سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :2

ڳجهارت جي ڀيٽ ۾ ڏور جي رهاڻ نسبتاً پوئين ويجهي دؤر ۾ شروع ٿي. ائين چئي سگهجي ٿو. ته ڏورن جي ڪچهري غالباً ٽالپري دؤر کان وٺي عام رائج ٿي، ڇو ته سواءِ شاهه جي ’رسالي‘ ۾ آيل ڪن بيتن جي (1). ڏور جا ٻيا بيت جي هن وقت ڪچهرين ۾ رائج آهن سي پوئين ويجهي دؤر جي شاعرن جا چيل آهن. مثلاً هن ڪتاب ۾ جن شاعرن جا ’بيت‘ شامل آهن تن مان موريو کٽي غالباً سڀني کان اڳ جو آهي. پر سگهڙن جي روايتن مان ائين لڳي ٿو ته موريو کٽي پڻ ٽالپرن جي آخري دؤر جو سگهڙ هو. ۽ غالباً انگريزن جي اوائلي دؤر ۾ پڻ جيئرو هو. موريو کٽي ڳوٺ ممون ڌُون (لاڙڪاڻي) جي، غلام محمد ڪلهوڙو ڌامراهن (لاڙڪاڻي) جو، سبحان شاهه سنهن ستابي (تعلقي گنبٽ) جو، علي بخش جوڻيجو خانپور (خيرپور) جو اتر ۽ ان وقت ڏور جا وڏا شاعر هئا.

        بهرحال جيئن ته ڏورن جي ڪچهريءَ جي عمر ٿوري ٿئي انهيءَ ڪري گذريل دؤر ۾ ان ۾ ڪي خاص اضافا ڪين ٿيا. ڪي سگهڙ جيڪي علم وارا هئا تن اڳين نبين توڙي نبي  ۾ تمثيل جي پردي ۾ بيان ڪيو. پر اهڙا سگهڙ ڪي ٿورا هئا: عام طور قصص الانبياء يا حڪايتن ۽ معجزن جي ڪتابن ذريعي جيڪي روايتون راوين جي زباني ويتر وڌيڪ مٽجي سٽجي ٻين جي ڪنن تائين پهتيون، تن کي ويچارن سگهڙن ويهي پنهنجي ڏور جي بيتن جو موضوع بنايو. اصلي ڳالهه جا ڪي ٽاڻا ۽ اهڃاڻ جيئن کين خيال ۾ آيا تيئن پنهنجن بيتن ۾ بيان ڪيائون، ۽ ’اصل‘ ’نقل‘ جو ايترو خيال ڪونه رکيائون. سندن بيت سٽاء ۾ سڌا سنوان ۽ ڳولڻ ۾ سولا هئا.

        پويون ويجهو دؤر جو اندازاً چاليهه- پنجاهه سال کن اڳ شروع ٿيو. تنهن ۾ ڏور جي ڪچهري وڌيڪ ترقي ڪئي. سگهڙن هڪٻئي جي بيتن کي تورڻ تڪڻ شروع ڪيو ۽ بيتن جي خامين ۽ اوٺاين تي ڪچهرين ۾ بحث مباحثا ڪيائون. ’لاڙ‘ جي سگهڙن کان اڳ اتر جي سگهڙن، ڏور جي بيتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ’اصل‘ ۽ ’نقل‘ کي پوريءَ طرح ملائڻ وارو نڪتو نروار ڪيو. لاڙ جي ڪن سڄاڻ سگهڙن پڻ اهو محسوس ڪيو هو ته هر ماڻهو جو جيترو مانُ ۽ مرتبو هجي اوترو ئي بيت ۾ بيان ڪجي. ٻيڙي فقير ٻڌايو ته، سگهڙ امين فقير ڪوري (ويٺل ’ونهين جو ڳوٺ‘ لڳ ڀاڻوٺ، تعلقو هالا) هڪ ڪچهريءَ ۾ پنهنجو هڪ ڏور جو بيت ڏنو جنهن ۾ چيائين ته: ”لائق پنهنجي لشڪر تي، ڪئي چنيسر چڙهي. ”انهيءَ تي سگهڙ محمد فقير ڏيري چيس ته چنيسر لائق ڪيئن ٿيو؟ چئو ته: ”لغور پنهنجي لشڪر تي، ڪئي چنيسر چڙهي.“ محمد فقير جو هن تنقيد مان ظاهر آهي ته نقل ۾ آيل ڪردار جي مرتبي کي اوترو ئي بيان ڪجي جيترو هجي. پر اڃا به ان کان اڳتي وک وڌائڻي آهي، يعني ته ’نقل‘ ۾ جيڪو ڪردار آهي ان کي ’اصل‘ واري ‘ڪردار‘ سان ڀيٽي، ٻنهي جي مرتبي مطابق بيت چوڻو آهي. ”اصل“ ۽ ”نقل“ کي ملائڻ جي اها ڳڻ اتر جي سگهڙن کان شروع ٿي ۽ جن وڏن سگهڙن انهيءَ ملوڪت کي نباهيو ۽ ان تي زور ڏنو سي هئا جانڻ کٽي. سرهو جاگيراڻي، خدابخش ٻرڙو، راوَت ٻرڙو، ۽ جلال ڀٽو (1)

