سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :21

جڏهن حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ جو وقت آيو، تڏهن بيبي صاحبه منهن ڪري اٿي هلي. آخر هڪڙي برپٽ ۾ حضرت عيسيٰ عليہ السلام ڄائو ۽ ان جي سنڀال لاءِ الله تعاليٰ بهشت جون حورون موڪليون. بيبي مريم، حضرت عيسيٰ عليہ السلام کي ڏسي سخت پريشان ٿي ته آءٌ پنهنجي عزيزن کي ڪيئن سمجهائي سگهنديس! ايتري ۾ وحي نازل ٿيو ۽ بيبي صاحبه کي چيائين ته، تون ڪوبه فڪر نه ڪر، جنهن وقت ڪوبه توکان حضرت عيسيٰ عليہ السلام بابت پڇي ته تون حضرت عيسيٰ عليہ السلام ڏانهن اشارو ڪري چئجان ته هن معصوم کان پڇو. ان کان پوءِ بيبي مريم حضرت عيسيٰ عليہ السلام کي کڻي حجري ۾ آئي. عزيزن جڏهن ڪڇ ۾ ٻار ڏٺس، تڏهن کيس وڪوڙي ويا ۽ کانئس طرحين طرحين جا سوال پڇڻ لڳا ۽ پنهنجي ننگ ناموس تي داغ سمجهي بيبي صاحبه کي ڇينڀڻ لڳا. بيبي مريم، حضرت عيسيٰ عليہ السلام ڏانهن اشارو ڪري چيو ته، جيڪي پڇڻو اٿو سو هن ٻار کان پڇو. بيبي صاحبه جي اها ڳالهه ٻڌي سڀ ماڻهو حيران ٿيا ته تازو ڄاول ٻار ڪهڙيءَ ريت ڳالهائي سگهندو. پر نيٺ انهن ماڻهن مان هڪڙي ڄڻي ٻار (حضرت عيسيٰ عليہ السلام) کان احوال پڇيو. جنهن تي الله تعاليٰ حضرت عيسيٰ عليہ السلام کي ڳالهائڻ جي طاقت بخشي ۽ ان چيو ته، تحقيق آءٌ الله تعاليٰ جو ٻانهو آهيان، ۽ هن مون کي ’انجيل‘ بخشيو آهي. ۽ مون کي نبي بنايو آهي. حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي واتان اهي لفظ ٻڌي سڀئي خاموش ٿي ويا ۽ کين پڪ ٿي ته بيبي مريم برابر پاڪدامن آهي.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[1]

عمر ڏني مارئي، منهنجان شوق شغل،

ساڪي ڏينهن ڪيترا، وڃي قابو ڪئي ڪامل،

ڪن ڏينهن کان پوءِ ”ڏيرو“ چئي، شامل ٿي سان سومل،

ڏس قادر جي ڪل، جنهن مان رازق رنگ بنايو.

(محمد فقير ڏيرو)

 

عمر = حضرت آدم عليہ السلام. مارئي = نڇ.

ڪامل = جبرئيل، سومل = بيبي مريم.

رنگ بنايو = حضرت عيسيٰ عليہ السلام پيدا ڪيو.

 

مراد:  جڏهن الله تعاليٰ حضرت آدم عليہ السلام ۾ ساهه ڦوڪڻ جو حڪم ڪيو ته ساهه پهريائين مغز تي چڙهيو. ان مهل حضرت آدم عليہ السلام نڇ ڏني اها جبرئيل کي سانڍڻ جو حڪم ٿيو. پوءِ اها ساڳئي نڇ بيبي مريم جي جسم ۾ جبرئيل ڦوڪي ته حضرت عيسيٰ عليہ السلام پيدا ٿيو.

 

[2]

ڪيچئون ڪيچي آئيو، ڪهي منجهه ڀنڀور،

سسئيءَ کي سورن جي، چري چور پچور،

وَنهيين لئي ”وساڻ، چئي، سڀ ڇڏيائون زور،

پوءِ ڪري تڪ تور، ڏاها ڳولج ڏور کي.

(وساڻ)

 

ڪيچئون = الله جي طرفان.

ڪيچي = جبرئيل. ڀنڀور = ڌرتي.

سسئي = بيبي مريم. وَنهيون = حضرت عيسيٰ

عليہ السلام.

 

مراد:  الله تعاليٰ حضرت جبرئيل کي بيبي مريم ڏانهن موڪليو، جنهن حضرت آدم عليہ السلام واري سانڍيل نڇ، بيبي مريم جي جسم ۾ داخل ڪئي ۽ حضرت عيسيٰ عليہ السلام سرجيو.

 

[3]

اکر منهنجي انگ ۾، تو ڪاتب لکيو ڪيئن؟

شال انهيءَ راڄ ۾، مون کي رات نه پوي هيئن،

ڪنڌ کڻنديس ڪيئن، منهن ماروءَ ڄام جي.

 

مون = بيبي مريم ڏي اشارو.

