سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :33

[298]

پٽيائين اکيون، ته حاضر ڏٺائين خان،

منڌ ڏٺي هئائين ڪانه ڪا، جنهن ۾ طمع هيس تمام،

اوکو هليو اصيل سان، جو هو کر عقل کان خام،

پوءِ ٿيو مسلمان، جڏهن نوڙت ڏٺائين نادانن جي.

 

دان = حضورﷺ جن. منڌ = هرڻي.

اصيل = حضورﷺ جن. کر = ماري.

نادان = هرڻي ۽ ان جا ٻچا.

 

مراد:  ماري جڏهن سجاڳ ٿيو ته حضورﷺ جن کي ويٺل ڏٺائين ۽ هرڻي دام مان ڇٽل ڏسي حضورﷺ جنکي ڏوهه ڏيڻ لڳو. اڃا انهيءَ تڪرار ۾ هئا، ته پريان هرڻي ۽ ان جا ٻچا اچي رهيا هئا. حضورﷺ جن سان هرڻيءَ جي واعدي وفائي ڏسي کانئس معافي گهريائين، ۽ ان بعد ايمان آڻي مسلمان ٿيو.

 

[299]

وٺو راهه رسول جي، ويواَٿو سچ ٻڌائين سرور ڙي،

مرد ويٺو هو منڌ وٽ، پنهنجي ڪيو پَرڙي،

وارث تنهن وينگس جي، اچي گوڙ ٻڌو گرڙي،

پوءِ ٽيڙي ڇڏي ٽرڙي، جڏهن ورت ڳالهايو ابا ڪري.

 (احمد خان مري)

 

مرد = حضورﷺ جن. منڌ = ڪوڙڪي.

وارث = ماري. وينگس = ڪوڙڪي.

ٽرڙو = ماري. عورت = هرڻي.

ابا = سندس ٻچا.

 

مراد:  حضورﷺ جن هرڻيءَ کي آزاد ڪري پاڻ ڪوڙڪيءَ وٽ ويهي رهيا، ماري ننڊ مان جاڳ ٿي، حضورﷺ جن سان تکو ڳالهايو. جڏهن هرڻي کي ٻچن سوڌو ايندي ڏٺائين تڏهن پشيمان ٿيو.

 

[300]

سامي آيو سيگهه ۾، اچي ڏٺائين الستي اسرار،

پڇيائين پرينءَ کان، هٿ ٻڌي هيڪار،

هُت ڪوڙ هوئي ڪونه ڪو، ڪيس سچي ڳالهه سچار،

چيائين اڳي ائين ڪڏهن نه ٿيو، ساري سڀ ڄمار،

جڏهن ايندين ڏٺائين اڱڻ تي، پيو نيڻين برادر کي ”بخشو“ چئي.

 (بخشو شر)

 

سامي = ماري. الستي اسرار ڏسڻ = ڪوڙڪي

خالي ڏسڻ. پرين = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ماري ننڊ مان سجاڳ ٿيو ۽ ڪوڙڪي خالي ڏسي حضورﷺ جن کان پڇا ڪيئين. حضورﷺ جن کيس ٻڌايو ته هرڻي واپس ايندي، مگر هن کي اعتبار نه آيو. ايتري ۾ هرڻي به ٻچن سان گڏجي اچي حاضر ٿي جنهن کي ڏسي ماري معافي جو طلبگار ٿي ايمان آندو.

 

[301]

پورهئي ۽ پار مان، ڪين ڀريائون تس،

رازق اسان کي روز ڏنو، ميان! اڄ مس،

سو وير تو وڃائي ڇڏيو، ڪري هيڻي سان حدس،

ڪانه اچي ٿي چس، موٽائي ڏي ملوڪ تون.

 (آچر ماڇي)

 

اسان = ماري ڏانهن اشارو.

وير = حضورﷺ جن. هيڻو = ماري.

 

مراد:  ماري حضورﷺ جن کي هرڻي دام مان ڇڏائڻ جي ڪري تيز نموني سان گفتگو ڪري چيو ته رازق اهو شڪار اسان لاءِ روزينو ڪيو آهي، جيڪو تو اسان کان وڃايو آهي. تنهنڪري اهو موٽائي ڏي.

