سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :30

مراد:  ڏسو مٿيون بيان.

[200]

خبر ٻڌي هئي خان، جڏهن مارُوءَ جي تنهن مير،

تنهن پهنور سڀ پري ڪيا عورتون ۽ اهير،

ڪئي اهڙي هاج حمير، جا سئيسون ڪانه ”سومار“ چئي.

 (سومار سومرو)

 

خان = اويس قرني. مارو = حضورﷺ جن

جو ڏند مبارڪ. پنهور = ڏند.

عورتون = ڏاٺون. اَهير = ڏند.

 

مراد:  ڏسو مٿيون بيان.

 

[201]

مارئي مارن وٽ، سنري سدائين،

وٿي نه هيس وار جي، موجون ماڻيائين،

ساٿ سموري لڏيو، ووءِ ووءِ ڪيائين،

پوءِ ايهين چيائين ته ”ڪين سندو ڪاپڙي.

 

مارئي = زبان. = مارو = ڏند. ڪاپڙي = ڏند.

 

مراد:  اويس قرنيءَ جي ڏندن نڪرڻ کان پوءِ زبان ويچاري اڪيلي رهجي ويئي.

 

[202]

ڪامورن ۾ ڪليڪٽر هو، جو پيو ڊيوٽيءَ تان ڊهي،

اها ڳالهه ملڪن ۾، عام هُلي ويئي،

صاحب لوڪ ڪري سهي، اهو ڦاٽڪ ئي ڦٽائي ڇڏيو.

(طاهر ٻٻر)

 

ڪليڪٽر = ڏند. ڊيوٽي تان ڊهڻ = شهيد ٿي پوڻ.

صاحب لوڪ = اويس قرني. ڦاٽڪ ڦٽائي

ڇڏڻ = ٻٽيهي ڪڍي ڇڏڻ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون بيان.

 

[203]

اڇا اوڍي ڪپڙا، آيا سانگ مٿي سانگي،

هو ويچارا ويهي ريها، اَڏي جهوپڙيون جهانگي،

پوءِ اُها نار هئي نانگي، جنهن ڪامڻ سڀ ڪڍي ڇڏيا.

 (طاهر ٻٻر)

 

اڇا = صاف ٿيل. سانگي = ڏند.

ويچارا = ڏند. جهوپڙيون مهارون.

نار = انبوري. ڪامڻ = انبوري.

 

مراد:  اويس قرني، حضورﷺ جن جي ڏند مبارڪ شهيد ٿيڻ جو ٻڌي پنهنجا ڏند انبوري سان ڪڍي ڇڏيا.

 

[104]

گل ڇنو گلنار ۾، هٿ بدن ٿيس پيران،

پوءِ انهي سورٺ جو سامان، لاهوتيءَ لُٽي ڇڏيو.

 (طاهر ٻٻر)

 

گل ڏند. گلنار = اُحد جي لڙائي.

سورٺ = زبان. سامان = ڏند.

لاهوتي = اويس قرني.

 

مراد:  ڏسو مٿيون بيان.

 

[205]

خبر پئجي وئي خان کي، طرح هلي وئي تار،

هن به رخ رکيو اوڏنهون، جتي ويٺا هئا ڳوٺ ٻڌيو ڳنوار،

گهٽي تن گهيٽارن کي، ڪيئن ڌڙ سسيءَ کان ڌار،

اُٺيون ۽ اوٺار، وڳ تڙيائين ويڙهه مان.

 

خبر = حصورﷺ جن جي ڏند شهيد ٿيڻ جي ڳالهه.

خان = اويس قرني. طرح تار = اُحد واري جنگ.

ڳنوار = ڏند. گهيٽارن –ڏندن. ڌڙ = ڏند.

سسيون = مهارون. اُٺيون = ڏاٺون. اوٺار = ڏند.

ويڙهه = وات.

 

مراد:  جنگ اُحد ۾ حضورﷺ جن جي ڏند مبارڪ شهيد ٿيڻ جي خبر ٻڌي. اويس قرني پنهنجي ڏندن ۽ ڏاٺن کي ڪڍي ڇڏيو.

 

[206]

ارڏيءَ جي اڱڻ تي، ناز ڪري پيئي نار،

ڪم ڪري پيئي ڪامڻي، اها ورنهه وٽ وينجهار،

ٻڌي گفتگو گوهر جي، اتي ڪامل ڪئي ڪار،

پوءِ پرس ٽپائي پار، اتهون ”الهه بخش“ چئي.

 (الله بخش)

 

ارڏي = زبان. نار = ٻٽيهي. ڪامڻ = ٻٽيهي.

ورنهه = ٻٽيهي. وينجهار = زبان.

گوهر = حضورﷺ جن. ڪامل = اويس قرني.

ڪار = ڏندن ڀڃڻ ڏانهن اشارو.

پرين = اويس قرني. ٽپائي پار = وات مان ڪڍي ڇڏڻ.