مارو ڄام = الله تعاليٰ. منهن = دنيا.

 

مراد:  بيبي مريم جڏهن حامله ٿي ته کيس وڏو فڪر ٿيو ته ماڻهو مون کي ڇا چوندا ته اهڙي پارسا عورت کي حمل ڪيئن ٿيو! هاڻي آءٌ دنيا کي ڪهڙو منهن ڏيکارينديس!

 

[4]

ڪامڻ! پنهنجو ڪنجرو، ڦاڙي ڪر نه ڦٽو،

حڪمت جهڙو هار ٿئي، مڻيو ڪر مٺو،

ڳهڻو ڪري ڳچيءَ ۾، ڪر ڪنگڻ ڪول ڪٺو،

پوءِ ٿيندو چوٽيءَ ڦل تو، جيڏين منجهه ”جلال“ چئي.

(جلال ڀٽو)

 

ڪامڻ = بيبي مريم.

مڻيو = حضرت عيسيٰ عليہ السلام.

 

مراد:  بيبي مريم کي فرزند ڄمڻ تي ڏاڍي ڳڻتي ٿي ته ٻار کي ڪيڏانهن ڪنديس ۽ ماڻهن کي ڪهڙو جواب ڏينديس.

 

[5]

نه ڪي هاڙي هل، نه ڪي ويهه ڀنڀور ۾،

ڪوڙ ڳالهائج ڪينڪي، سچي ساکَ مَ سل،

جانب ڪاڻ مَ جل، سور وِسار نه سسئي.

 

هاڙهو = بيت المقدس. ڀنڀور = بيت المقدس.

ٻاهر هڪڙو جهنگ. سسئي = بيبي مريم.

جانب = حضرت عيسيٰ عليہ السلام.

 

مراد:  بيبي مريم جڏهن حامله ٿي، تڏهن کيس سخت فڪر لڳو ته خلق کي ڪهڙو جواب ڏينديس. انهيءَ ڪري هوءَ مسجد اقصيٰ ڇڏي، هڪڙي گوشائتي هنڌ وڃي رهي. پوءِ آواز آيو، اي مريم! تون ڪوبه فڪر نه ڪر، اتي ئي الله تعاليٰ جي حڪم سان تو کي پاڻي ۽ کاڌو پيو ملندو. تو وٽ ڪو ماڻهو اچي ته ان کي چؤ ته مون باس باسي آهي، تنهنڪري آءٌ ڪين ڳالهائينديس. جڏهن کيس حضرت عيسيٰ عليہ السلام ڄائو، تڏهن بيبي مريم ڪجهه نه ڳالهايو فقط ان ٻار ڏانهن اشارو ٿي ڪيائين، جنهن الله تعاليٰ جي حڪمت سان ڳالهائي پنهنجي والده جو غم ۽ فڪر بدلائي خوشي بخشي ۽ عزت برقرار رکي.

 

[6]

نڱي مان ناسوت ٿيو، جبي مان جبروت،

جنهن جو سندرو ثابوت، تنهن برقعو ڍڪيو ڀرم جو.

 

نڱي = نڇ ڏانهن اشارو. ناسوٿ = نبوت.

جبو = جبرئيل. جبروت = انجيل.

جنهن، تنهن = بيبي مريم ڏانهن اشارو.

 

مراد:  حضرت آدم عليہ السلام مان نڇ نڪتي سا جبرئيل محفوظ ڪئي. اهائي بيبي مريم وٽ آئي، جنهن مان حضرت عيسيٰ عليہ السلام پيدا ٿيو. جنهن کي نبوت ملي. الله تعاليٰ جبرئيل هٿان مٿس انجيل نازل ڪيو، ۽ هن کانئس تنجڻن ۾ ڳالهارايو. ۽ بيبي مريم جي پاڪدامني ظاهر ڪئي.

 

[7]

اچي ويو اصيل تي، ڪٺن جهڙو ڪم،

گجر غمناڪ ٿي، وڏو ٿيس وهم،

انهيءَ مهل آلائيو، هن دانهه هڻي دم،

مون کي مالڪ موڪليو، تون ڪچو ڀانءِ مَ ڪم،

لٿس غم وهم، مهل انهيءَ ”موريو“ چئي.

(موريو کٽي)

 

گجر = بيبي مريم. دانهه = حضرت عيسيٰ

عليہ السلام.

 

مراد:  جڏهن حضرت عيسيٰ عليہ السلام ڄائو، تڏهن ماءُ کي چيائين ته تون الڪو نه ڪر، توکان ڪير به پڇي ته مون ڏانهن اشارو ڪج. مون کي الله تعاليٰ نبي ڪري موڪليو آهي. انهيءَ ٻارڙي (حضرت عيسيٰ عليہ السلام) جي تسليءَ ماءُ جو غم وهم سڀ لاهي ڇڏيو.

