سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :13

[2]

موڪليا ملوڪ ڏي، لائق وڏا لشڪر،

جنگ جوٽيائونس جلدي ۾، ڪوپي ساهيا ڪر،

لشڪر جي لڙائيءَ جي، پئي ملڪن ۾ ته خبر،

جوان بيٺو آ وچ اڙدن ۾، وائي اها اٿس هونگر،

سنڀاليو ٿو سبحان کي، حمد چئي هر هر،

وڄن وس ڪيا، ٿيس ڪارونڀار ڪڪر،

جڏهن لڳس تير ترار ۾، تڏهن هاڪ ڇڏيائين هيڪر،

لشڪر سڀ ڳاري ڇڏيا، دوست مٺي دلبر،

لوڏي منجهه لهي ويا، هن جا غم سڀئي گوندر،

عاشق سو اُجرو ٿيو، ان سان ڪرم ڪيو قادر،

”دائم“ هن ”ٻروچ“ جي پت رکج پرور!

پوءِ ساڻي تجانٰ سرور! ڪامل ڏينهن قيام جي.

(دائم ٻروچ)

 

ملوڪ = حضرت ايوب عليہ السلام. لشڪر = ڪيئان.

ڪوپو = حضرت ايوب عليہ السلام.

تير = ڪيئن جو چڪ. ترار = زبان.

هاڪ ڇڏڻ = خدا جو نالو نه وٺڻ.

 

مراد: حضرت ايوب عليہ السلام جي امتحان خاطر رب پاڪ هن ڏانهن ڪيئن جو لشڪر موڪليو. بدن ۾ ايترا ته ڪيئان پيس جو هڪ وار به واندو نه هوس. تڏهن به هن رب پاڪ جي حمد کان بس نه ڪئي. نيٺ اهي ڪيڙا سندس زبان کي اچي لڳا، تڏهن الله تعاليٰ کان دعا گهريائين ته ”الاهي! منهنجي هيءَ زبان سلامت رک، ته جيئن تنهنجي حمد کان غافل نه ٿيان“ سندس سوال اگهاڻو. نه رڳو مرض کان آجو ٿيو پر مطمئن زندگي گذارڻ لڳو.

  

[3]

دانهن ڪري ته دوستي ڇڄي، چنج نه چوريائين،

جيڪا رضا رب جي، سا مٿي مڃيائين،

هو پيا کائين. هي خوش ٿئي، پئي چرخو چوريائين.

منهن نه موڙيائين، مهل انهيءَ ”مراد“ چئي.

 (مراد)

هو پيا کائين = ڪيئان. هي خوش ٿئي = حضرت ايوب

عليہ السلام رب پاڪ جو شڪر ڪري.

چرخو چورڻ = ذڪر ڪرڻ.

 

مراد: حضرت ايوب عليہ السلام کي سڄي بدن ۾ ڪيئان پيا، تڏهن به ڪا شڪايت نه ڪيائين، الله تعاليٰ جي رضا تي راضي رهي هر تڪليف جو صبر سان مقابلو ڪيائين، سندس شڪرانا بجا آندائين.

 

 

[4]

وٺو راهه رسول جي، ويو اٿو سچ ٻڌائي سردار،

مومل هئي محلات ۾، هوش وڏي هوشيار،

ڪئين چاڙهيو چؤرنگ کي، جوڙي وڏڌي جنسار،

گهمرا ڏيو گهٽين مان، لهيو وڃن لاچار،

ڪاڻو ته منجهن ڪثر هو، اهو هندو هو هوشيار،

وڃي وڌائينس ٻک ”ٻروچ“ چئي، وري نه ڏنائينس وار.

”احمد“ چئي نهار، ڏاهو ٿي هن ڏور کي.

(احمد خان مري)

 

مومل = حضرت ايوب عليہ السلام جي زبان.

محلات = وات. چؤرنگ – جسم.

گهٽيون = جسم جا عضوا. ڪاڻو = ڪيئون.

هندو = ڪيئون. ٻک = چڪ.

 

مراد: حضرت ايوب عليہ السلام جي سڄي بدن ۾ ڪيئان پيا ته هن ڪا شڪايت نه ڪئي، جڏهن سندس زبان کي ڪيئون کائڻ لڳو، تڏهن الله تعاليٰ کي سوال ڪيائين ته منهنجي زبان کي سالم رک ته جيئن ان سان تنهنجو نالو وٺندو رهان.

