سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :7

[5]

ڏولي راءِ ڏياج جي، ترت ٺهي ٿي تيار،

انهيءَ ۾ ”احمد“ چئي، ٿي سورٺ ڪين سوار،

مري ٿي مردار، سورٺ سمجهيو ڪينڪي.

(احمد خان مري)

 

ڏولي = ٻيڙي. راءِ ڏياچ = حضرت نوح عليہ السلام.

سورٺ = حضرت نوح عليہ السلام جي زال.

 

مراد: حضرت نوح عليہ السلام جي ٻيڙي جڏهن ٺهي تيار ٿي تڏهن ٻيا ماڻهو حضرت نوح عليہ السلام جي چوڻ موجب سوار ٿيا ۽ الاهي آفت کان بچي ويا، مگر سندس زال ٻيڙيءَ ۾ نه چڙهي ۽ اتي ئي مري ويئي.

 

[6]

سوڍي گهڻو سمجهايس، پر مڃيو ڪين مومل،

مٿان تنهن مينڌري جي، پيئي ڪري نار نقل،

انهيءَ اجائي عقل، منجهائي ماري ”محمد“ چئي.

(محمد فقير ڏيرو)

سوڍو- حضرت نوح عليہ السلام.

موڪل = حضرت نوح عليہ السلام جي گهر واري.

مراد: حضرت نوح عليہ السلام جو ٻيرو جڏهن هلڻ لاءِ تيار ٿيو، تڏهن پنهنجي زال کي سڏي چڙهڻ لاءِ چيائين ۽ سمجهايائين، مگر هن انڪار ڪري مٿس ٺٺول ڪئي، آخر ٻيڙي تي نه چڙهي ۽ ٻڏي مئي.

 

[7]

مري نه ڄاتئي مارئي! تون مري ٿئين مردار،

سرين جو سينگار، تو لوٺي! سڀ لڄايو.

 

مارئي = حضرت نوح عليہ السلام جي زال.

سرتيون = نبين جو اَهل.

 

مراد: حضرت نوح عليہ السلام جي گهر واري ٻيڙي ۾ نه چڙهي ۽ ٻڏي مئي. حالانڪه پاڻ هڪڙي نبيءَ جي زال هئي، کيس ائين نه ڪرڻ کپندو هو. ائين ڪري ٻين نبين جي حرمن کي به لٺارو ڪري ڇڏيائين.

 

[8]

عمر شهر لڏائي، اڻي ڪيو اروڙ،

ڏاڍي ڪنهن ضرور، ماڻهو پڊَ ڇڏي ويا.

 

عمر = حضرت نوح عليہ السلام.

ڪنهن ضرور = عذاب الاهي ڏانهن اشارو.

 

مراد: حضرت نوح عليہ السلام ٻيڙو تير ڪرائي، مؤمنن کي وٺي اچي ان ۾ سوار ڪيو، اهي پڻ خدائي عذاب جي ڊپ کان پنهنجا اصلي گهر گهاٽ ڇڏي اچي ٻيڙي ۾ سوار ٿيا هئا.

 

 [9]

کڻي کٿابي آئيو. پرزا پورا چار،

پرزو ليليٰ وات ۾، کاڌي ٿيس خمار،

لڇي پڇي ”لنڊ“ چئي. تيلاهون لڳس تيار،

اهو کٿابي ڏيکار، جنهن ميوا آندا ملڪ جا.

(لُنڊ)

 

کٿابي = حضرت جبرئيل. چار پرزا = چئني پاڪ

ڪتابن جا چار ورق. ليليٰ = ٻيڙيءَ ڏانهن اشارو.

 

مراد: جڏهن حضرت نوح عليہ السلام جي ٻيڙي طوفان ۾ هڪ هنڌ روڪجي ويئي. تڏهن حضرت جبرئيل چئني پاڪ ڪتابن جا ورق کڻي اچي ٻيڙيءَ ۾ وڌا ۽ ٻيڙي هلڻ لڳي.

[10]

سومري چيو سنگت مان، وڃي سوڍا! لهي آءٌ سماءُ.

موٽيو ڪين ”مري“ چئي، لڳي ويس طماع.

اچي همير انهي جاءِ، هن جا اُٺ ٻڌا ”احمد“ چئي.

(احمد خان مري)

 

سومرو = حضرت نوح عليہ السلام.

