگ ڏانهن اشارو.

لاڏڪي = ڇوڪري.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[348]

ساڌ به انهيءَ ساڙ ۾، ڀانيو ته ڇڏيان ملڪان کي ماري،

پر هن سان ته هئي بديعل ڀيڙي، جنهن کي پئي سَر سَر سنڀاري،

ڌڌڪندو ديو آيو، ڇڏيو هو وزير ويهاري،

سو وڙهيو ڪين وينگس سان، آيس ٻُڪين ٻُهاري،

ڪامڻ انهيءَ قرب ۾، ڇڏي سيفل سينگاري،

جڏهن تي هوڏ ويٺو هاري، تڏهن هلي مڃيائين ”محمد“ چئي.

 (محمد فقير ڏيرو)

 

سڌ = يهودي. ملڪان = ڇوڪري،

بديعل = بسم الله. ديو = نانگ.

وزير = يهودي. وينگس = ڇوڪري.

ڪامڻ = ڇوڪري. سيفل = الله تعاليٰ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[349]

ساراهيان سچو ڌڻي، ساراهيان رب ستار،

بيگناهه غريب تي، ٿي وئي ورانٽن جي وارو وار،

سپاهيءَ سٽ ڪري، سوگهو ڪيو سوار،

لنگهائي ڇڏيو لاڪب ۾، اچي صوبيدار،

ڪمشنر ڪاوڙجي آيا، تن ويهي ڪيو ويچار،

هو گهڻو ڪاوڙيل قهار، پر ڪڇيو ڪين ”ڪوريجو“ چئي.

 (ساجن ڪوريجو)

 

غريب = ڇوڪري. سپاهي = يهودي.

سوار = نانگ. لاڪپ = طَس.

ڪشمنر = مائيءَ جا مائٽ.

قهار = نانگ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[350]

وڻي ڪين ويراڳين کي، جيڪا ڪامڻ ڪري ٿي ڪار،

هيءَ به وڃي پئي اوڏهين، جيڏانهن تک وهي ٿي تار،

جنهن سان موليٰ ڪئي ماڙ، سا ته پئي پسجي سهڻي سک سان.

 

ويراڳي = يهودي. ڪامڻ = ڇوڪري.

ڪار = بسم الله چوڻ ڏانهن اشارو.

تِکَ وَهڻ = نانگ ڏانهن اشارو.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[351]

سڄڻ هجن مون ساڻ سنوان، سچ ٿي چوان،

پوءِ ڇا ڪنديون مان، مٽن جون مدايون.

 

سڄڻ = حضورﷺ جن. مان = ڇوڪري ڏانهن اشارو.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[352]

منڌ پنهنجي محلي ۾، ڪيا پئي خوشيون ۽ خيال،

ٻيا به ڪئين هئا اتي ڪيترا، پر هئي لعلن ۾ لال،

ويري ته هن سان وڙهي چڪا، پر هن جا سائين سئا هئا سوال،

ڀلي ڪيس ڀال، انهيءَ مهل ”احسان“ چي.

 (احسان حجام)

 

منڌ = ڇوڪري. ويري = نانگ ۽ پيءُ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[353]

ڏسي مذڪور منڌ جو، هن سڀن سڌايو،

صلاح اوهين سهڻي ڏيو، سيگهه ڪري سعيو،

هڪڙي ڪاريگر ڪم رٿي، ٻولي ٻڌايو،

جو وڻي ويس وجود کي، هن حڪم هلايو،

اهو جواب آڻي جلدي، مون کي مرد ملايو،

رسايونس راڻي وٽ، ٿئي سوال سڀن جو سجايو،

پوءِ ڪامڻ ڪمايو، انهيءَ پيار سان ”پڃارو“ چئي.

 (فيض محمد پڃارو)

 

منڌ- ڇوڪرو. هن = ڇوڪريءَ جو پيءُ.

سڀن = ڪافرن ڏانهن اشارو. ڪاريگر = ڪافر.

جوان = نانگ. = ڪامڻ = ڇوڪري.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[354]

نه ڪي گهريائين، نه ڪي ستايائين سرور،

هن تي رهبر راضي ٿيو، ٿيس نيڪ نظر،

مليس پهنوار پاڙي ۾، ويڙهيچن جا ولر،

تن کي سينگاري سيگهه مان، ٿين سهڻا جي سڌر،

اها عام آهي خبر، چوڌر ڦريل ”فيض محمد“ چئي.

 (فيض محمد)

 

هُن = ڇوڪري ڏانهن اشارو.

پهنوار = هار. ويڙهيچا = موتي.