 

[5]

جانب جي جاگير ۾، چورن پي ڪئي چوري،

خان ته ويٺي لکيو، پر هنن پي ڪئي زوري،

مجرو آهي زميندار کي، جنهن لٽائي ڇڏي سيري،

جا جيءَ اندر جهوري، سا لهي ويس ”لال بخش“ چئي.

 (لال بخش)

 

جانب = حضرت ايوب عليہ السلام.

جاگير = بدن، چور = ڪيئن.

خان = حضرت ايوب عليہ السلام.

هنن = ڪيئن ڏانهن اشارو.

 

مراد: حضرت ايوب عليہ السلام کي سڄي بدن ۾ ڪيئان پئجي ويا ۽ ڳل به ڳري ويس. مگر پاڻ خدا جا عجب رنگ ڏسي خوشيءَ سان تڪليف برداشت ڪيائين سندس صبر ۽ استقلال تي مٿس الله تعاليٰ راضي ٿي مرض ۽ مصيبت کان کيس آجو ڪيو.

 

[6]

گهڙي آيا گهر ۾ ويري وڙهڻ لاءِ،

ڏمر جو ڏاڍا هڻن، ته به هَي هَي ڪري نه هاءِ!

ڪست مان ”ڪنبر“ چئي، ورتئون محڪم مارڻ لاءِ،

 

گهر = جسم. ويري = ڪيئان.

هي = حضرت ايوب عليہ السلام ڏانهن اشارو.

هو = حضرت ايوب عليہ السلام ڏانهن اشارو.

 

مراد: حضرت ايوب عليہ السلام نبيءَ کي بدن ۾ ڪيئان پيدا ٿيا ته پاڻ صابر رهي تڪليف برداشت ڪيائين، پر ڪيئن کي ڪوبه ايذاءَ نه ڏنائين، اهو سڀ ڪجهه الله تعاليٰ جي طرفان سمجهي انهن ڪيئن تي به رحم ٿي کاڌائين.

 

[7]

ڌڻي ڏنئين ڌنار کي، ٿو چاهه منجهان چاري،

جيڪا ڇڄي ڇانگ کان، سان ولر ڏانهن واري،

سڀ ڏنائينس ماري، تڏهن ڀاڳئي جو ڀلو ٿيو.

 

ڌڻ = ڪيئن. ڌنار = حضرت ايوب عليہ السلام.

 

مراد: حضرت ايوب عليہ السلام جي جسم ۾ ڪيئان پيدا ٿيا. جي انهن مان ڪو ڪري پوندو هو، ته اُن کي کڻي ساڳيءَ جاءِ تي رکندو هو. پوءِ جڏهن الله تعاليٰ مٿس راضي ٿيو ته ڪيئان مري ويا، اهو مرض دفع ٿيو ۽ هر تڪيلف کان آجو ٿي مطمئن زندگي گذارڻ لڳو.

 

[8]

ماروئڙا ملير ۾، اڏيو ويٺا آهن دام،

پکا پکن سامهان، اڏيا اٿن جام،

جڏهن عمر جا پهتن پيغام، تڏهن مارو پڊ پٽي ويا.

 

ماروئڙا = ڪيئان. ملير حضرت ايوب عليہ

السلام جو بدن. عمر = الله تعاليٰ

 

مراد: حضرت ايوب عليہ السلام جو سڄو بُت ڪيئن سان وٺجي ويو، پوءِ جڏهن الله تعاليٰ جو حڪم ٿيو تڏهن اهي ڪيئان نابود ٿي ويا.

 

[9]

جهونگاريندي جهنگ ۾، لڌم ڏانوڻ ڳچ،

لايان لال لڱن کي، مانَ اُجهامي مچ،

پنهل ڄام چرچ، متان رٺائي رهجي وڃون.

 

ڏانوڻ = حضرت ايوب عليہ السلام واري کاري.

پنهل ڄام = حضرت ايوب عليہ السلام.

