ڇپائيندڙ پاران
”ڏور“ لفظ جي معنيٰ آهي ”جاچڻ“ يا ”ڳولڻ“.
عام زندگيءَ ۾ ماڻهو پنهنجا گفتا جهڙيءَ طرح اشارن
۽ ڪناين ۾ لڪائيندي ٻڌندڙ کي دماغ تي زور ڏياريائي
اُن گفتي جو مطلب ڪڍرائي اچي ٿو. بلڪل تهڙيءَ طرح
لوڪ شاعريءَ ۾ سگهڙ به ڪچهريءَ ۾ ”ڏور“ ذريعي
پنهنجو پيغام پيش ڪندو آهي. ڪچهريءَ ۾ سگهڙ هڪ طرف
ڏور جو بيت پڙهندو ويندو. ته ٻئي طرف وري ٻڌندڙ
لفظن جا پيرا کڻندو. اصل موضوع ۽ مقصد جي وٿاڻ
ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪندو ويندو. جي ٻڌندڙ سالڪ ۽
سپورنج هوندو ته هو نيٺ وڃي مطلب تائين پهچندو.
”ڏور“ لوڪ شاعريءَ جي بيحد مقبول ۽ خوبصورت صنف آهي. هن صنف ۾ سگهڙ
لفظن کي پنهنجي هڪ خاص معنيٰ ڏئي ٿو. هيءَ صنف خاص
طور ٻهراڙي جي ڪچهرين جي زينت آهي. اها ڪچهري
اڌوري بلڪ ٻُسي چئبي. جنهن ۾ ڏور جو بيت نه پڙهيو
ويندو. ”ڏور“ گهڙڻ به هڪ اعليٰ پائي جو فن آهي.
جنهن تي اسان جي سگهڙن وڏي محنت ڪئي آهي. سنڌي ادب
جا محسن جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ حقيقي معنيٰ
۾ ساراهه جا مستحق آهن، جن لوڪ ادب جي اهڙي پياري
صنف تي تحقيق ڪئي. پاڻ انهيءَ جاکوڙ ۾ سنڌ جو ڳوٺ
ڳوٺ گهميا ۽ سگهڙن سان رهاڻيون ڪري کانئن ٽڙيل
پکڙيل مواد وٺي سنواري سينگاري اُن کي ڪتابي شڪل ۾
آندو. سنڌي ادبي بورڊ ڊاڪٽر صاحب جن جي انهيءَ عرق
ريزيءَ کي تسليم ڪندي، خاص طور جوڙيل ”لوڪ ادب
اسڪيم“ تي ڪم ڪرڻ جي رٿا منظور ڪئي ۽ کين انهيءَ
اسڪيم جو ڊائريڪٽر پڻ مقرر ڪيو.
هيءُ ڪتاب انهيءَ ”لوڪ ادب رٿا“ جي
پندرهين ڪڙي آهي. هن ڪتاب جو نئون ڇاپو آڻيندي سچ
پچ مون کي به دلي طرح خوشي محسوس ٿئي ٿي. ڇو ته
ههڙي بيش بها سوکڙي، لوڪ شاعريءَ سان خاص اُنس
رکندڙ دوستن کي نئين ڇاپي جي صورت ۾ ملي آهي. مون
کي اميد آهي ته پڙهندڙ دوستَ هن ڪتاب کي قدر جي
نگاهه سان ڏسندا.
ڄام شورو، سنڌ انعام
الله شيخ
جُمعو 14- جمادي الثاني 1426هه
سيڪريٽري
بمطابق 22- جولاءِ 2005ع سنڌي ادبي بورڊ
مهاڳ
سنڌ جي ’لوڪ ادب‘ کي سهيڙڻ لاءِ هڪ تفصيلي
تجويز، سنه 1955ع ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي سامهون
رکي وئي. جا 1956ع جي آخر ڌاري بورڊ بحال ڪئي ۽ ان
جي عملي نگراني ۽ تڪميل بنده جي حوالي ڪئي.
ان تجويز مطابق، جنوري 1957ع کان لوڪ ادب
سهيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو. انهيءَ سلسلي ۾
تعلقيوار ڪارڪن مقرر ڪيا ويا. ته جيئن هو ڏنل
هدايتن موجب، ٻهراڙيءَ مان مواد گڏ ڪري موڪلين.
سنڌ يوينورسٽيءَ ۾، ’سنڌي لغت آفيس‘ سان گڏ لوڪ
ادب جي مرڪزي آفيس قائم ڪئي وئي، ۽ ڪارڪن مقرر ڪيا
ويا، ته مقامي طور گڏ ڪيل توڙي ٻاهران آيل مواد کي
هدايتن موجب ورڇي ورهائي، ڀيٽي صاف ڪري. ڇپائڻ
لائق بنائين.
پهريان ٻه سال، 1957ع ۽ 1958ع، لوڪ ادب جي مواد سهيڙڻ ۾ صَرف ٿيا.
