دائي حليمان ٻين داين سان گڏجي گڏهه تي سوار ٿي،
ڳوٺ ڏانهن واپس ٿي، ته اهو ساڳيو گڏهه جو ٻين گڏهن
کان پويان پيو هلندو هو. سو سڀني جي اڳيان تکو تکو
هلڻ لڳو. اها حالت ڏسي سڀ دايون تعجب سان ڏسنديون
رهيو.
دائي حليمان حضورﷺ جن کي کڻي گهر آئي.
سندس اُرهه جي هڪڙي ڇاتيءَ جي پاسي ۾ ٿڃ نه ٿيندي
هئي، باقي ٻئي پاسي ٿورو گهڻو کير ٿيندو هوس.
انهيءَ ڪري هن اُرهه جو کير وارو پاسو حضورﷺ جن کي
ڌائڻ لاءِ ڏنو، مگر پاڻ ان ۾ وات مبارڪ نه وڌائون
۽ ٻئي پاسي ڏانهن لاڙو ڪيائون. دائي حليمان سندس
اهڙو لاڙو ڏسي کين اهو پاسو ڏنو. ان ۾ وات وجهڻ
سان کير ۾ اهڙي برڪت آئي جو سندس پيئڻ کان زياده
ٿي ويو. اهو معجزو ڏسي دائي حليمان مٺڙي محمد ڏي
نهاريندي سرهي پئي ٿيندي هئي.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.
[18]
ڪونجهون هليون ڪاڪ تي، ڇڏي ٻچا ٻار،
ڪن کي جوئر ملي جهولي ۾، ڪن کي ڪڻڪ ملي ڪلدار،
هوءَ هئي مڙن کؤن مهندا، جنهن کي ماڻڪ مليو
”موريو“ چئي.
(موريو)
ڪونجون = دايون. ماڻڪ = حضورﷺ پاڪ.
هوءِ = دائي حليمان ڏي اشارو.
مراد:
دايون جڏهن پنهنجي ڳوٺ مان نڪري، مڪي ۾ پهتيون، ته
ڪن کي اميرن جا ٻار مليا ته ڪن کي وچولي طبقي وارن
جا، مگر دائي حليما کي حضورﷺ جن حصي ۾ آيا. جڏهن
واپس ڳوٺ ڏانهن ٿيون، تڏهن سندس ڏٻرو گڏهه سڀني جي
اڳيان ٿي ويو ۽ پاڻ به ٻين داين جي اڳواڻ ٿي.
[19]
وس ڪري پئي ريچاري، پر گسائي پيو گرڙو،
سجهندو هو سياڻيءَ کي، هڪ غريب جو گهرڙو،
ٻولي ٻڌي ٻهڳڻ جي، ٿيس ذوق سندو ذرڙو،
وڃي ڪامڻ وڌو ڪار کي، جا هلندي هئي هرڙو،
تنهن جو باغ بهاريو، ڪلني کؤن ڪرڙو،
ويو ٽڪيون هڻي تڙڙو، هوت محابي ”حاجي“ چئي.
(حاجي مهيسر)
ويچاري = دائي حليمان. غريب = حضرت
عبدالله. ٻهڳڻ = نبيﷺ پاڪ.
ڪامڻ = دائي حليمان. باغ = اُرهه.
مراد:
دائي حليمان هڪ اڀري گڏهه تي چڙهي مڪي ڏانهن ٿي
آئي ته اهو ٻين جي پويان گهلبو ٿي هليو، جڏهن مڪي
۾ آئي ۽ کيس جڏهن حضورﷺ جن جي ڄمڻ جي خبر پئي،
تڏهن حضرت عبدالله جي گهر اچي کين نپائڻ لاءِ
ورتائين. پوءِ ته سندس سڪل اُرهه ۾ کير جي برڪت ٿي
پيئي. هوڏانهن وري حضورﷺ جن جي سواري هيٺ دائي
حليمان جو گڏهه
موٽندي مهل
ٻين کان پنڌ ۾ اڳرو ٿي، خوشيءَ ۾ ڪڌندو هليو.