سنگت = ٻيڙي واروا. سوڍو = پکي

 

مراد: حضرت نوح عليہ السلام جو ٻيڙو جڏهن جودي جبل سان ٽڪرجي بيٺو تڏهن حڪم ڪيائين ته، ڪو وڃي پاڻي جو سماءُ لهي اچي. سڀني گڏجي چيو ته، پکي موڪليو جو موٽي به سگهي. هڪ پکي لهي ويو ۽ وڃي ساوڪ ۽ گلزاري ۾ ويهي رهيو ڇو ته اتي پاڻي ڪونه هو. پوءِ گهڻن ڏينهن بعد حضرت نوح عليہ السلام پاراتو ڏنس، ان ڏينهن کان وٺي ان جو اڏامڻ بند ٿيو.

[11]

اول نانءُ الله جو، جيڪو سچيءَ دل ساري،

قرض مرض انهيءَ تان، ڇڏي تُهن جيئن تاري.

اچي کٿابين کي خار لڳو، ته ڇڏيو ماستر کي ماري،

ڇڏيئينِ وَڪر وساري، اهو اکر نه آين ”احمد“ چئي.

(احمد خان مري)

 

کٿابي = چاليهه گهر جيڪي حضرت نوح

عليہ السلام سان ٻيڙي ۾ چڙهيل هئا.

ماستر = حضرت نوح عليہ السلام.

 

مراد: حضرت نوح عليہ السلام سان چاليهه ٽولا ٻيڙي ۾ چڙهيل هئا جڏهن سڪيءَ تي لٿا ۽ حضرت نوح عليہ السلام هڪ پکي کي پاراتو ڏيئي ڪڪڙ ڪيو، تڏهن انهن سڀني سِٽ سٽي ته اڄ پنهنجي سنگتيءَ کي پاراتو ڏنو اٿس. سڀاڻي متان پاڻ مان به ڪنهن کي پاراتو ڏيئي محتاج بنائي ڇڏي، تنهنڪري اچو ته گڏجي ماري ڇڏيونس، هنن اها رٿ رٿي ته خدا جي قدرت سان سڀني پکين جون ٻوليون بدلجي ويون، چاليهن ٽولن جون جداجدا چاليهه ٻوليون ٿيون ۽ هڪٻئي جي ٻولي سمجهڻ کان عاجز ٿي پيا.

 

(ب) ٻڍڙي ۽ ٻوڏ وارو طوفان:

        جڏهن حضرت نوح عليہ السلام پنهنجي پوئلڳن ۽ ڪافرن کي ٻڌايو ته توهان تي خدا جو عذاب طوفان ۽ سيلاب جي صورت ۾ جلد نازل ٿيڻ وارو آهي، تنهنڪري پنهنجو بچاءُ ڳوليو. تڏهن پاڻ پنهنجي لاءِ هڪ وڏو ٻيڙو تيار ڪرايائين. اُتي هڪ پوڙهي عورت، جا حضرت نوح عليہ السلام کي هميشه کير رسائيندي هئي، تنهن حضرت نوح عليہ السلام کي عرض ڪيو ته، آءٌ الله الله ويٺي ڪريان، تنهنڪري جڏهن طوفان ۽ سيلاب اچي تڏهن مون کي به پاڻ سان وٺي هلجو. حضرت نوح عليہ السلام ساڻس اهڙو قول ڪيو. جڏهن سيلاب ۽ طوفان آيو ۽ حضرت نوح عليہ السلام ٻيڙي ۾ اُٿي هليو، تڏهن کانئس پوڙهيءَ سان ڪيل قول وسري ويو. جڏهن واٽ تي حضرت نوح عليہ السلام کي اها ڳالهه ياد پيئي تڏهن ڏاڍو اَرمان ٿيس.

        هوڏانهن خدا جي قدرت سان جتي پوڙهي ويٺل هئي، اُتي پاڻيءَ جو حباب (ڦوٽو) ٿي بيهي رهيو، جنهن ڪري ڦوڙهيءَ کي پاڻيءَ جي لکائي ڪانه رهي. آخرڪار حضرت نوح عليہ السلام به واپس موٽي آيو ۽ اچي ڏسي ته پوڙهي ساڳيءَ جاءِ تي مال متاع سميت صحيح سلامت دستوري ڪم ۾ مشغول آهي. حضرت نوح عليہ السلام پوڙهيءَ کان پڇيو ته ڪهڙي خبر چار آهي؟ تڏهن پوڙهيءَ چيو ته، سڀ خير آهي، پر سيلاب اچي ويو ڇا؟ اهو ٻڌي حضرت نوح عليہ السلام کي ڏاڍو عجب لڳو، ۽ پوڙهي کي چيائين ته، هيءُ جو هيڏو طوفان ۽ سيلاب آيو، جو مس مس ڇهن مهينن کان پوءِ گهٽيو آهي، تنهنجي توکي ڪابه خبر ڪانهي! تڏهن پوڙهيءَ چيس ته، منهنجي ته ملائڪن کي به خبر ڪانهي ته ڇا وهيو ڇا واپريو. آءٌ ته هينئر تنهنجو سڏ ٻڌي هلڻ لاءِ تيار ٿي آهيان، پر جيڪڏهن واقعو اهو خدائي غضب اُڪري ويو ته ڏاڍو چڱو(1).