انهيءَ عرصي ۾ تعلقيوار ڪارڪنن، ڳوٺن مان گهربل
ڳالهيون هٿ ڪيون، مرڪزي آفيس جي عملي ڇپيل ڪتابي
ذخيري مان ضروري مواد اُتاريو. ۽ بنده ڪوشش ڪري
سنڌ جي هر ڀاڱي جو گشت ڪري. سڄاڻ سگهڙن سان
ڪچهريون ڪيون، ۽ عام سنڌي ادب جي هر پهلوءَ کي
سمجهڻ ۽ ان جي خاص ذخيري کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي. انهيءَ سعيي ۽ همت، بلڪ جذبي ۽ محبت سان قدري
ايتري مواد گڏ ٿيو ۽ ٿي رهيو آهي، جو ان جي آڌار
تي عام سنڌي ادب جي هر ڀاڱي بابت، نموني طور هڪ
ڪتاب مرتب ڪري سگهجي. ڪتابن جي تاليف جو سلسلو
ٽئين سال 1959ع کان شروع ڪيو ويو آهي.
هت ٻه ڳالهيون واضح ڪرڻ ضروري آهن:
پهريون ته هن تجويز موجب، سنڌي ٻوليءَ جي
عام ادب جون اهي جملي جنسون، جيڪي هن وقت تائين
ٻهراڙيءَ جي عوام ۾ مقبول ۽ مروج آهن، تن کي ’لوڪ
ادب‘ جو ذخيرو تسليم ڪيو ويو آهي. انهيءَ ذخيري ۾
سنڌي ادب جون معياري جنسون پڻ شامل آهن. مثلاً:
مداحون، مولود، ٽيهه اکريون، ڪافيون وغيره، مگر
جيئن ته اهي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ ۾ عام مقبول ۽
مشهور آهن، انهيءَ ڪري انهن کي پڻ ’لوڪ ادب‘ جي
دائري ۾ شمار ڪيو ويو آهي. انهيءَ لحاظ سان هن
تجويز هيٺ گڏ ڪيل ’لوڪ ادب‘ کي بعينه ’فوڪ لور‘
(Folklore)
جي مغربي مفهوم سان تعبير ڪرڻ
صحيح نه ٿيندو. اسان جي ملڪ ۾ شهري زندگي اڃا
ايتري وسعت يا خاص نوعيت اختيار نه ڪئي آهي، جو
اها خواص جي زندگي ۽ تمدن جو، يا ’معياري ادب‘ جو
سرچشمو بنجي. سنڌي زندگيءَ جو مرڪزي دائرو اڃا
تائين ڳوٺ آهي. ۽ انهيءَ ڪري سنڌي ادب جو وڏو
ذخيرو اهو ئي آهي جو عوام جي زندگيءَ جو آئينو
آهي. انهيءَ ڪري هن مرحلي تي سنڌي ٻوليءَ جي ’لوڪ
ادب‘ ۽ ’معياري ادب‘ جي وچ ۾ حد فاصل قائم ڪري نٿي
سگهجي.
ٻيو ته هن تجويز ذريعي ’لوڪ ادب‘ جو سمورو
مواد گڏ نه ٿي سگهيو آهي. ان کي سهيڙڻ لاءِ وڏي
وقت ۽ ڪافي ذريعن جي ضرورت آهي. لوڪ ادب جو سڄو
ذخيرو سربستو گڏ ڪرڻ ڄڻ اٿاهه سمنڊ سوجهي مڙني
موتين ۽ ماڻڪن کي سهيڙڻ جي برابر ٿيندو، جو ناممڪن
آهي. البت جو ڪجهه گڏ ٿي سگهيو آهي اهو لوڪ ادب جي
هر جنس بابت مثالي مواد آهي. انهيءَ لحاظ سان هن
تجويز هيٺ تاليف ڪيل ڪتاب اميد ته آئينده ڪوششن
لاءِ نمايان نشان ۽ نيڪ فال ثابت ٿيندو.
’لوڪ ادب تجويز‘ جي تحريڪ جيتوڻيڪ بنده جي
طرفان ٿي، مگر ان جي عملي سربراهي توڙي تڪميل ۾
گهڻن ئي مخلصن جون ڪوششون شامل آهن. اول ته ’سنڌي
ادبي بورڊ‘ جي ميمبرن کي جس جڳائي جن هن تجويز کي
سنه 1956ع ۾ منظور ڪيو. ان بعد گهربل مواد گڏ ڪرڻ
صاف ڪرڻ، ترتيب ڏيڻ، ابتدائي مسودا توڙي پريس
ڪاپيون تيار ڪرڻ، ۽ آخر ۾ ڪتابن ڇپائڻ ۾ ڪيترائي
سال ٻانهن ٻيلي ٿيا آهن. هن تجويز کي ڪامياب بنائڻ
۾ تعلقيوار ڪارڪن، مرڪزي آفيس جي باهمت فردن، سنڌ
جي سڄاڻ سگهڙن کي ڳولي هٿ ڪرڻ ۽ ساڻن ڪچهرين ڪرڻ ۾
پنهنجي هڙان وڙان مدد ڪئي.