 

مراد:  حضورﷺ جن جو هڪ ڏند مبارڪ شهيد ٿي پيو، اها خبر جڏهن اويس قرني ٻڌي، تڏهن پنهنجو هڪ ڏند ڪڍي ڇڏيائين، پر وري خيال آيس ته حضورﷺ جن جو الائجي ڪهڙو ڏند شهيد ٿي پيو آهي! تنهنڪري ساري ٻٽيهي ڪڍي ڇڏيائين، قدرت ان لاءِ ڪيوڙي جي ڦري پيدا ڪئي.

 

[207]

 

اها منڌ محلي ۾، هئي سهج وڏي سينگار،

جيڪي ٿي در لنگهيا ديوار جو، سي ماري ڪيائين مار،

گجر پئي گنوائي، ڪئين سورهيه سوَ هزار،

انهي ڪامڻ جي ”ڪنڀار“ چئي، هئي ڪرت اها ئي ڪار،

سامي تنهن سوڍي کي، اهو پڪو ڏنو هو پار،

ٻڌي ڳالهه ”ٻيڙو“ چئي، ٿيس وهم وڏو ويچار،

هئا ٻيا به جوان جونجهار، پر اها مومل موهي مينڌري.

 (جاڙو خان مري(1)

 

منڌ = ٻٽيهي. محلو = وات. گجر = ٻٽيهي.

گنوائيا = هضم ڪيا. سوَ هزار = طعام.

سامي = قاصد. سوڍو = اويس قرني.

پڪو پار = حضورﷺ جن جي ڏند مبارڪ

شهيد ٿيڻ وارو بيان. مومل = ٻٽيهي.

مينڌرو = اويس قرني.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[208]

ڪَٺو هيو ڪامڻ سان، مانجهي سا مقدر،

خبر ٻڌي خان جي، مٽايائين انگ اکر،

پوءِ راضي آهي رهبر، اهڙي عاشق تي ”اِمام بخش“ چئي.

 (اِمام بخش جلباڻي)

 

ڪامڻ = ٻٽيهي. مانجهي = حضورﷺ جن.

مقدر = سڄي عمر. خان = حضورﷺ جن

جو ڏند مبارڪ. انگ اکر مٽائڻ = ٻٽيهي

ڪڍي ڇڏڻ. عاشق = اويس قرني.

 

مراد:  حضورﷺ جن جي ٻٽيهي مبارڪ مان جڏهن هڪڙي ڏند مبارڪ شهيد ٿيڻ جي خبر اويس قرني ٻڌي ته پنهنجي ٻٽيهي ڪڍي ڇڏيائين.

 

[209]

گوهر غازيءَ سان هيا، سڀ سونهن ڀريا سلطان،

ڪامل تنهن ڪچهريءَ مان، جاءِ ڇڏي هڪ جوان،

پوءِ ورنهه جي وڃڻ جي، خبر ٻڌي هئي خان،

ڀرڪليو ڪين ”ڀٽي“ چئي، ۽ مڙيو ڪين مستان،

ساز نه ڏٺا ”سيفل“ چئي، سسئيءَ اُهي سامان،

هئا مانائتا مهمان، پر هوت ڇڏي ويا هيڪلي.

 (سيفل ڀٽي)

 

گوهر = ڏند. غازي = حضورﷺ جن.

سلطان = ڏند. هڪ جواب = حضورﷺ

جن جو ڏند مبارڪ. ڪچهري = ٻٽيهي.

ورنهه = شهيد ٿيل ڏند. خان = اويس قرني.

سسئي = اويس قرني جي زبان.

مهمان = اويس قرنيءَ جا ڏند.

هوت = ڏند. هيڪلي = زبان ڏانهن اشارو.

 

مراد:  ڏسو مٿيون بيان.

 

معراج:

        سنه 620ع ۾ حضورﷺ جن جي عمر مبارڪ جڏهن پنجاهه ورهيه ٽي مهينا ٿي، کين معراج حاصل ٿيو. ماهه رجب جي ستاويهين تاريخ، بهشت جي داروغي ’رضوان‘ کي الله تعاليٰ طرفان بهشت کي سينگارڻ جو حڪم مليو ۽ دوزخ جي داروغي ’مالڪ‘ کي دوزخ جي باهه وسائي ڇڏڻ جو حڪم ٿيو. ان بعد الله تعاليٰ جبرئيل ۽ ميڪائيل کي ارشاد ڪيو ته منهنجي محبوب کي بهشتي براق تي سوار ڪري مون وٽ آڻيو. جبرئيل بهشت ۾ آيو، اتي هڪ براق کي غمگين حالت ۾ ڏسي کانئس انهيءَ جو سبب پڇيائين. براق چيو ته حضورﷺ جن جي سواريءَ جو ٻڌي غم ۾ اچي ويو آهيان ته اها نعمت الائجي ڪنهن کي نصيب ٿيندي، تنهنڪري کائڻ پيئڻ نٿو وڻيم. جبرئيل دلداري ڏيئي چيس ته اي براق! تون ڪو غم نه ڪر، الله تعاليٰ پنهنجي محبوب جي سواريءَ لاءِ توکي ئي مقرر فرمايو آهي. اهو ٻڌي براق گهڻو سرهو ٿيو ۽ خوشيءَ ۾ نچڻ لڳو.