 

[8]

نڪي آيا ڄاڃي ڄڃ ڪري، نه ڪي ڏٺو هئم محب ميهار،

عجيب ڪيئن آيو اڱڻ تي، جو پيهي ويو پاتار،

سهڻيءَ کي ساهڙ جو، وڏو ٿيو ويچار،

جڏهن پڪا ٻڌايئينس پار، تڏهن سرهي ٿي سرير ۾.

 

ميهار = مڙس. عجيب = حضرت عيسيٰ عليہ

السلام. پاتار = پيٽ. سهڻي = بيبي مريم.

ساهڙ = حضرت عيسيٰ عليہ السلام.

 

مراد:  شاديءَ کان سواءِ بيبي مريم حامله ٿي هئي، کيس پيٽ واري ٻار (حضرت عيسيٰ عليہ السلام) جو گهڻو فڪر ٿيو. جڏهن ڄائو ته هيڪاري خلق جي خواريءَ کان فڪرمند ٿي، مگر الله تعاليٰ جي حڪم سان ان ٻار ڳالهايو، تڏهن سندس غم وهم لهي ويا.

 

[9]

مانيءَ مان مکڻ نڪتو، سٺو سواءِ سنباڻ،

سڻڀ تنهن ۾ سوايو، پرور وڌو پاڻ،

ٽڪن ڪئي هئي ٽاڻ، وري ماٽيءَ سان ”مهيسر“ چئي.

(حاجي فقير مهيسر)

 

ماٽي = بيبي مريم. مکڻ = حضرت عيسيٰ

عليہ السلام. سنباڻ کان سواءِ = شادي ڪرڻ

کانسواءِ. سڻڀ = ڄمڻ سان ڳالهائڻ جي حڪمت.

ٽڪا = بيبي مريم جا دشمن.

 

مراد:  بيبي مريم کي جڏهن حضرت عيسيٰ عليہ السلام ڄائو. تڏهن دشمن مٿس بهتان مڙهڻ لڳا، مگر الله تعاليٰ حضرت عيسيٰ عليہ السلام کي ڳالهائڻ جي حڪمت ڏيئي انهن جو منهن بند ڪري ڇڏيو.

 

[10]

هو جو وڻ ولايت مان، آڻي پوکيائون،

پاڻي تنهن جي پاڙ ۾، مور نه وڌائون،

نه ڪو پن تنهين جو، نه ڪا لام ئي لوڏيائون،

تڏهن سئائون، جڏهن ميوي مان معلوم ٿيو.

 

وَڻ = حضرت عيسيٰ عليہ السلام جو روح.

ميوو = حضرت عيسيٰ عليہ السلام.

 

مراد:  حضرت عيسيٰ عليہ السلام کي بنا والد جي الله تعاليٰ بيبي مريم جي پيٽ مان پيدا ڪيو. ان جي ڄمڻ تي بيبي مريم تي ماڻهو بيهودا الزام رکڻ لڳا، پر ننڍڙي ٻار (حضرت عيسيٰ عليہ السلام) جي ڳالهائڻ سان حقيقت ظاهر ٿي ته بيبي مريم پاڪدامن آهي.

 

[11]

ڊاک پڪي ڇڳا ٿيا، ڪني لالائي لاک،

منهنجي مير مينڌرا! آهه سومل تي ساک،

تو ڏنيون تاڙيون طاق، سي مون نه پٽيون آهن مينڌرا.

 

منهنجي = بيبي مريم ڏانهن اشارو.

مير مينڌرو = حضرت زڪريا عليہ السلام.

سومل = مسجد اقصيٰ.

 

مراد:  بيبي مريم کي حضرت زڪريا عليہ السلام تاتيو پاليو هو، جڏهن کيس حضرت عيسيٰ عليہ السلام ڄائو، تڏهن حضرت زڪريا عليہ السلام کانئس پڇا ڪئي. بيبي صاحبه پنهنجي پاڪدامني جي ثبوت ۽ مسجد اقصيٰ کي گواهه بنائي چيو ته جيڪا پابندي، توهان مون لاءِ قائم ڪئي، ان کان ٻاهر نه نڪتي آهيان آءٌ پاڪ ۽ معصوم آهيان.

 

[12]

ساراهيان سچو ڌڻي، ڏس آگي جي عبرت،

مٿي منڌ مقابلو، ڪا هئي خان کپت،

آيو مير ملير ۾، تنهن باريءَ جي برڪت،

ڪي ڏهاڙا ڪيترا، ڪئي حاڪم حڪومت،

جانب سو ”جاڙو“ چئي، آهي ساجن سلامت،

اِنهي قادر جي قدرت، سا تون ڳڻي ڳڻيندُون ڪيتري.

(جاڙو خان مري)

 

منڌ = بيبي مريم. مير = حضرت عيسيٰ

عليہ السلام. ملير = دنيا.