هيءَ ڪتاب ’لوڪ ادب‘ سلسلي جو پندرهون
ڪتاب آهي. ان جو بنيادي مواد جولاءِ 1958ع تائين
گڏ ٿيو. سڄي مواد کي چڪاسي، مختلف روايتن کي ڀيٽي،
ترتيب ڏيئي، ڪتاب جو مسودو تيار ڪيو ويو ۽ اپريل
1961ع ۾ مسودي جي آخري تصحيح ڪري پريس ڪاپي شايع
ٿيڻ لاءِ ڏني ويئي.
ڪتاب جي ڇپائي ڪافي وقت ورتو، پر ان هوندي
به 1965ع جي آخري ڌاري ان کي شايع ڪرڻ جو انتظام
ڪيل هو، مگر بدقسمتيءَ سان لوڪ ادب تجويز کي پوري
ڪرڻ ۾ رڪاوٽ پئجي ويئي ۽ هن ڪتاب جي اشاعت پڻ
روڪجي وئي. 25 اپريل 1968ع تي سنڌي ادبي بورڊ جي
صدر جناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ (تمغئه
پاڪستان) جي سفارش تي سنڌي ادبي بورڊ وري لوڪ ادب
تجويز کي پايئه تڪميل تي پهچائڻ جو فيصلو ڪيو ۽
اها ذميواري بنده کي سونپي.
جون 1968ع کان ڪم شروع ڪيو ويو پر چئن
مهينن بعد وري بورڊ طرفان ڪم بند ڪرڻ جو اطلاع
مليو. وري 18- جون 1969ع تي بورڊ، لوڪ ادب تجويز
کي عمل ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جناب مخدوم صاحب جن
کي خط پهتو ته دوباره ڪم شروع ڪيو وڃي. مخدوم صاحب
جن جي ذاتي دلچسپي شامل حال نه رهي ها ته ’لوڪ ادب
تجويز‘ هن مرحلي تي نامڪمل رهجي وڃي ها. مرڪزي
آفيس جي ٻين ڪارڪنن سان گڏ خاص طرح محترم محمد بچل
۽ محمد يعقوب ميمڻ هن ڪتاب جي مواد کي اُتاري،
يڪجاءِ ڪرڻ، ڀيٽڻ ۽ دوباره صاف ڪري لکڻ ۾ تحسين
جوڳو ڪم ڪيو. سگهڙ ٻيڙي فقير ڪنڀر هن ڪتاب جي مواد
ڀيٽڻ ۾ خاص مدد ڪئي. ۽ محترم شيخ محمد اسماعيل ان
سڄي ڪم جي نگراني ڪئي. ڪتاب جي آخري سٽاءَ، ترتيب
۽ تاليف لاءِ بنده خود ذميوار آهي.
سنڌ يونيورسٽي خادم العلم
حيدرآباد سنڌ ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ
2- فيبوري 1970ع
ام للنسان ماتمنيٰ، فللہ الاخرة والاوليٰ
مقدمو
موجوده دوؤر ۾ ڏورَ ۽ ڳجهارتَ جون ڪچهريون
سنڌ جي سگهڙن توڙي عوام جي وندر ورونهه جو هڪ
دلچسپ موضوع ۽ محبوب مشغلو آهي. قدامت جي لحاظ سان
البت ’پيرليون‘ ۽ ’ڳجهارتون‘ سنڌ جي سگهڙپائيءَ جو
هڪ آڳاٽو نمونو آهن. جن جي ڀيٽ ۾ ’ڏور‘ سنڌ جي
سگهڙپائيءَ جو هڪ آڳاٽو نمونو آهن. جن جي ڀيٽ ۾
’ڏور‘ نبستاً پوئين ويجهي دؤر جي پيداوار آهي.