 

مراد:  يهودي جي ڌيءَ حضورﷺ جن جي پيرويءَ ۾ بسم الله چئي ڪم شروع ڪندي هئي. پڻس هن لاءِ بدي چاهي جو نانگ طس ۾ ويهاري ڇڏيائين. الله تعاليٰ حضورﷺ جن جي طفيل اها بدي چڱائيءَ ۾ بدلائي کيس نوَ لکو هار عطا ڪيو.

 

[355]

ڏَم نه ڪر ڏَمر، پل نه مون کي پاڻ کؤن،

سهڻي کي سير ۾، ساهڙ آهي ثمر،

موڙها مَ ڀانءِ مڪر، ڏس نور نوازي آهيان.

 

ڏم = يهودي. مون کي = ڇوڪري ڏانهن اشارو.

سهڻي = ڇوڪري. ساهڙ = حضورﷺ جن.

موڙهو = يهودي. نُور = بسم الله ڏانهن اشارو.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[356]

سهڻي کي سڪ ساهڙ جي، هئي جيءَ اندر جهڙڪا،

ڪاهيو پوي ڪن ۾، جاتي سير ڪري سڙڪا،

ٻوڙي، ٻڌائي ڪينڪي، انهيءَ ڀلي جا ڀڙڪا،

اچي رب راضي ٿيس ”راوت“ چئي، ٻڌئين محبت جا مڻڪا،

پوءِ والي ڪيس وڙڪا، جو مليو ميهار منڌ کي.

 (راوت ٻرڙو)

 

سهڻي = يهودي جي ڌيءَ.

ساهڙ = حضورﷺ جن. ڪن = نانگ

وارو طس. مڻڪا = هار.

ميهار = قيمتي هار. منڌ = ڇوڪري.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

جهار هڪلڻ:

        چون ٿا ته هڪڙي ڪڙمي پيهي تي چڙهي پنهنجي پڪل پوک تان جهار پئي هڪلي، جهار تمام گهڻي هئي کانڀاڻيءَ جو ڳوڙهو هڪڙي پاسي هڻي ته اتان جهار اٿيو ٻئي پاسي وڃيو ويهي. ڪڙمي نهايت تنگ ٿي پيو. ان پوک جي دنگ کان رستو هو. جتان ماڻهو پيا لنگهندا هئا. اهو ڪڙمي آئي وئي کي جهار هڪلڻ لاءِ پيو چوندو هو. هڪ ڀيري حضورﷺ جن ان رستي تان اچي لانگهائو ٿيا ته هاري به هڪل ڪري جهار اٿارڻ لاءِ کين چيو. حضورﷺ جن کي خيال آيو ته پکين کي چوڻي تان ڪيئن اٿاريان، پر وري کين خيال آيو ته هن شخص اميد رکي مون کي چيو آهي، تنهنڪري پاڻ اغوذبالله ۽ بسم الله چئي والشمس سورة پڙهيائون ته پکي ڀڄي ويا ۽ وري هاري کي تنگ نه ڪيائون. چون ٿا ته اها پوک به نهايت ڀلي ٿي.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[357]

هڪڙو بخشي جهڙو ڀڙ هئو، پر هئو جوان جمالي،

نالو تنهن جو مون کي ڪونه اچي، ڳالهه ڪريان ٿو ڳالهي،

عقل هوش ان کي، ڏنو هو قادر ڪمالي،

ٻيا ڪن ٻه ٻه، ٽي ٽي، هن هڪ ڪيو حالي،

لنگ ٻڌي لال ٿيو، ٿيو نانگو نوالي،

لاچار پائي گنجي پٺن تي، نه ته پيرن سر پالهي،

پورهيو ته پاڻ کان ڀلن ڪيو، هن جي ڪهڙي گلا ڪريان گوالي؟

صبح کان سانجهيءَ تائين، پيو هڻي مٿو موالي،

تڏهن به پاندي پوري نه پوي، ڪري سوال ٿي سوالي،

هو به سخت شهنشاهه هو، تنهن خان به نه ڇڏيو خالي،

هيرا لعل جواهر ڏنائينس، مُٺيون ڀري مالي،

پوءِ ته ڍاپي ويٺو ڍؤ ڪري، خوش ٿيو خوشحال،

بعضي ٻانهن سيرانديءَ رکي سمهي، يا اتي پوي آهلي،

بعضي پڙهي شڪرانا رب جا، جو داتا هئس دعالي،

جيڪو ولهين جو والي، تنهن ڪيو غرض ”غلام محمد“ چئي.

 (غلام محمد)

 

جوان = هاري. هڪ = پيهي ڏانهن اشارو.

مٿو هڻڻ = جهار هڪلڻ. پاندي پوري نه پوي - جهار

کايو وڃي. شهنشاهه = حضورﷺ جن.

هيرا لعل = والشمس سورة. ڍاپي ويهڻ = جهار هلي

وڃڻ. ولهن جو والي = حضورﷺ جن.