 

[302]

ڪجهه ڏس پاڻ ڏي، ڪجهه ڏس موت ڏي،

اڃا ”علي شير“ چئي، آءٌ تڪيان پيو تو ڏي،

ڪڏهن ڪين هلندين، هتان ٻهڳڻ ٻانهن لوڏي،

گڏ ويهاري گوڏي، وٺندس عيوض اڇو ڪري.

 (علي شير)

 

پاڻ = حضورﷺ جن ڏانهن اشارو.

مون = ماري ڏانهن اشارو. ٻهڳڻ = حضورﷺ جن.

عيوض = هرڻيءَ جو پلاند.

 

مراد:  ماري حضورﷺ جن کي چيو ته هرڻيءَ جي عيوضي ڏيڻ کان سواءِ آءٌ توکي هتان نه ڇڏيندس.

 

[303]

ڪامڻ لاءِ ڪامل سان، گَري ڪئي گفتار،

مڪهندان تنهن موچاري، ورندي ڏنيس وينجهار،

عورت ڏسي اعتبار، ڪيائين ڪامل تي ”ڪوش“ چئي.

 (ڪوش)

 

ڪامڻ = هرڻي. ڪامل = حضورﷺ جن.

گرو = ماري. وينجهار = حضورﷺ جن.

عورت = هرڻي.

 

مراد:  ماري، حضورﷺ جن سان هرڻي ڇڏڻ جي باري ۾ ڪاوڙ مان تکو ڳالهايو، ان تي حضورﷺ جن چيس ته هرڻي اجها ٿي واپس اچي. پر هن کي اعتبار نه آيو. جڏهن هرڻي موٽي آئي تڏهن اعتبار آيس ۽ مسلمان ٿيو.

 

[304]

سهڻيءَ جي ساهه جو، ٿيو ڏم کي ڏمر،

ڪيئين سختيون ساهڙ تي، وڏي زور زبر،

سهڻي انهيءَ مهل سير ۾، اچي ڪيو اوجر،

پوءِ ڊوڙي جهليائين در، اُنهيءَ مهل ”اوٺو“ چئي.

 (اوٺو)

 

سهڻي = هرڻي. ڏ، - ماري.

ساهڙ = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ماري هرڻيءَ جي ڳالهه  تان حضورﷺ جن سان تڪرار ڪيو، پر هرڻيءَ جي موٽي اچڻ تي شرمندو ٿيو ۽ معافي وٺي مسلمان ٿيو.

 

[305]

واردات ڏسي وائڙو ٿيو، ڏاڍو سيٽيو سوار،

ڇوڻ نه وٺي چڱي مڙس جو، پيو ترت ڪري تڪرار،

ڪڏهن ڪندس ڪينڪي، اهڙي راڄ مٿان اعتبار،

پئجي ويو پيروي ڪندي، توتي بازوءَ سندو بار،

پوءِ راڄ ڪرايس روبرو، هئو زورو زميندار،

اهڙو ئي اُچار، هي هڪ ٻڌو سي ”حاجي“ چئي.

 (حاجي فقير مهيسر)

 

سوار = ماري. چڱو مڙس = حضورﷺ جن.

راڄ = جانورن ڏانهن اشارو. پيروي ڪرڻ = چوڻ.

بازوءَ سندو بار پوڻ = هرڻي جي نه اچڻ ڪري

ان جو عيوض ڏيڻ. راڄ = ٻچن سوڌو هرڻي.

زميندار = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ماري ڪوڙڪي خالي ڏسي حضورﷺ جن سان تڪرار ڪيو. حضورﷺ جن چيس ته هرڻي اجها ٿي اچي، مگر هن کي اعتبار نه پيو اچي ۽ چئي ته جانور ڪيئن واپس ايندا! پر جڏهن هرڻي ٻچن سوڌو موٽي آئي، تڏهن پشيمان ٿي معافي ورتائين ۽ مسلمان ٿيو.