جڏهانڪر هڪ طرف عوام ۾ اسلامي تاريخ جون روايتون ۽
انهن سان گڏ نبين جا معجزا ۽ اصحابن، امامن، ولين
۽ درويشن جون حڪايتون رائج ٿيون. ۽ ٻئي طرف تصوف ۽
سلوڪ جي لحاظ سان ’مجازي‘ ۽ ’حقيقي‘ معنيٰ جو تخيل
پيدا ٿيو ته سنڌ جي صوفي شاعرن پنهنجن بيتن کي
’تمثيل‘ جي قالب ۾ سموهيو: يعني ته بيتن جي مجازي
(ظاهري) مضمون کي سنڌ جي عام قصن ۽ ڪهاڻين جي تاڃي
پيٽي ۾ آڻيائون، مگر ان جي ’حقيقي‘معنيٰ کي عارفن
جي بلند اخلاق جو آئينو بنايائون. ٻين لفظن ۾ ائين
چئجي ته سنڌ جي اعليٰ شاعرن، قاضي قادن ۽ شاهه
ڪريم جي دؤر کان وٺي، سنڌ جي عام قصن جي مضمونن ۽
موضوعن کي تمثيل طور پنهنجي بيتن ۾ آندو: يعني ته
انهن قصن ۽ ڪهاڻين جي مضمونن ۽ موضوعن کي تمثيل
طور پنهنجي بيتن ۾ بيان ڪيو. ’تمثيل‘ وارو معنوي
پهلو (1) پوءِ سگهڙن جي انهن بيتن جو مرڪز ۽ محور
بنيو. جن کي انهن ’ڏور‘ ڪري سڏيو. غالباً ٻارهين
صدي ڌاري جڏهن عوام ۾ نبين ۽ ولين جي معجزن ۽
ڪرامتن جي ڳالهين سان گڏ حضرت شاهه عبداللطيف
ڀٽائيءَ جي رسالي جي بيتن (2) جي حقيقي معنيٰ جي
رهاڻ شروع ٿي، ته سگهڙن پڻ معجزن ۽ ڪرامتن بابت
معنوي بيت سٽيا، ۽ اهڙن بيتن جي مذڪور سان ڏورن جي
ڪچهري ترقي ڪئي.
’ڏور‘ جي هيئت ۽ معنيٰ
معنوي سٽاءَ جي لحاظ سان عام پرولي،
ڳجهارت ۽ ڏور ۾ هڪ خاص فرق آهي ته: عام پرولي
’تشبيهه‘ ۽ ’استعاري‘ تي سٽيل آهي (3) ڳجهارت جي
اڏاوت ’تجنيس‘ ۽ ’تلميح‘ تي بيٺل آهي (4)، ۽ ڏور
جي عمارت خاص طرح ’تمثيل‘ تي اڏيل آهي. قالب ۽
هيئت جي لحاظ سان پروليون ۽ ڳجهارتون اڪثر ننڍن
فقرن يا جملن جي صورت ۾ سٽيل آهن، جيتوڻيڪ ڪن
سگهڙن انهن کي وڌيڪ ڪاريگريءَ سان ’بيتن‘ جي صورت
۾ سينگاريو آهي. انهن جي ڀيٽ ۾ ’ڏور‘ جو مستقل
قالب ’بيت‘ آهي. يعني ته لفظي سٽاءَ جي لحاظ سان
ڏور جي صورت ’بيت‘ واري ئي آهي. انهيءَ ڪري سگهڙ
پنهنجي ڪچهري ۾ جڏهن چوندا ته، ”ادا، بيت ڏي“، ته
انهيءَ مان عام طور اها ئي مراد آهي ته: ’ڏور جو
بيت ڏي‘ يا ’ڏور ڏي‘.(1)
سوال آهي ته هن قسم جي ’بيت‘ تي ’ڏور‘
نالو ڪيئن پيو؟ لاڙ جا سگهڙ اڪثر ’ڏور‘ (’ر‘ کي
پيش سان ۽ مذڪر، جمع ’ڏور‘) ڪري چوندا. غالباً اِن
جو سبب اهو آهي جو ’ڏور جو بيت‘ واري اصطلاح ۾
’بيت‘ لفظ مذڪر آهي، ۽ انهيءَ مناسبت سان لفظ
’ڏور‘ پڻ لاڙ ۾ ”مذڪر‘ جي صورت ۾ رائج ٿيو.
اُتر جي سگهڙ هيءُ لفظ اڪثر ’ڏور‘ (’ر‘ کي
زير سان ۽ مؤنث. جمع ’ڏور ’ون‘ ڪري اچاريندا. جنهن
جي آڳاٽي ثابتي ڇتي فقير سانگي جي بيت مان پڻ ملي
ٿي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته: ڀڃ پرولي ان جي ڏنگي
ڏور ڏيڻ. ”لغت جي لحاظ سان، ’اسم‘ جي معنيٰ ۾
’ڏور‘ جي معنيٰ آهي ’ڊگهي تند‘، يا اها ڊگهي تند،
رسي يا مهار جا ڪٿي اٽڪيل ڳنڍيل يا ٻڌل هجي.(2).
انهيءَ لحاظ سان ’ڏور‘ معنيٰ: ’ڊيگهه وارو سلسلو
جو ڪنهن مفهوم سان لاڳاپيل هجي‘. اها معنيٰ ’ڏور
جي بيت‘ جي مراد سان ٺهڪي اچي ٿي. عام پروليءَ جي
ڀڃڻي هڪ ڌَڪ سان ادا ٿئي. ڳجهارت ۾ پڻ هرهڪ ’پائي‘
جي ڀڃڻي هڪ ڌڪ سان ادا ٿئي ٿي. پر ’ڏور جو بيت‘
فقط هڪ لفظ واري ڌڪ سان نه ڀڄندو پر ’بيت جو بيان‘
ڪرڻو پوندو. ڏور جي بيت ۾ هڪ ڊگهي ڳالهه سمايل
آهي، جنهن جي ’مراد‘ يا ’بيان جي ڊگهي سلسلي‘ جي
لحاذ سان ان کي ’ڏور جو بيت‘ يا ’ڏور‘ سڏيائون.