 

مراد:  حضرت عيسيٰ عليہ السلام بنا پيءَ پيدا ٿيو هو. ماڻهو بيبي مريم تي بهتان مڙهڻ لڳا. مگر حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي ڳالهائڻ تي خاموش ٿي ويا. حضرت عيسيٰ عليہ السلام ڪيترو وقت ماڻهن کي هدايت ڪئي، آخر الله تعاليٰ کيس چوٿين آسمان تي کڻائي ورتو.

 

[13]

نه ڪو وپر ونيءَ ڪيو، نه ڪي حق نڪاح،

منهن نه ڏنو هئائين مرد جو، پر ڄائي هئي پيءَ ماءُ،

تنهن جو وياءَ، ڄاپندي ڄام ٿيو.

 

وني = بيبي مريم. وياءُ = حضرت عيسيٰ

عليہ السلام.

 

مراد:  بيبي مريم کي بنا شادي ڪرڻ جي الله تعاليٰ جي حڪمت سان اهڙو ٻار عطا ٿيو جنهن ڄمڻ سان ڳالهائيو.

 

[14]

لوڪان ستي هر ڪا، وَرَ کان ستي هوءِ،

هار به ان کي هنج ۾، ٻار به ان کي سونهه،

 

وَرَ کان ستي هئڻ = مڙس کان سواءِ هجڻ.

ان = بيبي مريم ڏانهن اشارو.

 

مراد:  دنيا جي باعصمت عورتون برابر آهن، پر بيبي مريم اها عورت آهي جنهن کي الله تعاليٰ مرد جي منهن ڏيکارڻ کان سواءِ پاڪدامن رکيو ۽ کيس حضرت عيسيٰ عليہ السلام جهڙو ڀلارو پٽ عطا ڪيو.

 

[15]

ري پاڻيءَ پيا ٿيو، هڪ گلابي گل،

باغن ۽ بستانن ۾، ڪونهي هن جو مُل،

”جوکيو“ چئي جهان ۾، جنهن جو شهه ڪيو شغل،

اهڙو ئي گل امل، جو آريائي ڏسي ارهي ٿي.

(جوکيو)

 

گلابي گل = حضرت عيسيٰ عليہ السلام.

آرياڻي = بيبي مريم ڏانهن اشارو.

 

مراد:  بيبي مريم الله تعاليٰ جي حڪمت سان ڪنهن به مرد جي منهن ڏسڻ کانسواءِ حضرت عيسيٰ عليہ السلام پٽ ڄائو. پر هوءَ خلق جي خواريءَ کان فڪرمند رهي.

 

[16]

هيءَ به سهڻين ۾ سهڻي هڪ هئي،

پر ناچڱائي نار جي، ساري لوڪ سئي،

مرڻ مثال هئي، پر موت نه ماري اُها.

 

سهڻي = بيبي مريم.

 

مراد:  حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي ڄمڻ تي، ماڻهو بيبي مريم تي بهتان مڙهڻ لڳا، تنهنڪري کيس موت جهڙو غم رهيو، پر حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي ڳالهائڻ کيس ان غم کان آجو ڪيو.

(ب) حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي ڄمڻ تي عمران جو وسوسو:

        چون ٿا ته جڏهن حضرت عيسيٰ عليہ السلام تولد ٿيو، تڏهن بيبي مريم جي والد عمران جي دل ۾ وسوسو ٿيو ته بنا پيءَ جي ٻار ڪيئن ڄائو؟ انهيءَ ڪري بيبي صاحبه کي ڪاوڙجي، عبادتگاهه جي دروازي کان ٻاهر نڪتو. اتي ڏٺائين ته هن جي اندر وڃڻ وقت، ٻاهر ويٺل ڇوڪرين کي هٿن ۾ جيڪي گڏيون هيون، سي مٽجي ننڍا ٻار ٿي پيا آهن ۽ اُهي ڪنواريون ڇوڪريون انهن کي کير پيون پيارين. اهو ڏسڻ سان هن جي دل جو وهم نڪري ويو ۽ سندس دل ۾ بيبي صاحبه لاءِ عزت پيدا ٿي ۽ ٻار (حضرت عيسيٰ عليہ السلام) جي ڄمڻ کان الله تعاليٰ جي قدرت جو ڪرشمو سمجهيائين.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[17]

سمجهي مَڪر مومل جو، ڪيائين ها هُو،

جڏهن راڻيو ڏٺئين روبرو، تڏهن مومل وٺي ويو مينڌرو.

 

مومل = بيبي مريم. ها هُو ڪرڻ = ڪاوڙ ڪرڻ.

راڻيون = گُڏين واريون ڪنواريون ڇوڪريون.

مينڌرو = بيبي مريم جو والد عمران.

 

مراد:  ڏسو مٿيون بيان.