 

مراد:  حضورﷺ جن هڪڙي ٻنيءَ وٽان لنگهيا ته پيهي تي ويٺل هڪڙي ڪڙميءَ کين پکين کي هڪلڻ لاءِ چيو. حضورﷺ جن سورة ”والشمس“ پڙهي ته پکي اٿي اڏامي ويا ۽ وري ان ٻنيءَ ڏانهن نه آيا. انهيءَ پوک ۾ اهڙي برڪت پيئي جو اهو ڪڙمي نهايت خوش گذارڻ لڳو ۽ رب جا شڪرانا بجا آندائين.

 

[358]

جوڳي جوڳياڻيءَ سان، بيٺو سير ڪري،

هو ملنگ ميڙي ڏئيس، هوءَ اڇلائي پئي پري،

هن سان پڄي سگهي ٿو ڪينڪي، بيٺو ڳڻتين منجهه ڳري،

ڇڏيو ڪامل قرب ڪري، مرد انهيءَ سان ”مراد“ چئي.

 (مراد لاشاري)

 

جوڳي = هاري. جوڳياڻي = کانڀاڻي.

ملنگ = مٽيءَ جا ڳوڙها. هُن = جهار ڏانهن

اشارو. ڪامل = حضورﷺ جن.

قرب ڪرڻ = آيتون پڙهڻ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[359]

جيئن ڏسي مهمان منڌ وٽ، ته اچيس ڪامڻ سندو قياس،

بيشڪ کنيئين بئنڪ مان، آندئين خزانو خاص،

پَرچُونَ وڃيو پاڻ ڪري. اهي ريال ڪري راس،

ڏئي پيو حال آهر هن کي، ڪري وقت پاس،

هوت لاٿس هراس، ٿيو بهار ”بخشو“ چئي.

 (بخشو شر)

 

مهمان = پکي. منڌ = ٻني. ڪامڻ = ٻني.

بئنڪ = ڌورتي. خزانو = مٽيءَ جو پنوڙو.

پَرچُونَ ۽ ريال = ڳوڙها. آهر ڏيڻ = کانڀاڻيءَ ۾

گهڪ هڪ ڳوڙهو وجهي هڻڻ. هوت = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[360]

عاقل پنهنجي آکيري تي، پئي جوان ڪيرو جهيڙو،

منڌ جو تنهن ماڳ تي، محڪم ڏٺئين ميڙو،

سامي چيو صوبي کي، جڏهن نر ڏٺئين نيڙو،

مانجهي اتي منڌ کي، کڻي وير ڏنو ويڙهو،

پوءِ ڪيو نار نکيڙو، پئي ڪل کي ڪل ”قادربخش“ چئي.

 (قادربخش)

 

آکيرو = پيهو. جوان = هاري. منڌ = جهار.

سامي = هاري. صوبو = حضورﷺ جن.

ويڙهو = والشمس جو حلقو. نار = جهار.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[361]

بيراڳڻ هن کي بيزار ڪيو، تڏهن هئائين صوبي کي ستايو،

ڪامل اتي ڪامن کنئين، ۽ ٻهڳڻ ٻولايو،

هو آجو ٿيو انهيءَ آفت کؤن، هن جو خيال خوشيءَ ۾ آيو،

پوءِ ڪري ڳالهه ٻڌايو، هن قصي جي ”قادربخش“ چئي.

 (قادربخش)

 

بيراڳڻ = جهار. صوبو = حضورﷺ جن.

ڪامل = حضورﷺ جن. ڪامڻ = ولشمس سورة

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[362]

اربيليءَ عورت سان، هيو پانهه جو ئي پيار،

هُن سڻايو سڄڃڻ کي، پر جوان ڪري سو جارُ،

ڪم ڪيو ڪامل تنهن جو، پر هاتنگ ٿي هوشيار،

پُرس مَٽايس پار، اُتهون ”الهه بخش“ چئي.

 (الهه بخش)

 

اربيلي عورت = پرک. پانهه = ڪڙمي.

سڃڻ ڪامل، هاتنگ، پرس = حضورﷺ جن.

مٽايس = جهار ڏانهن اشارو.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[363]

وڙهيو پئي ويچاريءَ سان، جهٽون هنيائين پئي جهٽ،

ڪيائين عرض امير کي، خان انهيءَ کَٽ،

لالڻ لاٿس لَٽَ، مهل انهيءَ ”مير“ چئي.

 (مير محمد حجام)

 

ويچاريءَ = جهار. امير = حضورﷺ جن.

کَٽ = پيهو. لالڻ = حضورﷺ جن.

