عجيب = حضورﷺ جن.
بار = ٻانگ ڏيڻ ڏانهن اشارو.
مراد:
حضرت بلال کي جڏهن حضورت ابوبڪر صديق آزاد ڪرايو
تڏهن هو حضورﷺ جن جي مجلس ۾ اچي حاضر ٿيو. سندس
ڳالهائڻ مٺي هئڻ سبب حضورﷺ جن ٻانگ ڏيڻ جو ڪم سندس
حوالي ڪيو.
[5]
چارڻ چنگ هٿ ڪري، ڳڙهه پاسي ڳايو،
راڳ نه وڻيو راوَ کي، جيڪو ٻيجل ٻولايو،
جيڪي ڳائيندڙ ڳايو، سو منظور ٿيو ”موريو“ چوي.
چارڻ = حضورت بلال. ڳڙهه = مسجد
شريف ڏانهن اشارو. راڳ = ٻانگ.
مراد:
حضرت بلال مسجد نبوي ۾ ٻانگ ڏيندڙ هو پر هو زبان
جي هڪڙائي کان ”اشهد“ بدران ”اسهد“ چوندو هو. ڪن
اصحابن جي اعتراض سبب حضورﷺ جن اهو ڪم هڪڙي ٻئي
اصحابي جي حوالي ڪيو مگر الله تعاليٰ وٽان وحي
جبرائيل اچي حضورﷺ جن کي چيو ته: الله تعاليٰ
فرمايو آهي ته اسان کي حضرت بلال رضه جو ”اسهد“
چوڻ ”اشهد“ کان وڌيڪ پيارو آهي. تڏهن حضورﷺ جن وري
به اهو ڪم حضور بلال جي حوالي ڪيو.
[6]
وس ڪري پيو ويچارو، پر پئي ڪامڻ ڪين ڪري،
منڌ سندي منزل کؤن، هيو پنڌ پري،
آخر اهائي عورت، آئي منجهه آري،
جڏهن آيو شاهه شرعي، تڏهن ٿيو هرڪو خوش ”حاجي“
چئي.
(حاجي مهيسر)
ويچارو = حضرت بلالﷺ. ڪامڻ = زبان.
اري اچڻ = ڪاتي هيٺ اچڻ.
شاهه = حضورﷺ جن.
مراد:
حضرت بلال جي ٻانگ تي اصحابن جي اعتراض سبب هو
زبان کي ڏوهاري سمجهي وڍڻ لاءِ تيار ٿيو، پر جڏهن
حصورﷺ جن وٽ وحي اچي انهيءَ اعتراض کي لاٿو ته
حضورﷺ جن وري به اهو ڪم حضرت بلالجي ئي حوالي
ڪيو. تڏهن هو الله تعاليٰ جي دلداري ۽ حضورﷺ جن جي
ڪرم کان نهايت خوش ٿيو ۽ سندس زبان به سلامت رهي.
[7]
سادي مان سٺو ٿيو، ڪري عجب افعال،
ڊيوٽي ڏيندو هو دل سان، موجب حقيقت حال،
هڪ ڏينهن ڪنرول پيو قربدار تي ڏاڍو ڪؤڙو ڪال،
ساعتون سٺ منٽن واريون، سڪان لائن سال،
ڏسي ماحول ملڪ ۾، خلقت کي ٿيو خيال،
پر انصافي انگل اربلي جو، باري ڪيو بحال،
اها ”شيرل“ قيل مقال، مشهور ٿي ملڪ ۾.
(شيرل)
سادو = حضرت بلال ڊيوٽي = ٻانگ
ڏيڻ. ڪنٽرول = اشهد چوڻ ڏانهن اشارو.
خلقت = نمازين جي جماعت.
مراد:
حضرت بلال کي ٻانگ ۾ ”اسهد“ چوڻ سبب حضورﷺ جن ان
ڪم کان آجو ڪري اهو ڪم ٻئي اصحابيءَ جي حوالي ڪيو.
اهو اصحابي فجر جي ٻانگ چوڻ لاءِ اچي مسجد ۾ حاضر
ٿيو، پر انڌاري رات ايڏي ته ڊگهي ٿي پئي جو ان کي
ٻانگ ڏيڻ جو وقت هٿ نه آيو ۽ نمازي پڻ انتظار ۾
رهيا. ان وقت حضورﷺ جن وٽ وحي نازل ٿيو ۽ جڏهن
ساڳيو ٻانگ ڏيڻ جو ڪم حضرت بلال جي حوالي ٿيو
تڏهن ان ٻانگ ڏني ۽ نماز پڙهي وئي.
