عڪاسه اصحابي سڳوري جو مهر نبوت کي چمڻ:
چون ٿا ته حضورﷺ جن حجةالوداع تان موٽي
اچڻ تي سڀني اصحابن کي گڏ ڪري اعلان ڪيو ته هاڻي
دين مڪمل ٿي چڪو. اسين آخرت جي سفر جي تياري ڪري
رهيا آهيون تنهنڪري جنهن به ماڻهوءَ جو اسان ڏانهن
ڪو حساب رهيل هجي ته اسان کان وٺي ڇڏي. اهو اعلان
ٻڌي اصحابن کي پنهنجي محبوب جي جدائيءَ جو غم ۽
افسوس ٿيو پر هڪڙي عڪاسه نالي اصحابيءَ حضورﷺ جن
جي اڳيان حاضر ٿي عرض ڪيو ته: يا رسول الله! ننڍي
هوندي راند ڪندي توهان منهنجي اگهاڙيءَ پٺي تي هڪ
لڪڻ هنيو هو، تنهنڪري ان جي عيوض وٺڻ چاهيان ٿو.
اها ڳالهه ٻڌي اصهابي غمگين ٿي ويا. ڪي ان عڪاسه
تي سخت ڪاوڙيا ۽ ڪيترن پٺيون اُگهاڙيون ڪڍي عڪاسه
کي هڪ لڪڻ جي عيوض سؤ سؤ لڪڻ هڻن لاءِ چيو پر
عڪاسه ضد ٻڌي ڏانهن نهاريندو رهيو. آخر حضورﷺ جن
سڀني کي ماٺ ۾ رهڻ جو اشارو فرمائي پنهنجو جبو
مبارڪ لاهڻ لڳا. ان تي ٻيا اصحابي ته روئڻ لڳا پر
عڪاسه دل ئي دل ۾ خوش ٿي رهيو هو. جڏهن حضورﷺ جن
جبو مبارڪ لاهي پٺي اگهاڙي ڪئي ته مهر نبوت جو
سڀني ديدار ڪيو ۽ عڪاسه لڪڻ اڇلائي مهر نبوت کي
وڃي چميو ۽ روئي معافي ورتائين. اها حالت ڏسي ٻين
اصحابن به عڪاسه جي ڳالهه جو مقصد سمجهيو. پوءِ
زيارت جي خوشي ۾ عڪاسه تان به سندن ڪاوڙ لٿي. چون
ٿا ته، مهر نبوت تي هڪ سؤ سٺ پردا چڙهيل هئا. جڏهن
حضورﷺ جن پٺي مبارڪ اگهاڙي ڪئي تڏهن الله تعاليٰ
اهي هڪ هڪ ڪري لاٿا ته جيئن مؤمن زيارت ڪري خوش
ٿين.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.
[429]
حمير هڪڙي ڏينهن، هئا سڏايا سلطان،
هئي معلوم مڙني کي، پر ڪنهن پڇي هئي ڪانه،
راڻي پنهنجي رمز سان، هو ڀڙ ڳالهايو ڀان،
جي جاڙون ڪيئي جوان، سي هينئر وٺندو ساءِ ”هڱورو“
چئي.
(هنڱورو)
حمير = حضورﷺ جن. سلطان = اصحابي.
معلوم هئڻ = مهر نبوت جي خبر هئڻ.
راڻو = عڪاسه اصحابي. جاڙون ڪرڻ = راند
۾ لڪڻ هڻڻ. جوان = حضورﷺ جن.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[430]
ويهي وزيرن وچ ۾ سڏايا سڀ سلطان،
هندو منجهن هڪڙو، ٻيا سڀئي مسلمان،
رهي کيهي حساب جو، ٿو پانهه پڇي پاڻ،
سڀئي هئا سرت سجان، پر ڪنهن نه چوريون ڪينرو.
وزير = اصحابي. سلطان = حضورﷺ جن.
هندو = عڪاسه اصحابي. پانهه = حضورﷺ جن.
مراد:
حضورﷺ جن ڪنهن جي رهيل حساب ڪتاب ڏيڻ جي آڇ ڪئي ته
ٻيا سڀ خاموش رهيا. فقط عڪاسه اصحابي پنهنجي رهيل
عيوض جي گهر ڪئي.
[431]
عمر ڍارو ڍاريو، چؤپڙ چوڌاري،
مرد کٽي ويو مام سان، راند سڀا ساري،
سا عمر اختياري، ڏني هئي پاڻ ”اڏيو“ چئي.
(اڏيو مهر)
عمر = حضورﷺ جن. ڍارو ڍارڻ = حساب
ڪتاب جي ڳالهه چوڻ. مرد = عڪاسه.