 

[306]

موذيءَ جي مڏيءَ کي، سخيءَ ڪيو سُڃ،

اُن ڪروڌ ڪيا ڪامل سان، جوان ڪرايس جڃ،

من ماري مڃ، هوت ڪيس ”حاجي“ چئي.

 (حاجي فقير مهيسر)

 

موذي = ماري. مڏي = ڪوڙڪي.

سخي = حضورﷺ جن.

ڪامل = حضورﷺ جن. من مارڻ = توبهه ڪرڻ.

 

مراد:  هرڻيءَ وڃي ماري جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿي، جنهن کي حضورﷺ جن ڇڏايو. ماريءَ بڪواس ڪئي، پر هرڻي ٻچن سميت اچي حاضر ٿي. حضورﷺ جن چيس ته ڏس هڪ جا ٿي شڪار اچي گڏ ٿيا اٿئي. اها حالت ڏسي ماري پشيمان ٿي معافي ورتي.

 

[307]

وڃي روئندي وات سان، پرپٺ پير ڀري،

جبلن کان ”جانڻ“ ئي، ڳڻئون ڪنهن ڳري،

متان ملڪالموت جي، اچي منجهه اري،

جي اچي اري ۾ وڃي، متان ٻوهو هُت ٻري،

ته ڪهڙو ڏينهن قيام جي، مٿي منهن ڪري،

تيتَر ڪين مري، جيتَر ڪوهيارل ڪاهي ڏسي.

 (ملان جانڻ کٽي)

 

روئندي وڃي = هرڻي ڏانهن اشارو.

ڪوهيارل = حضورﷺ جن.

 

مراد:  هرڻي حضورﷺ جن سان واپس موٽي اچڻ جو واعدو ڪري ٻچن ڏانهن رواني ٿي. واٽ تي الڪو ٿي پيس ته متان اوچتو موت اچي وڃي ۽ واعدو پورو نه ٿئي ته قيامت جي ڏهاڙي حضورﷺ جن جي اڳيان ڪانباري ٿي پوان.

 

[308]

اکئين وهايو آب، ٿا تڪين واٽ وندر جي،

اڱڻ آندن سپرين، قسمت ڪنهن ڪولاب،

هئا ته جهونا ”جانڻ“ چئي، سخا جا سحاب،

آيل ڪين ادب کان، هلڻ کؤن حجاب،

موقعي ڪنهن مهتاب، مليا محبوبن کي.

 (ملان جانڻ کٽي)

 

نڪين = هرڻيءَ جي ٻچي ڏانهن اشارو.

سپرين = حضورﷺ جن. جهونا سحاب = هرڻيءَ

جا ٿڻ. محبوب = حضورﷺ جن وٽ آيا.

 

مراد:  هرڻيءَ جا ٻچا ماءُ جو وات تڪي رهيا هئا ته هرڻي به اچي نڪتي، جنهن جا ٿڻ کير سان ڀريا پيا هئا، پر ان کان پنهنجي ڦاسڻ ۽ واعدي ڪرڻ جي ڳالهه ٻڌي، ماءُ سان گڏجي حضورﷺ جن وٽ آيا.

 

[309]

بابو ويٺا هئا بر ۾، سامي ڪري سنگ،

رڙهي آئي رامڪلي، ٿي جا نار نسنگ،

اوريئين حال اُنهن سان، هن کي ورندي پيو ونگ،

پوءِ هي ترسي هو تڪڙا، ”طاهر“ چئي آهن تنگ،

گڏجي هليا گَلو ڪري، سامي ڪري سنگ،

جوڳي جهاڳي جهنگ، رڙهي رسيا راهه تي.

 (محمد طاهر ٻٻر)

 

بابو = هرڻيءَ جا ٻچا. رمڪلي = هرڻي.

انهن = هرڻي جي ٻچن ڏانهن اشارو.

راهه = اها جاءِ جتي حضورﷺ جن ويٺا هئا.

 

مراد:  هرڻيءَ جا ٻچا ماءُ جي انتظار ۾ واٽ تڪي رهيا هئا ته هرڻي به اچي نڪتي جنهن کان ساري حقيقت ٻڌي، ماءُ سان گڏجي حضورﷺ جن وٽ آيا.