ڏور جي ڪچهريءَ جا قانون

        موجوده دؤر ۾، مگر ڏهه پندرنهن سال اڳ، اسان ڏٺو ته ڳجهارت جي ڀيٽ ۾ ڏور جي رهاڻ گهڻو وڌيڪ مقبول هئي، ڇاڪاڻ جو ڳجهارت جي ڪچهري باوجود پنهنجي جاذبيت جي اجائي لِڪ ۽ بيجا بحث سببان ٻاڙي ٿي پئي هئي. پوين ڏهن پندرنهن سالن ۾ ڳجهارت جي ڪچهري پڻ اڳئين کان وڌيڪ مقبول ٿي آهي. مگر جيئن ته ڏور جي رهاڻ سگهڙن توڙي سڻندڙن لاءِ وڌيڪ سولي آهي، انهيءَ ڪري ان ڏانهن اڃا تائين وڌيڪ لاڙو آهي. گذريل چاليهن پنجاهن سالن واري دؤر ۾ وڏن وڏن سگهڙن ڏور جي ڪچهريءَ ڏانهن ڌيان ڏنو ۽ ان کي وڌائڻ خاطر ڪي قانون تجويز ڪيا جن تي جيتوڻيڪ پورو عمل ڪونه پئي ٿيو آهي مگر ڪچهريءَ جا اهي اصول نالي وارن سگهڙن وٽ تسليم ٿيا آهن. اسان اڳئين سگهڙن جي راين توڙي موجوده دؤر جي ضرورتن کي مدنظر رکي اهي اصول هيٺ ڏيون ٿا.(2)

        1- ڏور جــي ڏي وٺ کــي ڀــري ڪچهري لاءِ سينگارجي: ٻن چئن سگهڙن جي ڪنڊ پاسي واري رهاڻ ٻاڙي آهي. ڀري ڪچهريءَ ۾ سگهڙ سڄي ڪچهريءَ کي سامهون ٿي بيهن، پوءِ ڏيندڙ وڏي سڏ بيت چون ۽ ڳوليندڙ بلند آواز سان ڳولين، جيئن سڄي ڪچهري سڻي، ڏيندڙ توڙي وٺندڙ سگهڙ ائين سمجهن ته هو ڀري ڪچهريءَ جي آڏو پنهنجو گل پيش ڪري رهيا آهن ۽ انهيءَ ڪري بحث ڇڏي چاهه ۽ محبت سان ڏي وٺ ڪن جيئن ٻڌندڙ به وڏي چاهه سان ڪچهري سڻن. ڳولو اهڃاڻ ڏيندي وڃي ’بيت‘ کولي ته ڏيندڙ ”واهه واهه“ڪري ۽ اڳتي وڌي وڃي ڳولي سان هٿ ملائي، ڏارو ڏئي يا ڀاڪر پائي شاباس چئي، جيئن سڄي ڪچهري ڏسي ۽ ڳالهه جو انصاف ٿئي.

        2- ڪچهريءَ کي زيب وٺائڻ ۽ بحث کي هٽائڻ خاطر هڪ سگهڙ کي ’امين‘ مقرر ڪجي: ڏي وٺ ڪندڙ ٻئي ڌريون هڪ ’امين‘ مقرر ڪن جو ڏور جي ڏي وٺ مان پوري طرح واقف هجي. ڏيندڙ ڏور ڏيئي بس ڪري، ته ’امين‘ فيصلو ڏيئي بحث کي هٽائي ۽ ڪچهريءَ کي مچائي زيب وٺائي. سگهڙ پڻ امين جي فيصلي کي فوراً قبول ڪري منڊل مچايون بيٺا هجن.