ٽيون ته جيڪڏهن ڪو هن قسم جي ’بيت‘ کي ’ڏور‘ (’ر‘
کي زبر سان) چوي ته ان جي معنيٰ ٿيندي ’ڳولا‘(1)
اهو مفهوم بيت جي مراد ’ڳولڻ‘ ۽ ’پروڙڻ‘ جي لحاظ
سان بلڪل مناسب آهي.
ڏور جي سٽاء
اسان مٿي چئي آيا آهيون ته ڏور جي لفظي
سٽاء ساڳي ’سنڌي بيت‘ واري آهي، ۽ انهيءَ ڪري ان
کي ’ڏور جو بيت‘ يا ’بيت’ پڻ سڏين. پر هن بيت جي
خصوصيت اها آهي جو معنوي لحاظ سان ان ۾ ’تمثيل‘
سمايل هوندي آهي: يعني نه معنيٰ ۽ مراد واري ’اصلي
يا مخفي ڳالهه“ کي بيت ۾ ٻي هڪ ”نقلي يا ظاهري
ڳالهه“ ذريعي ادا ڪيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح جو
اصل ڳالهه“ وارن ڪردارن ۽ سندن عمل جو هوبهو عڪس ۽
مثال ’نقلي ڳالهه‘ جي ڪردارن ۽ سندن عمل ۾ نظر
اچي. انهيءَ عڪس، نقل يا مثال واري صفت کي علمي
اصطلاح ۾ ’تمثيل‘ سڏجي ٿو.
سڄاڻ سگهڙن ’اصل ڳالهه‘ جو دائرو نبين،
اصحابن، امامن ۽ ولين جي سوانح جي واقعن، معجزن ۽
ڪرامتن يا قدرت جي ڪرشمن تائين وڌايو آهي: يعني ته
’ڏور جي بيت‘ جي مراد واري ’اصلي ڳالهه‘ انهن
واقعن، معجزن، ڪرامتن ۽ ڪرشمن بابت هجي. ان اصلي
ڳالهه جو ’عڪس‘، ’نقل‘ يا ’مثال‘ جو ظاهري بيت
ذريعي ادا ڪيو وڃي ٿو. ان کي اڪثر سنڌ جي عام
مشهور قصن ۽ داستانن جي ٽاڻن ۽ اهڃاڻن يا روزمره
جي زندگي جي ڪمن ۽ وهنوارن ذريعي ادا ڪرڻو آهي.
هيٺين مثالن مان ان جي وڌيڪ وضاحت ٿيندي:
(الف) اصل ڳالهه:
1- حضرت يعقوب عليہ السلام، حضرت يوسف
عليہ السلام جي فراق ۾ پئي ڳريو.
2- سمجهائي ٿي ته حضرت يوسف علي اسلام ڪٿي
ويجهو هجي ها ته وري اچي ها، پر ڪنهن ڏورانهين
ڏيهه رهيو.
3- نه معلوم ته هو ڪٿي زمين تي ڪنهن جهل
جهيلو، يا ڪنهن اونهي عميق ۾ غرق ٿيو.
4- شال ڌڻي ائين ڪري جو يوسف کي وري ڀائرن
جي وچ ۾ ڏسان!
هيءِ ’اصل ڳالهه‘ نبين مان حضرت يوسف عليہ
السلام جي قصي بابت آهي. هن ’اصل ڳالهه‘ نبين مان
حضرت يوسف عليہ السلام جي قصي بابت آهي. هن ’اصل
ڳالهه‘ جو نقل جيڪو ’ڏور جي بيت‘ ذريعي ادا ڪبو،
سو ضروري آهي ته سنڌ جي عام مشهور قصن ۽ داستانن
يا روزمره جي زندگيءَ جي ڪمن ۽ وهنوارن جي ٽاڻن
اهڃاڻن تي مشتمل هجي. ان قانون مطابق هيٺئين بيت ۾
هن ’اصل ڳالهه‘ جي نقل کي ”مورڙي ۽ مانگر“ جي عام
مشهور قصي جي اهڃاڻن ذريعي هن طرح ادا ڪيو ويو آهي
ته:
نقل يعني ڏور جو بيت:
1- اوڀايو آهون ڪري ٿو مور لئي مري
2- ويجهو هو ته آيو وري، پر پانهه ويو پري
3- ڪ جهليو ڪنهن جهل ۾، ڪ جهليو ڪُن تري
4- الله ائين ڪري، جيئن ڏسان مور ملاحن وچ ۾
(ب) هيٺئين مثال ۾ ’اصل ڳالهه‘ جي ’نقل‘ کي ڏور جي
بيت ۾، روزمره جي زندگي جي ڪمن ۽ وهنوارن مان،
’کيتيءَ جي ڌنڌي‘ جي ٽاڻن ۽ اهڃاڻن ذريعي ادا ڪيو
ويو آهي.