 

[310]

مارو منهنجي ماڳ تي، پيا جهنگ گذارين جهانگي،

کنوڻ ڏسي خوش ٿيا، سرها ٿي سانگي،

ٻڌئوپن ڳالهه ”ٻروچ“ چئي، اتي اڻانگي،

ويٺو ڪونه وانگي، هليا ويا ”هادي بخش“ چئي.

 (هادي بخش)

 

مارو = هرڻيءَ جا ٻچا. کنوڻ = هرڻي.

اڻانگي ڳالهه = هرڻيءَ جي ڦاسجڻ جو قصو.

 

مراد:  هرڻيءَ جا ٻچا پنهنجي جاءِ تي خوش ويٺا هئا، سندس ماءُ جا ڪجهه دير سان آئي، تنهن کي ڏسي سرهاٿيا، مگر جڏهن ماءُ جي واتان ماريءَ جي ڄار ۾ ڦاسڻ ۽ حضورﷺ جن جي ضامن پوڻ واري ڳالهه ٻڌائون تڏهن هڪدم ماءُ سان گڏجي روانا ٿيا.

 

[311]

مامَ انهيءَ مذڪور کان، عاشق ٿيا آگاهه،

صدقو ڪيائون ”سومر“ چئي، پنهنجو ساهه پساهه،

وير هليا وحدت سان، غير ڪڍي گمراهه،

چورنگ اهو چاهه، مانجهي من مٽي ويا.

 (سومر فقير ڪانهو)

 

مامَ = حضورﷺ جن جي ضامن پوڻ

جي خبر. عاشق = هرڻي جا ٻچا.

چاهه بک.

 

مراد:  ٻچڙن ماءُ جي واتان حضورﷺ جن جي ضامن پوڻ جي خبر ٻڌي کير ڌائڻ جي پچر ڦٽي ڪري ماءُ سان گڏجي حضورﷺ جن ڏانهن روانا ٿيا.

 

[312]

وٺو راهه رسول جي، جا وهي پئي وير،

پلي پاس ”ٻروچ“ چئي هئي جوانن جي جاگير،

هو ورثو ويرن جو، هنن جو آڌائون هو اڪسير،

اُٿي آئي ”احمد“ چئي، وسي بيٺي وير،

اُهي ملاح هئا مهمير، جو داڻو نه ڪڍيائون ديري مان.

 (احمد خان مري)

 

جوان = هرڻي جا ٻچا. جاگير = هرڻي.

ورثو ماءُ (هرڻي). آڌائون = کير.

ملاح = هرڻيءَ جا ٻچا. داڻو = ڱير جو ڍُڪ.

ديرو = هرڻيءَ جا ٿڻ.

 

مراد:  هرڻي ٻچڙن وٽ آئي، انهن کانئس دير ڪرڻ جو سبب پڇيو. هرڻيءَ کين ساري حقيقت ٻڌائي. جيتوڻيڪ ٻچا بکيا هئا، مگر اها حقيقت ٻڌي ٿڻن ۾ وات نه وڌائون ۽ ماءُ سان گڏجي حضورﷺ جن وٽ آيا.

 

[313]

عاشق هيا عورت تي، نامي اُهي نر،

ٻولي ٻڌي ٻهڳڻ جي، ويا پانهه ڇڏي پچر،

هلي وڃي هوت وٽ، ٿيا سهڻا سي سڀر،

پوءِ دان وٺي دلبر، آيا اوڏهون ”الهه بخش“ چئي.

 (الهه بخش)

 

عورت = هرڻي. نر = هرڻيءَ جا ٻچا.

ٻهڳڻ = حضورﷺ جن. هوت = حضورﷺ جن.

 

مراد:  هرڻيءَ جا ٻچا کير پيئڻ لاءِ منتظر ويٺا هئا، ماءٌ جي واتان حضورﷺ جن جو نالو ٻڌي کير پيئڻ جي پچر ڇڏي ڏنائون ۽ يڪدم بنا ڊپ جي حضورﷺ جن جي خدمت ۾ وڃي حاضر ٿيا. پر حضورﷺ جن جي ڪرم ۽ ماريءَ جي پيشيمان ٿيڻ سبب کين آزادي ملي ۽ ماءُ سان گڏجي ماڳ تي موٽي آيا.