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

[12]

ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب رب ستار،

اڳيئون آري ڄام جي، هئي اها عورت عرضدار،

آءٌ به آسروند آهيان، تو ۾ طمعدار،

چڙهي چانگي تي هلين، جڏهن ساجن ٿين سوار.

پنهل! نجان پاڻ سان، هيءَ ڪجانءَ نه ڌاري ڌار،

ساجن ساٿ سنبريو، اهو لهي ويس اندر تان اوٽار،

پوءِ ويندي واٽ وندر ۾، ٿيو وَلهي کي ويچار،

رهجي ويئي هن راڻيءَ جي، مٿي مون ميار،

هن تي به ٻاجهه ”ٻروچ“ ئي، ڪئي هئي ڏيهه ڌڻي ڏاتار،

تنهن کي ڏونگر ڪين ڏکويو، تنهنجو ونگو نه ٿيو وار،

ڪامل آيو ڪيچ ۾، ساٿ سوڌو سردار،

ڪامڻ آئي قرب مان، ڪري آزيون انتظار،

کوليو خبر چار، هاڻي پيو پڇي حقيقت حال جي.

(جاڙو خان مري)

 

آر ڄام = حضرت نوح عليہ السلام.

چانگو = ٻيڙو. راڻي = پوڙهي عورت.

ٻاجهه ٿيڻ = پاڻي جو ڦوٽو پيدا ٿيڻ.

ڏونگر = طوفان. ڪامل = حضرت نوح عليہ السلام

ڪيچ = وطن. ڪامڻ = پوڙهي.

 

مراد: ڏسو مٿيون بيان طوفان ۽ ٻڍڙي وارو.

 

[13]

مٿي رهي نه ميڌرا، مومل جي ميار،

سوڍا! سنبرندي تون، ويچاري نه وسار،

رازن جوڙي ڪم راس ڪيو. ترت تنهين وارو،

ويٺا چڙهي وِترا، تختي منجهه تيار،

واهڙ وهي هليا، دريا ڌنڌوڪار،

پهچڻ سندي ڪنهن کي، هئي ڪانه پچار،

ٿيو راضي رب ستار، تڏهن مومل ڏٺائين ماڳ تي.

 

مينڌرو = حضرت نوح عليہ السلام.

مومل = پوڙهي عورت. رازا = ٻيڙو ٺاهيندڙ

تختو = ٻيڙو. واهڙ وهڻ = سخت طوفان اچڻ.

ماڳ = اصل جاء.

 

مراد: طوفان اوچتو اچي ويو، حضرت نوح عليہ السلام کي ٻڍڙيءَ جي ڳالهه وسري ويئي ۽ ٻڍڙي جي مٿس ميار رهجي ويئي. ڪنهن کي به واپس اچڻ جي اميد ڪانه هئي، مگر جڏهن طوفان جو زور گهٽيو ۽ حضرت نوح عليہ السلام واپس آيو ته ڏٺائين ته ٻڍڙي پنهنجي اصلي جاءِ تي خوش وخرم ويٺي آهي.

 

[14]

سهڻيءَ جا سير ۾، هئا ڏَمَ ٻڌا ڏاڪا،

بوند سندي برسات جي، ڪامڻ ڪل نه ڪا،

ساهڙ ويو سانگ تي، تنهن کي لنگهي وقت ويا،

ٻانهياريءَ جا ”ٻروچ“ چئِ، وَلرَ پئي وتيا،

ڪو ڪاريو ڪنڍين کي، هن پئي ڦريو ڦر ٻڌا،

جڏهن ميهر آيو ماڳ تي، پنهنجا سنڀالي ساڳا،

نهاري تنهن نار ڏي، هن کي وڏا وهم ٿيا،

مالڪ آهن مٿي ڪيا، هن جا توري تراڙا،

هن سان سائين سهنج ڪيا، تنهن کي لهر لوڏيو ڪينڪي.