        چون ٿا ته جبرئيل براق ساڻ ڪري حضورﷺ جن وٽ آيو ۽ کين ننڊ ۾ ڏسي الله تعاليٰ جي حڪم موجب پنهنجو منهن حضورﷺ جن جي قدمن تي رکيائين. حضورﷺ جن ٿڌاڻ محسوس ڪري سجاڳ ٿيا ۽ جبرئيل کان حد کان وڌيڪ ٿڌاڻ بابت پڇيائون. جبرئيل وراڻيو ته، يا رسولالله! الله تعاليٰ اڄ رات لاءِ ئي منهنجو منهن ٿڌو ڪيو هو، جو اهو توهان جي مبارڪ قدمن سان لڳڻو هو. ان کان پوءِ جبرئيل، حضورﷺ جن کي عالم ملڪوت جي سير ۽ الاهي تجلي ڏسڻ لاءِ الله تعاليٰ جو پيغام پهچايو ۽ کين براق تي سوار ٿيڻ لاءِ عرض ڪيو.

        حضورﷺ جن جي سواريءَ سان سڄي ۽ کٻي ستر هزار ملائڪ گڏ هئا. ڪعبةالله کان نڪري ٿورو اڳڀرو ٿيا ته رستي ۾ هڪ ڪراڙي عورت هار سينگار ڪري سندس اڳيان اچي حاضر ٿي. عرض ڪيائين ته، يا نبي! مون کي به پنهنجي نظر سان نوازيو. مگر حضورﷺ جن ان ڏانهن ڪو توجهه نه ڏنو ۽ اڳتي هليا ويا. اڳتي هلي جبرئيل عرض ڪيو ته، اها عورت، دنيا هئي. حضورﷺ جن اچي بيت المقدس پهتا، اتي آسمان مان ملائڪن اچي سندن استقبال ڪيو، ان بعد سڀني نبين جا روح سندن استقبال لاءِ اچي حاضر ٿيا، جن سڀني کي حضورﷺ جن ٻه رڪعتون نماز پڙهائي. پوءِ اتان کين براق کڻي مٿي روانو ٿيو. پهرئين آسمان تي حضرت آدم عليہ السلام، ٻئي تي حضرت يحيٰ عليہ السلام ۽ عيسيٰ عليہ السلام، ٽئين تي حضرت يوسف عليہ السلام ۽ چوٿين تي حضرت ادريس عليہ السلام سندن استقبال ڪيو.

        چون ٿا ته چوٿين آسمان تي حضورﷺ جن کي چار نهرون، پهرين آب ڪوثر، ٻي شراب طهورا، ٽي کير ۽ چوٿين ماکيءَ جي ڏسجڻ ۾ آيون، جن کي ڏسي جبرئيل کان نهرن جي نڪرڻ واري جاءِ بابت پڇا ڪيائون. جبرئيل الله تعاليٰ جي حڪم سان حضورﷺ جن کي اتي وٺي آيو، جتان نهرون نڪري رهيون هيون. جتي کين هڪ گنبذ ڏسڻ ۾ آيو. جنهن جي چئني ڪنڊن مان چار ئي نهرون ٿي نڪتيون، گنبذ ۾ اندر گهڙي ڏٺائون ته ان گنبذ جي ڇئني ڪنڊن تي ”بسم الله الرحمان الرحيم“ لکيل هو ۽ هرهڪ اڱر مان هڪ قسم جو سيمون جاري هو، جنهن ڪري سندس چئني ڪنڊن مان چار نهرون نڪري ستن ئي بهشتن جي وچ تي وهي رهيون هيون.

        چون ٿا ته انهن نهرن کي استعمال ڪرڻ جو حق فقط انهن کي هوندو، جن حضورﷺ جن تي ايمان آندو هوندو.

        چون ٿا ته حضورﷺ جن معراج تي ويندي، واٽ تي هڪ دهشتناڪ درياءَ ڏسي خيال ڪيو ته شايد اهو درياءُ منهنجي امت کي غرق ڪندو. تڏهن آواز آيو ته اي منهنجا حبيب! آءٌ انهيءَ درياءَ جو پاڻي، تنهنجي اُمت تي برسات ڪري وسائيندو آهيان. اهو آواز ٻڌي پاڻ سڳورا سرها ٿيا ۽ اڳتي هليا.

        چون ٿا ته حضورﷺ جن چوٿين آسمان تي اُٺن جي هلندڙ هڪ قطار پيتين سان لڏيل ڏسي، جبرئيل کان ان بابت پڇا ڪئي. جبرئيل الله تعاليٰ جي حڪم سان کين ٻڌايو ته ان اٺن جي مٿان ڪڙيل پيتين ۾ آنا پيل آهن ۽ هرهڪ آني ۾ هڪ جهان آهي. پوءِ حضورﷺ جن هڪ پيتي کولي، منجهس جيڪي آنا پيل هئا، انهن مان هڪ کي ڀڳائون ته کين هڪ جهان نظر آيو، جنهن ۾ هڪ مسجد شريف ڏٺائون، جتي هڪ بزرگ نابين اصحابي پاڻيءَ جو ڪؤنرو ڀريو ويٺو هو. جنهن لاءِ چون ٿا ته، اهو محسن اصحابي هو، جنهن الله تعاليٰ کي عرض ڪيو هو ته، يا الله! منهنجو روح تيسين قبض نه ٿئي، جيسين نبي آخر زمانﷺ جي زيارت ڪريان. الله تعاليٰ سندس اهو سوال قبول ڪيو هو. آخر حضورﷺ جن محسن وٽ آيا ۽ ان کان پاڻيءَ جي طلب ڪيائون. محسن اصحابي حضورﷺ جن کان سندن نالو پڇيو. حضورﷺ جن کيس ٻڌايو ته آءٌ نبي آخر زمان آهيان، اهو ٻڌي محسن اصحابي جي اکين ۾ نور جي تجلي پيدا ٿي ۽ حضورﷺ جن جي زيارت ڪري دم ڏنائين. محسن اصحابي جي وفات تي حضورﷺ جن سندس جناز نماز پڙهي پوءِ کيس هٿن سان دفن ڪيو.