[20]
ڀاڳ رهائي پوئتي، هئي نڌر نماڻي،
واري ويس وٿاڻن تان، ڪري ڪهاڻي،
ڳالهه ٻڌي ڳري وئي، ويتر ويڳاڻي،
مليس جانب ”جاگيراڻي“ چئي، وريس ورياڻي،
خان اها کاڻي، لال ته لاهوتي ڪئي.
(جيئل جاگيراڻي)
نماڻي = دائي حليمان. جانب = حضورﷺجن.
مراد:
دائي حليمان جو گڏهه اڀرو هو، تنهنڪري هوءَ سڀني
کان پوئتي رهجي ويئي. ٻين داين کي اميرن جا ٻار
مليا، مگر ان کي ڀاڳ ۾ حضورﷺ جن نپائڻ لاءِ مليا.
نصيب هن جي يا وري ڪري کيس ٻنهي جهانن ۾ عزت بخشي.
[21]
لڳي ماٺ منڌ کي، هاڻي ڪيئن ڪري،
ٻڌي ڳالهه ”ٻروچ“ چئي، سا پئي ڳچ ڳري،
ڪيئن ڪري ڪاڏي وڃي، ويندڙ ڪين وري؟
سائين سبب ڪري، لاٿا غم غريب جا.
(لعلڻ خان لغاري)
منڌ = دائي حليمان. غم لاهڻ = حضورﷺ جن
جو کيس نپجڻ لاءِ ملڻ.
مراد:
مڪي جون ٻيون دايون، دائي حليمان تان هميشه ٽوڪون
ڪنديون هيون، هوءِ هڪ غريب عورت هئي ۽ وٽس ڪو سگهو
سواريءَ جو وهٽ به ڪونه هو، ان کانسواءِ کيس ٻار
لاءِ ٿڃ به پوري سوري هئي ته گهڻو ڪري ڏکاري ٿي
واپس ويندي هئي. جڏهن نبي صلعم جن ڄاوا ته هن جي
نصيب ۾ آيا، پوءِ هن جا سڄي عمر جا ڏولاوا لهي
ويا.
[22]
چنڊ ڏٺو عيد ٿي، منهنجي روح پسي ڪيو آ رَڄ،
عيد ٿي آ اَڄ، اڳ ڏٺي هيم ڪانه ڪا.
چنڊ = حضورﷺ جن. منهنجي = دائي
حليمان ڏانهن اشارو.
مراد:
جڏهن دائي حليمان حضورﷺ جن کي کڻي هٿن ۾ جهليو،
تڏهن نينگر ۾ نُور جي تجلي ڏسي دل ۾ چوڻ لڳي ته
مون ڪئين ٻار نپايا آهن، پر ههڙو نوراني ٻار اڳ
ڪڏهن به نه ڏٺو اٿم. اڄ منهنجي اکين ڄڻ عيد ڪئي
آهي.
[23]
منڌ کي ماٺ لڳي ۽ وٺي ويس ويچار،
بيوس يار ”بلوچ“ چئي، ڇئي نيڻين وهائي نار،
باريءَ لاٿس بار، لحظي ۾ ”لعلڻ“ چئي.
(لعلڻ خان لغاري)
منڌ = دائي حليمان. ويچار وٺڻ = حضورﷺ جن
جو هٿن تان کڄي وڃڻ جو خيال ٿيڻ.
بار لهڻ = حضورﷺ جن جو واپس اچڻ.
مراد:
فرشتا حضورﷺ جن کي دائي حليمان جي هٿن مان کڻي عرش
عظيم تي ويا ۽ اُتي کين آب ڪوثر مان غسل
ڪرائي، بهشتي
پوشاڪ پهرائي موٽائي ساڳيءَ جاءِ تي ڇڏي ويا.
[24]
سسئي کي ساڙيهه ۾، اچي ٿي چور پچور،
ٻڌي وائي ونهيين جي، هوءَ ڪامڻ ٿي ڪمزور،
ٻڌي ترهو توڪل جو، منٿ ڪيائين مور،
پوءِ دهرا ڪيائين دور، وٺي هوت ”حجم“ چئي.
(حجم)
سسئي = دائي حليمان. ونهيا = امير ماڻهو.
هوت = حضورﷺ جن.
