سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :40

[11]

جڏهن باغ بنجي بهار ٿيو، تڏهن مالهي ڪئي ميار،

ته باغ ۾ بهاري گهڻي، سراول نه اچي اغيار،

رکيائين راءِ راڻي لاءِ، جو مالڪ هو مختير،

جڏهن ڪيائون دادلي جو ديدار، تڏهن عجب لڳو انهن کي.

 

باغ = بيت المقدس. بهار ٿيو = فتح ٿيڻ

ڏانهن اشارو. مالهي = پادري. اغيار = ٻيو

ڪوبه شخص. راڻو = حضورت عمر﷤.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

حجر اسود حضرت عمر﷤ جي نظر ۾:

        جڏهن حضرت عمر﷤ بيت الله ۾ حجر اسود کي چميون ٿي ڏنيون، تڏهن ان ڏانهن نهاري چيائين ته اي حجر اسود! تون هڪ معمولي ڪارو پٿر آهين، پر جيئن ته حضورﷺ جن توکي چميو آهي، انهيءَ عزت سبب آءٌ به توکي چمي ٿو ڏيان.

 

[12]

وٺو راهه رسول جي، جا وهي پيئي وير،

ڇا راڻا رنگ تنهنجو، ڇا هستي هن حمير،

پر اها مومل توکي مير، آهي الله ڏياري ”احمد“ چئي

 (احمد خان مري)

 

راڻو = حجراسود. حمير = حضرت عمر﷤.

مومل = چمي. مير = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

نيل درياءَ ڏي خط:

        چون ٿا ته مصر جي ماڻهن جو دستور هو ته جڏهن هڪڙي عورت سينگاري نيل درياءَ ۾ لوڙهيندا هئا تڏهن درياءَ موج ۾ ايندو هو. جڏهن حضرت عمر﷤ جي زماني ۾ مصر مسلمانن جي قبضي ۾ آيو، تڏهن مصر جي دستور جي حضرت عمر﷤ کي به خبر پئي. تنهن هڪڙو خط بسم الله سان شروع ڪري قاصد جي هٿان مصر جي گورنر عمر بن عباس ڏي موڪليو ته هيءَ درياءَ ۾ وجهو ته هو پاڻهي موج ۾ اچي ملڪ کي سرسبز ڪندو.

چون ٿا ته اهو ڪاغذ جڏهن نيل ۾ وڌو ويو ته درياءَ برابر جوش ۾ آيو ۽ نارن تائين پاڻي اچي وهڻ لڳو. پوءِ اهو پراڻو دستور عورت کي لوڙهڻ جو هميشه لاءِ بند ٿي ويو.

مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[13]

ٻڌي مذڪور مڙني جو، ٿيو امير کي ارمان،

ڪيئين سهي سيگهه مؤن، مليس فهميدو فرمان،

داناءَ تنهن دولهه کي، ڏنو ناز ڀريو نيشان،

هن ڪيو جلوو جوش مان، شاهي سمجهي شان،

ويو پرِ مٽي پروان، حيلي سان ”حجم“ چئي.

 (مير محمد حجام)

 

ٿيو = عمر بن عباس ڏانهن اشارو.

دانءُ = حضرت عمر﷤. دولهه = درياءُ.

نيشان = بسم الله سان شروع ڪيل خط.

هن = نيل درياءَ ڏانهن اشارو.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[14]

ڏسي منڌ ملوڪ جي، ارڏي رکيو آر،

ستت هليو سيگهه ۾، ناميو ٿي نروار،

عبرت ۾ عالم پيو، ڪامل ٿيو قرار،

بانڪي لاٿن بار، انهن ٿئون ”الهه بخش“ چئي.

 (الهه بخش)

 

منڌ = چٺي. ملوڪ = حضرت عمر﷤.

ارڏو = درياءُ. بانڪو = حضرت عمر﷤.