 

مراد:  هڪڙي ڪڙميءَ کي جهار هلاک ڪيو هو. هاري رستي تي حضورﷺ جن کي ڏسي کين جهار هڪلڻ لاءِ چيو. حضورﷺ جن سورة والشمس پڙهي ته جهار هلي ويئي ۽ وري انهيءَ ٻنيءَ ڏانهن نه آئي.

 

[364]

ناهيون ويٺو هو ٺاهوڪو، ملڪيت تي ماڙو،

هنيون ويندا هئا هن جو، دڳ ويندا ڌاڙو،

ڪڪ ڪيو هئين ڪُل ئي، اوڙو ۽ پاڙو،

ڪنهن رمز سان راڙو، ويس هوت لاهيون ”حاجي“ چئي.

 (حاجي فقير مهيسر)

 

ملڪيت = پوک. ماڙو = پيهو. دڳ ويندا = پکي.

رمز = والشمس پڙهڻ ڏانهن اشارو.

هوت = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[365]

سهڻو هليو سير تي، خوشيءَ منجهئون خان،

سوالي تنهن کي سوال ڪيو، پر صوبي کي ساڌان،

گل کنيو گوهر اتي، اچي راضي ٿيو رحمان، پوءِ سگهڙ ڇڏي سامان، وئي عورت ”الهه بخش“ چئي.

 (الهه بخش)

 

سهڻو = حضورﷺ جن. سوالي = ڪڙمي.

گل = قرآن مجيد جو رڪوع (والشمس).

عورت = جهار.

 

مراد:  حضورﷺ جن هڪ پول جي ڀر ڏئي لنگهيا ته ان پوک جي هاريءَ کين اتان جهار کي هڪلڻ لاءِ چيو. حضورﷺ جن ”والشمس“ وارو رڪوع پڙهيو ته جهار هميشه لاءِ ويندي رهي.

 

[366]

آهير تڏهن ڳالهيو، جڏهن هو گهوڙي مٿي سوار،

گهوٽ ڳالهه قبول ڪئي، جا هن ويهي ڪيو ويچار،

هوت هليا ويا هنگلاج ڏي، ڇڏي ويا ڪونج ڪنوار،

ايءَ آهي قدرت ڪريم جي، ڪيئن ٿا نڀائين ننڍا ٻار،

وير! ڪري ويچار، ڪڍ بيان هن بيت جو.

 

آنهير = هاري. گهوڙو = پيهو.

گهوٽ = حضورﷺ جن. هوت = پکي.

ڪونج = پوک.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[367]

ڄائي کؤن اڳي چار، وڌو هئس سامي سوايو،

منڌ پَسيا ماڳ تي، هن سرس ڪيو سعيو،

لاڳ ڏنائين ٿي لاکيڻيءَ کي، چؤڏس چتايو،

گودڙئي ڏٺا هئا گوهر اتي، هن وري واجهايو،

ڪوٽ هڪڙي قبلي تي، کڻي عاقل اڏايو،

باروتخانو بهوت ڪري، هن ويرين تي وسايو،

هن کي لاهوتي لوڌايو، نه ته هئي ليلان وڏي لاڏ سان.

 

ڄائو کؤن اڳ = پوک ڏانهن اشارو.

ڄار = لوڙهو. سامي = هاري.

منڌ = پوک. پسايا = سلا.

لاڳ ڏيڻ = پاڻي ڏيڻ.

گودڙيو = هاري. ڏٺا هئا = پکين ڏانهن

اشارو. ڪوٽ = پيهو. باروت = کانڀاڻي

۽ ڳوڙها. ويري = پکي. لاهوتي = حضورﷺ جن.

ليلان = جهار.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[368]

وٺو راهه رسول جي، پَڙهو صلواة صحي،

روڪي کڻي رڪيبَ هئا، ٻهڳڻ جهليا ٻئي،

هن گهوڙي گهمائي ڪيتري، هاڻي ٿي لاچار پيو لهي،

مرد ڏٺائين ميدان ۾، واهه جي اَٿس وهي!

تڏهن تلهڙَ تَڙڀيڙَ سان، همت سان هنئي،

گوهر گوءِ کنئي، غازي تڏهن ”غلام محمد“ چئي.

 (غلام محمد)

 

رڪيبَ = کانڀاڻيءَ جا ڪشا.

ٻهڳڻ = هاري. گهوڙي = کانڀاڻي.

مرد = حضورﷺ جن. تلهڙُ = سورة الشمس.

گوهر = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[369]

پنڌرهن هيون پريءَ سان، سورهين ساهيڙي،

سترهون ساجن ڏيئي، کنيو عاشق اُٺائي ڙي،

ٺيڪو تنهن ٺاڪر جو، ڇڏيائين ٺاهي ڙي،

”علي شير“ چئي آهي ڙي، مشهور ڳالهه ملڪن ۾.