مراد:
دائي حليمان جڏهن ٻڌو ته سڀني داين کي اميرن جا
ٻار پالڻ لاءِ مليا آهن، پر مون کي هڪڙو غريب پکئي
پيو آهي، تڏهن دل ۾ خيال ٿيس. پر پوءِ جڏهن حضورﷺ
جن سندس جهوليءَ ۾ آيا ۽ سندن معجزا ڏٺائين تڏهن
تمام خوش ٿي.
[25]
ڪنهن لاري لاکيڻين وڌو. هئجهن کي هُرڪي،
نه ٿيون هڏ هماء جي، ويون ڀئي ڪنهين ڀَرڪي،
هن آسرونديءَ اوڙو ڪيو، ”جانڻ“ چئي جهُرڪي،
پاسي پارس جي لڳي، ڇاڪ ويس چُرڪي،
ويس وهمن راتڙي، صبح ڄايس سُرڪي،
لکي هئس لوح ۾، ڪا ٻاجهه ڀري ٻُرڪي،
اُٺڙس ڇول چران ڪري، ڪونجهڙيون ڪُرڪي،
جيڪا ڪين سيباڻي سٿ ۾، اڄ بيهنس نا ڀَرڪي،
راڄ ڳهيلي راڄ ۾، راڄٺُل ٿي رڄڪي،
پوءِ مياڻيءَ ۾ مرڪي، ٿي سنگهران سون جون.
(جانڻ)
لاکيڻيون = دايون. هنجهه = ٻار.
هماء = محمد بن عبدالله.
هن = بيبي حليمان ڏانهن اشارو.
پارس = نبيﷺ. ڪونجڙيون = دائي
حليمان جون بريون ٻڪريون.
سٿ = ٻيون دايون. راڄُل = دئي حليمان.
مراد:
دستور موجب ٻهراڙيءَ جون دايون مڪي جي اميرن جا
ٻارڙا پالڻ لاءِ کڻي وينديون هيون. حضورﷺ جن جي
گهر ڪابه دائي ڪانه وئي، ڇاڪاڻ ته هو يتيم ۽ غريب
هئا، جنهنڪري داين کي اتان انعام گهٽ ملي ها فقط
دائي حليمان
اچي نبيﷺ جن کي کنيو. خدا جي قدرت سان سندس ٻڪريون
به سڱويون ان بعد سڀڪو وٽس ٻار نپائڻ لاءِ آڻيندو
هو.
[26]
ڪيئي ڪونجان آئيون، پر پکي، ان جي نه پيو،
جڏو هيس ”جاڙو“ چئي، پر هن تي قادر ڪرم ڪيو،
پوءِ وَهندو ائين ويو، جو هاڙهي نه پهتو هڪڙو.
(جاڙو خان مري)
ڪونجان = دايون. پکي پوڻ = ملڻ.
اُن = دائي حليمان ڏانهن اشارو.
جڏو = دائي حليمان جو گڏهه.
هاڙهي پهچڻ = منزل تي اڳ ۾ اچڻ.
مراد:
دايون ته مڪي ۾ گهڻيون ئي آيون هيون، مگر حضورﷺ جن
دائي حليمان جي حصي ۾ آيا. جيتوڻيڪ ان وقت ۾
دائيءَ جو گڏهه ڏٻرو هو، پر جڏهن حضورﷺ جن جي مٿس
سواري ٿي تڏهن سڀني کان اڳي ۾ ٿي هليو.
[27]
هو نيڊو ڪنهن نيهيءَ جو، پر صحيح نه سال آيو،
هن ڪنواٽ منجهه قافلي، پئي ڪنجهي ڪڻڪايو،
پر جڏهن راڻي جي رهاڻ جو، ٿيو سنڀت ۽ سعيو،
تڏهن مومل چڙهي ميي تي، کڻي ڪرهو ڪڏايو،
’ٻيڙي‘ کي ”ٻروچ“ ڏنو، هي سهنجو سوايو،
پر جي سالڪ سمجهايو، کڻي ڏاهي هن ڏور کي.
(نبي بخش خان بلوچ)
ڪنواٽ = بيبي حليمان جي سواريءَ
وارو قافلو = ٻن داين جا وهٽ.
راڻو = حضورﷺ جن.
مومل = دائي حليمان.
مراد:
بيبي حليمان جي سواريءَ جو وهٽ هلندو ئي ڪونه هو،
سو پڻ حضورﷺ جن جي ڄمڻ ۽ سنڀال بعد تکو ٿيو.