انهن = مصر جا ماڻهو.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

حضرت عمر﷤ جو عدل:

        چون ٿا ته حضرت عمر﷤ جي ڪچهريءَ ۾ هڪڙي يهودڻ عورت ٻار کڻي آئي ۽ فرياد ڪيئين ته هن ٻار جي پيءُ مون کي پنهنجي فريب ۾ ڦاسايو. ان جو نتيجو هي ٻار ٿيو آهي، انهيءَ ڪري منهنجي مائٽن مون کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو آهي. هاڻي هن ٻار جي پيءُ کي حڪم ملي ته هو منهنجي ۽ ٻار جي نگهباني ڪري. حضرت عمر﷤ مائيءَ کان پڇيو ته اهو ڪير آهي جنهن اهڙو ڪم ڪيو آهي؟ تڏهن مائيءَ سندس فرزند ابوشهم جو نالو ٻڌائي سڄي حقيقت عرض رکي. حضرت عمر﷤ پنهنجي پٽ کي گهرايو، جنهن ڏوهه جو اقرار ڪيو. پاڻ يڪدم شريعت جي قانون موجب سؤ درن هڻائڻ جو حڪم ڪيائين. اهو حڪم ملڻ تي جلاد يڪدم اچي حاضر ٿيو ۽ حڪم جي تعمير ٿي ۽ ابوشهم انهيءَ حالت ۾ مري ويو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

[15]

مارئي هئي ملير ۾، تڏهن عمر ڪيو آر،

حوالي ٿي هوت جي، تڏهن سسئي ڪيو سينگار،

هير رانجهي پاڻ ۾، گڏجي ڪئي گفتار،

ليلان ۽ چنيسر جو، هو هردو مٿي هار،

سورٺ ٻڌو سندرو، جڏهن ريڌو راءِ کنگهار،

ملي تنهن ميهار کي، ڏنو سهڻيءَ سماچار،

گهائي وڌو گهوٽ کي، مومل مڻيادار،

انهيءَ ست سريءَ جو فقير کي، ڏيو پتو ڪڍي پار،

نه ته متان رکو ميار، ٻئي دفعي ”ٻروچ“ تي.

 (حاصل فقير)

 

مارئي، سسئي، هير، سورٺ، سهڻي،

مومل = يهودڻ عورت. عمر، هوت، رانجهو،

چنيسر ۽ راءِ کنگهار = ابوشهم. ميهار = حضرت

عمرت﷤. گهوٽ = حضرت عمر﷤.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[16]

وٺو راهه رسول جي، جو ٿڌي لڳي آ هير،

عيب کوليا انهيءَ جا، پرينءَ سي تان پير،

لٽا لاهي لڱن تان، ڪيو اگهاڙو امير،

هڪڙو لُنگ ڏنو هئس لاڏلي، هيءَ تنهنجو حق حمير،

گوهر تي ”غلام محمد“ چئي، نور وٺا پئي نير،

وهواهه اتي وير، اهو جو خان کٽي ويو.

 (غلام محمد)

 

انهيءَ = ابوشهم ڏانهن اشارو. امير = حضرت

عمر﷤. لاڏلو = حضرت عمر﷤. حمير = ابوشهم.

وير = حضرت عمر﷤. خان = ابوشهم.

 

مراد:  حضرت عمر رضه شريعت جي حڪمن جي تعمير ڪرائڻ ۾ تِر به نه هٽيو ۽ ابوشهم آخرت جي عذاب جي بدران دنيا جي تڪليف سهي عزت حاصل ڪئي.

د - حضرت عثمان﷤

        حضرت عثمان بن عفان﷤ حضورﷺ جن جي چئن يارن مان هڪڙو مالدار اصحاب هو. مالدار هجڻ سبب پاڻ عثمان ”غني“ جي نالي سان سڏبو هو. ايڏو ته غريبن جو غمخوار هوندو هو جو پنهنجي واپاري قافلن جا قافلا خدا جي راهه ۾ خيرات ڪري ڇڏيندو هو.