 (علي شير جاگيراڻي)

 

پنڌرنهن = پنڌرنهن آيتون. سورهين = بسم الله.

سترهين = اعوذبالله. ساجن، عاشق = حضورﷺ جن.

ٺاڪر = هاري.

 

مراد:  هاري حضورﷺ جن کي چيو ته جهار ٻنيءَ کي ڇڏي نه ٿي. حضورﷺ جن اعوذبالله ۽ بسم الله چئي سورة الشمس جو حلقو ڏنو ته جهار هلي ويئي ۽ وري ان حلقي اندر نه آئي.

 

[370]

ڪَٺي ڏسي ڪامڻ سان، ته سور وڃيس سٽيو،

ڇو ته هيءَ به عاشق انهيءَ تي، هو بيٺو مرد مٽيو،

ڪاڙي وڃي ڪينڪي، اهو لُکن پئي ٿي لَٽيو،

انهي خان به آهي کٽيو، ٿيو بهار ”بخشو“ چئي.

 (بخشو شر)

 

ڪٺي ڏسڻ = پکين ڏانهن اشارو.

ڪامڻ = ٻني. عاشق = هاري.

ڪاڙهو ۽ لُکن ۾ لٽڻ = جهار هڪلڻ.

خان = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[371]

گهڻي ته ڪامڻ هن جي قبضي هئي، پر ڪجهه نار هئس نڪتل،

تنهن کي ويرين اچي ورايو، هن به ڪيا تيز طبل،

ٻڌائونس ڪانه ”ٻروچ“ چئي، ڇو ته نه هئي ايڏي مدعيءَ جي منزل،

جي سڃاڻي ها صوبي کي، ته ائين نه چئي ها عاقل،

ته بلي ڀلي لاٿس ڀُل، ٿيو بهار ”بخشڻ“ چئي.

 (بخشو شر)

 

ڪامڻ = ٻني. قبضي ڪندڙ = ٻنيءَ جو هاري.

نار = ٻنيءَ جي ڪنڊ. ويري = پکي.

تيز طبل = جهار کي هڪلون ڏيڻ.

مدعي جي منزل = ڳوڙهو نه پهچڻ ڏانهن اشارو.

صوبو = حضورﷺ جن. ائين عاقل کي چوڻ = جهار

هڪلڻ ڀلوڙ = حضورﷺ جن.

 

مراد:  هاري پيهي تي چڙهي پکي هڪلي رهيو هو پر ٻنيءَ جا ڪي حصا اهڙا هئا جن تائين هن جي کانڀاڻيءَ جوڳوڙهو يا سندس هڪلون نه ٿي پهتيون. هن آئي وئي کي جهار هڪلڻ لاءِ پئي چيو. اتفاقن حضورﷺ جن به ٻنيءَ جي ڀر ڏيئي اچي لنگهيا. هاري کين نه سڃاڻي جهار هڪلڻ لاءِ چيو. حضورﷺ جن هاريءَ تي رحم آڻي والشمس سورة پڙهي ته جهار هلي ويئي.

 

بُڊي مان حور ٿيڻ:

        چون ٿا ته عربستان جي ويجهو هڪڙي علائقي ۾ محمود نالي هڪ شخص قبيلي جو سردار رهندو هو. اسلام جي واڌاري کي ڏسي اهو اندر ۾ پيو پڄرندو هو. کيس هڪ ڌيءَ ڄائي جا بَڊي هئي. ان کي ڏسي هن خيال ڪيو ته ماڻهو جو محمد جا پوئلڳ ٿيندا پيا وڃن، سو ڇو نه انهيءَ جو آزمودو وٺان. پوءِ ٻيا ماڻهو به ساڻ ڪري مديني ۾ آيو ۽ حضورﷺ جن سان ملي پنهنجي اچڻ جو ذڪر ڪري بڊيءَ جي حقيقت عرض ڪيائين. حضورﷺ جن بڊيءَ جي ڳالهه ٻڌي ڪجهه فڪر ۾ پيا ته وحي جبرئيل نازل ٿيو ۽ حضورﷺ جن کي چيائين ته جنهن صندوق ۾ بڊي پيل آهي، تنهن تي اوهين پنهنجو هٿ گهمايو. حضورﷺ جن ان شخص سان گڏجي سندس طنبوءَ ۾ آيا ۽ بڊيءَ واري صندوق تي هٿ گهمايائون ته اندران هڪڙي ٻار جي ڪلمي پڙهڻ جو آواز آيو، جو سڀني بيٺلن ٻڌو. پوءِ پيتي کوليائون ته ان ۾ هڪ حور جهڙي حسين ڇوڪري ليٽيل ڏٺائون، جنهن جي پيشاني نور جي تجلي وانگر چمڪي رهي هئي. اهو معجزو ڏسي محمود سردار ۽ ٻيا سڀ مسلمان ٿيا.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[372]