        چون ٿا ته حضورﷺ جن جي سواري جڏهن چوٿين آسمان تي وحدت جي درياءَ وٽ پهتي، تڏهن اتي هڪ پکي سندن زيات لاءِ ڳچ عرصي کان اُڃيو بکيو ويٺل هو. جنهن الله تعاليءَ کي نبي آخرزمان جي ديار لاءِ عرض ڪيو هو. ۽ الله تعاليٰ ئي کيس وحدت جي درياءَ تي ويهڻ لاءِ فرمايو هو. نيٺ معراج واري رات حضورﷺ جن جي زيارت نصيب ٿيس.

        حضورﷺ جن چوٿين آسمان جو سير ڪري، پنجين آسمان تي پهتا ته حضرت هارون عليہ السلام سندن استقبال ڪيو ۽ ڇهين آسمان تي وري حضرت موسيٰ عليہ السلام سان ملاقات ٿين، جنهن کين ٻڌايو ته الله تعاليٰ توهان جي اُمت تي ڪي ڪم فرض ڪندو، توهان سوچي سمجهي انهن کي قبول ڪجؤ، ڇاڪاڻ ته توهان جي اُمت بلڪل ضعيف آهي ۽ سندس عمر تمام ٿوري آهي.

        چون ٿا ته حضورت موسيٰ عليہ السلام حضورﷺ جن کي ٻڌايو ته توهان کان پوءِ توهان جي اُمت رُلي ويندي. ان تي حضورﷺ جن کيس مشڪي جواب ڏنو ته منهنجي اُمت مان اهڙا ماڻهو پيدا ٿيندا، جن کي اڳين نبين جهڙي عزت نصيب ٿيندي. اهو ٻڌي حضرت موسيٰ عليہ السلام اهڙي ماڻهوءَ ڏسڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. حضورﷺ جن هڪ طرف آڱر جو اشارو ڪيو ته امام غزالي جو روح اچي حاضر ٿيو. حضرت موسيٰ عليہ السلام روح کان نالو پڇيو. روح وراڻيو ته، منهنجو نالو محمد غزالي آهي، آءٌ وقت جو عالم آهيان. انهيءَ تي حضرت موسيٰ عليہ السلام چيس ته مون ته، توکان فقط نالو پڇيو هو، تو اجائي ڊيگهه ڇو ڪئي؟ محمد غزالي چيس ته اي موسيٰ! الله تعاليٰ توکان جڏهن طورسينا تي پڇيو هو ته هٿ ۾ ڇا اٿئي؟ تڏهن تو جواب ڏنو ته، هٿ ۾ لٺ اٿم؟ هيءَ کڻي ٻڪريون چارڻ ويندو آهيان ۽ ان سان وڻن مان پن ڇاڻيندو آهيان، سو توهان به ته ايڏو ڊگهو جواب ڏنو هو. ايتري ۾ حضورﷺ جن، محمد غزاليءَ کي ڪُک ۾ آڱر هڻي اشارو ڪري چيو ته نبين سان ايتري حجت نه ڪبي آهي.

        چون ٿا ته جڏهن امام غزالي ڄائو تڏهن سندس ڪک تي انهيءَ آڱر جو نشان ٿيل هو ۽ ڪک مان کير پيو وهندو هوس. امام غزالي جڏهن وڏو ٿيو، تڏهن وقت جو عالم ٿيو، پنهنجي دوستن ۽ شاگردن کي پنهنجي علم سان فيضياب ڪيائين.