 

[314]

آفرين انهن کي، جيڪي طمع ڏسي نه ترسيا،

ڪامڻ پنهنجي ڪول ڪيون، بيشڪ آيا برسيا،

وِر تني کي ورثا، ڏنا حلال ڪري ”حاجي“ چئي.

 (حاجي فقير مهيسر)

 

ڪامڻ = بک. وِير = حضورﷺ جن.

ورثا = ٿڻ.

 

مراد:  هرڻي ٻچن سان جڏهن ذڪر ڪيو ته حضورﷺ جن کي ضامن ڏئي آئي آهيان، تڏهن کير نه ڌاتائون ۽ ماءُ سان گڏجي ماريءَ ڏانهن آيا.

 

[315]

وائي ٻڌي وير جي، هئا تنگ، ويا سي ته هٽي،

جنهن جي هئس اميد ”الهه بخش“ چئي، محبن دل مٽي،

پوءِ ويا خان کٽي، ٿي سرها سڀ سرير ۾.

 (الهه بخش)

 

وير = حضورﷺ جن. تنگ = هرڻيءَ جا ٻچا.

جنهن = کير ڏانهن اشارو.

 

مراد:  هرڻيءَ جي ٻچن ماءُ جي واتان حضورﷺ جن جي حقيقت ٻڌي، ته ماءُ جي کير پيئڻ جي پچر کڻي ڇڏيائون. اهڙي ويساهه رکڻ سان، پنهنجي ماءُ کي به صحيح سلامت پاڻ سان وٺي آيا.

 

[316]

ڪين ڇڏين ها ڪونگن کي، پراڙيا منجهه اکر،

هو ويجها ٿيا وَسونءَ کي، وڃي بانڪا جهاڳي بر،

پوءِ سهنجا ٿي سفر، ڪُلين جا ”قادربخش“ چئي.

 (قادر بخش)

 

ڪونگ = ٿڻ. وسونءِ = اها جاءِ جتي حضورﷺ

جن ويٺا هئا. بانڪا –هرڻيءَ جا ٻچا.

 

مراد:  هرڻي جا ٻچڙا ماءُ جي ٿڻن کي ڪين ڇڏين ها، پر حضورﷺ جن جو نالو ٻڌي هٽي بيٺا ۽ ماءُ سان گڏجي حضورﷺ جن وٽ آيا، جتي ماريءَ کان جند آزاد ٿيڻ ۽ ماءُ سان گڏجي ماڳ تي آيا.

 

[317]

ڪڏهن هٽن ها ڪينڪي، پر هٽايا ها حرفن،

رکي محبت من ۾، آيا سڄڻ ڏي ساعتن،

سڀئي ڇٽا منجهئون سورن، حب ۾ ”حجام“ چئي.

 (مير محمد حجام)

 

حرف = هرڻيءَ جو حضورﷺ جن سان ڪيل

واعدي ڏانهن اشارو. آيا = هڙڻيءَ جي ٻچن

ڏانهن اشارو. سڄڻ = حضورﷺ جن.

 

مراد:  هرڻيءَ جي ٻچي کي کير جي گهرج هئي ۽ هرڻيءَ جي موٽي اچڻ تي ضرور کير ڌائين ها. پر حضورﷺ جن جي ضامن پوڻ جي خبر ٻڌي هٽي ويا. ۽ ماءُ سان گڏجي حضورﷺ جن وٽ آيا. جتان کين وري صحيح سلامت موٽي وڃن جي موڪل ملي.

 

[318]

چيلن چيو نه ڪيس، جيڪي ساڌو هئس سَر،

گنگا گوسائين نه ويا، جا گنگا هئن گذر،

هلڻ لاءِ هنگلاج ڏي، سامي ٿيا ته سڀر،

جمنا جي ”جانڻ“ چئي، کڻي بابن ورتي ڀر،

گُرجي گوساين تي، ٿي عنايت اپر،

پوءِ گنگا سندي گهر، اهي ڪايوٺي ڪاهي ويا.