ڪري جلهه جلدائي، هليو ڪست منجهئون ڪاهي،

پتل کنيائين پاڻ سان، ڪو لوڪئون لڪائي،

سامهون اچي صراف اڳيان، ڪي ٿو ڳهلو ڳالهائي،

آهي مير مڻئي ۾، ڏي ورنهه وينجهائي،

ايڏي حب ”حاميد“ چئي، آيو آهيان پلئي ۾ پائي،

هاڻي ڏي سالڪ سمجهائي، ته وهواهه ٿئي وڻڪار ۾.

 (حاجي حاميد خاصخيلي)

 

ڪاهي هليو = محمود ڏانهن اشارو.

پتل = بڊي. صراف = حضورﷺ جن.

ڳهلو = محمود سردار.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[373]

رات منجهان ڏينهن ٿيو، پئي پکين منجهه پچار،

آيو ڪاريگر ڪم تي، جو هو حاذق گهڻو هوشيار،

ڏيئي ريهه رمز سان، هُن ترتئون ڪيو تيار،

هنيائينس ڇنو پريت جو، ٿي جوت گهڻي جنسار،

ڏنائينس ٻڙو ٻاجهه جو، ٿي چوڏهين چنڊ چمڪار،

سڀني پريين سلامت ٿي، هوءَ نار ڀري سا نار،

ڪلمون تنهن قلب مان، پڙهيو ڪوڏ منجهان ئي ڪنوار،

ڪري پيو قدمن تي، هو هٿ ٻڌي هيڪار،

آهين دربان تنهنجي در جو، ڪو ساري سڀ ڄمار،

خيال منجهان ”خاصخيلي“ چئي، ٿي لُنءَ لُنءَ منجهه لغار،

اهڙو صاحب رب ستار، جو پتل مان کڻي پارس ڪيئين.

 (حاجي حاميد خاصخيلي)

 

ڪاريگر = حضورﷺ جن. ريهه ڏيڻ = هٿ ڦيرائڻ.

نار = ازي ڄاول بَڊي. هو = محمود بادشاهه ڏانهن

اشارو. پتل مان پارس ٿيڻ = بڊيءَ مان حُور بنجڻ.

 

مراد:  محمود سردار، حضورﷺ جن کي پنهنجي ڌيءَ بدصورت بڊيءَ جي ڄمڻ جو ذڪر ٻڌايو. پاڻ فڪرمند ٿيا ته وٽن وحي جبرئيل آيو ۽ کين صندوق تي هٿ گهمائڻ لاءِ عرض ڪيائين. حضورﷺ جن صندوق تي هٿ گهمايو ته ان اندران ٻار ڪلمون پڙهڻ لڳو ۽ پوءِ پيتي کولي ڏٺائون ته بڊيءَ جي بدلي هڪ حور جهڙي ڇوڪري سمهيل هئي.

 

آيةالڪرسي جو ڪڙو:

        چون ٿا ته هڪڙي مالوند مائي جهنگ ۾ رهندي هئي ۽ سندس مال يا ته چورائجي ويندو هو يا جانور کائي ويندا هئا. هڪڙي ڀيري اتفاقن حضورﷺ جن اتان اچي لنگهيا، مائيءَ کين ڏسي عرض ڪيو ته منهنجو مال چورائجي ٿو يا جانور کايو ٿا وڃن، دعا ڪريو ته انهن آفتن کان مال پناهه ۾ رهي. پاڻ کيس آيةالڪرسي سيکايارئون ۽ چيائونس ته، مال جي چوڌاري ليڪو ڪڍي اها آيةالڪرسي پڙهي ڇڏيندي ڪر.

        چون ٿا ته مائي حضورﷺ جن جي فرمودي موجب عمل ڪري آيةالڪرسيءَ جو مال تي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. پوءِ مال وٽ چور يا جانور ٿي آيو ته ان ڪڙي مان ٻاهر نڪري نه سگهندو هو. بلڪ منڊو ٽنڊو ٿي پوندو هو. انهيءَ ڪري مائي جو مال حفاظت ۾ رهيو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.

 

[374]

سسئي کي سج ۾ سالڪ سمجهايو،

ڪڙو چاڙهيئين ڪوٽ کي، رکي رب سندو رايو،

جيڪو ٿي آيو، سو ڦاٿو ٿي ڦاهي ۾.

 

سسئي = مالوند مائي. سالڪ = حضورﷺ جن.