راند کٽڻ = مهر نبوت ڏسڻ.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[432]
وٺو راهه رسول جي، وري ڀيڙا ٿيو ڀائي،
منڌ ڪنهين ماڳ تي، ڪامڻ هئي ڪائي،
سهڻي صورتوند هئي، اها سگهڙ سوائي،
سيفل ٻڌو سندرو، تنهن به ڪئي سالڪ سچائي،
منع تنهن ملوڪ کي، ٿي هئي اتي اهائي،
اڳيؤن مل اٿئي مهراڻ، توکي خان! ويندا کائي،
هن جو برهه بديعل سان، سا ٻي واري نه وائي،
عاقل ايرم شهر تي، ڪري ڪاهه کڻي ڪاهي،
مرد ڏٺي هئي مائي، جاءِ انهيءَ ”جاڙو“ چئي.
(جاڙو خان مري)
منڌ = مهر نبوت. سيفل = عڪاسه اصحابي.
مل = اصحابي. مهراڻ = ڪچهري،
بديعل = مهر نبوت، عاقل –عڪاسه اصحابي.
ايرم شهر = حضورﷺ جن جو بدن مبارڪ.
مائي = مهر نبوت.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[433]
اچي پيو عشق عمر کي، مارئيءَ جو من،
ته منڌ آهي ماڙ ۾، وينگس منجهه وطن،
سنڀري هليو سومرو، منڌ ان جي ماڳن،
اهو ڪم عمر کي، رسايو ريبن،
مارن کي مٺيان لڳي، آيا جوش منجهان جُلبن،
جڏهن ڏات ڏٺي ڏوٿين، تڏهن ٿين بهاري ”بهاول“ چئي.
(بهاول مهر)
عمر = عڪاسه اصحابي. مارئي = مهر نبوت.
منڌ = مهر نبوت. وطن = حضورﷺ جن جو
بدن. سومرو = عڪاسه. مارو = ٻيا اصحابي.
ڏات = مهر نبوت.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[434]
لائق لشڪر ۾، نر هنيو نعرو،
اتي جوان ”جلال“ چئي، وير گهريو وارو،
دهشت ۾ دهلجي ويو، اڙد سڄو سارو،
جڏهن ڪيو ناتر نظارو، تڏهن وه واهه ٿي وڻڪار ۾.
(جلال ڀٽو)
لشڪر = اصحابي. نر = حضورﷺ جن.
وير = عڪاسه اصحابي. وارو = لڪڻ هڻڻ
جو عيوضو. اڙد = اصحابن ڏانهن اشارو.
ناتر = مهر نبوت.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[435]
نه ڪاڄ نه وهانءُ، ڪيائين ڪوٺ گهڻي،
آيو، اُتي ويهي رهيو، ملان ونجهه هڻي،
لٿيس گهوٽ مان گهڻي، سڪ ساعت ۾ ”سرهو“ چئي.
(سرهو جاگيراڻي)
ڪوٺ ڪرڻ = اصحابن کي سڏائڻ.
ملان = عڪاسه اصحابي.
گهوٽ = حضورﷺ جن
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[436]
روءِ ٿيو راوَ جي، خان ڇڏي سا کٽ،
”محمد نواز“ چئي محب سان، هو نوان ڪري پيو نَٽ،
جڏهن پاهو ڏٺائين پرينءَ کي، تڏهن سورهيه ڏني سٽ،
پوءِ ميهر لاهيا مُٽ، مڙني جي من ٿئون.
(محمد نواز ميتلو)
راؤ = حضورﷺ جن. خان = عڪاسه اصحابي.
محب = حصورﷺ جن. پاهو = مهر نبوت جو
نشان. ميهر = حضورﷺ جن. مڙئي = سڀ اصحابي.
مراد:
عڪاسه اصحابي بهاني سان مهر نبوت کي ظاهر ڪرايو.
ان کي چمي ڏئي پنهنجو مقصد به پورو ڪيائين ۽ ٻين
کي به ديدار ڪرائي انهن جي ڪاوڙ ڍري ڪرايائين.
[437]
ساراهيان سچو ڌڻي، جو خالق خلقڻهار،
راڳيندڙ هن راجا وٽ، آيا جوان سڀئي جونجهار،
ڀري ڀان به آيو، سو مڙس انهيءَ پار،
تنهن جا جڪ جهونا ڳڙهه ۾، اچي ٻيجل ڪئي ٻاڪار،
سوَتجويزون تنهن سان، ۽ حيلا ڪيئون هزار،
پر هيءَ چارڻ چُري ڪين ٿو، بيٺو تند هڻي اتي تار،
ٿيو مطلب مڱڻهار، جاءِ انهيءَ ”جاڙو“ چئي.
(جاڙو خان مري)
راڳيندڙ = اصحابي. راجا = حضورﷺ جن.
جهوناڳڙهه = حضورﷺ جن جي ڪچهري.
چارڻ = عساڪه اصحابي. مطلب ٿيڻ = مهر نبوت کي چمڻ.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[438]
ٻڌي گفتو غازيءَ جو، آيو جاءِ انهيءَ جوان،
ڪامل تنهن ڪچهريءَ ۾، هئا سڀ سرت سبحان،
مرد چيو مير کي، ظاهر ساڻ زبان،
ان منڌ جي محلات ۾، هئي ڪل ڪنهن کي ڪانه،
پوءِ هن کي داتا ڏنو دان، ڀلو ٿيس ”ڀٽي“ چئي.