(جاڙو خان مري)

 

سهڻي = ٻڍڙي عورت، سير = طوفان.

ڏم = الله تعاليٰ. ساهڙ = حضرت نوح عليہ السلام

ٻانهياري = ٻڍڙي، وَلر = رڍن جا ڌڻ.

ميهر = حضرت نوح عليہ السلام.

 

مراد: ٻڍڙي تي طوفان وقت الله تعاليٰ جي مهرباني ٿي، هوءَ ته بيخبريءَ جي حالت ۾ پنهنجا رڍن جا ولر چاريندي وتي. جڏهن حضرت نوح عليہ السلام موٽي آيو ۽ پوڙهيءَ تي الله جي مهرباني ڏٺائين تڏهن حيران ٿي ويو.

 

[15]

عمر جو مارئيءَ سان، ڪيڏو هو آرو،

لوڪ نيئين سارو، مارئي ڇڏيائين ملير ۾.

 

عمر = حضرت نوح عليہ السلام.

مارئي = ٻڍڙي. لوڪ = ماڻهو.

 

مراد: حضرت نوح عليہ السلام جي ٻڍڙيءَ سان دل هوندي هئي. پر طوفان وقت ان کي ٻيڙيءَ ۾ کڻڻ وِسري ويس.

 

[16]

راڻي پنهنجيءَ ريت سان، هو بنگلو بنايو،

جنهن ۾ سنڌ ستي موچاري، جنهن نڪي اَڏيو اڏايو،

هوءَ لڳل جنهن لاري هئي، تنهن نڪي چيونڪي چوايو،

”طاهر“ چئي تڪڙ مان، هن کڻي ڪرهي کي ڪاهيو،

موٽي جو آئيو، ته ڏٺائين عجب الله جا.

(محمد طاهر ٻٻر)

 

راڻو = الله تعاليٰ. بنگلو = حُباب (پاڻي جو

ڦوٽو). منڌ – پوڙهي عورت.

تنهن = حضرت نوح عليہ السلام ڏانهن اشارو.

ڪرهو = ٻيڙو. الله جا عجب ڏسڻ = پوڙهيءَ کي زنده ڏسڻ.

 

مراد: پوڙهي حضرت نوح عليہ السلام جي آسري تي هئي ته جڏهن طوفان ايندو ته هو مون کي وٺي ويندو. مگر حضرت نوح عليہ السلام کي ڳالهه وسري ويئي، اوچتو طوفان اچي ڪڙڪيو، تڏهن قدرت خدا جي جو پوڙهيءَ جي مٿان پاڻي جو ڦوٽو اهڙيءَ طرح ٿي بيٺو جو هن کي ڪابه تڪليف نه ٿي ۽ بچي ويئي. جڏهن حضرت نوح عليہ السلام آيو ۽ پوڙهيءَ کي زندهه ڏٺائين تڏهن قدرت جا عجب رنگ ڏسي حيران ٿي ويو.

 

[17]

عمرڪوٽ اڏايو، محل ري مٽي،

نه دري نه دروازو، نڪا واءَ وٿي،

تنهن منجهه ستي، ڪامل اوڍي ڪپڙا.

 

عمر = الله تعاليٰ. ڪوٽ، محل = پاڻيءَ جو ڦوٽو.

ڪامل = ٻڍڙي عورت.

مراد: طوفان جي اچڻ سان الله تعاليٰ ٻڍڙيءَ عورت مٿان پاڻيءَ جو ڦوٽو اهڙي ريت بنائي ڇڏيو جو ٻڍڙيءَ کي ڪنهن به قسم جي ڪل نه رهي ۽ سارو وقت آرام سان گذاريائين.

[18]

ڪا جا گهُلي واءَ، ڌرتي سڀ ڌُٻي ويئي،

پوڻي پئي هئي پٽ تي، پوڻي بيپرواهه،

پڇو پوڻيءَ کان جو توکي واءُ نه لوڏيو.

 

واءُ گهلڻ = طوفان اچڻ. پوڻي = ٻڍڙي.

 

مراد: اوچتو طوفان آيو مگر پوڙهيءَ کي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه ٿي.

 

[19]

ترهو هئس نه تنبو، نه سيڻاهه هئس ڪو سنج،

نه منهن هئس نه مهاڻو، نه ٻيڙي هئس ڪو ونجهه،

وجهي پاڻيءَ منجهه، پرين پار پسايو.