[8]
کڙي هئي کوهه تي، هٿ عمر جي آئي،
سوگهي ڪيائين ”سرهو“ چئي، وير ڪئي وائي،
پوءِ باريءَ بچائي، مارئي عمر مير کان.
(سرهو)
کوهه = وات. عمر = حضرت بلال.
مارئي = زبان.
مراد:
حضرت بلال ٻانگ ۾ ”اسهد“ چوڻ کان پنهنجي زبان کي
ڏوهاري سمجهي کيس وڍڻ لاءِ تيار ٿيو، پر الله
تعاليٰ جي عنايت سان اها وڍجڻ کان بچي وئي.
[9]
ايڏو ڏينهن چڙهيو، پر پرين ڪين موٽيو،
نه هيس گپ چڪ دڳ تي، نه هو مينهن وُٺو،
ڪهڙي جهل جهليو، نه ته اچڻ ڪاڻ اُٻهرو هو.
پرين = سج.
مراد:
حضورﷺ جن جڏهن حضرت بلال جي ٻانگ ڏيڻ جو ڪم ٻئي
اصحابيءَ جي حوالي ڪيو ته فجر جي ٻانگ لاءِ کيس
وقت ئي هٿ نه آيو. رات وڌي پئي جڏهن حضرت بلال
اچي ٻانگ ڏني ۽ مومنن نماز پڙهي ته پوءِ ڏسڻ ۾ آيو
ته سج ڪافي چڙهيل هو. شاعر چوي ٿو ته سج فقط ظاهر
نه ٿيو هو مگر ڏينهن ٿي چڪو هو. ۽ حضرت بلال جي
عهد سبب ئي الله تعالي ان کي ظاهر نه ڪيو.
[10]
مومل کي مينڌري، وٺي قابو قيد ڪيو،
وڍ وڍ وائي وات، ٻڌي ڪونه ٻيو،
راڻو رنگ محلات ۾، انهيءَ ويل ويو،
اونده مان سوجهرو ٿيو، ٻري ڪونه ڏيو،
پوءِ سوڍي صلح ڪيو، مومل ڇڏي مينڌري.
(جعفر ڏيرو)
مومل = زبان. مينڌرو = حضرت بلال.
راڻو = حضورﷺ جن. رنگ محلات = مسجد
شريف. سوڍو = حضرت بلال. مومل = زبان.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[11]
کڙي هئي کوهه تي، مارئي موچاري،
عمر اچي ان تي، ڪئي ڪامل قهاري،
ڌڪي ڪڍيائينس ڌڻ کان، وئي وس کان ويچاري،
سڻي سخن سومري جو، آيو اتانهين آري،
جيڪو نه سخن ڪيو آهي سومري، تو پارس پت پاري،
ملي موڪل مارئي کي، ٿي ڏيهه ۾ ڏيکاري،
وينگس آئي ويڙهه ۾، ٿي بلڪل بهاري،
جنهن جي ڪيئين ٿي صفت ساري، تنهن ڏنس مان ”ماڻڪ“
چئي.
(ماڻڪ خان چانڊيو)
مارئي = حضرت بلال جي زبان.
کوهه = وات. عمر = حضرت بلال.
قهاري = وڍڻ ڏانهن اشارو. ڌڪي
ڪرڻ = زبان ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ.
سومرو = حضرت بلال. آري = جبرائيل.
پارس پت پارڻ = هَڪڙ زبان خدا وٽ قبول پوڻ.
ڏيهه ۾ ڏيکاري ٿيڻ = سج اُڀرڻ.
وينگس = ٻنگ. ويڙهه = مدينو.
بهار = خوشي. صفت ڪرڻ = چوڻ.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[12]
عمر مارئيءَ سان ڪئي هئي، گويائي گفتار،
ڪڏهن ڇڏيندوسئين ڪينڪي، آهين اوڳي ايلپهنوار،
اجها ٿي ڪوڪ ڪين سين جو آهي تو مٿان تڪرار،
هئي مارئي تي ميار، پر لحظي ۾ ان تان لٿي.
عمر = حضرت بلال . مارئي زبان.
ڪوڪ = ٻانگ ڏانهن اشارو.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[13]
حاڪم هن تي حملو ڪيو، ٿي هيڻي هچاري،
ڪئين لنگهيون ڪيتريون، هن لاءِ وڌي ويچاري،
جڏهن پرين ڪئي پياري، تڏهن مرڪي آئي ملير ۾.