(ڀٽي)
غازي = حضورﷺ جن. جوان = عڪاسه اصحابي.
مير = حضورﷺ جن، منڌ- مهر نبوت.
محلات = حضورﷺ جن جي پٺي مبارڪ.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[439]
خبر ٻڌي خان جي، ويتر ڪيائين ويچار،
جوان به اتي جلد منجهئون، ڪئي گوهر سان گفتار،
سهڻا سڀيئي سيگهه ۾، اُهي هاتنگ ٿيا هوشيار،
وير ڏني هئي ورندي، اها محبتن کي منٺار،
پوءِ ڪئي ساري ستار، انهيءَ تي ”الهه بخش“ چئي.
(الهه بخش)
خان = حضورﷺ جن. جواب = عڪاسه اصحابي.
گوهر = حضورﷺ جن. سهڻا = سڀئي اصحاب.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[440]
فقير ڦيري ڏئي، اچي سَين هنئي وٽ سلطان،
راولن رنج ٿيو، ٿي پيا پريشان،
جڏهن ڏاتر ڏنن ڏان، تڏهن لٿو فڪر فقيرن جو.
فقير = عڪاسه اصحابي. سلطان = حضورﷺ جن.
راول = اصحابي
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[441]
اڙانگي جي عجيب اچي، وائي ڪئي وات،
آيا سڀ عبرت ۾، جيڪي مڙئي هئا محلات،
صوبي پوءِ سامين جي، برهه مٽائي بات،
هن به انعام ڪيا اڙڏي جي، جيڪي سهڻا هئا ساٿ،
تن جون ڏينهان رات، ڪيان ڪهاڻيون ”قادربخش“ چئي.
(قادربخش راڄپر)
اڙانگو = لڪڻ. عجيب = عڪاسه اصحابي.
سڀ = اصحابن ڏانهن اشارو. محلات = حضورﷺ
جن جي مجلس. صوبو = حضورﷺ جن.
سامي = بدن تي پهريل پوش. بات مٽائڻ = لاهڻ.
هن = عڪاسه ڏانهن اشارو. ارڏي = مهرنبوت.
سهڻا = چپ (عڪاسه جا).
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[442]
چڱائي ٿو ڪريائو، چپ ڪريو، ڇو ٿا اچو خار ۾؟
جي ٿا ڏوهه سمجهو، ته ڏيو دانهن سرڪار ۾.
چڱائي = مهر نبوت جو ديدار.
ڪريائو = عڪاسه اصحابي ڏانهن اشارو.
اچو = اصحابن ڏانهن اشارو.
سرڪار = حضورﷺ جن.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[443]
نر کڻي ويو نيت سان، ڪري وٺن کان ئي وار،
پوءِ ورهيا هئا پاڻ ۾، اڳ نه ڪيئون آچار،
اتي سڀ ”اڏيو“ چئي، هئا چڱائي ڪي چار،
مڙد ناهه ميار، ڏٺائون پئي ڏينهن جو.
(اڏيو مهر)
نر = عڪاسه اصحابي. ويٺل = ٻيا اصحاب.
وار کڻن = مهر نبوت ڏسڻ.
مراد:
عڪاسه اصحابي لڪڻ هڻڻ جو بهانو ڪري مهر نبوت جي
ديدار ڪرڻ ۾ ٻين اصحابن کان گوءِ کڻي ويو، جو پاڻ
ته ديدار ڪيائين، پر ٻين اصحابن کي به ديدار
ڪرايائين.
[444]
پڙهه بسم الله گل کليو، سؤ سٺ جنهن جوڀن،
چانگو ول چري ويو، جنهن جو مين رتو آ من،
انهيءَ ول جو پن، ڪومائجي ته ڪروڙ لهي.
گل = مهر نبوت. چانگو = عڪاسه اصحابي.
ول = مهر نبوت.
مراد:
عڪاسه اصحابي حضورﷺ جن کان هڪ لڪڻ جو عيوضو طلبيو.
حضورﷺ جن پهراڻ لاٿو ۽ مهر نبوت تي هڪ سؤ سٺ
نوراني پردا هئا جي الله تعاليٰ جي حڪم سان پاسي
ٿيا ته عڪاسه اصحابي گهڻي اشتياق سان ان مهرنبوت
کي وڃي چميو ۽ ٻين اصحاب سڳورن به ديدار حاصل ڪيو.
[445]
عاشق ته عزازيل، ٻيا مڙيئي سڌڙيا،
منجهان سڪ سبيل، لعنتي لال ٿيو.
(رسالو)
عزازيل = عڪاسه. ٻيا = اصحابي.
اصحابن ڏانهن اشارو. سڪ = مهرنبوت
ڏانهن اشارو. لال ٿيڻ = چمڻ.