[28]
ساهڙ بنا سهڻي، هئي موڳي منڌ ملوڪ،
اُن جو ڀيلي تي ڀر هو، هت دُڌ وهيو ٿي ڌوڪ،
پرڀيلو ڀريوئي ڪينڪي، ڪاجا ڪنين پيس ڪوڪ،
’ٻيڙا!‘ ٻڌ ”ٻروچ“ چئي، هيءَ مام آهي معشوق،
تارِي سهڻي تار مان، تنهن ساهڙ جي به سلوڪ.
اُن جي هاءِ ڳهن جي هوڪ! کڻي مڙني کي موڳو ڪيو.
(نبي بخش خان بلوچ)
منڌ = دائي حليمان. ڀيلو سواريءَ جو وهٽ.
سهڻي = دائي حليمان. ساهڙ = حضورﷺ جن.
مراد:
بيبي حليمان جي سواريءَ جو وهٽ، حضورﷺ جن سنڀال
کان پوءِ تکو ٿيو.
[30]
مومل راڻو وٺي آئي، موٽي پنهنجي ماڳ،
وريو ڪرم ڪامڻ جو، سو بيراڳڻ جو ڀاڳ،
لکين رنگ رتول کي، سي لڳي ويا لاڳ،
پوءِ سوڍيءَ کي سهاڳ، سي سائين ڏنا سيگهه ۾.
مومل = دائي حليمان. راڻو حضورﷺ جن.
رتول = دائي حيلمان جو گهر.
مراد:
دائي حليمان مسڪين عورت هئي، پر جڏهن حضورﷺ جن کي
کير پيارڻ لاءِ پنهنجي گهر آندائين، تڏهن هن جو
گهر آباد ٿيو ۽ سڀني داين ۾ ڀلاري به ٿي.
[31]
تخت تماچيءَ ڇڏيو، هليو ماڳ مٽي سوگهر،
اُتي ان عاشق جي، پيئي نوريءَ تي نظر،
مٽي تنهن ملاح سان، ڪئي سمي ڄام سَڌر،
حصو ڏيندو هو هن کي، ٻيو پنهنجو گام گذر،
ڪيئي ڏهاڙا ڪيترا، هو سمي کي به سفر،
اِها عام خبر، آهي ”لعلڻ“ ساري لوڪ ۾.
(لعلڻ خان لغاري)
تخت = والده جي گود. تماچي = حضورﷺ جن.
نوري = دائي حليمان. سمو ڄام = حضورﷺ جن.
هن کي = دائي حليمان جي پٽ ڏانهن اشارو.
مراد:
حضورﷺ جن تولد ٿيڻ بعد تيسين ڪنهن جو به کير نه
پيتو، جيسين دائي حليمان کين کير پيارڻ لاءِ آئي،
پاڻ سڳورا ان دائيءَ جو کير پيئندا هئا ۽ ان جي پٽ
لاءِ پڻ بچائيندا هئا.
[32]
هئا هڪڙيءَ جاءِ تي لاکيڻائي لال،
انهن مان هڪڙي جا، هيڻا هئڙا حال،
”محمد نواز“ چئي تنهن محب جي، هئي ماڻهن منجهه
مقال،
جڏهن ڀلي ڪس ڀال، تڏهن اڳي کان اڳرو ٿيو.
(محمد نواز ميتلو)
جاءِ = بيبي حليمان جو سينو.
لاکيڻا لال = ٻه بُبا. ڀلو = حضورﷺ جن.
ڀال ٿيڻ = ببي ۾ گهڻو کير ٿيڻ.
مراد:
دائي حليمان جي اُرهه جي هڪڙي پاسي ٿڃ نه هوندي
هئي، جڏهن حضورﷺ جن منجهس وات مبارڪ وڌو ته کير
نهايت گهڻو ٿي پيو، چون ٿا ته: اها الله تعاليءِ
جي ئي منشا هئي ته جيئن حضورﷺ جن کان سواءِ دائيءَ
جي اُرهه جو اهو ٿڃ کان خالي پاسو ڪير به ڪم نه
آڻي سگهي.