 (ملان جانڻ کٽي)

 

چيلا = هرڻي جا ٻچا. گُر = حضورﷺ جن.

گوسائين = هرڻي جا ٻچا. گنگا، جمنا = هرڻي.

 

مراد:  هرڻيءَ ٻچن کي حضورﷺ جن جي ضامن پوڻ جي ڳالهه ٻڌائي تنهنڪري کير نه پيتائون ۽ بکايل ئي ماءُ سان گڏ حضورﷺ جن ڏانهن هليا آيا. پوءِ سندن ئي ڪرم سان آزاد ٿي موٽي ماڳ تي آيا.

 

[319]

وٺو راهه رسول جي، ويو اٿو سچ ٻڌائي سردار،

جوان هئا پنهنجي جاءِ تي، شاهه به شاهوڪار،

ٻج وٺڻ ٻنيءَ لاءِ، ايندا هئا هاري حصيدار،

خبرون ٻڌئون کاهڙ ۾، ٿيو ڪمدار آهي قهار،

ويا پڪي ڇڏي پهنوار، عزت لاءِ ”احمد“ چئي.

 (احمد خان مري)

 

جوان = هرڻيءَ جا ٿڻ. ٻج = کير.

هاري = ٻچا. ڪمدار = ماري.

پهنوار = ٻچا.

 

مراد:  هرڻيءَ جا ٻچا ماءُ جو کير ڌائڻ آيا ته ماءُ کين حضورﷺ جن جي ضامڻ پوڻ جي خبر ٻڌائي، جا ٻڌي هنن کير ڌائڻ جي پچر ڇڏي ڏني ۽ ماءُ سان گڏجي حضورﷺ جن وٽ آيا.

 

[320]

ڪانڍ ٻڌي ڪامڻ جي، سنڀريا اڻ سڏيا،

نيڪي ٻڌي نَرجي، کڻي لڏ لڏيا،

منهه آيا نَر جي، ڪيون گوڙ گڏيا،

هن پاهت ٻلوَ ڇڏيا، هنن مؤن هٿ ڪڍي ”حاجي“ چئي.

 (حاجي فقير مهيسر)

 

ڪامڻ = هرڻي. اڻ سڏيا = هرڻيءَ جي ٻچن

ڏانهن اشارو. محب = حضورﷺ جن.

گڏيا = هرڻي ۽ ٻچن ڏانهن اشارو.

ٻلوَ ڇڏڻ = ضد ڇڏڻ.

 

مراد:  هرڻيءَ جا ٻچڙا ماءُ سان گڏجي حضورﷺ جن وٽ آيا. ماري جانورن جو اهو رنگ ڏسي حضورﷺ جن تي ايمان آڻي، هرڻي ۽ سندس ٻچن کي آزاد ڪري ڇڏيو.

 

[321]

ٻڌي منادي مرشد جي، روپوش ٿيا راضي،

حُر آيا پنهنجي هوت ڏي، گوڙيون ڪندا غازي،

اُنهن جو انصاف ٿيو، تُري تارازي،

محبت مجازي، ڪو هيئن رکي ”حاجي“ چئي.

 (حاجي فقير مهيسر)

 

مرشد = حضورﷺ جن. روپوش = هرڻيءَ جي

ٻچن ڏانهن اشارو. حُر = هرڻي جا ٻچا.

هوت = حضورﷺ جن. غازي = هرڻي جا ٻچا.

مراد:  هرڻي جا ٻچڙا، حضورﷺ جن جي ضامن پوڻ جي خبر ٻڌي ماءُ سان گڏجي آيا. ماري، جانورن جي واعدي وفائي ڏسي مسلمان ٿيو ۽ هرڻيءَ کي ٻچن سميت واپس وڃڻ جي اجازت ملي.

 

[322]

مارن منجهان مارئي، ڪنهن ارادي آندي،

ظالم جهلي زور سان، بند ڪئي باندي،

پوءِ الله کڻي آندي، مارن سوڌي مارئي.