        ڇهين آسمان جي سير کان پوءِ حضورﷺ جن جي ملاقات دوزخ جي داروغي ’مالڪ‘ سان ٿي، جنهن کين دوزخ جي عذابن جو بيان ٻڌايو، جو ٻڌي نهايت غمگين ٿيا. آخر ستين آسمان تي پهتا. جتي حضرت ابراهيم عليہ السلام سندن استقبال ڪيو ۽ بهشت جي داروغي ”رضوان‘ ساڻن ملاقات ڪئي. هن کين بهشت جي نعمتن جون ڳالهيون ٻڌائي چيو ته، يا رسول الله! توهان جي اُمت ٻين سڀني پيغمبرن جي اُمتين کان اڳ بهشت ۾ داخل ٿيندي. رضوان کين جنت الفردوس جو سير ڪرايو. ان کان پوءِ پاڻ بيت المعمور ۾ ويا، جتي کين کير، ماکي ۽ شراب طهورا جا ٽي پيالا پيش ڪيا ويا، جن مان پاڻ فقط کير پيتائون. اتي ملائڪن کين ٻڌايو ته، جي شراب طهورا جو پيالو پيئو ها، ته توهان جي اُمت دنيا جي نشي ۾ مخمور هجي ها ۽ جي ماکي جو پيالو پيئو ها، ته  دنيا جي عيش ۾ غرق هجي ها، پر الحمدالله جو اُمت جي ڀلائي لاءِ توهان کير جو جام پيتو. ان کان پوءِ جبرئيل کين سدرةالمنتهيٰ تي وٺي آيو.

        چون ٿا ته حضورﷺ جن جڏهن سدرةالمنتهيٰ وٽ پهتا، تڏهن هڪ گنبذ ڏسي جبرئيل کان ان بابت پڇا ڪيائون. جبرئيل الله تعاليٰ جي فرمان موجب کين گنبذ ۾ اندر وٺي ويو، جتي پنج ڪرسيون رکيل هيون، جن مان وچ واري ڪرسي جا اعليٰ قسم جي ٺهيل هئي، سا اونڌي ٿيل هئي. اهو ڏسي حضورﷺ جن، جبرئيل کان ڪرسيءَ جي اونڌي ٿيڻ جي حقيقت پڇي. جبرئيل ٻڌايو ته، جڏهن آسمان ٿي ٺهيا، تڏهن هيءَ ڪرسي به توهان جي نور مان ٺهي ۽ ملائڪ هميشه کيس طواف پيا ڪندا هئا.

        روايت آهي ته جبرئيل حضورﷺ جن کي ٻڌايو ته اها اونڌي ٿيل ڪرسي عزازيل جي آهي، هو جڏهن نافرمان ٿيو ۽ تڙجي ويو، تڏهن کان سندس اها حالت آهي.

        چون ٿا ته حضورﷺ جن ان ڪرسيءَ تي ويٺا، جيتوڻيڪ ڪرسي نور جي تجلي سبب جَهرڪي رهي هئي، پر حضورﷺ جن جي ويهڻ کان پوءِ سندس اهو تجلو غائب ٿي ويو. مگر جڏهن حضرت آدم عليہ السلام جي ٺهيل جسم کي عزازيل سجدو نه ڪيو تڏهن کان اها ڪرسي اونڌي آهي ۽ باقي چئن ڪرسين تي چار ملائڪ ويهندا آهن.

        سدرةالمنتهيٰ وٽ پهچڻ کان پوءِ جبرئيل اڳتي نه هليو ۽ چيائين ته آءٌ پنهنجي حد کان اڳتي هلي نٿو سگهان. اتي اسرافيل نوراني تخت سان اچي حاضر ٿيو. حضورﷺ جن کي ان تي سوار ڪري اڳتي هليو، پنهنجيءَ حد تي اچي اڳتي هلڻ کان انڪار ڪيائين، اتي الله تعاليٰ طرفان خطاب آيو ته، اي حبيب! اڳتي هليو اچ. آواز ٻڌي حضورﷺ جن پيرن مبارڪ مان جتي لاهڻ جو ارادو ڪيو ته وري آواز آيو، اي حبيب! جُتيءَ سميت هليو اچ، ته عرش کي آرام نصيب ٿئي. حضورﷺ جن عرض ڪيو ته، اي پروردگار! حضرت موسيٰ عليہ السلام کي طور سينا تي جُتي لاهڻ جو حڪم مليو هو، هي عرش مرتبي ۾ طور سينا کان هزار بار بهتر آهي، آءٌ انهيءَ تي جُتيءَ سوڌو ڪيئن هلان؟ آواز آيو ته، موسيٰ کي جُتي لاهڻ جو حڪم انهيءَ ڪري ٿيو هو ته اتي طور سينا جي خاڪ سندس پيرن کي لڳي ته بزرگي حاصل ٿئيس ۽ هتي وري تنهنجي جُتي جي خاڪ عرش کي لڳندي ته ان کي بزرگي ڏيندس. پوءِ حضورﷺ جن جُتيءَ سميت عرش تي هليا.

        عرش جو سير ڪندي کين حضرت ابوبڪر رضه جي آواز جهڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽ حيران ٿي الله تعاليٰ کان پڇيائون. جواب مليو ته اسان هڪ فرشتي جو آواز ابوبڪر جهڙو ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته هو توهان جو ”غار جو دوست“ آهي، ان جو آواز ٻڌي سرها ٿيندئو.

        ان کان پوءِ ستر هزار نور جا پردا لنگهي، قاب قوسين ۾ پهتا ۽ احديت جو نور ڏسي سر سجدي ۾ رکيائون. اتي الله تعاليٰ فرمايو ته، اي منهنجا حبيب! جيڪي گهرڻو اٿئي سو گهر. حضورﷺ جن سر سجدي ۾ رکي عرض ڪيو ته، ياالٰهي! منهنجي اُمت جا گناهه بخش ٿين! ارشاد ٿيو ته مون اڌ گناهه بخشيا. حضورﷺجن باقي اڌ گناهن جي بخشش لاءِ به عرض ڪيو. حڪم ٿيو ته، جيڪو به صدق دل سان هڪ دفعو ڪلمون پڙهندو، ان جا گناهه بخشيندس. پر شرڪ ۽ ڪفر ڪندڙ کي ڪڏهن به بخشش نه ڪندس.