حاڪم = حضرت بلال.هچاري = زبان.
ڪئين = راتين ڏانهن اشارو.
پرين = حضورﷺ جن.
مراد:
حضرت بلال زبان سان عهد ڪيو ته جي ٻئي ڪنهن بانگ
ڏني ته ڪپي اُڇلائيندوسانءِ. انهي وچ ۾ ڪئين
راتيون لنگهي ويون، پر هو ويٺو رهيو تان جو حضورﷺ
جن جي موڪليل اصحابيءَ کيس ڳولي اچي هٿ ڪيو جنهن
ٻانگ ڏيڻ لاءِ حضورﷺ جن جو پيغام ڏنس تڏهن خوش ٿي
اچي ٻانگ ڏنائين.
[14]
مڙني اچي حاضر ٿي، ڪيائون صوبي کي سوال،
ان نه کپي ڪپڙو، نڪي ڪي مڏيون خزانا مال،
هي سر توتان گهوريون، جان جسم جمال،
ڪمال ڪڇيو ڪينڪي، ويتر جو وهايئين جال،
پوءِ مڙني کي مجبور ڪيو، جيڪي هئا هيرا موتي لعل،
سوڍو مٿي سوار ٿيو، ٻي ڪانه ڪيائين مقال،
ويجهو ٿيو وصال، اهو گل ”غلام محمد“ چئي.
مڙني = اصحابن ڏانهن اشارو.
صوبو = حضور بلال.
سوال = ٻانگ ڏيڻ. سوار ٿيڻ = ممبر تي
ڇڙهڻ. وصال = مرڻ. هيرا، موتي،
لعل = امام حسن ۽ امام حسين ۽ اصحاب.
مراد:
حضورﷺ جن جي وفات بعد حضرت بلال گهڻي ڏک ۽ صدمي
سبب ٻانگ ڏئي ڪونه سگهندو هو. ڪجهه عرصي بعد امام
صاحبن ۽ ڪن ٻين اصحابن جي زور ڀرڻ تي لاچار هن
ٻانگ ڏني. ٻانگ ڏيندي حضورﷺ جن جي نالي مبارڪ وٺڻ
سان وجد ۾ اچي مٿان ٿي ڪريو ۽ دم ڏنائين.
[15]
منڌ هلي محلات مان، سا پرتئون ڪري پنڌ،
هلندي هوت پنهونءَ ڏي، ساڻا ٿي ويا سنڌ،
پهتي ڪانه پرينءَ کي، اکين آيو انڌ،
ڪامڻ ڇڏي ڪنڌ، گم ٿي ويئي غار ۾.
منڌ = ٻانگ، محلات = وات.
پهتي ڪانه = ٻانگ پوري نه ٿيڻ ڏانهن اشارو.
پرين = حضورﷺ جن جو نالو.
ڪامڻ = زبان. ڪنڌ = حضرت بلال.
مراد:
حضرت بلال کان سڄي ٻانگ پوري نه ٿي سگهي. پر اهو
حضورﷺ جن جي نالي مبارڪ تائين پهتو ته وصال ڪري
ويو.
[16]
تند وڳي، ٿيو اتي راڳ،
ادا! انهيءَ لاڳ، تنبورو پرواز ٿيو.
تند = زبان. راڳ = ٻانگ.
تنبورو = حضرت بلال.
مراد:
حضرت بلال ٻانگ ڏيندي وصال ڪيو.
[17]
عاشقن کي اندر ۾، ٿيو خوب خيال،
پرينءَ جي پسڻ لئي، بانڪا ٿيا بيحال،
پوءِ سيفل اڳيئون ساڌ جي، ڪيو هيڻو حال،
بديعل لٿي باغ ۾، ڪري جلوي ساڻ جمال،
سامي آيا سڀ سور ۾، ڏسي قرب ڪمال،
پوءِ ڀلي ڪيو ڀال، آديسيءَ تي ”عبدالله چئي.
(عبدالله)
عاشق = اصحاب سڳورا.
پرين = حضورﷺ جن. بانڪا = اصحاب.
ساڌ حضرت بلال. بديعل = ٻانگ.
باغ = مسجد نبوي. سامي = اصحاب.
ڀلو = الله. آديسي = حضورت بلال.
مراد:
حضرت بلال، حضورﷺ جن جي وفات بعد حضرت امام حسين
جن جي چوڻ تي ٻانگ ڏني، انهيءَ حالت ۾ وفات ڪيائين
۽ سڀني اصحابن سندس حضورﷺ جن سان بي انتها محبت جو
مثال ڏنو.