ڪڙو چارهڻ = آيةالڪرسي پڙهڻ. ڪوٽ = مال جو وٿاڻ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

ڳري پٿر جو هٽڻ:

        هڪڙي دفعي اصحاب سڳورا مديني منوره جي ٻاهران کاهي کوٽي رهيا هئا ته هڪ پٿر ڏٺائون. جنهن کي ڪڍڻ جي گهڻي ڪوشش ڪيائون، پر اهو پنهنجي جاءِ تان اصل نه چُريو. اصحابن سڳورن حضورﷺ جن سان اها خبر ڪئي. حضورﷺ جن پاڻ اتي آيا ۽ چنجور کڻي ان پٿر کي هنيائون ته هڪدم پٿر مان ٽي دفعا شعلا نڪتا. حضورﷺ جن فرمايو ته اسلام به مؤمنن جي ايمان ۽ همت سان دنيا ۾ ائين روشن ٿي ويندو. پوءِ اهو پٿر پنهنجي جاءِ تان آسانيءَ سان هٽي ويو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.

 

[375]

مهميزن سان مير جي، پيو خوب کُلي،

مرد پروڙي مام کي، سچي ڳالهه سلي،

مدت پڄاڻئون ماڳ تي، ويا حملو ڪري نه هلي،

ٿين بيحد ڀي ته ڀلي، هاڙي ۾ ”حجم“ چئي.

 (مير محمد حجام)

 

مير = حضورﷺ جن. پيو = پٿر ڏانهن اشارو.

کُلڻ = تجلا ڪرڻ. مرد = حضورﷺ جن.

سچي ڳالهه = اسلام جي ساري دنيا ۾

روشن ٿيڻ ڏانهن اشارو.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

قيصر بادشاهه جي پشيماني:

        قيصر بادشاهه، حضورﷺ جن تي بيخبريءَ ۾ هٿ اُلاريو هو. پوءِ جڏهن ان کي خبر پئي ته اهي نبي آخرالزمان حضورﷺ جن هئا، تڏهن پشيمان ٿي اهو هٿ وڍي اچي سندس قدمن ۾ ڪريو ۽ معافي طلبيائين. حضورﷺ جن کين معافي عطا ڪري، وڍيل هٿ ٻانهن سان ملائي مٿس ڦيڻي لاٿائون ته خدا جي قدرت سان اهو هٿ اڳيئي جهڙو ٿي پيو. پوءِ ڪيترائي تحفا حضورﷺ جن جي خدمت ۾ رکي روانو ٿيو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.

 

[376]