        3- ڏيندڙ اهڙو ڏور ڏئي جو صحيح ’حديث‘ تي هجي ۽ جنهن ۾ ’اصل‘ ’نقل‘ پورو مليل هجي: ڏيندڙ سگهڙ ڀري ڪچهريءَ ۾ اهڙو ڪچو بيت نه ڏئي جو عام روايت تي ٻڌل هجي، ۽ اهڙو بيت به نه ڏئي جنهن ۾ ’اصل‘ ’نقل‘ مليل نه هجن. اهي ٻئي ڳڻ واريون ڳالهيون آهن جن جي نون سيکڙاٽ سگهڙن کي خبر نٿي پئي. اهڙيءَ حالت ۾ ضروري آهي ته پنهنجي ڌُر جي وڏي سگهڙ کان تصديق وٺي پوءِ ٻيءَ ڌر جي آڏو بيت پيش ڪجي. سگهڙن وٽ اهو تسليم ٿيل آهي ته ڏور جو بيت ’صحيح حديث‘ تي هجي، پر ان مان عام طور اها مراد هوندي آهي ته ’مشهور‘ يا ’ٻڌل ڳالهه‘ بابت هجي. انهيءَ ڪري ڏور جي ڪچهريءَ جو عام دستور اهو آهي ته ڏور اهڙو ڏجي جنهن جي ڳالهه جي ڪچهريءَ ۾ ويٺل سگهڙن کي خبر هجي.

        4- ڏيندڙ کولي ظاهر ڪري ته ڏور ڪهڙي حد اندر آهي: بيت چوڻ کان پوءِ ڏيندڙ لاءِ لازمي آهي، ته هو کولي ٻڌائي ته ڏور سوا لک، پنجتن، امامت، وليت يا قدرت ۾ آهي.

        5- ڳوليندڙ کي گهرجي ته بيت ڪن ڏئي ٻڌي ۽ دل سان هنڊائي، جيئن ڏيندڙ کان وري وري چوائي مٿو نه کپائي: ڏيندڙ بيت چوي ته ڳولو ڌيان سان ٻڌي، ۽ ٻڌڻ شرط ان جو وچور ڪري ته بيت ڇا ٿو چوي ۽ ڪيئن ٿو چوي؟ ڪهڙا ڪهڙا ڪردار آهن ۽ هڪٻئي سان سندن ڪهڙو تعلق آهي؟ وچور ڪرڻ وقت هڪ دفعو ڀل ڏيندڙ کان ٻيهر چوائي، ۽ ان وقت ڪوشش ڪري بيت جو گهر هٿ ڪري، يعني ته جيڪو خاص نڪتو هجي ان کي سمجهي. بيت ڊگهو هجي ته ڀل ٽيهر چوائي. ضرورت کان وڌيڪ طلب ڪرڻ سگهڙ ڳولي لاءِ عيب آهي، پنهنجو ڌيان نه ڏيڻ باقي وري وري بيت چوائڻ نه فقط مٿو کپائڻو آهي. پر ڪچهريءَ جو زيب گهٽائڻو آهي.

        6- جيڪڏهن سهڻ اسهڻا ڌڪ جهلي به ”بيت“ بيهي وڃي ته ڳولي کي جڳائي ته ”شاهد“ طلب ڪري، ۽ ڏيندڙ کي گهرجي ته شاهد جي آڇ ڪري: ڪچهريءَ کي ڪنهن به حالت ۾ ٻاڙو نه ڪرڻو آهي. جي بيت سهڻا ڌڪ جهلي وڃي ته ان جو انصاف ڪجي. سگهڙ ڳولي کي جڳائي ته اول اندر جي قاضي کان پڇي، پوءِ ’شايد‘ طلب ڪري، پر اجائي ڊيگهه ۽ ڇڪتاڻ ڪري ڪچهري کي ٻاڙو نه ڪري، جي ڳولو حجاب ۾ رهجي وڃي ته ڏيندڙ کي گهرجي ته ’شاهد‘ جي آڇ ڪري جيئن ڪچهريءَ جو رس قائم رهي. بيشڪ پهرين ڳولا سان بيت ڪڍڻ جو انصاف ’سڄو رپيو‘ آهي، پر ’شاهد‘ کان پوءِ بيت ڪڍڻ جو انعام به ٻارهن آنن کان گهٽ ڪونهي.