        الله تعاليٰ حضورﷺ جن جي اُمت لاءِ هر روز پنجاهه وقت نماز ۽ سال ۾ ڇهه مهينا روزا رکڻ فرض ڪيا، مگر حضورﷺ جن عرض ڪيو ته منهنجي اُمت ايترو بار کڻي نه سگهندي. تنهن تي وري پنجويهه وقت نماز ۽ ٽي مهينا روزا فرض ٿيا.

        چون ٿا ته بهشت جو سير ڪندي، حضورﷺ جن ماڻهوءَ جي پيرن جي آهٽ جو آواز ٻڌو ۽ ان بابت الله تعاليٰ کان پڇيائون. جواب مليو ته اهو آواز حضرت بلال رضه جي پيرن جو آهي، جو تهجد نماز پڙهڻ لاءِ اٿيو آهي.

        حضورﷺجن سڀني آسمانن جو سير ڪري، بهشت مان نوراني ويس پهري، جبرئيل سان گڏ جڏهن پنهنجي جاءِ تي واپس آيا، تڏهن دروازي جو ڪڙو لڏندڙ ڏٺائون ۽ بستري تي هٿ لاٿائون ته اهو به کين گرم ڏسڻ ۾ آيو.

        الله تعاليٰ پنهنجي محبوب سان ملاقات سبب معراج واري رات کي ارڙهن سالن جي عرصي جيتري رات مقرر ڪئي. انهيءَ ڪري ٻي ڪابه رات سندس برابري ڪري نه سگهي.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[210]

سالئون سال لنگهي ويا، گوندَر ۾ گهڙندي،

نه ڪو کائڻ خوشيءَ جو، نه ڪو پانهه ساءُ پئندي،

پوءِ راڻي جي ريهندي، گوندر غم لهي ويا.

 

پانهه = بُراق. راڻو حضورﷺ جن.

 

مراد:  حضرت جبرئيل بهشت مان حضورﷺ جن جي سواري لاءِ براق وٺڻ ويو. جتي هڪڙو براق ڏٻرو ڏٺائين، جيڪو انهيءَ فڪر ۾ هو ته خدا جي محبوب جي سواري الائي ڪنهن کي نصيب ٿيندي. انهيءَ غم ۾ کائڻ پيئڻ وسري ويو هوس ۽ ڪمزور ٿي ويو هو. پوءِ جڏهن حضورﷺ جن مٿس سواري ڪئي تڏهن لحظي ۾ سندس سالن جا غم گوندر لهي ويا.

 

[211]

ٻڌي ڳالهه ”ٻروچ“ چئي، اچي ٿيس وهم وڏا ويچار،

فراقن ڦٽي وڌو، پيو نيڻين ٽمائي نار،

چؤنڪ انهيءَ تي ”چانڊيو“ مليس مانجهي مڻيادار،

لهي ويس غم غبار، مطلب ٿيس ”مجنون“ چئي.

 (مجنون چانڊيو.)

 

اچي ٿيس = براق ڏانهن اشارو.

مانجهي = حضورﷺ جن.

 

مراد:  حضورﷺ جن جي سواريءَ جو ٻڌي، براق ڳڻتيءَ ۾ ڳرندو ويو. جڏهن حضورﷺ جن مٿس سواري ڪئي، تڏهن سندس غم لهي ويا ۽ گهڻو سرهو ٿيو.

 

[212]

سامي هليا سنڀري، ڪري ترتئون تياري،

هليا ويا هنگلاج ڏي، ڪري منزل موچاري،

حڪم تي حاضر ٿيا، جانب جونجهاري،

سڌ خبر ساري، ٻڌايائون ”ٻروچ“ چئي.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

سامي = ملائڪ. هنگلاج –مدينو شريف.

 

مراد:  الله تعاليٰ ملائڪن کي حڪم ڪيو ته، حضورﷺ جن کي معراج تي وٺي اچو. پوءِ جبرئيل ۽ ميڪائيل براق ساڻ ڪري اچي حضورﷺ جن وٽ حاضر ٿيا. پاڻ براق تي سوار ٿي هليا ۽ کين انهن عالم ملڪوت جو سير ڪرايو.

 

[213]

حڪم سان هوت وٽ، پهتو ڪري پرواز،

وير ڏسي ورونهه ۾، ڪيئين عقل جو انداز،

ڪامل وڌو ڪار کي، جو هو سمجهايل سراز،
خان به خبردار ٿي، رهبر پڇيس راز،

پوءِ نوڙت ڪري نياز، ڪيئين حقيقت ”حاجي“ چئي.

 (حاجي مهيسر)

 

هوت = حضورﷺ جن. ورونهه = ننڊ.

عقل جو اندازو ڪرڻ = منهن قدمن تي رکڻ.