(ج) حضرت عيسيٰ عليہ السلام ۽ جَمجَما سلطان جي ملاقات:

        جمجما سلطان جي هڪڙي گناهه کان الله تعاليٰ مٿس اهڙو ناراض ٿيو، جو سندس موت کان پوءِ سندس سسي لتن ۾ پيئي لتاڙبي ۽ ٿڏبي هئي. هڪ ڏينهن حضرت عيسيٰ عليہ السلام هڪڙي هنڌان لانگهائو ٿيو، ته جمجما جي اُها کوپڙي رستي ۾ پيل ڏٺائين. اُتي کيس خيال آيو ته ڪنهن پر هن ۾ ساهه پوي ته کانئس سندس ٿڏجڻ جو سبب پڇجان ۽ ان لاءِ الله تعاليٰ جي دربار ۾ سوال ڪيئين. الله تعاليٰ جي حڪم سان سريءَ ۾ ساهه پيو. جنهن ٻڌايس ته آءٌ جمجما سلطان آهيان. منهنجي راڻين کي گهڻي ڪوشش جي باوجود ڪو اولاد ڪونه ٿيو، پوءِ هنن مون کي تنگ ڪيو ته موڪل ڏي ته اولاد ٿئي. لاچار ڪنڌ ڌوڻي مون کين اجازت ڏني. اُن ڪنڌ ڌوڻڻ کان مون تي اهو عذاب نازل ٿيو آهي، جو منهنجي کوپڙي اڄ تائين رستن تي پيئي ٿُڏجي. حضرت عيسيٰ عليہ السلام کيس فرمايو، اي سلطان! جي چئين ته مان الله تعاليٰ کان دعا گهري توکي جنت ۾ جاءِ وٺي ڏيان؟ مگر جمجما سلطان وري به دنيا ۾ ئي رهڻ جي خواهش ڏيکاري. پوءِ حضرت عيسيٰ عليہ السلام الله تعاليٰ کي سوال ڪري ستر ورهين جي وڌيڪ حياتي بخش ڪرايس.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

[18]

وٺو راهه رسول جي، ڪندو مالڪ موچاري،

ٻانڀڻ هيءَ ٻروچ کان، ڌار ٿي هئي ڌاري،

سڄڻ تنهن سورن جي، هوءَ کنيو گهمي کاري،

لڳيو تن لڪن سان، هوءِ وري ويچاري،

برن منجهه ”بلوچ“ چئي، پئي وسايئين واري،

لوهن لکن لوساٽي، ڪئي هئي ڪاري،

هئي لاکيڻي لٽ ۾، هيس مٽي موچاري،

هلي هنڌ انهيءَ تي، اچي ڪيچيءَ ڪوڪاري،

آيو آواز اتهين، ته آهيان سورن سيکاري،

ستيس سيج پلنگ تي، هيس پيڪن جي پياري،

ڪنهن آيس عشق اري ۾، جو ڪيم پهڻ پاٿاري،

اچي محب مليس ”مري“ چئي، ڪيس صاحب ستاري،

معلوم ٿيو مڪران ۾، اها سڌ خبر ساري،

پنهل پرين گڏيو، هوءِ هئي وَرَ ري ويچاري،

پوءِ ٿي بيحد بيهاري، جاءِ انهيءَ ”جاڙو“ چئي.

(جاڙو خان مري)

 

ٻانڀڻ – سِري. ٻروچ – ڌڙ.

لڪن سان لڳڻ – تڏجڻ.

ڪيچي = حضرت عيسيٰ عليہ السلام.

اتانهين = سسي ڏانهن اشارو.

عشق ارو = گناهه. مڪران = دنيا.

هوءَ = سِري. وَرَ = ڌڙ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون بيان.

 

[19]

وٺو راهه رسول جي، سدائين ڪريو سعيو،

راجا تنهن راءِ کي، اچي تندن تپايو،

پاڻهي موڪل پاڻ ڏنئين، اچي ڀاڳ به ڀلايو،

هو رب سندو رايو، اچي سورٺ سور پرايو.

 

راجا = جمجما سلطان. تندون = زالون.

سورٺ = کوپري.

 

مراد:  جمجما سلطان تي زالن زور رکيو ته اسان کي اولاد ٿئي ڪونه ٿو ۽ سڀ حيلا ڪري ٿڪيون آهيون، تنهنڪري هاڻي اجازت ڏي ته بت پرستي ڪيون ته انهيءَ وسيلي من اسان کي اولاد ٿئي. ان تي سلطان ڪنڌ ڌوڻي موڪل ڏني. ان بعد سلطان کي مٿي ۾ سور پيو، جو مرڻ تائين نه لٿو. بلڪ مرڻ کان پوءِ به ان جي کوپڙي قبر کان ٻاهر اچي پيئي ۽ رلندي ٿڏبي رهي.

 

[20]

جيسين هئي گڏ گهوٽ سان، تيسين ڪيئين حڪم هزار،

وير چڙهي ويئي ڇڏي، ٿي پئي نار نڪار،

وَٽي چکي وِهه جي، ٿي ويئي ڌوٻياڻي ڌار،

پنهونءَ ڪيس پٻ ۾، گويائي گفتار،

پوءِ لٿس غم غبار، مهل انهيءَ ”موريو“ چئي.