        7- بيت جي نڪرڻ بعد، ڏيندڙ سگهڙ بيت جي مراد ڪري: جڏهن ڳولو بيت ڪڍي ته پوءِ ڏيندڙ سگهڙ ڏور جي حيثيت ڪري يا بيت جي مراد ڪري يعني ته بيت جي ڳالهه ڪري يا بيت جو بيان ڪري. جيڪڏهن بيت نه نڪري ۽ بيهي وڃي ته به ڳولن جي تقاضا تي ڏيندڙ سگهڙ بيت جي مراد ڪري، انهيءَ لاءِ ته سڄي ڪچهري سڻي، ۽ سگهڙن کي پڻ اصل ۽ نقل جي صحت ۽ مطابقت بابت خاطري ۽ تصديق ٿئي.

موجوده دؤر ۾ ڏور جي ڪچهري

        اسان مٿي چئي آيا آهيون ته گذريل ويجهي دؤر ۾، جو چاليهه- پنجاهه سال کن اڳ شروع ٿيو، ڏور جي ڪچهريءَ وڏي ترقي ڪئي. مگر گذريل پندرهن- ويهن سالن واري هن موجوده هلندڙ دؤر، ڏور جي ڪچهري ويتر وڌيڪ ترقي ڪئي آهي. موجوده دؤر جا سگهڙ ’ڏور جي شاعري‘ توڙي ڏور جي ڳول ۽ اڳين سگهڙن کان وڌيڪ پڪا پختا آهن. حاجي فقير مهيسر چيو ته: اڳ ڏور وڌيڪ ظاهر هوندي هئي، يعني ته شاعر بيت ۾ ايتري گهڻي لڪ نه ڪندا هئا، ٻيو ته عامي روايتن تي هوندي هئي ۽ حديث سان مليل نه هوندي هئي، ۽ ٽيون ته اڳيان شاعر اصل ۽ نقل جو پورو خيال نه رکندا هئا: حالانڪ ’اصل ڳالهه‘ ۾ کڻي ”ماءُ پيءُ“ واري نسبت هجي. اڳ شاعر ڪو ڪو هوندو هو. هاڻي گهڻا آهن. جن ۾ چونڊ چڱا ڪي آهن، پر جيڪي ڪچهرين ۾ ڳڻيل آهن سي سڀ چڱا آهن. ا – هه

        اڳئين شاعرن جا بيت سنوان سوڌا هوندا هئا، ۽ ’اصل ڳالهه‘ ۾ آيل فقط مردن ۽ عورتن جي ڪردارن کي ئي پن ۽ پردي سان ڏور جي بيت ۾ بيان ڪندا هئا.. جيئن وقت گذرندو ويو ته شاعرن اهڙن اصلي اُهڃاڻن تي ڏور ٻڌا، جن ۾ ماڻهن (مرد يا عورتن) سان گڏ ڪي شيون به هيون، پر لڪ خاطر سگهڙن پنهنجي بيتن ۾ ماڻهن سان گڏ ’شين‘ کي به ’انساني‘ ڪردارن جو پوش پهرائي پيش ڪيو. مثلاً:

جا جڪ آيو جوءِ ۾، پڙ مٿي پهلوان
تنهن اچي ماري سڀ مڃائيو جيڪو سورٺ جو سامان
هڪڙي جوان جواب ڪيس جو ٿيو سورهيه ۽ سلطان
انهي نر سندو نيشان، آهي اڃا تائين ’احمد‘ چوي.

        حضرت نوح عليہ السلام جي طوفان واري واقعي بابت هڪ عام مگر مشهور روايت آهي ته هڪ ٻڍڙي مائي پنهنجي رڍن سميت زمين تي رهجي وئي، جنهن کي قدرت هڪ وڏي شاهي ڦوٽي يا بوڙيي هيٺ محفوظ ڪري بچائي ڇڏيو.  هاڻي سگهڙ لڪ خاطر، حضرت نوح عليہ السلام يا ٻڍڙيءَ جي بدران بيجان شين کي، جهڙوڪ: طوفان، زمين، اهو وڏو پاڻي جو ڦوٽو ۽ ٻيا اڄوڪا ڦوٽا جي ڄڻ ان جي يادگار آهن. پنهنجي بيت ۾ انساني پوش پهرايو آهي يعني ته انهن کي جاجڪ (طوفان)، سورٺ (زمين) هڪڙو جواب (شاهي ڦوٽو) ۽ ان جي نشان (جر ڦوٽا، جي هن وقت موجود) سڏيو آهي. انهيءَ انوکي تمثيل ذريعي هن پنهنجي بيت کي لڪايو ته جيئن ڳولو ان کي سولائي سان ڪڍي نه سگهي. اهو بيت پوئين گذريل دؤر جي احمد نالي سگهڙ جو چيل آهي، جيئن ته سگهڙ سهائي فقير موچي، جنهن جي عمر نوي سالن کان مٿي هئي، تنهن جو بيت ٻيڙي فقير ڪنڀر کي ٻڌايو.(1)