اصل ڳالهه: حضرت نبي ﷺ جي ڏند شهيد
ٿيڻ جو ٻڌي حضرت اويس رضه قني پنهنجا سڀ ڏند ڪڍائي
ڇڏيا:
1- ٻٽيهه ڏند حضرت نبي ﷺ جن جي ٻٽيهي ۾ هئا.
2- ڇپر تن مان جيڪو شهيد ٿيو تنهن جي ڳالهه هُلي
ويئي.
3- پوءِ حضرت اويس قرني رضه پنهنجا سڀ ڏند اکوڙي
ڪڍي ڇڏيا.
نقل يعني ڏور جو بيت:
1- ٻٽيهه لاه ٻنيءَ ۾ هئا قابو قلعدار
2- تنهين منجهؤن هڪڙي جي پئي پورب منجهه پچار
3- پوءِ گودڙيي گرنار، لوڏي لاهه ڪڍيا ڇڏيا.
ڏور جا قسم:
مقصد ۽ مراد، يعني اصل ڳالهه جي لحاظ سان،
ڏور جي بيتن کي سگهڙ هيٺين قسمن ۾ شمار ڪن ٿا:
(الف) قدرت، ’قدرت‘ معني‘ اهڙو ڪو ڪرشمو
يا ڪم جو قدرت الله جيءَ سان راس ٿي وڃي. اهڙي
ڪرشمي يا ڪم بابت ڏور کي، ’قدرت‘ جي دائري اندر
شمار ڪيو. اهڙن ڪرشمن بابت روايتون اڪثر عوامي ۽
خيالي آهن. پر جيئن ته اهي عوام جي پهه پچار جو هڪ
باب آهن. انهيءَ ڪري اهي ڏور جي بيتن جو موضوع
بڻيون آهن. مثلاً هڪ روايت آهي ته، ڪنهن ڪنڀر جي
گهر هڪ ڪَچي مٽ ۾ ٻلي ويائي. اهو مٽ جنهن ۾ ٻليءَ
جا ٻچڙا هئا سو ڪنڀر وڃي ٻين ٿانون سان گڏ آويءَ ۾
چاڙهيو. جڏهن باهه ڏنائين ته باهه آويءَ کي وڪوڙي
وئي ۽ سڀني ٿانون کي پچائي ڇڏيائين. پر جڏهن ڪنڀر
آوي لاٿي ۽ ٿانو ڪڍيا ته ڏٺائين ته انهيءَ مٽ ۾
ٻليءَ جا اهي ٻه ٻچڙا جيئرا سلامت ويٺا هئا. ڌڻيءَ
جي قدرت سان اهي بچي ويا هئا. انهيءَ عام روايت کي
سهڙ محمد فقير ڏيري سندس هڪ ڏور جي بيت ۾،
دودي-چنيسر جي قصي جي ٽاڻن ۽ اهڃاڻن ذريعي هن طرح
نروار ڪيو آهي ته:
هئا ويٺا وڳهه ڪوٽ ۾ صوبا سراسر
عالادين اچي ويو. کڻي سوگهو ڪيائين شهر
پوءِ جودان جنگ مچي وئي ڌوڌو ٿيو ڌمچر
هن به ماري سڀ
مڃائيو جيڪو لس هئو لشڪر
تن ۾ بچيا ٻه ڄڻا ٽيو، ڏيرو چئي، ڏونگر
اها عام خبر، ملڪن ۾ مشهور آ (1)
سگهڙ ميهار مانجهند جو هيٺيون بيت پڻ
’قدرت‘ ۾ شامل ٿيندو حالانڪ ان مان مراد ’عيد جو
چنڊ‘ ۽ ’عيد‘ آهي:
مومل تڏهن ملي جڏهن راڻو ڏسن راڄ
جڏهن ڏسن
سونهن سوڍي جي تڏهن ڪامل ڪن ڪاڄ
پوءِ خوشيون ڪن کاڄ، مهل انهيءَ ’ميهار‘ چئي
(ب) ’سوا لک‘ يا ’نبوت‘. اهو ڏور جو بيت
جنهن جو لاڳاپو نبي ڪريم حضرت محمد ﷺ جن کان اڳ جي
ڪنهن نبي سڳوري جي سوانح سان هجي: يعني ته اهڙو
بيت جو حضرت آدم عليہ السلام کان وٺي حضرت عيسيٰ
عليہ السلام تائين ڪنهن به نبيءَ بابت هجي. جيئن
ته اهڙو ڏور خاص ’نبين‘ سان وابسته آهي، انهيءَ
ڪري اهو ’نبوت‘ ۾ ڳڻبو، ٻيو ته عام خيال موجب نبي
’سوا لک‘ ٿي گذريا ۽ انهيءَ لحاظ سان اهڙو ڏور
’سوا لک‘ جي دائري ۾ شمار ٿيندو. جيئن ته اهڙو بيت
نبي ﷺ ۽ سندس اصحابن جي سلسلي کان ’ٻاهر‘ آهي.