 

مراد: حضرت ايوب عليہ السلام بيماري جي حالت ۾ هڪ کاري ۾ پيل هو. بيبي صاحبه پورهئي تان موٽي اچي سندس خدمت ڪندي هئي. هڪ ڏينهن آئي ته کاري خالي ڏٺائين. اهو ئي ڏينهن هو جنهن ۾ حضرت ايوب عليہ السلام شفا حاصل ڪئي هئي. پوءِ هوءَ کيس ڳوليندي اچي ملي هئي.

[10]

کارا کهنبا ڪنجهرا، ٿي اپر اوڍيائين،

صحيح ستي هئي سومري وٽ، ٿي ملير ماڻيائين.

تئان پوءِ مٿو ڌوتائين، ستيءَ سيل نباهيو.

 

مورو = حضرت ايوب عليہ السلام.

ملير= سهاڳ. ستي = حضرت ايوب عليہ

السلام. جي گهر واري.

 

مراد: حضرت ايوب عليہ السلام الله تعاليٰ جي آزمائش واري وقت ۾ مرض ۾ ورتل هڪ هنڌ پيو هوندو هو. کيس سڀ ڇڏي ويا پر سندس بيبي رحيما ساڻس هر حال ۾ شريڪ رهي، جڏهن حضرت ايوب عليہ السلام شفا حاصل ڪئي، تڏهن بيبي هن کي اصل جاءِ تي نه ڏسي پريشان ٿي ۽ تيستائين خوش نه ٿي جيستائين کيس نه ڏٺائين.

11- حضرت موسيٰ عليہ السلام

(الف) حضرت موسيٰ عليہ السلام جو ڄمڻ

مصر ۾ فرعون نالي بادشاهه حڪومت ڪندو هو. هڪڙي ڀيري نجومين کيس ٻڌايو ته بني اسرائيل قوم مان هڪ اهڙو شخص پيدا ٿيڻو آهي، جو تنهنجي ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيندو. اها ڳالهه ٻڌي فرعون بني اسرائيلن جا ڪيئن ٻار ماريا ۽ حامله زالن جا پيٽ ڦاڙائي ٻار ضايع ڪرايا. ڪجهه وقت کان پوءِ هڪ رات فرعون خواب ۾ ڏٺو ته هڪ شخص هوا تي سوار ٿي وٽس آيو ۽ جيڪي وٽس هو، سو سڀ کانئس ڦري ويو، صبح جو اٿي نجومي گهرائي خواب جو تعبير پڇيائين، نجومين ٻڌايس ته ٽن ڏينهن اندر بني اسرائيل ۾هڪڙو ٻار سرجڻو آهي، جو تنهنجي حڪومت تباهه ڪندو. اها ڳالهه ٻڌي فرعون شهر جي زالن ۽ مردن تي ٽي ڏينهن سخت پهرو رکايو، پر انهن ٽن راتين مان هڪڙي رات خود فرعون جي خاص ماڻهو عمران کي سندس محلات ۾ ئي پنهنجي زال ’يوخابذ‘ سان ملڻ جو وجهه ملي ويو. قدرت سان حضرت موسيٰ عليہ السلام کي ڄڻيو. اڃا اتيئي هئي ته فرعون جي داين جي ڳالهائڻ ٻڌائين. هنن کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي حضرت موسيٰ عليہ السلام کي تنور ۾ اڇلائي ڍڪ ڏئي ڇڏيائين. داين جي وڃڻ کان پوءِ بيبيءَ کي سخت ڏک ٿيو، پر تنور جو ڍڪ لاٿائين ته کيس حضرت موسيٰ عليہ السلام جيئرو ڏسجڻ ۾ آيو، جو هڪڙو گل سونگهي رهيو هو.

حضرت موسيٰ عليہ السلام ٽي مهينا ٿڃ پيتي انهي عرصي ۾ فرعون جا جاسوس گهر گهر ۾ ڳولا ڪندا رهيا. آخر الله تعاليٰ بيبي يوخابذ کي الهام ڪيو ته حضرت موسيٰ عليہ السلام کي صندوق ۾ بند ڪري نيل ندي ۾ لوڙهي ڇڏ ۽ ڪوبه ڏک نه ڪج، اسين وري کيس توڏانهن موٽائينداسون. بيبي گهر جي دروازي تي ڪنهن واڍي ملڻ جو خيال ۾ بيٺي هئي ته جبرئيل الله تعاليٰ جي حڪم موجب واڍو ٿي اچي اتان لنگهيو. بيبي صاحبه ان کان صندوق ٺهرائي حضرت موسيٰ عليہ السلام کي ان ۾ وجهي، رات جو اها نيل ندي ۾ لوڙهي ڇڏي. صندوق لڙهندي فرعون جي محل واري عرض ۾ اچي پيئي. فرعون جي زال بيبي آسيته کي ڪوبه اولاد ڪونه هو، تنهنڪري ان حضرت موسيٰ عليہ السلام کي محبت سان کڻي گود ۾ وهاريو. جيتوڻيڪ فرعون جي مرضي ڪانه هئي، مگر بيبي آسيته ضد ڪري فرعون کي انهيءَ ٻار نپائڻ تي راضي ڪيو ۽ ان جي پرورش لاءِ بيبي يوخابذ کي دائي مقرر ڪيائين.