        چون ٿا ته نَو هجريءَ ۾ حضورﷺ جن ٽيهه هزار مجاهدن جو لشڪر وٺي تبوڪ جي لڙائيءَ لاءِ اُسهيا. لشڪر ۾ اٺن جي کوٽ هئي تنهنڪري ارڙهن ماڻهن جي حصي ۾ هڪڙو اُٺ ٿي آيو، جنهن تي واري واري سان مجاهد ٿي سوار ٿيا ۽ کاڌي جو سامان پورو نه هئڻ سبب ٿورو اڳتي هلي تڪليف ٿيڻ لڳي. تڏهن حضرت عثمان﷤ اها حالت ڏسي مديني ڏانهن ماڻهو ڊوڙايا ۽ پنهنجو واپاري اَن ۽ ٻيو کائڻ جو سامان اٺن سميت گهرائي لشڪر کي مدد پهچائي، حضورﷺ جن فرمايو ته اسان کي الله تعاليٰ هڪ بنئون دين عطا فرمايو آهي ان ۾ هڪ اهڙي مجاهد مومن جي ضرورت هئي، جيڪو خزاني ۽ هٿيارن سان ان جي مدد ڪري. سو الله تعاليٰ اسان کي عثمان ان ڪم لاءِ بخش ڪيو آهي.

        چون ٿا ته حضرت عثمان﷤ جيئن جيئن پنهنجي دولت الله تعاليٰ جي راهه ۾ پئي ڏني تيئن تيئن اها وٽس وڌندي وئي.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[1]

حبيب هئي هڪڙي ڏينهن، پرينءَ ڪئي پچار،

ته جانب مون کي جاگير ڏني، ملڪن جي مختيار،

سا ته نئين نهورَ گهڻي، جنهن لئي ٿي هاري کتاهزار،

نار پڙاٺيون هرلا، ٻيا هر ڪيڻون هروار،

ڪمدار به کتا ٿي ڪاراوار، جيڪي ڪن سولي سارسنڀار،

سي موليٰ مون کي مليا، جن سڀ هلٽ ڪيا هوشيار،

جن کيڙڻ کيٽ شروع ڪيو، جيڪي هئا سامٽيا سچار،

هڪ سيڄو صاحب مون ڏٺو، جنهن ڏنو ڪا ٻاڙو قربدار،

هن دل سندي دلدار، ڪيا قرب ”ڪنڀار“ چئي.

 (ٻيڙو ڪنڀار)

 

حبيب = حضورﷺ جن. جانب الله تعاليٰ.

جاگير = دين اسلام.  نهور = نئون دين.

هاري = مومن. نار، هرلا، ڪيڻون = هٿيار

۽ ٻئي سامان ڏانهن اشارو. ڪمدار = مجاهد

سپهه سالار. کيٽ کيڙڻ = اسلام جو پيغام

پهچائڻ. سيڄو = حضورت عثمان﷤.

صاحب = الله تعاليٰ. ڪاٻاڙو = خزانو

۽ هٿيارن پنوهارن جو سامان

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

[2]

”ٻيڙي“ کي ”ٻروچ“ هيءَ، آهي ٻولي ٻڌائي:

ته بخت هئا هن ڀاڳئي جا، جنهن وڃي وهائي،

سا اچڻ سان آر ڪري، وٺي ويائي،

واڙا ڀاڻا ڀرجي ويا، ٿي پٽين پڌرائي،

پر هن سانڍيو نه پئي سُوا کي، جنهن ويامي وڌائي،

 ڪارڻ ڪنهن قريب جي، هن پئي ماڳهين موٽائي،

هن وڳر پئي واري ڏنا، ڪري پِڙين پالهائي،

پر جئن ٿي واڙين واندائي، تئن هن سوا پئي سرسيون ڪيون.

 (نبي بخش خان بلوچ)

 

ڀاڳيو = حضرت عثمان﷤. سا = مايا ڏانهن

اشارو. سوا = مايا. قريب = حضورﷺ جن.

وڳر واري ڏيڻ = قافلن جا قافلا الله تعالي

جي راهه ۾ ڏيڻ.

 

مراد:  حضرت عثمان﷤، حضورﷺ جن جي صحبت ۾ رهي جيئن جيئن پنهنجي مايا الله تعاليٰ جي راهه ۾ پئي ڏني تيئن تيئن اها وٽس پئي وڌي.