انهيءَ ڪري هڪ اصطلاح موجب ان کي ’ٻاهر‘ ۾ شمار
ڪندا. اهڙي بيت جي حد ظاهر ڪندي سگهڙ چوندا ته:
’سوا لک‘ ۾ آهي ’نبوت‘ ۾ آهي. ’ٻاهر‘ ۾ آهي يا
’ٻاهر‘ آهي.
(ج) پنجتن: اهڙو بيت جو حضرت نبي ﷺ ۽
اصحابن (پنجن تنن ۽ ٻين) سڳورن جي سلسلي بابت هجي.
اسان مٿي چئي آيا آهيون ته اهڙي ڏور جي بيت کي هڪ
مخصوص معنيٰ ۾ ’بيت‘ ئي چوندا.
(د) امامت: اهڙو بيت جو امام حسن رضه ۽
امام حسين رضه کانسواءِ ٻين ’امامن‘ بابت هجي. (1)
(هه) وليت: اهڙو ڏور جو اڳين نبين جا حضرت نبي ﷺ ۽
سندن اصحابن کان سواءِ، باقي ٻين ولين ۽ درويشن جي
ڪرامتن ۽ ڪارنامن بابت هجي.
انهن پنجن قسمن کان سواءِ ڪي ڏور ڪن اهڙين ٻين
شخصيتن يا واقعن بابت هوندا آهن، جن بابت سهگڙن ۾
عام روايتون هلندڙ آهن. اهڙن ڏورن کي ڪي سگهڙ
’عام‘ جي دائري ۾ شمار ڪندا آهن.
ڏور جي سلسلي جا اصطلاح
ڏور جي مختلف قسمن جي جدا جدا نالن
کانسواءِ، ڏور جي ڪچهري جا پڻ ڪي خاص اصطلاح آهن،
جي هيٺ ڏجن ٿا:
1- ڏور ڏيڻ، بيت پڙهڻ، يا بيت چوڻ:
ڪچهريءَ ۾ ڪنهن سگهڙ جو بيت چئي ٻڌائڻ يا پڙهي
ٻڌائڻ، انهيءَ لاءِ ته ٻيا سگهڙ ان کي ڳولين.
2- حديث تي پورو هئڻ: ’اصلي ڳالهه‘
جو اهڙي واقعي بابت هجڻ جو صحيح هجي يا حيثيت سان
مليل هجي. يعني ته جنهن جي ڪتابن ۾ تصديق ٿيل هجي.
3- بيت ڳولڻ: ڏيندڙ جو بيت ٻڌي،
ٻين سگهڙن جو ان کي ويچارڻ ۽ انجي مراد واري ’اصلي
ڳالهه‘ بابت ٽاڻا ۽ اهڃاڻ ڏيڻ.
4- ورائي چوڻ: ڳوليندڙ سگهڙ جي طلب
۽ تقاضا تي ’ڏيندڙ‘ جو ساڳيو بيت وري چئي ٻڌائڻ.
5- شاهد ڏيڻ: ڳولهي جي طلب تي،
ڏيندڙ جو پهرئين بيت واري ساڳيءَ مقصد ۽ مراد تي
ٻيو بيت ڏيڻ. ڪچهريءَ ۾ هڪ سگهڙ اول بيت چوندو ۽
ٻيا ڳوليندا، پر جي چڱي خاصي ڳولا سان به بيت نه
نڪتو ته ڏيندڙ سگهڙ وري شاهد ڏيندڙ، يعني ته ٻيو
اهڙو بيت چوندو جيڪو ساڳئي انهيءَ واقعي بابت
هوندو جنهن تي پهريون بيت ڏنل آهي. اهڙيءَ طرح
ڪچهريءَ جي اصطلاح ۾ ’شاهد‘ اهو بيت آهي جو ٻئي
ڪنهن بيت تي شاهد هجي. يعني ته اصولي طور ساڳئي
واقعي بابت هجي جنهن بابت ٻيو بيت آهي، جيتوڻيڪ
ڳالهه جي سٽاء يا ٽاڻن ۽ اهڃاڻن جي ڳڻ ۾ ڀل کڻي
ٻنهي بيتن ۾ فرق هجي. مثلاً نبي ﷺ جن جو ڏند مبارڪ
شهيد ٿيڻ جو ٻڌي اويس قرني پنهنجا ڏند ڪڍائي ڇڏيا.
انهيءَ ساڳئي واقعي تي پر ڳالهه جي جدا انداز ۽
نوعيت سان، ۽ ٽاڻن ۽ اهڃاڻن جي جدا جدا سٽاء سان
سگهڙ مختلف بيت چيا آهن، جن جا ڪتاب ۾ نمبر [162]
کان وٺي [208] تائين شمار ٿيل آهن. اهي سڀ بيت
هڪٻئي جا شاهد آهن.