مراد:
عڪاسه اصحابيءَ مهر نبوت جي ديدار ڪرڻلاءِ هڪڙو
بهانو ڪيو، نيٺ هن ان کي چمي پنهنجو مقصد حاصل
ڪيو.
[446]
موليٰ جي ملڪ ۾، هئي هڪ زمين،
سج ڏٺائين هڪ ڏهاڙي، قدرت ساڻ ڪريم،
وري ڏسندي ڪين، قيامت تائين ”ڪالو“ چئي.
(ڪالو)
موليٰ = حضورﷺ جن. ملڪ = بدن مبارڪ.
زمين = مهر نبوت. سج ڏسڻ = ظاهر ٿيڻ.
مراد:
حضورﷺ جن جي جسم مبارڪ تي مهر نبوت ٿيل نشان عڪاسه
اصحابيءَ جي پنهنجي عيوضي وٺڻ جي بهاني سان هڪ
ڀيرو ظاهر ٿيو ۽ وري قيامت تائين نه ظاهر ٿيندو.
نبيﷺ جن جي وفات:
چون ٿا ته حضورﷺ جن هڪ دفعي گهر ۾ ڳالهين
ڪندي فرمايو ته اڇا وار موت جي نشاني آهن. اهي لفظ
سندن نياڻي بيبي فاطمه به ٻڌا هئا. جڏهن ڪجهه وقت
بعد حضورﷺ جن جي سونهاري مبارڪ ۾ اڇا وار ڏٺائين
تڏهن اها ڳالهه ياد آيس ۽ غمگين ٿي روئڻ لڳي.
حضورﷺ جن کائنس روئڻ جو سبب پڇيو، تڏهن چيائين ته
توهان هاڻي اسان وٽ شايد ٿورو عرصو رهو، ڇاڪاڻ ته
توهان جي سونهاريءَ مبارڪ ۾ اڇا وار پئجي ويا آهن.
حضورﷺ جن کيس آٿت ڏيئي ماٺ ڪرائي.
چون ٿا ته حضورﷺ جن جي لاڏاڻي کان ٿورو
وقت اڳ عزرائيل، اعرابيءَ جي صورت ۾ حضورﷺ جن جي
دروازي تي اچي تڪڙو ۽ ڏاڍيان سڏ ڪيو، جو ٻڌي بيبي
خاتون جنت ڏڪي وئي ۽ خبر وٺڻ لاءِ هڪڙي مائيءَ کي
ٻاهر موڪليائين. جنهن اچي ٻڌايو ته هڪڙو اعرابي
آهي. اهو ٻڌي حضورﷺ جن ان کي اندر اچڻ جي اجازت
ڏني. جڏهن ڏٺائون ته عزرائيل آهي تڏهن کيس
فرمايائون ته مون سمجهيو ته الله طرفان جبرئيل آيو
آهي، پر هاڻي توکي پنهنجي ڪم ڪرڻ جي اجازت آهي.
پوءِ عزرائيل حضورﷺ جن جو روح ساڻ ڪري روانو ٿيو.
حضورﷺ جن جي وفات جي خبر ٻڌي ڪيترن اصحابن
کي يقين نه ٿيو، ايتري قدر جو حضرت عمر تلوار
اگهاڙي ڪري چوڻ لڳو ته: جيڪو ماڻهو چوندو ته حضورﷺ
جن وفات ڪري ويا آهن تنهن جي سسي هن تلوار سان
اُڏائي ڇڏيندس. آخر حضرت ابوبڪر آيو جنهن حضرت
عمر ۽ ٻين اصحابن کي وفات لاءِ يقين ڏياريو. ان
کان پوءِ سڀني گڏجي حضورﷺ جن جي ڪفن دفن جو
بندوبست ڪيو.
چون ٿا ته زمين آسمان جو پاڻ ۾ اچي مقابلو
ٿيو. زمين چيو ته منهنجو مرتبو مٿانهون آهي ڇاڪاڻ
ته حضورﷺ جن مون تي پيدا ٿيا آهن ۽ آسمان چيو ته
منهنجو شان مٿي آهي ڇاڪاڻ ته حضورﷺ جن معراج تي
اچي منهنجو سير ڪيو ۽ الله تعاليٰ سان راز نياز
جون ڳالهيون ڪيون پر حضورﷺ جن زمين تي ئي رحلت
فرمائي ۽ کين زمين ۾ ئي دفن ڪيو ويو، تنهنڪري زمين
زياده خوش ٿي ۽ ان آسمان کان شان ۾ گوءِ کنئي.