(موريو کٽي)

 

گهوٽ = ڌَڙُ. نار = سسي. پنهون =  حضرت

عيسيٰ عليہ السلام. غم لهڻ = جمجما سلطان

جو وري زنده ٿيڻ.

 

مراد:  جمجما سلطان جي سسي جيسين ڌڙ سان گڏ هئي، تيسين حڪومت پئي ڪيائين، مگر جڏهن گمراهيءَ سبب الله تعاليٰ جو آزار مٿس آيو، تڏهن بيڪار ٿي ٿڏجي رهي. پوءِ حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي مهرباني سان وري ڌڙ سان ملي ۽ زندگي حاصل ٿيس.

 

[21]

رانجهوءَ لئي پئي ريهون ڪيئين، هير هئي حيران،

کيڙن اُني سان کيٽا ڪيا، پئي سنجهي صبح سان.

ڪيئن ملندينءَ ”ميهار“ چئي، ڇو منڌ ٿي آهين مستان؟

ساراهيان سبحان، جنهن رانجهو ميڙيس رڻ ۾.

(ميهار)

 

راجهو = جمجما جو ڌڙ.

هير = جمجما جي سسي.

کيڙا = چوپايو مال. کيٽو ڪرڻ = سسيءَ

کي ٿڏڻ. منڌ = سسي.

 

مراد:  جمجما جي سسي ڌڙ کان سواءِ چوپائي مال پڇئي ٿڏي، جڏهن حصرت عيسيٰ عليہ السلام ڏٺي تڏهن هن الله تعاليٰ جي دربار ۾ سوال ڪري ان کي پنهنجي ڌڙ سان ملائي زندگي عطا ڪرايس.

 

[22]

ڪيائين عرض اميرن کي، منهنجا ويا لهرين ۾ ليا،

گهڙو ڀڳو منڌ مئي، منهنجا وسيلا ويا،

ٻگا جي ٻيٽن تي، اچي ڪانڌي ڪنگ ٿيا،

هن سان ساهڙ سک ڪيا، پر مدد ساڻ ميهار جي.

(احمد خان مري)

 

گهڙو = سسي. ڀڳا، ڪنگ = جيت ڪيائن.

ساهڙ = حضرت عيسيٰ عليہ السلام.

ميهار = رب پاڪ

 

مراد:  جمجما سلطان جي سسي ڌڙ کان ڌار ٿي رستن تي ٿڏبي رهي ۽ منجهس جيت ۽ ڪيئان پيا هوندا هئا. جڏهن حضرت عيسيٰ عليہ السلام ڏٺي تڏهن الله تعاليٰ کي سوال ڪري، اها سسي وري به ڌڙ سان ملارائي، کيس زندگي حاصل ڪرائي.

 

[23]

هڪ هاٿي آهه هنگلاچ ۾، جنهن جي سونڊ لاڙ سري،

ملي ڪيئن ”مري“ چئي، ٿو وچان پنڌ پري،

زرو زري تي ڌري، اهو پهلوان پهرائي ڇڏيو.

(احمد خان مري)

 

هاٿي = جمجما سلطان جو ڌڙ. سونڊ = کوپڙي.

پهلوان = حضرت عيسيٰ عليہ السلام.

 

مراد:  حضرت عيسيٰ عليہ السلام رستي هلندي جمجما سلطان جي کوپڙي ڏٺي. پوءِ خد کي سوال ڪيائين ته يا الله! هن کي زندگي عطا ڪر ته هن کان هن جي ابتر حالت جي حقيقت پڇان. پوءِ الله تعاليٰ جي حڪم سان اُها کوپڙيءَ ڦري سسي ٿي ۽ ان ۾ ساهه پيو پوءِ حضرت عيسيٰ عليہ السلام سان پنهنجي حقيقت بيان ڪيائين.

 

[24]

عمر نئي هئي ماري، هڻي چهانگياڻي جهٽ،

ڪريون پڇيائينس خبرون، وٺي ان کي وَٽ،

چئي: رسايئين مارن ڏي ملير ۾، ٻانهيون وٺي ڏيئين ٻٽ،

ٿي چئي: وڃي سانگين وٽ، گهمان ملڪ ملير ۾.

(احمد خان مري)

 

عمر = حضرت عيسيٰ عليہ السلام.

جهانگياڻي = سسي. مارو = عضوا.

ملير = بهشت. سانگي = عضوا.

ملير = هي دنيا.

 

مراد:  حضرت عيسيٰ عليہ السلام جمجما سلطان جي کوپڙي رستي تي پيل ڏٺي. پوءِ ان کي زندگي عطا ڪرائي کانئس حقيقت پڇي. مٿس رحم آڻي، کيس چيائين ته توکي تنهنجن ٻين عضون سان گڏي بهشت موڪليان ته اتي حورن وٽ هجين، پر سسيءَ جواب ڏنو ته يا حضرت! اها آس اٿم ته عضون مان گڏجي وري هڪڙو دفعو هن دنيا جي زندگي ماڻيان.