[33]
آڌوتي عشق ۾، پيو هو منجهه هڪ پَٽ،
چڙهي وئي چوت تئين، لاهوتيءَ کي لَٽ،
سوکو ڪيس سيگهه ۾، سهڻن جي هڪ سَٽ،
”حاجي“ چئي هَٽ، ڪڍي ويٺو قرب جا.
(حاجي مهيسر)
آ ڌوتي = اُرهه جو هڪ پاسو.
پٽ = دائيءَ جو اُرهه. سهڻا = رسول الله جا
لب مبارڪ. هٽ ڪڍڻ = ٿڃ تمام گهڻي ٿيڻ.
مراد:
دائي حليما جي اُرهه جو هڪ پاسو ٿڃ کان خالي هو،
حضورﷺ جن پنهنجا لب مبارڪ انهيءَ خالي پاسي تي
رکيا ته منجهس بي انداز کير پيدا ٿيو.
[34]
بيٺي ئي ڀرتي، پانهه ٿيو باهه،
ڪيئي ورهه لنگهي ويا، ست نه هيس ڪو ساهه،
ڪيائينس مهر ”ملاح“ چئي، اهڙو آهه الله،
پوءِ رڙهي هليو راهه، اچڻ ساڻ عجيب جي.
(ملاح)
پانهه = اُرهه جو پاسو. راهه هلڻ = کير پيدا
ٿيڻ. عجيب = حضورﷺ جن.
مراد:
بيبي حليمان جي اُرهه جو ساڄو پاسو سدائين ٿڃ کان
خالي هوندو هو، جڏهن حضورﷺجن ان ۾ وات مبارڪ وڌو
ته ان خالي پاسي ۾ بي انداز کير اچڻ لڳو.
[35]
جنگ پنهنجي جاءِ تي، هو محب بنان مستان،
ڪيئي آيا هيس ڪيترا، دانهن نه ڏنن دان،
هوت آيس انهي هنڌ تي، سوڌ ڏنئين سمان،
آهي عام بيان، ڪلني وٽ ”قلندربخش“ چئي.
(قلندربخش ٻرڙو)
جنگ = بيبي حليمان جي اُرهه جو ٿڃ کان
خالي پاسو. محب = کير. ڪيئي = ٻين ٻارن
ڏانهن اشارو. هوت = حضورﷺ جن.
مراد:
بيبي حليمان جي اُرهه جو هڪڙو پاسو ٿڃ کان خالي
هو، تنهنڪري ان مان ڪنهن به ٻار ڌائڻ جي ڪوشش نه
ڪئي، جڏهن حضورﷺ جن اُن خالي پاسي ۾ وات مبارڪ وڌو
ته کير اچڻ لڳو ۽ ان ۾ برڪت آئي.
[36]
منڌ کي ملوڪ جو، ٿيو ڏک ڏمر،
جوان آيو ان جاءِ تي، ويتر ڇڏيائين ور،
وير لڳو تنهن ورتا کي، اهو سهڻو سو نه سڀر،
ٿيو ڪين منجهان ڪينجهر، انهيءَ جو ”الهه بخش“ چئي.
(الهه بخش)
منڌ = دئي حليمان. ملوڪ = حضورﷺ جن.
جوان = کير. جاءِ = ببو.
مراد:
دائي حليمان جي اُرهه جو هڪڙو پاسو ٿڃ کان خالي
هو، تنهنڪري هن ٿڃ وارو پاسو حضورﷺ جن کي ڏنو ته
پاڻ ٿڃ نه ڌاتائون. دائي وري وري انهيءَ پاسي ٿڃ
ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر حضورﷺ جن خالي پاسي ڏانهن
لاڙو ڪندا رهيا، انهيءَ ڪري دائي ڏاڍو ششدر ٿي،
نيٺ لاچار ٿي اهو خالي پاسو کين ڌائڻ لاءِ ڏنو.
پاڻ جيئن ئي وات مبارڪ وڌائون ته ان خالي پاسي ۾
کير ته ٿيو، پر نهايت گهڻي انداز ۾.
[37]
اوتارو عاشق جو، خان بنان خالي،
پر مٽي ويو پرينءَ لاءِ، هوت بنان حالي،
ساميءَ ڏي سهڻيءَ لاءِ، آئي محبت جي مالي،
پوءِ ملي ڏاهي کي ڏالي، ٿيو مشهور ”ميوو“ چئي.