چون ٿا ته حضورﷺ جن جي سواريءَ واري اُٺ
جڏهن جهنگ ۾ چرڻ ويندي هئي، ته وڻ کيس ڏار ۽
ٽاريون لاڙي ڏيندا هئا ۽ هوءَ کائي ڍؤ ڪري موٽندي
هئي. جڏهن حضورﷺ جن وفات ڪئي تڏهن مٿان ٿي ڪري
پئي، کائن پيئڻ بند ڪري ڇڏيائين ۽ سندس وڇوڙو سهي
نه سگهي ۽ دانهون ڪري مري وئي. ڏاچيءَ جي موت تي
سڀ اصحابي سڳورا سندس محبت ڏسي حيران ٿيا ۽ حضورﷺ
جن جي غم ۾ وڌيڪ روئڻ لڳا.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.
[447]
اوٺي کان اوٺي آيا، سي ٿي سڃاڻا،
وسريل هئا ورهين جا، سي اچي سُور ساماڻا،
هي درد جا داڻا، وري چڙهيا آهن ”واڍو“ چئي.
(انب واڍو)
اوٺي = اڇا وار. سي = حضورﷺ جن
جي ٻڌايل ڳالهه ڏانهن اشارو.
مراد:
بيبي فاطمه، حضورﷺ جن کان ٻڌو هو ته اڇا وار موت
جي نشاني آهن، جڏهن سندس نظر حضورﷺ جن جي منهن
مبارڪ تي پئي، ۽ اڇا وار ڏٺا.ئين ته اها ڳالهه ياد
آڻي روئڻ لڳي ۽ سمجهيائين ته حضورﷺ جن هاڻي اسان
وٽ ٿورو وقت هوندا.
[448]
ڏَسُ جن جو ڏور هو، سي پيا منجهه پڌر،
منڌ اڳيان مرد جي، جال هاريو پئي جَر،
پُڇڻ تنهن کان پاڻ لڳا، تو ڪيريا ڪيئن ڪڪر،
”جيئل“ ڇئي جيتر، سورٺ ڳالهه سچي ڪئي.
(جيئن جاگيراڻي)
سي = اڇن وارن ڏانهن اشارو.
مرد = حضورﷺ جن. منڌ = خاتون جنت.
پاڻ = حضورﷺ جن. ڪڪر = ڳوڙها.
سورٺ = خاتون جنت.
مراد:
حضرت بيبي خاتون جنت حضورﷺ جن جي سونهاري مبارڪ ۾
اڇا وار ڏسي روئڻ لڳي. حضورﷺ جن جي پڇڻ تي سندن
فرمايل ڳالهه بيان ڪري ٻڌايائين ته اوهان فرمايو
هو ته اڇا وار موت جي نشاني آهن.
[449]
نار ڏٺا هئا نرت مان، بيشڪ سي باري،
هو اورنگ اتيئي هئا، تن کي چورنگ هئا چوڌاري،
جنهن کي هئي سڌ ساري، تنهن کي نين نير ٽمي پيو.
نار = خاتون جنت. اورنگ = اڇا وار.
چورنگ = ڪارا وار.
مراد:
خاتون جنت حضورﷺ جن جي سونهاري مبارڪ ۾ اڇا وار
ڏسي روئي ڏنو.
[450]
آلَ اڏاميو پون، واڪا ڪيو وڻن ۾،
سنيها سپرين جا، ڏوران بيهو ڏين،
اهي ڪنگ نه ڪوڙا ٿين، جي آيا عجيبن پار کان.
آل = اڇا وار. وڻ = سونهاري.
سپرين = الله تعاليٰ. ڪنگ = اڇا وار.
مراد:
سونهاريءَ ۾ اڇا وار پوڻ آخري وقت جي نشاني آهي ۽
اها ڳاله قدرت پاران سچي ٿيندي آئي آهي.
[451]
پکي پيهي آئين، ڪهڙي هاج حمير؟
تو ڏسي مون ڀؤ ٿيو، سونڪو منجهه سرير،
ميان منجهه ملير، مون ڪڏهن نه ڏٺو ايترو.
حمير = عزرائيل. مون = خاتون جنت
ڏانهن اشارو. ملير = دنيا.
مراد:
عزرائيل اعرابي جي صورت ۾ ٿي حضورﷺ جن جي حويليءَ
جي دروازي تي تڪڙو ۽ وڏي آواز سڏ ڪيو، جو ٻڌي
خاتون جنت دهلجي وئي.
[452]
ڪانگل! اريبن جا، توکي ڪالهه اڏايو ڪن،
اسان ته ائين ڀانئيو، آهين سندو سپرين،
هاڻي ٻيا وڻ ڏيئي ٻن، اچي ويهه اکين تي.
ڪانگل = عزرائيل. قريب = الله تعاليٰ.
سپرين سندو هئڻ = جبرائيل ڏانهن اشارو.
مراد:
عزرائيل جڏهن اعرابي جي صورت ۾ حضورﷺ جن جي اڳيان
حاضر ٿيو، تڏهن حضورﷺ جن فرمايو ته اسان ڀانيو ته
جبرائيل هوندو پر توکي هاڻي سڃاتو سون ۽ توکي
پنهنجي ڪم ڪرڻ جي اجازت آهي.