 (حاجي فقير مهيسر)

 

مارو = هرڻي جا ٻچا. مارئي = هرڻي.

ارادو = قوت گذران. ظالم = ماري.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

لعل ۽ ڪينئون:

        چون ٿا ته هڪڙي ڀيري حضورﷺ جن جي آزمائش لاءِ، ابوجهل هڪڙي پيتيءَ ۾ لعل وجهي، ان کي ڪپڙي سان ڍڪي حضورﷺ جن وٽ کڻي آيو ۽ کانئن پڇيائين ته هن پيتيءَ ۾ ڇا آهي؟ حضورﷺ جن اڃا ويچار پئي ڪيو ته ايتري ۾ وهي نازل ٿيو ۽ حضورﷺ جن کي ٻڌايائين ته پيتيءَ ۾ هڪڙي لعل آهي. ان لعل ۾ هڪڙو ڪينئون آهي، جنهن کي کائڻ لاءِ هڪڙو سائو پن وات ۾ آهي. حضورﷺ جن، ابوجهل کي اها سموري حقيقت ٻڌائي، پر هن منڪر اعتبار نه ڪيو، پر ضد ۾ لعل ڀڳائين ته ان ۾ ڪينئون ڏٺائين جنهن جي وات ۾ سائو پن ڏسي نهايت شرمندو ٿيو. ان بعد به ضد کان اسلام تي نه آيو. پوءِ لعل جي ڀڄڻ جو ارمان ٿيس ۽ اها ڀڳل لعل کڻي واپس موٽي آيو.

        چون ٿا ته ابوجهل آزمائش لاءِ جيڪا لعل حضورﷺ جن وٽ آندي هئي. ان ۾ جيڪو ڪينئون هو سو خود حضورﷺ جن جي ديدار لاءِ آتو هو. جڏهن لعل ڀڳي تڏهن ان مان نڪتل ڪينئين حضورﷺ جن جو ديدار ڪيو ۽ سندس اميد پوري ٿي.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[323]

ڪپت رکي قلب ۾، هليو ڪامل وٽ ڪاهي،

ڏي حقيت هن جي، هن ۾ لکيو ڇا آهي،

هاڻي نائونءَ کي نينگريءَ جي، ٿو سالڪ ڳالهه سڻائي،

ته لکيو هن جو ٻروچ سان، اصل کؤن آهي،

 پوءِ ڇڏيئين لُڙ ۾ لوڙهائي، سڻي ڳالهه سڙي پيو

 

ڪامل = حضورﷺ جن. نائون = ابوجهل.

نينگري = لعل. سالڪ = حضورﷺ جن.

ٻروچ = ڪيڙو.

 

مراد:  ابوجهل لعل پيتيءَ ۾ بند ڪري آيو. حضورﷺ جن کيس لعل جو نالو ٻڌايو، پر ان ۾ جيڪو ڪينئون هئو تنهن جو ذڪر به ساڻس ڪيو. پوءِ لعل ڀڄڻ تي ساري حقيقت ظاهر ٿي پئي. ابوجهل کان قيمتي لعل نقصان ٿي ويئي ۽ پاڻ شرمندو ٿي واپس وريو.

 

[324]

قابو اڳي هو ڪُن ۾، هن کي پيتيءَ ۾ پاتائين،

اها صندوق ”سومار“ چئي، عاقل وٽ آندائين،

مون کي ميلج مون پرين، سٻاجها سائين!

بيشڪ انهيءَ بند مان، ڪڍيس عجيب اتاهين،

جڏهن دوست ديکائين، تڏهن هن جا دک دور ٿيا.

 (سومار سومرو)

ڪُن = لعل. هن کي = ڪينئين ڏانهن اشارو.

عاقل = حضورﷺ جن. مون کي = ڪپڙي.

ڏانهن اشارو.

مراد:  ابوجهل، حضورﷺ جن وٽ جيڪا لعل پيتيءَ ۾ بند ڪري آندي هئي. اها جڏهن ڀڳي تڏهن حضورﷺ جن جي فرمودي جي تصديق ٿي ۽ انهيءَ مان نڪتل ڪينئين حضورﷺ جن جو ديدار ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org