[18]
مڙي آيا مرد کي، سڀئي مانجهي مڻيادار،
هيءُ ڪم ڪر ”ڪاسائي“ چئي، دير نه ڪر دلدار،
هوتان پئي ويو فڪر ۾، ”فيض محمد“ چئي، پيونيڻ
وهائي نار،
تڏهن به پچر نه ڇڏيئينس ”ڇڃارو“ چئي، جوان سي
جونهار،
پوءِ ريجهائي روانو ڪيئونس، وڃي پسيائين پار،
هن جو ڪوڪ ٻڌي ڪلتار، ٿيس مطلب من جا.
(فيض محمد)
مرد = حضور بلال. سڀ = اصحابن ڏانهن اشارو.
هي ڪم ڪر = ٻانگ ڏانهن اشارو.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
حضرت ابوبڪر صديق رضه جي عمل جي پختگي:
چون ٿا ته حضورﷺ جن جي وفات بعد جڏهن حضرت
ابوبڪر صديق خليفو ٿيو تڏهن ڪن مالدار اصحابن
پنهنجي مال جي زڪواة ڏيڻ پاڻ تي هڪڙو بار سمجهيو ۽
مڙني گڏجي صلاح ڪئي ته وقت جي خليفي حضرت ابوبڪر
صديق وٽ آهي ۽ پنهنجي اچڻ جو مقصد ٻڌائي زڪواة نه
ڏيڻ جي اجازت گهريائون. حضرت ابوبڪر صديق کين
جواب ڏنو ته: حضورﷺ جن، الله تعاليٰ جي حڪم سان
سڀني مسلمانن تي زڪواة ڏيڻ فرض مقرر ڪيو آهي، مون
کي ڪهڙي طاقت آهي جو الله تعاليٰ ۽ رسولﷺ جي حڪمن
کي آڏو اچان. اهو دليل ٻڌي سڀئي واپس ويا. نيٺ
انهن جي ضد سبب حضرت ابوبڪر صديق سندس خلاف جنگ
ڪئي.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.
[19]
مڙي اي مير کي، ڏنئون اوڏا ٿي احوال،
ته سڀ مڃيون ٿا سرت سان، جيڪو قرب ڪمال،
پورو ڪنداسون پريت سان، جيڪي حق حلال،
هڪ معافي ڏي مهمير تون، سائين سڻ سوال،
سڻي حقيقت اُن جي، فائق سا في الحال،
جواب انهن کي جانب ڏنو، جو هئو لاکيڻو لڄپال،
گهوٽ چئي مان گهٽ نه ٿيندو، ماسو ڪو مثقال،
توڙي سج لهندي کؤن اڀري يا حسن ڇڏي هلال،
توڙي اڀ لهي اوڏو ٿئي يا زمين ٿئي زوال،
توڙي ست ئي سمنڊ سڪي وڃن، ڇڏن جاءِ جبال،
ته به مورهون مڙندس ڪينڪي جيسين وڃي ٿئي وصال،
پوءِ سڀئي سمجهي ويا، ڀلي ڪين ڀال،
پرينءَ جي پيرويءَ تي، شل رکي رب جلال!
ڏيکاري ڏاتر مون، جانب جو جمال،
ڪيو نورنهال، ڪامل جي ”ڪنڀار“ کي.
(ٻيرو ڪنڀار)
مڙي اچي = مالدار اصحابن ڏانهن اشارو.
مير = حضرت ابوبڪر صديق . سڀ = شريعت
جا احڪام. حق حلال = شريعت جو حڪم.
معافي = زڪواة ڏانهن اشارو. مهمير = حضرت
ابوبڪر صديق. فائق = حضرت ابوبڪر صديق.
جانب = حضرت ابوبڪر صديق.
گهوٽ = حضورﷺ جن.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
ناجائز خرچ کان پاسو:
چون ٿا ته حضرت ابوبڪر صديق پنهنجيءَ
خلافت جي وقت ۾ هڪڙي ڏينهن پنهنجي حويلي ۾ ماني
کائڻ آيو ته دسترخوان تي مانيءَ سان گڏ حلوو
(مٺائي) ڏٺائين. پڇا ڪيائين ته هي حلووو ڪٿان آيو
آهي؟ گهر مان جواب مليو ته ماني لاءِ جيڪو روزانو
حصو بيت المال تان ايندو آهي ان مان اسان ٿورو
ٿورو ڪري بچايو آهي، انهيءَ بچت مان اڄ اسان حلوو
گهرايو آهي. اهو ٻڌي گهر وارن کي هدايت ڪيائين ته
جيڪي اوهان پئي بچايو آهي اهو اسان جي حصي کان
وڌيڪ هو، تنهنڪري اسان کي ايترو ملڻ گهرجي جنهن
مان اسان جي گهرج پوري ٿئي. انهيءَ وقت بيت المال
جي خزانچيءَ ڏي حڪم موڪليائين ته اسان جو روزانو
حصو هاڻي هيترو گهٽائي موڪليندا رهو.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.