[453]
ماندا اڳيئي مرد هئا، جو ويو هنن لال لهي،
ڪنين ٻڌڳو هئائون ڪينرو، پيا راڻا تت رهي،
ٻڌايائين ”ٻروچ“ چئي، ڪري سوڍل ڳالهه سهي،
پوءِ هليا ڪامل ڪيچ ڪهي، جتي منزل هئي محبوب جي.
(ٻروچ)
مرد = اصحابي. لال = حضورﷺ جن.
راڻا = اصحابي. سوڍل حضور.
محبوب = حضورﷺ جن. ڪيچ = ٻيو جهان.
مراد:
حضورﷺ جن جي وفات تي ڪيترن اصحابن کي يقين نه پئي
آيو، پر جڏهن حضرت ابوبڪر کين وفات بابت سمجهايو
تڏهن يقين آندائون. پوءِ گڏجي حضورﷺ جن جي ڪفن دفن
جو بندوبست ڪيائيون.
[454]
اڄ پڻ ريڏو راءُ، آيم رات سجاڳ جي،
مڻيا مون منجهه گهڻا هئا، پر اچيا ملهه ڪيو
اُهاءُ،
پوءِ دوکا دل مٿاءُ ليلان جا لهي ويا.
(حاجي خان ڪورائي)
راءُ = حضورﷺ جن. مڻيا = ٻيا نبي.
املهه = حضورﷺ جن. ليلان = زمين.
مراد:
زمين ٿي چئي ته منهنجي پيٽ ۾ ٻيا نبي سڳورا به
گهڻئي آيا، پر اڄ حضورﷺ جن جي اچڻ تي مون کي سهاڳ
سريو آهي.
[455]
عمر مارئيءَ سان، جوٽي بيٺو جنگ،
ته: تون پهنواري پٽ جي، اهين نماڻي نسنگ،
تان مڃ تون منهنجي، مان آهيان راءُ وڏو ڪنهن رنگ،
مون وٽان ويرن جي، آهي لاهوتين جو لنگهه،
تڏهن مارئيءَ عمر کي چيو، چٽو چوري چنگ،
ته آهيان پهنواري پٽ جي، مان نماڻي نسنگ،
مون منجهه عيب ”الهرکيو“ چئي، پر آهي ننگيءَ مٿي
ننگ،
ڪُنن منجهه ”ڪلوئي“ چئي، هوءَ ڪنگالڻ هئي ڪنگ،
سا ته وير وڻي کنئي، ولهي وارث ونگ،
چيائين: دوست منهنجي هنج ۾، جيڪو دوست ڪري دنگ،
سچي ڳالهه مارئي ڪئي، جنهن توري ڇڏيا آهن تنگ،
پوءِ عمر امنا مڃي مارئي جي، لڳو ٻهڳڻ سندو ٻنگ،
انهيءَ جوابن ۾ جنگ، هن کؤن خانزادي کٽي وئي.
(الهرکيو ڪلوئي)
عمر = آسمان. مارئي = زمين. وير = نبي سڳورا.
وير ۽ وارث = حضورﷺ جن. دوست = حضورﷺ
جن. هنج ۾ هجڻ = تدفين ٿيڻ.
مراد:
آسمان ۽ زمين جي مقابلي ۾ زمين جو شان مٿانهون
ٿيو. آسمان تي برابر نبين سڳورن ۽ حضورﷺ جن پير
گهمايا آهن، پر حضورﷺ جن پيدا به زمين تي ٿيا ۽
آخري آرامگاهه به هميشه لاءِ زمين تي ٿين.
[456]
ڪامڻ هلي ڪاهه ڪري، ڏسي وسونت ويچاري،
هٿ ٻڌي هڪلان ڪري، منهنجي ڪڍ اٿئي قهاري،
بچائجان انهيءَ بدوءَ کؤن، ٻيا بر ٻجهن باري،
منهن ڏئي موٽايائين ان کي، ڪيائين سائل سچاري،
’والينا‘ قيامت تائين قرري، ٿي راڻي پنهنجي راڄ
جي.
(واليڏنو حجام)
ڪامڻ = اُٺ. وسونت = حضورﷺ جن.
بدو = اُٺ جو مالڪ
مراد:
حضورﷺ جن جي آڏو هڪ اُٺ دانهن ڪندي اچي بيٺي ۽
فرياد ڏنائين ته هي بدو مون تي بار به گهڻو ٿو
وجهي ۽ کاڌو به پورو ڪونه ٿو ڏئي، حضورﷺ جن اها
اُٺ خريد ڪري پنهنجي سواريءَ لاءِ رکي.
[457]
آديسي اصل لئون، ڪڍن نه ڪنهن جي ڪاڻ،
خان خاطر خاص ڪن پيا، راڻيءَ سان رهاڻ،
ڪر نمايو ڪامڻ ڏي، ڪن پيا وير سندي واکاڻ،
جيڪا هئي عورت کي اوَدڻ، سا سامين لاٿي ”سومرو“
چئِ.