6- بيت ڪڍڻ: ڳولي طرفان ڏور جي بيت
۾ سمايل ’اصلي ڳالهه‘ جو صحيح ناڻو ڏيڻ:
اصل مراد وارو صحيح اُهڃاڻ ڏيئي بيت کولي وجهڻ.
7- حديث ڪرڻ: ’پنجتني‘ بيت کلڻ بعد
(يعني ڳوليندڙ سگهڙ جو بيت ڪڍڻ بعد) ڏيندڙ جو
پنجتني بيت جي مراد واري اصل ڳالهه سڄي کولي
ٻڌائڻ.
8- بيان ڪرڻ: نبوت، امامت، وليت يا
قدرت بابت ڏور جي کلڻ بعد (يعني ڳوليندڙ سگهڙ جو
ڏور ڪڍڻ بعد)، ڏيندڙ
جو ڏور جي بيت
جي مراد واري اصلي ڳالهه سڄي بيان ڪري ٻڌائڻ.
ڏور جي شاعري ۽ فني ڪاريگري
’ڏور‘ جي سهڻائيءَ جي مدار ٻن ڳالهين تي
آهي: هڪ ’سهڻي شاعري‘، ٻيو ’فني ڪاريگري‘، سٽاءِ
جي لحاظ سان ڏور جو قالب ’بيت‘ آهي. ۽ انهيءَ ڪري
نظم جي لحاظ سان ڏور جي بيت ۾ اُهي ساڳيون خوبيون
هئڻ گهرجن. جيڪي ’سنڌي بيت‘ ۾ ٿي سگهن ٿيون: يعني
ته لفظن جي پوچ، محاورن جي بندش، قافيي جي سٽاءَ ۽
مخصوص وزن جي تورتڪ جي لحاظ سان ’ڏور جو بيت‘ سهڻو
سوڌو هجي. موريي، جانڻ، محمد فقير ڏيري ۽ ٻين
سگهڙن جي چيل ڏور جي بيتن ۾ نظم جا سهڻا مثال
موجود آهن. لفظن ۽ محاورن جي سهڻائي کان سواءِ
معنوي لحاظ سان پڻ ڏور جي اڳين شاعرن هڪ نئون پهلو
ايجاد ڪيو: يعني ته ڏور جا اهڙا بيت سٽيائون جن
جون، ’اصلي ڳالهه‘ جي لحاظ سان، هڪ جي بدران ٻه
مرادون ٿي سگهن. ڏور جا اهڙا بيت ’دوراها‘ آهن،
يعني ته انهن جون ٻه راهون يا ٻه معنائون آهن. (1)
پر ضروري آهي ته ’شاعري‘ کانسواءِ، ڏور جو بيت
’فني ڪاريگري‘ جي لحاظ سان پڻ پورو هجي. فن جي
لحاظ سان ’تمثيل‘ ڏور جي بيت جي جان آهي. ۽ انهيءَ
ڪري ضروري آهي ته ڏور جو بيت تمثيل ۾ پورو هجي.
ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته ڏور جي بيت ۾ ’اصلي
ڳالهه‘. ۽ ’نقلي ڳالهه‘ ٻنهي جا ٽاڻا ۽ اهڃاڻ هر
لحاظ سان هڪٻئي سان ٺهڪي اچن. سگهڙ چوندا ته: سهڻو
ڏور اهو آهي جو ’اصل‘ ۽ ’نقل‘ ۾ پورو هجي، يا جنهن
۾ ’اصل‘ ۽ ’نقل‘ ملي اچن.
’اصل‘ ۽ ’نقل‘ ملائڻ ۾وڏي سمجهه ۽ دانائي
گهرجي، ڇاڪاڻ ته اصلي ۽ نقلي ڳالهه جي ڪردارن ۾ هر
لحاظ سان مناسبت پيدا ڪرڻي آهي. اصل ڳالهه ۾ جي ڪو
ڪردار مرد يا زال، يا نر يا مادي آهي ته نقل ۾ به
انهيءَ لحاظ سان مذڪر ۽ مؤنث جو خيال رکڻو آهي،
جيڪڏهن اصل ڳالهه ۾ ڪردارن جو پاڻ ۾ لاڳاپو زال
مڙس، ڀاءُ ڀيڻ، يا سنگتي ۽ رفيق وارو آهي. ته نقل
۾ پڻ بلڪل انهيءَ قسم جي رشتي کي آڻڻو آهي. پڻ اصل
ڳالهه ۾ هر ڪردار جو جيڪو عمل ۽ اخلاق، شان ۽ عزت،
درجو ۽ مقام هوندو. نقلي ڳالهه جي ڪردار جي عمل ۽
اخلاق، مانُ ۽ مرتبي ۾ پڻ اهو لحاظ رکڻو پوندو.
اهڙي طرح ننڍي کي ننڍو ۽ وڏي کي وڏو ڪرڻو پوندو.
مَدي کي مدو ۽ چڱي کي چڱو چوڻو پوندو. |