(ميوو)
اوتارو = اُرهه جو هڪ پاسو.
عاشق = دائي حليمان. خان = کير.
سامي = اُرهه جو خالي پاسو.
سهڻو = حضورﷺ جن. ڏالي = کير.
مراد:
دائي حليمان جي اُرهه جي خالي پاسي ۾ بي انداز کير
پيدا ٿيو.
سينو چاڪ ٿيڻ:
حضورﷺ جن ننڍي هوندي، دائي حليمان جي پٽ
سان گڏ ٻڪريون چارڻ ويندا هئا، هڪڙي دفعي پاڻ مال
ورائڻ ويا ته کين ڪجهه دير ٿي ويئي. ڇوڪر ڏٺو ته
ادو اڃا ڪونه موٽيو. تنهنڪري سڌ لهڻ لاءِ اوڏانهن
ويو. ڏسي ته ٻه ڄڻا آهن، جن مان هڪڙو حضورﷺ جن کي
ليٽائي سندن سينو دن تائين چيري رهيو آهي. اهو حال
ڏسي ڊوڙي اچي پنهنجي ماءُ سان احوال ڪيائين. دائي
حليما اها ڳالهه ٻڌي روئندي جهنگ ڏانهن رواني ٿي.
اچي ڏسي ته حضورﷺ جن خوش چڱا ڀلا آهن. ۽ آسمان ڏي
نهاري مرڪي رهيا آهن. دائي کانئس خبرچار پچي، پاڻ
فرمايائون ته، ٻيو ته ڪجهه ڪونه هو، پر الله
تعاليٰ جي طرفان ٻه ملائڪ آيا، جن منهنجو پيٽ چيري
پيٽ ۾ هو اهو ٻاهر ڪڍي ڌوئي وري اندر رکي پيٽ سبي
ڇڏيائون، پوءِ ٻئي غائب ٿي ويا.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.
[38]
ڪات ڪلالن هٿ ۾، بيٺا ڪن ڪهڻ جي ڪار،
اَدي وڃي ادي جي، ڪئي دانهن مٿي درٻار،
هوءَ منڌ اتي محلات ۾، ٿي روئي زاروزار،
اهڙو رب ستار، جو محب مليو اچي منڌ کي.
ڪلال = ملائڪ. ادو = دائي جو پٽ.
ادو = حضورﷺ جن. منڌ دائي حليمان.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[39]
برتن بيراڳين جا، هئا سرسا سوايا،
کڻي سي خيال مان، آڌوتي آيا،
ڪري صفائي سيني جي، لاڳ تنهين لايا،
”لعلڻ“ لڪايا، راز تنهين سي روح ۾.
(لعلڻ خان لغاري)
بيراڳي – فرشتا. آڌوتي – ملائڪ.
تنهين – حضورﷺ جن ڏانهن اشارو.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[40]
موت تن هنجهن ۾، بيٺو ناز ڪري،
جنهور تنهن جي جان تي، ڇڏيو ڪاساين قابو ڪري،
پوءِ ڪونج ڪرڪا ڪري، وڃي مور ڏٺو هو ميدان ۾.
(الهه ڏنو نوناري)
مور = حضورﷺ جن. هنجهه = ٻيا ڇوڪرا.
جنهور = نور. ڪاسائي = ملائڪ.
ڪونج = دائي حليمان.
مراد:
حضورﷺ جن ٻين ٻارن سان ٻڪريون پئي چاريون ته ٻه
ملائڪ آيا جن سندس سينو چاڪ ڪيو ۽ جيڪي اندر هو سو
ٻاهر ڪڍي، صاف ڪري وري اندر رکي سبي ڇڏيو. اها خبر
جڏهن دائي حليمان کي پئي، تڏهن دانهون ڪندي اتي
آئي، پر حضورﷺ جن کي باعافيت اچي ڏٺائين.