 

قرآن شريف جمع ڪرڻ:

        جبرائيل الله تعاليٰ وٽان اچي حضورﷺ جن وٽ حڪم احڪام پهچائيندو هو. اهي پاڻ مومنن کي ٻڌائيندا رهيا. انهن مومنن ۾ ڪي اهڙا مومن هئا جن کي انهن حڪمن واريون آيتون ياد رهنديون هيون، پر ڪن کي اهي دل تان لهي ٿي ويون. حضرت عثمان﷤ اها ڳالهه محسوس ڪري انهن آيتن کي گڏ ڪري هڪڙي ترتيب ڏني. جنهنڪري الله تعاليٰ جي حڪمن جو مجموعو قرآن مجيد جي صورت ۾ مؤمنن وٽ موجود ٿيو. جو اڄ تائين موجود آهي. قيامت تائين موجود رهندو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.

 

[3]

ماڻڪ موتي مير وٽ، پئي الاهي آيا،

تنهن هڪ به رکيو ڪونه ڪو، پئي وير ته ورهايا،

سي صرافن سانڍي رکيا، بر! ضرور ٿين ها ضايعا،

ٻهڳڻ هن ”ٻروچ“ چئي، اچي چڱي چونڊايا،

جڏهن هن مرد ميڙايا، تڏهن پلسان هار پري ٿيو.

 (نبي بخش خان بلوچ)

 

ماڻڪ، موتي = قرآن مجيد جون آيتون.

مير = حضورﷺ جن. وير = حضورﷺ جن.

صراف = اصحاب سڳورا. چڱو = حضرت عثمان﷤

ڏانهن اشارو. هار = قران مجيد.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

هه - حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤

        حضرت علي بن ابوطالب حضورﷺ جن جو سؤٽ هو. ٻارن ۾ هن ئي حضورﷺ جن تي ايمان آندو هو. حضورﷺ جن تي ايمان آندو هو. حضورﷺ جن کي جڏهن نبوت عطا ٿي تڏهن حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ جي عمر فقط ڏهه ورهيه هئي. حضرت علي جي والد حضرت ابوطالب جو مڪي معظمه ۾ وڏو اثر رسوخ هو. جڏهن ڪافر حضورﷺ جن کي ستائيندا هئا تڏهن حضرت ابو طالب ئي سندن مدد ڪندو هو. حضرت ابوطالب جي مالي حالت سٺي نه هئي انهيءَ ڪري حضورﷺ جن چاچي جي بار هلڪي ڪرڻ لاءِ حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ جي پالڻ جو بار پنهنجي سر تي کنيو. انهيءَ ڪري حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ کي شروع کان وٺي حضورﷺ جن جي صحبت نصيب ٿي. هجرت جي پهرئين يا ٻئي سال حضورﷺ جن جي نياڻي بيبي فاطمه سندس نڪاح ۾ آئي.

        حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ جي بهادري ۽ شجاعت جو مثال ملڻ مشڪل آهي. سندس زماني ۾ ڪوبه شخص سندس مقابلو نه ڪري سگهندو هو. گهڻو ڪري سڀني اسلامي جنگين ۾ شريڪ ٿي اسلام جو جهنڊو بلند ڪيائين. سندس بهادريءَ جا ننڍپڻ جا به ڪيترائي مثال آهن.

        چون ٿا ته مڪي جي ڪافرن جو هڪڙي هنڌ ڪو ميڙ هو ۽ هنن مهمانيءَ لاءِ اُٺ ڪٺو هو. اتان حضورﷺ جن اچي لنگهيا. پاڻ ميڙ کي مخاطب ٿي اسلام جي دعوت ڏنائون. پر ڪافرن ٺٺوليون ڪيون ۽ مٿن اُٺ جي اوجهريءَ جو گند اڇلائڻ لڳا. اتي حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤، جو ننڍيءَ عمر جو هو ۽ کجور جي ککڙين سان راند ڪري رهيو هو، تنهن جرئت ۽ همت ڪري انهن ڪافرن کي اهي ککڙيون هنيون. چون ٿا ته اهي ککڙيون جنهن ڪافر کي ٿي لڳيون تنهن جي جسم مان پار ٿي ٿي ويون ۽ هو دانهن ڪري ٿي ڀڳو تان جو سڀ ڪافر ميڙ ڇڏي ڀڄي ويا.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.