ڪامل = وحي. خان = حضورﷺ جن.

 

مراد:  حضورﷺ جن کي ننڊ ۾ ڏسي جبرئيل پنهنجو منهن سندن قدم مبارڪن تي رکيو. حضورﷺ جن ٿڌاڻ محسوس ڪري سجاڳ ٿيا ۽ جبرئيل کان انهيءَ ٿڌاڻ جي حقيقت پچيائون. جبرئيل کين ٻڌايو ته الله تعاليٰ هن موقعي واسطي منهنجو منهن ٿڌو ڪرڻ فرمايو آهي.

 

[214]

راڻو ستو مومل وٽ، هو موچڍاريءَ مهل،

تان سينهڙو ڏؤنر آئيا، جي ساٿي هئا سمڌل،

چيائونس چڱيان ڪري، ڇڏ راڻا! رنگ محل،

حڪم آهي حمير جو، ته هلي آءُ هن پل،

سو ڪاڪان هلي آئيو، عمر ڪوٽ اَجهل،

اُت سوڍا سلامي ٿيا، جي راوَ وڏا رڻمل،

پوءِ هلي ويو حمير وٽ، سڀ راز ٿيا رلمل،

”ٻروچ“ ڏني ٻيڙي کي، هئي جهٽ پٽ ۾ هڪ جهل،

سو ڏيئي عقل ساڻ اُڇل، ڪا ڏورِ وجهي هن ڏورَ کي.

 (نبي بخش خان بلوچ)

 

راڻو = حضورﷺ جن. مومل = کٽ.

سينهڙو ۽ ڏؤنر = جبرئيل ۽ ميڪائيل.

حمير = الله تعاليٰ. ڪاڪ = دنيا.

عمر ڪوٽ = بيت المقدس.

سوڍا = ٻيا نبي ۽ ملائڪ وغيره.

 

مراد:  حضورﷺ جن بستري تي ننڊ ۾ هئا ته الله تعاليٰ جي طرفان ملائڪ جبرئيل ۽ ملائڪ ميڪائيل کين معراج تي وٺي هلڻ لاءِ حاضر ٿيا. کين بيت المقدس ۾ نيائون جتي ٻين نبين ۽ ملائڪن سندن استقبال ڪيو، آخر کين عالم ملڪوت جي سير لاءِ وٺي ويا. اتان عرش عظيم تي تجليات الاهي ڏسڻ ۾ محو ٿيا.

 

[215]

مهڻي منڌ سهڻي هئي، عالم جو اظهار،

هڪڙا قيمتي ڪپڙا، ٻيا هزارين هار،

ٻين سڀني مڃي، پر مڃي ڪانه ميهار،

تنهن ويل ڌرار، ڍوليي ڪڍي هئي در کان.

 

سهڻي = دنيا. ميهار = حضورﷺجن.

تنهن ويل = معراج وارو وقت.

ڍوليو = حضورﷺجن.

 

مراد:  معراج تي ويندي حضورﷺ جن جي اڳيان دنيا هار سينگار ڪري آڏو آئي، پر حضورﷺ جن نور الاهي ڏسڻ جي اشتياق ۾ ان ڏانهن ڪو توجهه نه ڏنو.

 

[216]

سامين کي سريرَ ۾، سڪندي ٿيا ها سال،
لاهي لاڳاپا ”لعلڻ“ چئي، هئا پردي سين پائمال،

هلي آيا حُب مان ۽ وري ڪيئون وصال،

”لعلڻ“ سڀئي لال، آڌوتي اُتي رهيا.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

سامي = سڀني نبين ڏانهن اشارو.

پردو = ممات. آڌوتي = سڀ نبي.

 

مراد:  بيت المقدس ۾ سڀني نبين جي روحن اچي حضورﷺ جن جي زيارت ڪئي ۽ سندس پويان نماز پڙهي.

 

[217]

سوڍو هليو سير تي، پانهه پاتا پير،

جوڳي ڏٺائين جوءِ ۾، اُتي شير دلير،

ڪهي آيا ڪاپڙي، ٻيا ڪانئر ايندا ڪير،

جيڪي شاهي شير دلبر، سي آڌوتي اُتي هئا.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

سير = معراج جي رات وارو نظارو.

جوڳي = ٻيا نبي سڳورا.

جوءِ = آسمان. ڪاپڙي = حضورﷺ جن.

آڌوتي = ٻيا پيغمبر.

 

مراد:  حضورﷺ جن معراج تي ويا ته جدا جدا آسمانن تي نبي سڳورا موجود ڏٺائون ۽ انهن سندن استقبال ڪيو.

 

[218]

وٺو راهه رسول جي، ڪريو تات تنهين جي تن،

راجا جي رنگ محل ۾، سوڍيون ٿيون سُجهن،

مومل سومل سهجان، چوٿين مرادي منجهن،

سوڍو چڙهي سوار ٿيو، وڃي ڏٺائين پار پرين،

اُهي ”احمد“ عيدون ڪن، جيڪي رفيق راڻي سان ٿيا.

 (احمد خان مري)

 

راجا = الله تعالي. رنگ محل = چوٿون آسمان.