حضورﷺ جن جي ٻڪري جو گم ٿيڻ:
چون ٿا ته هڪڙي دفعي حضورﷺ جن جي ٻڪري
جنهن جو پاڻ سڳورا کير پيئندا هئا، سا جهنگ ۾ رهجي
ويئي. ٻڪرار گهڻيئي ڳولا ڪئي، پر هوءَ کيس نظر نه
چڙهي. آخر سج لهڻ وقت، ٻڪري تڪڙو تڪڙو واپس پئي
آئي ته رستي ۾ هڪڙو بگهڙ مليس، جنهن کي ڏسي هوءَ
دهلجي ويئي. اتي بگهڙ چيس ته مائي ٻڪري! تڪڙي تڪڙي
ڪيڏانهن پيئي وڃين؟ هن مهل توکي ڪو ڊپ به ڪونه ٿو
ٿئي! تنهن تي ٻڪري وراڻيو ته، نبي آخر زمان جي کير
پيئڻ جو وقت ٿي ويو آهي، انهيءَ اون ڪري پيئي تڪڙي
وڃان، باقي ڊپ ڇا جو؟ حضورﷺ جن جو نالو ٻڌي بگهڙ
جو ارادو بدلجي ويو ۽ دل ۾ پڻ خيال ڪيائين ته،
ٻڪريءَ کي اڪيلو ڏسي متان ڪو ٻيو جانور کيس تڪليف
پهچائي، تنهنڪري ساڻس گڏجي حضورﷺ جن جي حويلي
مبارڪ تائين آيو، ٻڪريءَ سان گڏ بگهڙ کي ڏسي سڀ
ماڻهو تعجب ۾ پئجي ويا.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.
[41]
سسئي سرتين مان، وڇڙي منجهان وڳر،
سهڻي آئي ٿي سير تريو، جنهن کي محبت ساڻ ميهر،
مومل کان ميدان تي، پچي خان خبر،
سا مارئي مزمان ڏسي، ٿي اماڻي عمر.
ماري منگتو ڏسي، چيائيون، آهي گهورو سندو سر،
پر ٻيجل ٻولايو، ته هير وڃي ٿي رانجهي در،
اڳيان ”عبدالله“ چئي، آهن کيڙي جهڙا کر،
پوءِ ليليٰ مجني سان، ڪوٺي سا ڪاٺير،
اها عام خبر، مشهور آهي ملڪن ۾.
(عبدالله)
سسئي، سهڻي = ٻڪري.
ميهر = حضورﷺ جن. مومل = ٻڪري.
خان = بگهڙ. مارئي = ٻڪري.
عمر = بگهڙ. منگتو = بگهڙ.
هير = ٻڪري. رانجهو = حضورﷺ جن.
کر = ٻين جانورن ڏانهن اشارو.
ليليٰ = ٻڪري. مجنون = حضورﷺ جن.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[42]
رڙندي وتي پيئي روح ۾، وينگس ويچاري،
سج به لهي سانجهي ٿيو، ٿيس اوندهه انڌاري،
اڳيان گڏيو هوس اوچتو، بدُو بيڪاري،
منڌ اها ”موريو“ چئي، بچائي باري،
سسئي ويچاري، خاوند رسي خبر سان.
(موريو کٽي)
وينگس = ٻڪري. بدو = بگهڙ.
منڌ = ٻڪري. خاوند = حضورﷺ جن.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[43]
سگهڙ تنهن سسئي سان، بيٺو ٻاٻيهل ٻولي،
برهمڻ! بيٺي آهين باغ ۾، خبر ڏي کولي،
اٿم پيچ پنهل جو، آهين انهيءَ جي اولي،
پرواهه نه ڪر ”پڃارو“ چئي، ڳهڻو ڏيندوسئين ڳولي،
موليٰ ڇڏيا سي ميلي، برابر گڏيا ڀنڀور ۾.
(فيض محمد پڃارو)
سگهڙ = بگهڙ. سسئي = ٻڪري.
بهرمڻ = ٻڪري. پنهل = حضورﷺ جن.
ڀنڀور = مڪو.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[44]
ڇڄي ڪونج کؤن قطار، رلي پئي رڻ ۾،
آڏو مليس اوچتو، ماري هڪ مردار،
وٺي نالو نر جو، ڪئي ڪونج ڪوڪار،
ماريءَ کي ماٺ ڪئي، پيو وهم وڏي ويچار،
ڪري پاڻ پيار، آندئين ڪونج قطار ۾.
ڪونج = ٻڪري. قطار = ڌڻ.
ماري = بگهڙ. نر = حضورﷺ جن. |