هڪ دفعي فرعون، حضرت موسيٰ عليہ السلام کي پنهنجي جهوليءَ ۾ وهاريو ويٺو هو ته حضرت موسيٰ عليہ السلام راند ڪندي ان جي ڏاڙهيءَ ۾ هٿ وڌو، جنهن تي فرعون ڪاوڙجي حضرت موسيٰ عليہ السلام کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سندس زال بيبي آسيته کيس چيو ته هيءُ معصوم آهي هن کي چڱي مٺي جي ڪهڙي خبر جو توهين اهڙو سخت حڪم ٿا ڏيو؟ اهو ٻڌي فرعون ٻه ٿالهه گهرايا، هڪ ۾ هيرا ۽ لعلون ۽ ٻئي ۾ ٽانڊا وجهارائي، حضرت موسيٰ عليہ السلام جي اڳيان رکيائين. حضرت موسيٰ عليہ السلام لعلن ڏانهن هٿ ٿي وڌايو، مگر جبرئيل سندس هٿ ٽانڊن ڏانهن ڪيو ۽ ان سان ٽانڊا کڻي وات ۾ وڌائين. الله تعاليٰ جي حڪمت جو سندس هٿ کي ڪجهه به ڪونه ٿيو، مگر زبان کي لهس آئي جنهن ڪري هو هڪڙ ڳالهائيندو هو. اها ڳالهه ڏسي فرعون کي هن جي بي سمجهي معلوم ٿي.