سوڍيون = نهرون، مومل، سومل، سجهان،

مرادي = چارئي نهرون. سوڍو = حضورﷺ جن.

پار ڏسڻ = نهرن جي نڪرڻ واري جاءِ ڏسڻ.

اُهي = حضورﷺ جن جا اُمتي.

راڻو = حضورﷺ جن.

 

مراد:  حضورﷺ جن جڏهن چوٿين آسمان تي چار نهرون ڏٺيون. چون ٿا ته انهن نهرن مان فقط حضورﷺ جن جي اُمت بهرور ٿيندي.

 

[219]

وارث ڏٺا هئا وات سان، عجب لک اسرار،

تنين منجهان هيڪڙو، سُڻ تون سماچار،

وڻ هڪ شاخان اُن جون چوکيون هيون چار،

هرڪو رنگ جدا هيو، جدا مزو منٺار،

پوءِ ”فيضل“ شڪر گذار، جو سمي آئي سک ٿيا.

 (فيصل)

 

وارث = حضورﷺ جن. چار شخون = چار نهرون.

سمون = حضورﷺ جن.

 

مراد:  حضورﷺ جن چوٿين آسمان تي چار نهرون ڏٺيون، جن مان هرهڪ جو رنگ ۽ ذائقو جدا جدا هو. جن مان سندن ئي اُمت بهرمند ٿيندي.

 

[220]

ڪلاچي سندي ڪُن تي، جوڌو آيو جوان،

ڏسي دَورَ درياءَ جا، اتي بانڪو ٿيو بيران،

هي وڃي جهوريندو جهان کي، ڪندو ديوانو دوفان،

سمي ڄام ”سومار“ چئي، ڪيا اوسيڙا ارمان،

اُتهين اچي ڪانه، ڏٺائين موج مهراڻ جي.

 (سومار سومرو)

 

ڪلاچيءَ جو ڪُن = معراج.

بانڪو = حضورﷺ جن.

هي = درياءَ ڏانهن اشارو. جهان = اُمت.

سمو ڄام = حضورﷺ جن.

اُتهين = معراج ڏانهن اشارو.

 

مراد:  حضورﷺ جن جڏهن چوٿين آسمان تي هڪ دهشت ڀريو درياءَ ڏسي کين اُمت جو فڪر ٿيو، مگر الله تعاليٰ کين ٻڌايو ته انهيءَ درياءُ جو پاڻي توهان جي اُمت تي رحمت جي برسات ڪري وسائيندو آهيان. پوءِ معراج تان موٽڻ وقت انهيءَ درياءَ جي دهشت ختم ٿيل ڏٺائون.

 

[221]

اُها هلي پئي هلي، جنهن سان وڌئين روح رلي،

امير چيو وزير کي، انهيءَ جاءِ جهلي،

ڏي سڌ خبر سلي، حقيقت هن حال جي.

 

هلي پئي = اُٺن جي قطار ڏانهن اشارو.

امير = حضورﷺ جن. وزير = جبرئيل.

 

مراد:  حضورﷺ جن چوٿين آسمان تي اُٺن جي قطار ڏٺي، جنهن تي پيتيون لڏيل هيون. سندن پڇڻ تي جبرئيل کين پيتين جي راز کان واقف ڪيو.

 

[222]

ڪاهيندو ويو ڪڇ ڏي، اُهو جت جيڏيون،

صندوقان سرواڻن کي، ڪلهن تي ڪيڏيون،

اُٺن تي ”الهڏنو“ چئي، آهن مال مڏيون،

قبي ۾ ڪاهل کي لنگهيا، سال ڪيئن صديون.

اُنهيءَ ويل اديون! گڏيس محب ”مهر“ چئي.

 (الهڏنو مهر)

 

ڪيچ = مدينو. جت = اُٺ.

قبو = آنو. ڪاهل = محسن.

محب = حضورﷺ جن.

 

مراد:  حضورﷺ جن چوٿين آسمان تي اٺن جي قطار ڏٺي، جن تي پيتيون ڪڙيل هيون، حضورﷺ جن هڪ پيتي کولي ۽ ان ۾ آنا ڏسي، هڪ آنو ڀڳائون ته کين هڪ جهان نظر آيو، جنهن ۾ هڪ اصحابي محسن نالي ڏٺائو، جو سندن زيارت خاطر ڪؤنرو پاڻيءَ جو ڀريو ويٺو هو. آخر حضورﷺ جن جي زيارت ڪري وفات ڪيائين. حضورﷺ جن سندن جنازي نماز پڙهي، کيس هٿن سان دفن ڪيو.

 

[223]

جوڳي ڪنهن جُڳ کان، هو راڻي ري ماندو،

ڪامل ڌڻي ڪاڪ جو، الله کڻي آندو،

هي وير نه ٿيو واندو، هن ويچاري وصال ڪيو.

 

جوڳي = محسن اصحافي.

راڻو = حضورﷺ جن.

مراد:  محسن اصحابي، حضورﷺ جن جي زيارت لاءِ مشتاق هو، آخر حضورﷺ جن معراج واري وقت کيس زيارت ڪرائي ۽ ان کان پوءِ هن وفات ڪئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org