        هن بيت مان ظاهر آهي ته گذريل دؤر جي ڪن شاعرن پڻ بيتن ۾ لِڪ ڪئي. ان جو سبب اهو هو، جو جيئن ڳولا وڌيڪ هوشيار ٿيندا ويا. تيئن ڏور جي شاعرن پڻ بيتن تي ڪک رکڻ شروع ڪيا. موجوده دؤر ۾ جيئن ته ڳولن جا ذهن گهڻو تيز ٿي ويا آهن ته شاعرن به بيتن کي لڪائڻ ۾ ڪا ڪثر ڪانه ڇڏي آهي. انهيءَ لڪ خاطر هو اڪثر بيجان شين کي انساني پوش پهرائي لڪ ڪن ٿا: مثلاً ”راند“ کي ”عورت“ يا ”زال“ چوندا، حالانڪ اڳيان سگهڙ ان کي ”ڪار“ يا ”اٽڪل“ چوندا هئا. اسان پنهنجين ڪچهرين ۾ ڏٺو ته سگهڙ علي شير جاگيراڻي بيت لڪائڻ ۾ وڏو استاد هو، ۽ بيت ۾ اهڙو ته وٽ سَٽ رکي ڇڏيندو هو. جو ڳولي کي گس ئي هٿ نه ايندو هو. ٻيڙي فقير ڪنڀر چيو ته ڪنڊڙي (ضلعو خيرپور) ۾ سگهڙن جي ڪچهري ٿي، جنهن ۾ علي شير هيٺيون بيت ڏنو جو بيهي ويو، ۽ اسان کي نڪتو نه ٿيو:

پندرهن هيون پريءَ سان، سورهين ساهيڙي
سترهون ساجن ڏيئي کنيون، عاشق اُٺائي ڙي
ٺيڪو تنهن ٺاڪر جو ڇڏيائين ٺاهي ڙي
علي شير چئي آهي ڙي، مشهور ڳالهه ملڪن ۾

        هن بيت ۾ سگهڙ ”والضحيٰ“ سورة کي ”پري“ سڏيو آهي ۽ ان جي پندرنهن آيتن، سورهين ”بسم الله“ ۽ ”سترهين“ ”اعوذبالله“ کي بيت ۾ آڻي ان کي ڏکيو بنايو آهي. بيت جي مراد صفحي 494 تي ڏسي سگهجي ٿي.

        علي شير جاگيراڻي ۽ حاجي فقير مهيسر هن دؤر ۾ ڏور جا استاد شاعر آهن (1) اڄ کان پندرهن سال اڳ هنن سگهڙ شاعرن ڪچهرين ۾ جيڪي ڏور ڏنا سي به چڱي خاصي لڪ وارا هوندا هئا، پر جيئن پوءِ تيئن هنن بيتن لڪائڻ ۾ دنگ ڪري ڇڏيو آهي. اڪثر بيجان شين ۽ انهن جي وصفن ۽ ڀاڱن کي اهڙي ته رمز سان انساني جامو پهرائي لڪائي ڇڏيندا. جو ڳولو ”اصل ڳالهه“ واري طرف رخ ئي ڪونه ڪندو. هرڻي جي معجزي واري ڳالهه عام مشهور آهي پر اسان ٻن ڪچهرين ۾ ڏٺو ته حاجي فقير هن مشهور ڳالهه کي پڻ پنهنجن بيتن ۾ اهڙو ته لڪائي ڇڏيو جو قابل ڳولن لاءِ به ڳولڻ ۾ ڏکيا ٿي پيا. اڄوڪن شاعرن اڃا به اڳتي وک وڌائي آهي، جو بيت جي سٽ سٽ ۾ اصل ڳالهه جي اهڃاڻن تي اهڙو ته پردو رکي ٿا ڇڏين. جوب ڀل ته ڳولو وڃي بيت جي مٿان پوي (يعني مراد واري ڳالهه کي سمجهي). پر تنهن هوندي به هن کي سٽ سٽ جو مذڪوره سمجهائڻ مشڪل ٿي پوي.