حضرت موسيٰ عليہ السلام فرعون جي گهر ۾ نپجي ويهن ورهين جو جوان ٿيو. هڪڙي ڀيري ڏٺائين ته هڪڙو قبطي، هڪڙو بني اسرائيل کان بيگر ۾ ڪاٺيون کڻايو ٿو اچي ۽ بني اسرائيل ويچارو دانهون ڪري رهيو آهي. انهيءَ تي قبطي کي چيائين ته هن کي ڇڏي ٻئي ڪنهن کي وڃي، بيگر ۾ وَهاءِ. قبطي جي انڪار ڪرڻ تي حضرت موسيٰ عليہ السلام هن کي جوش مان مڪ هنئي ته هو مري پيو. قبطي جي مرڻ تي حضرت موسيٰ عليہ السلام پشيمان ٿيو ۽ الله تعاليٰ جي دربار مان معاف گهرائين. الله تعاليٰ سندس التجا قبول ڪئي. ٻئي ڏينهن حضرت موسيٰ عليہ السلام ڏٺو ته ان ساڳئي شخص کي ٻيو هڪڙو قبطي وٺيو وڃي. بني اسرائيل جڏهن حضرت موسيٰ عليہ السلام کي ڏٺو ته وري به مدد لاءِ پڪاريائين، حضرت موسيٰ عليہ السلام جيئن هن جي مدد لاءِ وڌيو تيئن قبطي حضرت موسيٰ عليہ السلام کي چيو ته اي موسيٰ! آءٌ ڀانيان ٿو ته ڪالهوڪي قبطي وانگر تون اڄ مون کي ماريندين. حضرت موسيٰ عليہ السلام ٻڌي فرعون کان ڊنو ته ضرور قصاص ’خون جي بدلي خون‘ وٺندو. انهيءَ ويچار ۾ هو ته فرعون جو ماسات جذبيلا وٽس آيو ۽ کيس قبطي جي خون جي عيوض قتل ٿيڻ جي ڳالهه ٻڌائي چيائينس ته ڀڄڻو اٿئي ته ڀڄ آءٌ توکي نيڪ صلاح ٿو ڏيان. اهو ٻڌي حضرت موسيٰ عليہ السلام خوف کان شهر ڇڏي روانو ٿيو، ست ڏينهن ست راتيون پنڌ ڪري اچي هڪڙي بيابان ۾ نڪتو. اتي هڪري مٿانهين جاءِ تان بيهي ڏٺائين ته کيس ماڻهن جي آبادي نظر آئي، هي اهو هنڌ هو جتي حضرت شعيب عليہ السلام رهندو هو ۽ ٻي سڄي قوم ڪافرن جي هئي. حضرت موسيٰ عليہ السلام ان شهر جي نزديڪ هڪ کوهه تي پهتو، جنهن تان ماڻهو پنهنجي مال کي پاڻي پياري رهيا هئا، اتي ڏٺائين ته ٻه ڇوڪريون به ٻڪرين جو ڌڻ ڪاهي آيون هيون. ٻيا سڀ ماڻهو پنهنجي مال کي پاڻي پياري کوهه تي ڇپ رکي هليا ويا ۽ ڇوڪرين جو ڪنهن به خيال ڪونه ڪيو. اها حالت ڏسي حضرت موسيٰ عليہ السلام ڇوڪرين کان انهيءَ جو سبب پڇيو. ان تي ڇوڪرين چيو ته هيءَ ڪافرن جي قوم آهي، اسان جو پيءُ پيرسن آهي. اسان ۾ ايتري طاقت نه آهي جو چاليهه مرد جي طاقت واري ڇپ کوهه تان لاهي کڻي پنهنجي ڌڻ کي پاڻي پياريون. پر جڏهن هنن جو مال پاڻي پي جيڪي بچائيندو آهي، اهو مال کي پيارينديون آهيون. اها ڳالهه ٻڌي حضرت موسيٰ عليہ السلام پهڻ جي ڇپ پري ڪئي ۽ کوهه مان پاڻي ڪڍي ٻڪرين کي پياري پاڻ وڃي وڻ جي ڇانو هيٺ ويٺو. ڇوڪريون ٻڪريون ڪاهي گهر آيون. اهي ڇوڪريون حضرت شعيب عليہ السلام جون نياڻيون هيون، جن جي عادت هوندي هئي ته جڏهن مال گهر ايندو هو تڏهن مٿس هٿ ڦيري ڏسندو هو ته اُڃايل ته ڪينهي، اڄ ڏٺائين سڀ ٻڪريون ڍاول هيون، تڏهن پنهنجي نياڻين کان دريافت ڪيائين، جن حضرت موسيٰ عليہ السلام جي بهادري جي خبر پنهنجي والد کي ٻڌائي. انهيءَ تي حضرت شعيب عليہ السلام پنهنجي نياڻين کي چيو ته توهان مان هڪ موٽي وڃي ۽ جي اهو شخص موجود هجي ته کيس محنت جو اجورو ڏيو، هڪڙي نياڻي حضرت موسيٰ عليہ السلام کي پيءَ جو پيغام ڏيئي گهر وٺي آئي. حضرت شعيب عليہ السلام حضرت موسيٰ عليہ السلام کان حال احوال ورتو، جنهن قبطي جي خون ۽ فرعون جي ڊپ کان ڀڄي نڪرڻ جو سڄو احوال ٻڌايو. اهو ٻڌي حضرت شعيب عليہ السلام فرمايو ته هاڻي تون ڪوبه ڊپ نه ڪر ڇاڪاڻ ته تون فرعون جي حد اُڪري آيو آهين.