 

[25]

وٺو راهه رسول جي، محبت ورهايو ماڻ،

ليلان جي هار سان، هئي روح رهاڻ،

ڪانڌ اچي هيس ڪٽريو، جو رليئين محبت ساميءَ ساڻ،

ڪانه ڪڍيائينس ڪاڻ، لوڌائي ڇڏيائينس لهور مان.

(احمد خان مري)

 

ليلان = سيسي. هار = ڌڙ. ڪانڌ = الله تعاليٰ.

سامي = بت. لهور = قبر.

 

مراد:  جمجما سلطان جي سسي حضرت عيسيٰ عليہ السلام کي عرض ڪيو ته مون هن ڌڙ سان گڏ رهي بهتر زندگي گذاري هئي. پر بتن سان محبت رکڻ ڪري، الله تعاليٰ مون تي ناراض ٿيو ۽ منهنجي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري قبر مان ئي ڪڍائي رلائي ڇڏيائين.

 

[26]

وٺو راهه رسول جي، ويو اَٿو سچ ٻڌائي سرور،

ليليٰ ته مجني کان، هئي ڇنائي ڇوڪر،

بدن هن جو بيران ٿيو، اچي منهن تي چڙهيس مر،

”احمد“ چئي اَوسر، مئي کان پوءِ ملائيا.

(احمد خان مري)

 

ليلان = سسي. مجنون = ڌڙ. ڇوڪر = اولاد.

اوسر = حضرت عيسيٰ عليہ السلام.

 

مراد:  جمجما سلطان اولاد جي طلب ڪري ئي راڻين کي بتن جي پرستش جي اجازت ڏيئي پاڻ تي عذاب آندو، مرڻ بعد سندس سسي پئي ٿڏي ۽ مٿس مٽيءَ جا مڻ چڙهي ويا هئا. حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي ملاقات ڪرڻ کان پوءِ اها ساڳي سسي ڌڙ سان ملي ۽ جمجما سلطان کي دوباره ستر ورهيه ڄمار نصيب ٿي.

 

[27]

جنهن کي وڍئي ورهيه ٿيا، ڦوڙائي ڦٽي،

اڌ مومل جي ڳل ۾، اڌ ويو ماڳ مٽي،

جڏهن آيس وير وٺي، تڏهن آجي ٿي عيبن کان.

 

جنهن = جمجما سلطان ڏانهن اشارو.

اڌ = ڌڙ ڏانهن اشارو. مومل = قبر.

اڌ = سر ڏانهن اشارو. وير = حضرت عيسيٰ

عليہ السلام.

 

مراد:  جمجما سلطان جو سر ڌڙ کان جدا ٿي قبر کان ٻاهر جهنگ ۾ پئي ٿڏيو جو حضرت عيسيٰ عليہ السلام ڏٺو. تنهن الله تعاليٰ جي دربار ۾ سوال ڪري ڌڙ ۽ سر گڏائي زندگي ڏياريس.

 

[28]

وٺو راهه رسول جي، جا وهي پئي وِير،

ڪونرؤ مون سان ڪيس ڪيو، جنهن جي پست وڃائيندو پير،

هاڻي عرض ڪريان ٿي ”احمد“ چئي، سڻ مون نماڻيءَ نظير،

انهيءَ سڃيءَ وڃايو سير، هاڻ وارث! وَرُ ولهيءَ سان ڪريو.

(احمد خان مري)

 

ڪونرؤ = راڻي. نماڻي = جمجما سلطان جي سسي.

وارث = حضرت عيسيٰ عليہ السلام.

 

مراد:  جمجما سلطان جي سسيءَ حضرت عيسيٰ عليہ السلام کي عرض ڪيو ته يا حضرت! مون پنهنجي راڻيءَ جي وڻ تي لڳي پاڻ سان ظلم ڪيو. الله تعاليٰ ان کي پنهنجي سزا پاڻ ڏيندو، توهين مون سان پنهنجي عنايت ڪري مون کي بخشش عطا ڪرايو.

 

[29]

وٺو راهه رسول جي، ويو اٿو سچ ٻڌائي سردار،

سومل ڏس ساميءَ سان، ڪهڙي ڪئي آهه ڪار،

سک ڦٽايو سوڍي جو، وري تنهن وڻتار،

سومل نڪتي محلات مان، ڇڏي هار سينگار،

ڪيائين حيلا لک هزار، پر راڻو ريڌوئي ڪونه ڪو.

(احمد خان مري)

 

سومل = راڻي. ساميءَ = جمجما سلطان.

وڻتار = راڻي. مومل = سسي. محلات = ڌڙ.

راڻو = الله تعالي.

 

مراد:  جمجما سلطان جي سسي حضرت عيسيٰ عليہ السلام کي عرض ڪيو ته مون سان منهنجي راڻيءَ ظلم ڪيو، جو بت ٺاهي بت پرستيءَ جي اجازت ورتائين. اولاد جي سڪ ۾ مون اجازت ڏيئي الله تعاليٰ جو ڏمر کنيو ۽ بخش ٿيڻ جي لائق نه رهيس.