 

هئس = ٻڍڙي عورت ڏانهن اشارو.

پرين = الله تعاليٰ.

 

مراد: ٻڍڙي عورت وٽ طوفان کان بچڻ لاءِ ڪوبه وسيلو موجود ڪونه هو، فقط خدا جي مهربانيءَ سان بچي ويئي.

 

[20]

جوڳي آيو جُوءِ ۾، پڙ مٿي پهلوان،

تنهن ماري سڀ مڃائيو، سورٺ جو سامان،

هڪڙي جوان جواب ڪيس، ويو مرد کٽي ميدان،

انهيءَ نَر جي نيشان، آهي اڃا تائين ”احمد“ چئي.

(احمد خان مري)

 

جوڳي = طوفان. سورٺ = ڌرتي.

جوان = پاڻي جو ڦوٽو. 

مراد: طوفان، اچڻ کان پوءِ ڌرتيءَ تي جيڪي به هو سو سڀ ختم ٿي ويو، باقي پاڻي جي هڪ ڦوٽي ان طوفان جو مقابلو ڪري ٻڍڙيءَ کي بچايو. پاڻي جي ڦوٽي جا اڄ ڏينهن تائين نشان موجود آهن.

4- حضرت صالح عليہ السلام

 

        حضرت صالح عليہ السلام کي الله تعاليٰ ثَمود قوم جو نبي ڪري موڪليو، جنهن پنهنجيءَ قوم کي اسلام تي اچڻ جي دعوت ڏني ۽ کين خدا جي عذاب جو خوف ڏياريو. ان تي ثمود قوم وارن کيس هڪ پهڻ ڏيکاري چيو ته، هن مان هڪ اهڙي ڏاچي پيدا ڪري ڏيکار جا بروقت هڪ گؤنرو به ڄڻي ڏئي. انهيءَ تي يڪدم جبرائيل آيو جنهن اچي چيس ته، توهان پنهنجي قوم کان اقرار وٺو، ته ان کي نه ڪي ڪُهندا ۽ نه ڪي ڪو ايذاءُ ڏيندا. حضرت صالح عليہ السلام، ثمود قوم وارن کان اهڙا انجام اقرار ورتا. پوءِ خدا جي قدرت سان ان پهڻ مان هڪ ڏاچي پيدا ٿي. جنهن پيدا ٿيڻ سان هڪڙو گؤنرو به ڄڻيو.

        اتي هڪڙو کوهه هوندو هو، جنهن جو پاڻي ثمود قوم جا ستئي قبيلا ڪم آڻيندا هئا. مگر کوهه نه کٽندو هو. جنهن وقت اها ڏاچي کوهه تي پاڻي پيئڻ ايندي هئي، ته سارو کوهه کٽي ويندو هو ۽ ان ڏينهن ست ئي قبيلا اُڃ مرندا هئا. اها حالت ڏسي حضرت صالح عليہ السلام وارو مقرر ڪيو. هڪ ڏينهن ڏاچي پاڻي پيئندي هئي ۽ ٻئي ڏينهن ستئي قبيلا. قبيلن وارن کي اها ڳالهه نه وڻي، تن هڪ ڏينهن وجهه وٺي ڏاچيءَ کي ڪهي ڇڏيو. پوءِ گؤنرو ماءُ کي ٽي ڀيرا سڏ ڪري پهڻ ۾ غائب ٿي ويو ۽ ثمود قوم جي ستن ئي قبيلن تي الله تعاليٰ جو عذاب نازل ٿيو ۽ فنا ٿي ويا.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

[1]

جنهن کي ساس نه ماس، سو لچي ٿو لاچار،

قدرت ساڻ ڪريم جي، ٿي نرمؤن پيدا نار،

سان جهليو هئائين ڪونه ڪو، ويائِي چڱي وار.

ان جي پُڳِي آر، مهل تنهين ”موريو“ چئي.

(موريو فقير)

سو = پهڻ ڏانهن اشارو. نر = پهڻ. نار = ڏاچي.

اُن = حضرت صالح عليہ السلام ڏانهن اشارو.

مراد: ڪافرن حضرت صالح عليہ السلام کان معجزو طلب ڪيو ته هن پهڻ مان ڏاچي پيدا ٿئي ته اسين مسلمان ٿيون. حضرت صالح عليہ السلام خدا جي درگاهه ۾ سوال ڪيو ۽ ان وقت جبل مان هڪ ڏاچي پيدا ٿي، جا ويائي ۽ گؤنرو ڄڻيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org