        اڄ جا سگهڙ شاعر اڳين شاعرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پڪين ۽ مشهور روايتن تي بيت چون ٿا مگر تنهن هوندي به بلڪل صحيح ۽ تاريخي واقعن ۽ حقيقتن تي ڏور ٻڌڻ جي اصول تي ايترو عمل نه ٿيو آهي. اسان پنهنجين ڪچهرين ۾ ضعيف روايتن بدران صحيح ۽ تاريخي واقعن تي ڏور ڏيڻ کي ترجيح پئي ڏني آهي، ۽ پڻ سگهڙن کي ترغيب ڏني آهي ته هو نبي ﷺ ۽ صحابه ڪرام جي سوانح بابت عالمن جا لکيل ڪتاب پاڻ وٽ رکن ۽ انهن ڪتابن ۾ آيل اهڄاڻن بابت ڏور ٻڌن. انهيءَ هوندي به انهيءَ ڏس ۾ اڃا وڌيڪ احتياط جي ضرورت آهي. ٻيو ته اسان هڪ ڪچهريءَ ۾ حاجي فقير مهيسر ۽ ٻيڙي فقير ڪنڀار جي ڌيان ڇڪايو ته ڏور جي ڪچهريءَ کي وڌيڪ ترقي وٺائڻ خاطر ”ڳالهه“ کان قدم وڌائي ”خيال“ کي ڏور جي بيت جو مرڪز بنائجي. مثلاً ”نبي ڪريم ﷺ جي آئي جهل جي اونداهي هميشه لاءِ ختم ٿي وئي ۽ علم جي روشنائي سڄي جهان کي روشن ڪري ڇڏيو“- اهو هڪ خيال آهي، جنهن تي ڏور جو سهڻو بيت چئي سگهجي ٿو.

مواد جي سهيڙ ۽ ترتيب 

        سنه 1957ع ۾ جيئن ئي ”لوڪ ادب تجويز“ تي ڪم شروع ٿيو ته ڏور جي مواد گڏ ڪرڻ تي توجهه ڏنو ويو. ڪوشش ڪئي ويئي ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مواد گڏ ڪيو وڃي. ”ڏور“ جون مختلف روايتون جمع ٿي سگهن ۽ هن فن جو پورو جائزو وٺي سگهجي. جڏهن ڪارڪنن وٽان مواد پهچڻ لڳو ته ڪن بيتن جي سٽاءَ توڙي مراد وارين روايتن ۾ نقص نظر اچڻ لڳا. انهن جي اصلاح کان بنده راقم محسوس ڪيو ته اول آءٌ بذات خود ڏور جي حقيقت ۽ ڏور جي ڪچهري جي ملوڪت کان واقف ٿيان. انهيءَ مقصد خاطر 1958ع کان وٺي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪچهرين جا سلسلا قائم ڪيا ويا ۽ ڏور جي رهاڻ کان ايتري واقفيت حاصل ڪئي وئي جو ڏور جي بيت ٺاهڻ ۽ قدري بيت کي ڳولڻ جي صلاحيت پيدا ٿي.

          ان کان پوءِ هن ڪتاب جي مواد کي مختلف ڀاڱن ۾ ورڇي تاريخي سلسلي مطابق مرتب ڪيو ويو. اول هر مکيه واقعي جي وضاحت ڪئي ويئي آهي ۽ ان کان پوءِ ان سان لاڳاپيل ڏور ڏنا ويا آهن. انهيءَ لاءِ ته مراد کي سمجهڻ لاءِ سولائي ٿئي.

        مواد جي سهيڙ دوران اندازاً ٽي هزار کن ڏور جا بيت گڏ ٿيا، جن کي ڀيٽي، ڇنڊي ڇاڻي، بالا آخر ساڍا ڏهه سئو ڏور چونڊيا ويا، جي هن ڪتابن ۾ شامل آهن. انهن مان ست سئو ڇهه ڏور شاعرن جي نالي سان آهن ۽ ٽي سؤ چوئيتاليهه بنا نالي آهن. جملي شاعر جن جا نالا بيتن ۾ موجود هئا. تن جو تعداد هڪ سؤ ايڪونجاهه هو. جن مان هڪ سئو ٽن شاعرن جو پتو لڳايو ويو ۽ ڪتاب جي آخر ۾ سندس سوانح بابت مختصر اهڃاڻ قلمبند ڪيا ويا آهن.(1)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org