[19]
هڪڙي ڏينهن حبيب اڳيان، رکيئون سهڻو سينگاري،
پڇي حقيقت هن جي پانهه پاڳاري،
ورندي ڏنائون وير کي، ساري سنڀاري،
پوءِ سڀني کي سڻايو، ورنهه ويچاري،
ته هتان آهي هلڻو، ڪنهن ماڳ به موچاري،
”ڪل نفس ذائقةالموت آهه، وار نه ڪنهن واري،
دم دنيا ۾ ٿورڙا، پيو سڀڪنهن تاڙو تنواري،
اهي ڏاج اتي شل پاڻ کي ڏاتر ڏياري،
پوءِ ته نر نياپو موڪليو، انهيءَ اوتاري،
پوءِ ته ڪنجيدار ڪم ڪئي، جيڪا هئي ورڇ واڌاري،
هن روايت کي روح سان ڪو پرتئون پچاري،
ته ڪيڏو انصاف عجيب ڪيو ڪامل ڪراري،
وڃان صدقي سئو واري، انهيءَ ڪامل تان ”ڪنڀار“ چوي.
(ٻيڙو ڪنڀار)
حبيب = حضرت ابوبڪر صديق.
مهڻو = حلوو. پانهه = حضورت ابوبڪر صديق.
ورندي ڏنائون = گهر جي ماڻهن ڏانهن اشارو.
ورنهه = حضرت ابوبڪر صديق. ماڳ = دالبقاءُ.
تاڙو = عزرائيل. نر = حضرت ابوبڪر صديق.
اوتارو = بيت المال. ڪنجيدار = بيت المال جو
خزانچي. ورڇ = روزانو حصو.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
ج = حضرت عمر
حضرت عمر، حضورﷺ جن جي عزيزن مان هڪ
بهادر شخص هو اسلام کان اڳ حضرت عمر جي خاندان کي
وڏي عزت هوندي هئي. شروع شروع ۾ ٻين ڪافرن وانگر
حضرت عمر به اسلام جو دشمن هوندو هو. جيڪو به شخص
نئون مسلمان ٿيندو هو ته ان کي تڪليفن ڏيڻ جي ڪوشش
ڪندو هو. هن جڏهن ڏٺو ته حضورﷺ جن جا پوئلڳ گهڻا
ٿيندا وڃن تڏهن هڪڙي ڏينهن ڪاوڙجي، ترار کڻي حضورﷺ
جن کي شهيد ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. رستي ۾ نعيم بن
عبدالله کانئس پڇيو ته: عمر! ڪيڏانهن ٿو وڃين؟
حضورت عمر کيس جواب ڏنو ته (حضرت) محمدﷺ جي ڳولا
۾ وڃي رهيو آهيان جنهن مڪي ۾ فساد پيدا ڪري ڏنو
آهي. تڏهن نعيم چيس ته تون پهرين گهر جي ته خبر وٺ
جو تنهنجي ڀيڻ فاطمه ۽ تنهنجو ڀيڻويو سعيد مسلمان
ٿي ويا آهن. حضرت عمر زياده ڪاوڙجي ڀيڻ جي گهر
آيو. اڃا ٻاهر ئي هو ته هن اندران قرآن شريف جي
پڙهڻ جو آواز ٻڌو. جڏهن اندر گهڙيو ته هڪڙو اصحابي
حباب نالي، جو سعيد ۽ فاطمه کي مخفي طرح قرآن
پڙهائڻ ايندو هو، اهو کيس ڏسي وڃي لڪو ۽ بيبي
فاطمه اهي قرآن شريف جا ورق لڪائي ڇڏيا. حضرت عمر
ان وقت سخت ڪاوڙيل هو، تنهن سعيد کي مارڻ شروع ڪيو
ته بيبي فاطمه مڙس کي بچائڻ لاءِ آڏي آئي ته ان کي
به ايترو ماريائين جو رت ۾ ڳاڙهي ٿي وئي، پر پوءِ
بيبيءَ همت جهلي حضرت عمر کي چيو ته توکي جيڪي
وڻي سو ڪر باقي اسين مسلمان ٿي چڪا آهيون ۽ اهو
دين هرگز نه ڇڏينداسون.