[1]

سوڍي گهڻو سمجهاين، پر مڃين نه منڪر،

آڏيون ورنديون حمير کي، پيا سڌيون ڏين سوئر،

جانب انهيءَ جاءِ تي، آيو لڙي سان لشڪر،

هنيائين ڌڪ هٿن سان، دل گهرئي دلبر،

ڪيائين ڦَٽ ڦِڪن کي، لڄي ٿي الوئر،

ٿي گيدي ڏانهن گهر، ڀڄي ويا ”محمد“ چئي.

(محمد ڏيرو)

 

سوڍو = نبيﷺ. جانب = حضرت علي

ڪرم الله وجهه﷤. لشڪر = کجين جون

ککڙيون. گيدي = ڪافر.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

خيبر جي جنگ:

        مسلمانن کي جڏهن مڪي معظمه جي ڪافرن کان آرام مليو ته وري مديني منوره جي يهودين سان منهن ڏيڻو پيو جي مسلمانن جا وڏا دشمن هئا. حضورﷺ جن انهن سان ڪيتريون ئي رعايتون ڪيون مگر جڏهن به انهن کي موقعو ملندو هو ته مسلمانن کي نقصان پهچائڻ کان نه رهندا هئا انهيءَ ڪري انهن جي شرارتن کان محفوط رهڻ لاءِ انهن کي مديني کان ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ انهن جو وڏو تعداد مديني کان پري خيبر جي قلعي ۾ وڃي رهڻ لڳو. مگر اتي به هو پنهنجي شرارتن کان نه رهيا ۽ ويهه پنجويهه هزار فوج ڪٺي ڪيائون.

        حضورﷺ جن کي يهودين جي تياري جي خبر ملي تڏهن اول حضورﷺ جن انهيءَ معاملي کي صلاح سان طي ڪرڻ چاهيو پر هنن صلح جي ڪابه صورت پيدا ٿيڻ نه ڏني ۽ جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا. هنن کلئي ميدان تي مقابلو ڪرڻ جي بدران قلعي ۾ پاڻ کي محفوظ ڪري قلعي جو دروازو بند ڪري ويهي رهيا. اسلامي لشڪر حضورﷺ جن جي حڪم هيٺ خيبر جي قلعن ڏانهن وڌيو ۽ اتي پهچي محمود بن مسلمه جي هٿ هيٺ، هڪ ”ناغم“ نالي قلعي تي حملو ڪيو مگر محمود شهيد ٿيو. انهيءَ جي شهادت کان اسلامي لشڪر جوش ۾ اهو قلعو ته هٿ ڪيو پر رفته رفته ٻيا قلعا به فتح ڪيائين. خيبر جو آخري قلعو ”قموص“ هو جنهن جي فتح ڪرڻ لاءِ مسلمانن کي گهڻو وقت لڳو. جڏهن حضورﷺ جن ڏٺو ته هن کي گهيري ڪرڻ ۾ گهڻو وقت لڳي ويو آهي، تڏهن حضورﷺ جن حضرت ابوبڪر صديق﷤ جي اڳواڻي هيٺ قلعي تي حملو ڪرڻ لاءِ لشڪر موڪليو پر اهو فتح ڪري نه سگهيو. ان بعد حضرت عمر﷤ کي موڪليائون پر اهو به ڪامياب نه ٿيو آخر ۾ حضورﷺ جن حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ کي انهيءَ جنگ لاءِ چونڊيو جنهن نهايت جانبازي سان اهو قلعو فتح ڪيو.