حضرت شعيب عليہ السلام جي نياڻي ’صفوران‘ جا حضرت موسيٰ عليہ السلام کي وٺڻ ويئي هئي، تنهن پنهنجي پيءَ کي چيو ته بابا! هاڻي هي پهلوان ماڻهو پاڻ وٽ رهي پنهنجون ٻڪريون چاريندو ته بهتر ٿيندو. هي نهايت ايماندار آهي. منجهس ڪابه خامي نه آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن آءٌ کيس وٺي ٿي آيس تڏهن هڪ ته حيا کان مون سان نه ڳالهايائين ۽ ٻيو منهنجي پويان هلڻ کان انڪار ڪيائين ۽ اڳيان نشانن تي هلي گهر تائين پهتو آهي. نياڻيءَ جي واتان اها ڳالهه ٻڌي حضرت شعيب عليہ السلام کي پڪ ٿي ته هي برابر امانت جو صاحب آهي ۽ خيال ٿيس ته ٻنهي ڌين مان هڪ جي ساڻس شادي ڪرايان. اهو ارادو ڪري حضرت موسيٰ عليہ السلام کي چيائين ته منهنجي مرضي آهي ته، آءٌ توکي پنهنجي هڪ نياڻيءَ جو سڱ ڏيان، پر هن شرط تي ته تون مون وٽ اٺ سال رهي ٻڪريون چاريندين، پر جي ڏهه سال رهندين ته پاڻ تنهنجي وڏيڪ ڀلائي ٿيندي. حضرت موسيٰ عليہ السلام اهو شرط قبول ڪيو ۽ پاڻ اتي رهي ٻڪريون چارڻ لڳو. حضرت شعيب عليہ السلام کيس هڪڙي عصا (لٺ) ڏني جيڪا حضرت آدم عليہ السلام بهشت مان آندي هئي ۽ چيائينس ته فلاڻي صحرا ڏانهن ڌڻ نه نجان، جو اتي تمام گهڻا اَرڙ رهن ٿا. ٻئي ڏينهن حضرت موسيٰ عليہ السلام ڌڻ ڪاهي هليو ته ٻڪرين واڙ مان نڪري، انهيءَ صحرا ڏانهن رُخ رکيو جنهن جي حضرت شعيب عليہ السلام  منع ڪئي هئي. حضرت موسيٰ عليہ السلام انهن کي ورائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، مگر ٻڪريون نه وريون. نيٺ حضرت موسيٰ عليہ السلام ان صحرا ۾ پهچي، عصا پاسي ۾ رکي هڪڙي وڻ هيٺ سمهي پيو. صحرا ۾ ٻڪريون ڏسي هڪڙو اَرڙ مٿن ڪاهي آيو، حضرت موسيٰ عليہ السلام جي عصا ان ارڙ کي ماري ڇڏيو. حضرت موسيٰ عليہ السلام ننڊ مان اٿي ارڙ کي مئل ڏسي لٺ جي معجزي تي عجب کائڻ لڳو.

حضرت موسيٰ عليہ السلام جڏهن ست سال ٻڪريون چاريون، تڏهن حضرت شعيب عليہ السلام، حضرت موسيٰ عليہ السلام کي چيو ته هن سال جيڪي به ڪارا ڦر ڄاوا سي سڀ تنهنجا آهن. خدا جي قدرت ان سال سڀ ڪارا ڦر پيدا ٿيا. ورندي سال حضرت شعيب عليہ السلام چيس ته هن سال جيڪي به اڇا ڦر ٿيندا سي سڀ تنهنجا ٿيندا. خدا جو شان جو ان سال سڀ اڇا ڦر ڄاوا، وري ٽئي سال به حضرت شعيب عليہ السلام کيس چيو ته هن سال جيڪي ابلق يعني اڇن ۽ ڪارن داغن وارا ڦر ٿيندا سي تنهنجي حوالي ڪيا ويندا. ڌڻيءَ جي جوڙ جو انهيءَ سال سڀ اَبلق ڦر پيدا ٿيا. اهڙيءَ ريت ڏهن سالن جو مدو به ختم ٿيو ۽ حضرت شعيب عليہ السلام پنهنجي ننڍي نياڻي صفورا جي شادي حضرت موسيٰ عليہ السلام سان ڪري، واعدي مطابق ٽن سالن وارا ڦر به سندس حوالي ڪيا ۽ کيس واپس وڃڻ جي اجازت ڏنائين. حضرت موسيٰ عليہ السلام پنهنجو مال ڪاهي حامله بيبي سميت وطن ڏانهن روانو ٿيو. ڪجهه ڏينهن پنڌ کان پوءِ هڪ رات بيبي صاحبه پاسا آجا ڪرڻ جو وقت سنڀاليو ۽ گگهه اونداهي هئڻ سبب حضرت موسيٰ عليہ السلام کي ٽانڊو آڻڻ لاءِ چيو ته سوجهرو به ڪريون ۽ باهه ٻاري پاڻ کي گرم به ڪريون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org