آديسي = وڻ. خان = حضورﷺ جن. راڻي = اُٺ.
ڪامڻ = اُٺ. وير = حضورﷺ جن، عورت = اُٺ.
سامين = وڻ.
مراد:
حضورﷺ جن جي سواريءَ واري اُٺ، جڏهن جهنگ ۾ چرڻ
ويندي هئي تڏهن وڻ پنهنجا ڏار ۽ ٽاريون لاڙي کيس
کائڻ لاءِ ڏيندا هئا. ۽ ڪڏهن به بکايل نه موٽي.
[458]
سسئي پئي سور پٽيا، وڏي ڏڱ ڏمر،
پنهل آيس اوچتي، تنهن سان خاصي ڪيائين خبر،
ڀڃي ڪيائين ڀورا، ۽ پٽي ڇڏيائين پر،
نڪو کائڻ خوشيءَ جو، نڪو گهارڻ گهر،
تون پروش ڪر پرور، هن نماڻيءَ نادان جي.
(واليڏنو حجام)
سسئي = اوٺ. پنهل = حصورﷺ جن.
نماڻي - اُٺ
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[459]
لڳو سور سسئي کي، جنهن کان پنهل ٿيو پري،
ور بنا ڙي جيڏيون! منهنجي ڪانه سري،
ڪوهيارل ڪهي ويم، جانب جدا ڪري،
پيا وڇوڙا ورهين کي، جن ري ساعت ڪين سري،
ڪل نفس ذائقته الموت، ڪنهن تان ڪين ٽري،
”حاميد“ تنهن حبيب سان، شل منهنجي پت پري!
پرزا پاڻ ڪري، وڃي پهچنديس ڄام پنهونءَ کي.
(حاميد خاصخيلي)
سسئي = حضورﷺ جن جي سواري واري
اُٺ. پنهل = حصورﷺ جن.
مراد:
حضورﷺ جن جي وفات بعد سندن سواريءَ واري اُٺ کائڻ
ڇڏي ڏنو ۽ حضورﷺ جن جو وڇوڙو سهي نه سگهي، ۽
دانهون ڪندي اوچتو ڪري پئي ۽ مري وئي.
[460]
عورت کي عجيب جو، هوتن اندر ۾ تير،
معلوم هيو مڙني کي، هن جو نيڪ نظير،
پر سچو رکي سير، وئي اُتاهون ”الهه بخش“ چئي.
(الهه بخش)
عورت = اُٺ. عجيب = حضورﷺ جن.
مڙني = اصحابن ڏانهن اشارو.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
ب = حضرت ابوبڪر صديق
حضرت ابوبڪر صديق جو اصل نالو عبدالله هو
پر سڀ کان اول حضورﷺ جن جي نبوت جي تصديق هن ڪئي
تنهنڪري کيس صديق يعني سچار جو لقب مليو. سندس نسب
حضورﷺ جن سان ڇهين پيڙهيءَ تي وڃي ٿو ملي. پاڻ
شروع کان وٺي نهايت نيڪ دل هوندو هو ۽ اسلام تي
اچڻ کان اڳ به ڪڏهن شراب نه پيتائين. پاڙيسرين ۽
غريبن جو هڏ ڏوکي اهڙو هو جو ٻين جا ڪم هلي وڃي
ڪندو هو.
چون ٿا ته حضرت ابوبڪر صديق حضورﷺ جن جي
مجلس ڏانهن وڃي رهيو هو ته هڪ مائيءَ کي بار کڻي
ويندو ڏٺائين جا آهستي آهستي وڃي رهي هئي. کانئس
پڇڻ تي هن ٻڌايو ته آءٌ بيمار آهيان. پاڻ ان کان
اها ڀري وٺي مائيءَ کي گهر تائين کڻائي ويو.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.
[1]
سامي هليو سنرو، گس وٺي گرنار،
ڪامڻ ڏٺائين ڪسڪندي، نماڻي سان نار،
پڇيائين تنهن پريءَ کي کولي خبر چار،
ڪري ويراڳيءَ ويچار، لائس بار ”بچل“ چئي.
(محمد بچل)
سامي = حضرت ابوبڪر صديق .
گرنار = حضورﷺ جن جي مجلس ڏانهن
اشارو. ڪامڻ = بيمار مائي. ويراڳي = حضرت
ابوبڪر صديق.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
حضرت بلال جي آزادي:
حضرت بلال حبشي نسل جو، اميد بن خلف جو
غلام هو. جڏهن حضورﷺ جن تي ايمان آڻي مسلمان ٿيو
تڏهن سندس مالڪ هن کي مارڻ شروع ڪيو ۽ کيس طرح طرح
جا عذاب ڏيڻ لڳو. چون ٿا ته هڪڙي ڏينهن حضرت بلال
کي سندس مالڪ ماري رهيو هو ته حضرت ابوبڪر صديق
اتان اچي لنگهيو ۽ اتي مارڻ جو سبب معلوم ڪري اميد
کان حضور بلال خريد ڪري کيس آزاد ڪرايائين. ان
بعد حضرت بلال حضورﷺ جن وٽ رهڻ لڳو. حضورﷺ جن ان
جي مٺي آواز سبب کيس ٻانگ ڏيڻ جو ڪم حوالي ڪيو.