جت آيو ڪنهن جُوءِ کان، اچي ٻهران ڪيئين ٻاڪار،

سالڪ اٿي ويو سڏ تي، وري انهيءَ وار،

ڪري پيو قدمن تي، ڪيائين فڪر ۾ ڦٿڪار،

اٿي اڳيان وري، نيڻين وهايائين نار،

سائين! هئس اڻ معلوم آدمي، هئي نه خبرچار،

تڏهن دست درازي ٿي، عاشق ڪيم اولار،

جڏهن ساجن سُڌ پيم، تڏهن ڪيم اڱ اتاهين ڌار،

پوءِ هليو آهيان هيڏانهن، ڪيا اٿم ڦٽا ٻچا ٻار،

ڪاهي آيس ڪوڏ مان، الله جي آڌار،

منهنجي محبت توڏي ڪا تَن اندر ٿي تار،

بخش خطائون ڪارڻ خدا، هيڻي کي هيڪار،

پوءِ ته ڏنس لعاب لالڻ، جو ٿيس عضوا اڳئين ڍار،

جڙون تنهن جوان جون، ويون لڳي ري لُهار،

انهيءَ مهل اتي هو، ٿي ويو باغ بهار،

ته اڳ ٻڌم پئي اوڏهين، تنهنجا پرين! اهڙا پار،

هاڻ ته روبرو رنگ ڏٺو اٿم، جاءِ انهيءَ جهونجهار،

بيشڪ تون ڀنڀور ۾، پيو موجون ڪر مختيار،

تون نه آهين حاڪم سڀني هوتن جو، پنهل تان پڳدار،

توکي ڪيئين ڌڻي ڪيچ جو، آريءَ ڏنا اٿئي اختيار،

تولاءِ هي رنگ محل راس ٿيو، جڙيو سان جنسار،

موتيا، گلابي مُگرا، جتي آهي گلن جو گلزار،

مشڪ کٿوريون عطر عنبير، انهيءَ هنڌ گهڻي هٻڪار،

مٺيون ماکيون مصريون، ٿيون وهن نديون ڪوٽ ڪنار،

خاصيون ٻانهيون خدمت ۾، اچن هر رنگ پايو هار،

اتي ٻيا به آهن بنگلا ڀر ۾، چوطرف چوڌار،

اهي به ٿيندا نصيب انهن کي، جيڪي تنهنجا تابعدار،

آڏو هاڙهي حب ۾، بيٺو ڏونگر ڪري ڏهڪار،

جيڪي ني هلندا مرد تنهنجي مرضيءَ تي،

تن کي اهو جبل نه ڏيندو جهلڪار،

لنگهي ويندي لطف سان، تنهنجي ڪوهيارل قطار،

ٻيا تان ٻاهر بيهندا، اچي عرضدار،

وٺندو اضافا اُنِ کان پوءِ ڪاهيندا ڌڻ ڌنار،

تون آهين سهڻو سڀن ۾، عاقل عقلدار، موليٰ موچاري ماڳ تان، توکي خلقيو خلقڻهار،

اول ۽ آخر جي رکيئين ياري توسان يار،

مير! توکي معراج ڪرايئين، درس ڏٺئي ديدار،

ڪيئين توسان ڪچهريون، ڏاڍي خيال خمار،

حورون ملڪ حيران ٿيا، ڏسي سونهن تنهنجي سردار،

موٽي ائين ماڳ تي، اُمت جا آڌار!

ديوان ٻايون دروا هڻيون، ٿيون سهسين ڪن سينگار،

لهي ويا لوڪ ساري جا، گندر غم غبار،

تنهنجو ڪو مٽ نه ڪيائين ”محمد“ چئي، محب مٺا منٺار!

ٻول ٻاروچل پاريندو، جنهن ڪيا توسان سخن سچار،

ڪلمي جي تنوار، ڏوهه بخشيائين ”ڏيرو“ چئي.

 (محمد فقير ڏيرو)

 

جت = سوالي- سالڪ = حضورﷺ جن.

اڱ = عضوو (هٿ)

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

بيمار ٻڪريءَ جو چڱو ڀلو ٿيڻ:

        اُم بعد نالي هڪ بدوياڻي عورت واٽهڙن کي ترسائي کين مهمانيءَ طور کير پياري روانو ڪندي هئي. هڪڙي ڀيري ان مائي جي گهر وٽان حضورﷺ جن لنگهيا ته هن کين ترسايو ۽ رواج موجب کير جو وٽو ڀري پيئڻ لاءِ ڏنائين. حضورﷺ جن اهو پي کيس دعا ڪئي ۽ جيئن ئي پاڻ روانا ٿيڻ لڳا ته مائيءَ کين عرض ڪيو ته منهنجي هڪڙي ٻڪري بيمار آهي. ان کي به دعا ڪريو ته تندرست ٿئي ته ان جو کير مهمانن کي ڪم اچي. حضورﷺ جن ٻڪريءَ تي هٿ ڦيرائي دعا گهري ته اها نه رڳو چڱي ڀلي ٿي، پر ٿلهي متاري، به ٿي پئي پوءِ کيس پنهنجي هٿن مبارڪ سان ڏڌائون.

        چون ٿا ته ان ٻڪريءَ ۾ ايترو ته کير ٿيو جو ڪيترن ئي ماڻهن ان جو کير پيتو ته به گهٽ نه ٿيو. اها ٻڪري انهي برڪت سبب اتي مشهور ٿي وئي.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[377]

پڙهي نه ڪي پوروڙي، اها ديواني دفتر،

کڻي کٿابئون ڇڏي اها، موٽائي ماستر،

هن وڃي قرب ڪيو قاضي سان، جو ساڻي ٿيس سرور،

اها ڪونج کڻي ڪر، ٿي رواني ”روشن شاهه“ چئي.

 (روشن شاهه)

قاضي = حضورﷺ جن. ڪونج = ٻڪري.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[378]

سارنگ آيو سيگهه مان، ڪري ترتئون تياري،

اچي ڪوٽ مر تي، ڪئي بادل بهاري،

ڦٽل پَڊَ ڦلاريا، ٿيا سانوڻ سُڌاري،

صاحب ستاري، ڪئي لحظي ۾ ”لعلڻ“ چئي.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

سارنگ = کير. ڪوٽ عم،ر = ٻڪريءَ جو

اوهه. پَڊَ = ٿڻ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[379]

هو هارپي ۾ هوشيار هئي، پر هن جي وهندي وئي لٽجي،

سڪي وئي صاف سا، ڪنهن سختيءَ کان سٽجي،

نه ڪا ونگا وهي ان تي، نه سا کاٽيءَ سان کٽجي.

هوءَ پوريل پئي پٽجي، ڪنهن همت واري هٿ سان.

هوءَ = ٻڪري. وهندي = کير ڏيڻ.

ونگار وهڻ = ڪوبه علاج نه ٿيڻ. هٿ = حضورﷺ

جن جي هٿ مبارڪ ڏانهن اشارو.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org