        چون ٿا ته حضورﷺ جن خيبر جي جنگ ۾ حضرت ابوبڪر﷤ ۽ حضرت عمر﷤ جي فتحياب نه ٿيڻ ڪري فڪرمند ٿيا ۽ جنگ ڪندي کين اوڻيتاليهه ڏينهن گذري ويا هئا، جڏهن چاليهون ڏينهن ٿيو تڏهن الله تعاليٰ جي طرفان وٽن وحي آيو، جنهن الله تعاليٰ جو پيغام پهچايو ته هن جنگ ۾ حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ کي اڳواڻي ڏيو ته جنگ ۾ فتح ٿئي. صبح جو حضورﷺ جن حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ کي ماڻهو موڪليو ۽ پاڻ فرمايائون ته اڄ پهريائين پهريائين جيڪو شخص علي ڪرم الله وجهه﷤ جو منهن ڏسندو ان تي دوزخ جي باهه حرام ٿيندي. اصحاب حضرت علي ڪرم الله وجهه ﷤ جي اچڻ جي واٽ ڏسڻ لڳا، پر سلمان فارسي سندس اچڻ جي انتظار ۾ آسمان ڏانهن نهارڻ لڳو. حضورﷺ جن پڇيس ته تون مٿي ڇا لاءِ نهاري رهيو آهين؟ سلمان عرض ڪيو ته حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ دُلدُل تي سوار آسمان تان اچي حضورﷺ جن وٽ حاضر ٿيو. ان وقت حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ جون اکيون اٿيل هيون پر حضورﷺ جن انهن تي ڦيڻي مبارڪ لڳائي ته اکين جي سور جي شڪايت يڪدم لهي وئي. پوءِ پنهنجو نبوي جهنڊو کيس عطا ڪيائون. پاڻ دُلدُل تي سوار ٿيم، لشڪر کي ترتيب ڏئي، خيبر جي قلعي ’قموص‘ تي حملو ڪيائين.

        چون ٿا ته قموص جي قلعي کي چوڌاري کاهي کوٽيل هئي. حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ قلعي جو در اکيڙي کاهيءَ تي رکيو ته جيئن لشڪر لنگهي وڃي، پر کاهي دروازي کان هٿ کان ويڪري هئي پاڻ کاهيءَ ۾ لهي طاق جي ڇيڙي جهلي بيٺو ته طاق مٿان لشڪر لنگهي ويو. جڏهن حضورﷺ جن ٿي لنگهيا تڏهن حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ کين چيو ته سردار نبين جا! جلد مٽيو جو اهو سڄي دنيا جو بار مون تي اچي ويو آهي. تڏهن حضورﷺ جن جلد ئيءَ سان تختو لنگهي ويا ۽ حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ سوهو ٿيو. چون ٿا ته کاهي سٺ هٿ اونهي هئي. اصحابن حضورﷺ جن کان پڇيو ته ايڏي اونهي کاهيءَ ۾ حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ ڪيئن بيٺو آهي؟ پاڻ فرمايائون ته علي جبرائيل جي پرن تي بيٺو آهي.

        چون ٿا ته خيبر جي لڙائيءَ ۾ مرحب يهوديءَ سان وڙهندي سندس هٿ مان ڍال ڇڏائجي وئي پر انهيءَ ئي وقت هڪڙو طاق کڻي ڍال جي عيوض ڪم آندائين. مرحب جو وار خالي ڏيئي ان جي سر تي اهڙي تلوار هنيائين جو ان جي مٿي کان ڏندن تائين هلي ويئي ۽ هو زمين تي وڃي ڪريو.

        چون ٿا ته خيبر جي جنگ ۾ جڏهن وڏا وڏا سردار مارجي ويا تڏهن به حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ جوش ۾ اڳتي وڌندو ويو پر حضورﷺ جن کيس فرمايو ته علي! هاڻي بس ڪر جو الله تعاليٰ اسان کي فتح ڏني آهي. ان کان پوءِ حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ پنهنجي تلوار نيام ۾ وڌي ۽ اچي حضورﷺ جن جو قدمبوس ٿيو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org