چون ٿا ته حضرت بلال ٻانگ ڏيڻ ۾ ’اشهد‘
جي بدران اسهد‘ چوندو هو انهيءَ تي ڪن مؤمنن حضورﷺ
جن کي اچي چيو ته حضرت بلال غلط ٻانگ ٿو ڏئي
تنهنڪري ٻيو ڪو ٻانگو مقرر ڪريو. حضورﷺ جن اهو ڪم
هڪ ٻئي اصحابيءَ جي حوالي ڪيو. حضرت بلال اهو ٻڌي
گهڻي ڏک سان هڪڙي غار ۾ وڃي ويٺو ۽ ”اشهد اشهد“
چوڻ لڳو پر ”اسهد“ ٿي ٻڌائين. نيٺ هڪڙي هٿ ۾ ڇري ۽
ٻئي هٿ ۾ زبان جهلي، زبان کي چوڻ لڳو ته جيڪڏهن
ٻئي ڪنهن به ٻانگ ڏني ته توکي ڪپي ڇڏيندس. انهيءَ
طرح کيس ڪيئي راتيون گذري ويون. هوڏانهن جنهن
اصحابيءَ کي ٻانگ ڏيڻي هئي سو فجر جي ٻانگ لاءِ
رات جي وچ ۾ ئي تيار ٿي اچي مسجد ۾ ويٺو. خدا جي
قدرت جو رات ايڏي ته ڊگهي ۽ انڌاري ٿي جو بانگي کي
ٻانگ ڏيڻ جو وقت ئي هٿ نه آيو، پاڻ ۽ ٻيا مؤمن
انتظار ڪندا رهيا. آخر انهيءَ وقت حضورﷺ جن حضرت
بلال کي گهرائي کانئس ٻانگ ڏياريائون ته جلد ئي
باک ڦٽي ۽ مؤمنن نماز ادا ڪئي. چون ٿا ته نماز کان
پوءِ ماڻهن ڏٺو ته وڏو ڏينهن مٿي چڙهي ويو آهي، ۽
ماڻهن کي اها به خبر ڪانه پئي ته انهيءَ رات ۾
ٻيون به ڪيئي راتيون گذري ويون آهن. حضرت بلال جي
دل جي مراد پوري ٿي ۽ سندس زبان سلامت رهي.
چون ٿا ته حضورﷺ جن جي وفات کان پوءِ حضرت
بلال گهڻي ڏک کان ٻانگ نه ڏئي سگهندو هو. هڪ دفعي
ڪن اصحابن ۽ امامن سڳورن جي زور ڀرڻ تي ٻانگ ڏيڻ
شروع ڪيائين جڏهن ”اشهد“ ان محمد رسول الله لفظ
چيئين ته حضرت محمد صلعم جي نالي مبارڪ وٺندي گهڻي
ڏک ۽ غم کان ممبر تان ڪِري پيو ۽ دم ڏنائين.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.
[2]
دانهن ڌڏٺو دڳ سان، گس ويندي غريب،
جيڪو ڦاٿل هو ڦند ۾، ته به پي هونگاريائين حبيب،
پوءِ ته ڇڏيائين ڇڪتاڻ مان، اهو ناز ڀريو نجيب،
وريو انهي نر جو نصيب، ٿيس ڪيڏو قرب ”ڪنڀار“ چئي.
(ٻيڙو ڪنڀار)
دانهه = حضرت ابوبڪر صديق.
غريب = حضورت بلال. ڦند = ڪافرن وٽ
هئڻ. ڇڪتاڻ = مارڪٽ. ناز ڀريو - حضرت
بلال ڏانهن اشارو. نر = حضرت بلال.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[3]
سوڍو سامي کي ڏسي، پيو ٿو ڳچ ڳري،
هلي آيو حُب مان، پاڻهي پير ڀري،
لاٿائين بند ”بلوچ“ چئي، ڏاڍا قرب ڪري،
جنهن جي ساعت ڪانه سري، تنهن کي آجو ڪيائين آزار
کان.
(لعلڻ ٻروچ)
سوڍو = حضرت ابوبڪر صديق.
سامي = حضرت بلال.
جنهن = حضرت بلال ڏانهن اشارو.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[4]
ڏسي مرد محلات ۾، ڪيو عجيبن آر،
قرب ڏنائونس ڪيترو، بهتر رکيئونس بار،
پوءِ تانڪامل ڪاهي، هليو وڃي سهڻو ٿو سوار،
هئس پرينءَ جو پيار، جو رسيو وڃي فيض کي ”فيض
محمد“ چئي.
(فيض محمد)
مرد = حضرت بلال. محلات = مسجد. |