چون ٿا ته بيبي فاطمه اهي قرآن شريف جا
ورق لڪائڻ لاءِ هڪڙي تنور ۾ اُڇلايا هئا. جڏهن
حضرت عمر هن کي ماري ٿڪو ۽ اسلام تي ان جا پختا
پير ڏٺائين تڏهن پاڻ قرآن شريف جي ٻڌڻ جو خواهشمند
ٿيو. پوءِ بيبي صاحبه، حباب اصحابيءَ کي سڏ ڪيو
جنهن اهي اُڇلايل ورق گرم تنور مان ڪڍيا ته سلامت
نڪتا. ان بعد حضرت عمر قرآن شريف ٻڌي حضورﷺ جن وٽ
حاضر ٿي مسلمان ٿيو ۽ پنهنجي بيخبريءَ جي معافي
طلبيائين. چون ٿا ته حضرت عمر جي مسلمان ٿيڻ کان
پوءِ ٻين اصحابن کي به همت آئي ۽ مسلمان جي اسلامي
رڪن لڪي ادا ڪندا هئا ۽ ٻانگ ڏئي ظاهر نماز نه
پڙهندا هئا، سي هاڻي ظاهر ظهور عبادت ڪرڻ لڳا.
جڏهن حضرت عمر اسلام تي آيو ته انهيءَ ڏينهن
حضورﷺ جن فرمايو ته اسان ابوجهل ۽ عمر لاءِ الله
تعاليٰ جي بارگاهه ۾ سوال ڪيو هو ته هنن ٻنهي شخصن
مان دين کي وڏي قوت ملندي. اهو ٻڌي عمر ترار کڻي
بيهي رهيو ۽ ٻانگ ڏياري حضورﷺ جن کي جماعت سان
نماز پڙهڻ جو عرض ڪيائين. پاڻ عرض قبول فرمائي
جماعت سان نمازپڙهيائون.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.
[1]
ورنهه کي وچ ۾، ويو گڏيو وينجهار،
ليليٰ مجني سين، ڪري پيئي ڪوڏ ڪنوار،
ليليٰ تي ”لغاري“ چئي، ڪاوڙيو قهار،
موٽي آيو ماڳ تي، حڪم سين هيڪار،
ليليٰ ويٺي ڪهي، اها پرت پچار،
مجنون منڌ هٿان، پيهي ويو پاتار،
قاضيءَ هئي ليليٰ سين، جنگ ٻڌي جهونجهار،
ڪامڻ ڪڍيو ڪُن مان، مجنون مڻيادار،
مجني جو ”ماڻڪ“ چئي، ونگو نه ٿيو هو وار،
درس ڪري ديدار، هليو در حبيب جي.
(ماڻڪ خان لغاري)
ورنهه = حضرت عمر. وير = هڪڙو اصحابي.
ليليٰ = حضورت عمر جي ڀيڻ.
مجنون = قران شريف جو ورق. منڌ حضرت عمر
جي ڀيڻ. پاتار ۽ ڪن = تنور. هليو = حضرت عمر
ڏانهن اشارو.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[2]
مصلحت سان مردودن جي، هليو جلوو کائي جوان،
”فيضل“ چئي فائق تي، ٿيو راضي رب رحمان،
انصاف ڏسي اکين سان، هوت ٿيو حيران،
جوان آيو اُن جاءِ تي، جت هيو محبوبن مڪان،
”ناريجا“ تنهن نرمل جي، ٿيءُ قدمن تان قربان،
پوءِ ٿيو تنهن جو احسان، آهي سڄيءَ اُمت تي.
(فيضل ناريجو)
مردود = ڪافرن. جوان = حضورت عمر.
فائق = قڙان شريف جو ورق،
انصاف = تنور مان ورق جو بچن.
محبوب = حضورﷺ جن.
نرمل = حضورﷺ جن.
مراد:
حضرت عمر تنور مان قرآن شريف جو لکيل ورق صحيح
سلامت نڪتل ڏسي حيران ٿيو.
[3]
مومل محلي وچ ۾، ويٺي گهورون گهوري گهور،
راڻو آيو رات جو، جيئن چوريءَ اچن چور،
ڪلَ ڏٺائين ڪائي ۾، تڏهن لٿس هنئين تان هور،
پوءِ گهورون گهوري گهور، آديسيءَ وٽ آيو.