 

[30]

جنهن ورتي راهه رسول جي، سو حاڪم ٿيو هلي،

سسئي پنهنجي ڪانڌ سان، هئي بَلي بَلي،

آيا ڏير ڏکيءَ جا، جن سان حجت ناهي هلي،

سا پٿرن آهه پٿون ڪئي، پيئي ڇپر ۾ ڇلي،

ورايس ماڳ ڀلي، جو اڌ ۾ مليس ”احمد“ چئي.

(احمد خان مري)

 

سسئي = سسي. ڪانڌ = ڌڙ.

ڏير = ملائڪ. ڇپر = رستو.

ڇَلڻ = تڏجڻ. ڀلو = حضرت عيسيٰ عليہ السلام.

 

مراد:  جمجما سلطان جي سسي الله تعاليٰ جي ڏمر سبب رستن تي پئي رلي ۽ ٿڏي، جڏهن ڀلاري حضرت عيسيٰ عليہ السلام سان ملاقات ٿيس، تڏهن وري وڃي پنهنجي ڌڙ سان ملي.

 

[31]

جنين ورتي راهه رسول جي، سي ويا خير کٽي،

مومل هئي محلات ۾، ڪڙمي ساڻ ڪٺي،

راڻو تنهن کان رسي ويو، محبت آهه مٺي،

نڪري پوءِ نروار ٿي، جو ڏينهن پئي ڏٺي،

ستي ٿي سٺي، سوڍو مليس سير ۾.

(احمد خان مري)

 

مومل = سسي. محلات = قمبر.

ڪڙمي = ڌڙ. راڻو = رب پاڪ.

سوڍو = حضرت عيسيٰ عليہ السلام.

 

مراد:  جمجما سلطان جي سسي قبر ۾ پنهنجي ڌر سان گڏ هئي پر پوءِ الله تعاليٰ جي ڏمر سان ڌڙ کان جدا ٿي، رستي تي پئي ٿڏي، جڏهن حضرت عيسيٰ عليہ السلام سان ملاقات ٿيس تڏهن وري ڌڙ سان ملي.

 

[32]

جنين ورتي راهه رسول جي، تنهين تي ٿي وِير وَسي،

هير تان رانجهي کان، ويا کيڙا جوان کسي.

آيو طالب تخت هزاري جو، هن کي رنگ پور ۾ رَسي،

پوءِ ورنه ساڻ وَسي، ڪامڻ پنهنجي ڪانڌ سان.

(احمد خان مري)

 

هير = سسي. رانجهو = ڌڙ.

کيڙا جوان = ملائڪ سڳورا.

طالب تخت هزاري = حضرت عيسيٰ عليہ السلام.

ڪامڻ = سسي.  ڪانڌ = جسم.

 

مراد:  جمجما سلطان جي سسي ملائڪ سڳورن ڌڙ کان ڌار ڪري قبر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏي، جڏهن حضرت عيسيٰ عليہ السلام سان هن جي ملاقات ٿي تڏهن ان سان پنهنجو حال اوري معافيءَ جي طالب ٿي. پوءِ حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي مهربانيءَ سان پنهنجي ڌڙ سان ملي زندگي حاصل ڪيائين.

 

(د) حضرت عيسيٰ عليہ السلام کي شهيد ڪرڻ جي سازش:

        حضرت عيسيٰ عليہ السلام کي شهيد ڪرڻ لاءِ ڪن يهودين سازش سٽي. سندن سردار چيو ته آءُ پنهنجي هٿ سان حضرت عيسيٰ عليہ السلام کي ماريندس. هو پوءِ حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي حجري ۾ گهڙيو. ان مهل حضرت عيسيٰ عليہ السلام اتي موجود نه هو. يهودي سردار ٻين همراهن کي اها ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ ٻاهر نڪتو ٿي ته جبرئيل سندس منهن تي پکڙانڊي گهمائي، ته سندس منهن حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي منهن جهڙو ٿي پيو. پوءِ ٻاهر بيٺل يهودين کي چيائين ته، حضرت عيسيٰ عليہ السلام اندر حجري ۾ ڪونهي. يهودين چيس ته اهو تون آهين ۽ ڀڄي ٿو وڃين. سو ڌڪ هڻي ماري رکيائونس. مرڻ کان پوءِ ڏسن ته سندس سردار مئو پيو آهي.

مٿئين بيان تي ڏور ڏجي ٿو.

[33]

هرڻ ڏسي هيڪلو، ڪئي مارين ڪا مصلحت،

هڪ ماريءَ چيو ماريندس، هرڻ پنهنجي هٿ،

ڏسو قادر جي قدرت! جو ماري پاڻ مري پيو.

 

هرڻ = حضرت عيسيٰ عليہ السلام.

مارين = يهودي. نهڪ ماري = يهودين جو سردار.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org