مومل = حضورت عمر جي ڀيڻ.
راڻو = حضرت عمر. ڪائو = ورق.
آديسي = حضورﷺ جن.
مراد:
حضرت عمر جي ڀيڻ ڪلام پاڪ جون آيتون پڙهي رهي هئي
۽ حضرت عمر به آهستي آهستي گهر ۾ گهڙيو ته ڀيڻ جو
پڙهڻ ٻڌائين. جنهن کيس ڏسي ڊپ ۾ لکيل ورق تنور ۾
اڇلايو. پوءِ جڏهن تنور مان اهو ورق سلامت نڪتو ۽
ڪلام پاڪ ٻڌائين تڏهن حضورﷺ جن وٽ اچي مسلمان ٿيو.
[4]
ڪامڻ قريبن جي، سڪ سانڍي منجهه ساهه،
اوريائين اور عجيب سان، منهن پايو منجهه ماهه،
وارث ڏٺائين ويجهڙو، آيس ڪاوڙ ڪري ڪاهه،
هن لعل لڪايو ڪينڪي، اُڇلايائين منجهه آڙاهه،
باريءَ بچائي ورتو، انهيءَ آتش منجهئون الله،
پوءِ شڪ لٿا کان شاهه، مهل انهيءَ ”موريو“ چئي.
(موريو فقير)
ڪامڻ = حضورت عمر جي ڀيڻ.
قريب = حضورﷺ جن. ماهه = ورق.
وارث = حضورت عمر. عجيب = ڪلام پاڪ.
لعل = ڪلام پاڪ جو ورق. آڙاهه = تنور.
شاهه = حضرت عمر.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[5]
راڻو پنهنجي راڄ ۾، هو طرح وڏي تجمل،
مومل جي مذڪور جي، ڪانه هيس ڪل،
ڪاهي آيو ڪاڪ تي، هئي هام هڪل،
تنهن تي ٻهڪي ٻيلائي اٿيا، چُري چيئين ڪل،
پوءِ موٽيو انهيءَ مهل، پئي راجا وٽ رس ٿيا.
(انب واڍو)
راڻو = حضورت عمر. مومل - حضرت
عمر جي ڀيڻ. ڪاڪ = حضورﷺ جن
جي دربار. ٻيلائي = حضورﷺ جن جا اصحاب.
راجا = حضورﷺ جن. رس ٿيڻ = کليو
اسلامي فرض ادا ڪرڻ ڏانهن اشارو.
مراد:
حضرت عمر ڀيڻ وٽان قرآن پاڪ ٻڌي نهايت نرم دل ٿي
پيو ۽ اچي حضورﷺ جن جي قدمن ۾ ڪِري مسلمان ٿيو. هن
جي مسلمان ٿيڻ کان ٻين اصحابن کي به همت ٿي.
[6]
سرڪي ساهڙ يار جي، سرڪيون پئي سرڪي،
اچيو منڌ ميهار وٽ، مرڪيون پئي مرڪي،
ڏسي قهر ڪُن ۾، هيءَ ڪرڪيو پئي ڪرڪي،
پوءِ جهرڪيو پئي جهرڪي، جا روئي پئي ”رنگريز“ چئي.
(قادربخش کٽي)
سرڪي = قرآن مجيد جي آيت.
ساهڙ = حضورﷺ جن. سرڪڻ = پڙهڻ.
منڌ = حضرت عمر جي ڀيڻ.
ميهار = حضورﷺ جن. ڪن = تنور.
مراد:
حضرت عمر جي ڀيڻ حضرت عمر جي خوف کان قرآن مجيد
لڪي پڙهندي هئي. جڏهن وٽس حضرت عمرآيو ته قرآن
پاڪ جو لکيل ورق تنور ۾ اُڇلائي ڏاڍي غمگين ٿي.
[7]
مومل مچ مچايو، ٻانهوٽا ٻاري،
ساجن سيڱ هٿ ۾، ڍول بيٺس ڍاري،
قضا ٿي ڪاري، نه ته ڪير اچي هن ڪُن ۾.
مومل = حضرت عمر جي ڀيڻ.
ساجن = حضرت عمر رضه. سيڱ = اُگهاڙي
تلوار. ڪُن = تنور.
مراد:
حضرت عمر رضه ڪاوڙجي پنهنجي ڀيڻ وٽ آيو ته ٻاهر ئي
هن کي قرآن پڙهندو ٻڌائين. جڏهن هو اندر گهڙيو
تڏهن بيبي صاحبه خوف ۾ اهو قرآن شريف جو ورق تنور
۾ لڪائي ڇڏيو.
[8]
سهڻيءَ وڌو سير ۾، لوڪئون لڪائي،
ڳجهه اندر جون ڳالهڙيون، پئي ڳري ۽ ڳالهائي،
ميهر ملهائي، ڪڻڪي نڪتو ڪُن مان.
سهڻي = حضورت عمر جي ڀيڻ.
وڌو = قران شريف جي ورق ڏانهن اشارو.
سير = باهه. لوڪ = حضورت عمر ڏانهن
اشارو. ميهڙ = حضورﷺ جن.
ڪن = تنور ڏانهن اشارو.
مراد:
حضرت عمر جي ڀيڻ ڪلام پاڪ جو ورق حضرت عمر جي
خوف کان باهه ۾ اُڇلايو پر اهو سلامت نڪتو.
[9]
روئنديءَ تي ”رنگريز“ چئي، رب ٿيو راضي،
جنهن کي اوٽ الله جي، تنهن کي ڪوهه ڪري قاضي،
پڇا منجهؤن ڇا ٿيو، کيڏي برهه اها بازي،
پوءِ عاشق ڪئي آزي، ٿيا خوش سڀ ”کٽي“ چئي.
(قادربخش کٽي)
روئندي = حضرت عمر جي ڀيڻ ڏانهن
اشارو. ڇا منجهان ڇا ٿيڻ = حضرت عمر
جي مسلمان ٿيڻ ڏانهن اشارو.
عاشق = حضورت عمر.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[10]
مَٽي تان نه مَٽي، ويئي سٽيندي سير ڏي،
نه ڪا واهه وڃڻ جي، نه ڪا گهيڙ گهٽي،
شابس تنهن نار کي، جنهن جهٽ ۾ ڳالهه جهٽي،
پاڻ به ويئي کٽي، ٻاجهون ڪيائين ٻين تي.
نار = حضرت عمر جي ڀيڻ.
ٻيا = حضرت عمر ۽ ٻين اصحابن ڏانهن اشارو.
مراد:
جڏهن حضرت عمر پنهنجي ڀيڻ کي اسلام تان هٽڻ لاءِ
ماري ٿڪو تڏهن بيبي صاحبه کيس چيو ته توکي جيڪي
وڻي سو ڪر پر اسلام تان هرگز نه هٽنديس. جڏهن حضرت
عمر بيبي صاحبه جي ايڏي صداقت ۽ پختائي ڏٺي تڏهن
پاڻ به ان کان قرآن پاڪ ٻڌڻ جو خيال ڪيئين. جو ٻڌي
حضورﷺ جن جي ڪچهريءَ ۾ وڃي ايمان آندائين. سندس
ايمان آڻڻ سبب حضورﷺ جن ۽ ٻين اصحابن کي نهايت
گهڻي خوشي ٿي.
بيت المقدس جي فتح:
حضرت عمر فلسطين جي فتح ڪرڻ لاءِ حضرت
عمرو بن العاص کي مقرر ڪيو. جنهن فلسطين جا
ڪيترائي شهر هٿ ڪيا، باقي وڃي بيت المقدس رهيو، جو
عيسائين جو مذهبي مرڪز هو. جنهن کي هن گهيرو ڪيو
پر اهو گهيرو گهڻو عرصو جاري رهيو. نيٺ شهر وارن
جي پاران هڪڙي پادريءَ صلح ڪرڻ گهريو ته مسلمانن
جو خليفو خود اچي ته اسين آڻ مڃيون. حضرت عمر
عيسائين جو اهو شرط منظور ڪري بيت المقدس جي سفر
تي روانو ٿيو. انهيءَ سفر ۾ حضرت عمر سان فقط هڪ
اُٺ هو جنهن تي واري واري سان پاڻ ۽ غلام سواري
ڪري رهيا هئا. جڏهن بيت المقدس جي ويجهو پهتا ته
ان وقت اُٺ تي غلام سوار هو ۽ پاڻ مهار وٺي پيادو
هلندو آيو ۽ سندس بدن تي جيڪي ڪپڙا پيل هئا تن ۾
ڪيتريون چتيون لڳل هيون. بيت المقدس جا عيسائي
هيءَ سادگي ۽ درويشي ڏسي عجب ۾ پئجي ويا. ان بعد
ماڻهن آڻ مڃي ۽ بيت المقدس مسلمانن جي هٿ آيو.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو. |