مراد:
حضرت موسيٰ عليہ السلام کي خدا تعاليٰ پنهنجي نور
جو جلوو ڏيکاريو، حضرت موسيٰ عليہ السلام بيهوش ٿي
ويو ۽ جبل طور سينا سڙي ڪارو ٿي ويو. چون ٿا ته
جبل دانهن ڪئي ته آءٌ رنگ روپ ڦيرائي ڪارو ٿي ويس
۽ پنهنجيڀائرن ۾ منهن ڏيکارڻ جهڙو نه رهيس. تنهن
تي حضرت موسيٰ عليہ السلام چيس ته تنهنجو ته پاڻ
ڀاڳ وريو جو تون سرمو بنجي هرهڪ گهر ۾ ويندين ۽
تنهنجي جاءِ هرهڪ انسان جي اکين ۾ ٿيندي.
(ب) حضرت موسيٰ عليہ السلام ۽ قارون:
حضرت موسيٰ عليہ السلام کي الله تعاليءَ
جو فرمان ٿيو ته اي موسيٰ! توريت کي سون سان
سينگاريو تڏهن حضرت موسيٰ عليہ السلام چيو ته
الاهي! مون وٽ ڪوبه مال متاع موجود ناهي، پوءِ آءٌ
ڪهڙيءَ شي سان ان کي زينت ڏيئي سگهندس؟ وري
جبرائيل نازل ٿيو ۽ حضرت موسيٰ عليہ السلام کي
چيائين ته جيڪا ٻوٽِ سامري واري گابي جي گاسڻ ۾ ڪم
آندل آهي، ان ۾ ٻيون ٽي فلاڻيون ٻوٽيون ملائي ڪنهن
به پهڻ تي وجهبو ته سون ٿي پوندو. اها ڳالهه ٻڌي
حضرت موسيٰ عليہ السلام هڪڙي ڪاغذ جي ٽڪر تي
ٻوٽيءَ جو نالو لکي قارون (جو سندس ماسات يا سوٽ
هو) کي ڏنو ۽ ٻيو لکيل ٽڪر يوشع کي ۽ ٽيون طالوت
کي ڏنو ۽ هرهڪ کي جدا جدا ٻوٽين آڻڻ لاءِ چيائين.
قارون، يوشع ۽ طالوت ٻنهي وٽ ويو ۽ هرهڪ جو لکيل
ٽڪر ڏسي ٻوٽين جا نالا ياد ڪري پنهنجي ٻوٽي پٽي
حضرت موسيٰ عليہ السلام وٽ آيو. ٻين به ٻوٽيون
آنديون پر قارون به سون ٺاهڻ جي رستي کان واقف ٿي
ويو. ان کان پوءِ اهو عمل ڪري ٿوري ئي وقت ۾ وڏو
مالدار ٿي پيو. ايتري دولت هوندي ڪڏهن به زڪواة نه
ڪڍيائين. حضرت موسيٰ عليہ السلام کيس گهڻئي هدايت
ڪئي، مگر هن صاف انڪار ڪيو ۽ پڻ حضرت موسيٰ عليہ
السلام جو دشمن ٿي پيو.
قارون، حضرت موسيٰ عليہ السلام جي دشمنيءَ
۾ هڪ زال کي حضرت موسيٰ عليہ السلام تي تهمت رکڻ
لاءِ تيار ڪيو. جيئن اها حضرت موسيٰ عليہ السلام
تي بهتان رکي کيس خوار ڪري ۽ هو وري مون کي مال
مان زڪواة ڏيڻ بابت نه چئي. هڪڙي هنڌ حضرت موسيٰ
عليہ السلام ماڻهن کي نصيحت پئي ڪئي ته اها زال
اچي حاضر ٿي ۽ حضرت موسيٰ عليہ السلام ڏانهن اتي
جو اتي مخاطب ٿي چوڻ لڳي ته تون ماڻهن کي نصيحتون
ڪندو وتين پر پاڻ عيش ڪندو رهين ٿو. تو سڄي رات
مون وٽ گذاريو ۽ هاڻ هت مولوي بنيو بيٺو آهين.
ماڻهو اها ڳالهه ٻڌي حيران ٿيا، ۽ حضرت موسيٰ عليہ
السلام ڊڄي الله تعاليٰ جي دربار ۾ سوال ڪيو. الله
تعاليٰ جي حڪمت سان اتي جو اتي ان عورت جي دل ڏڪڻ
لڳي ۽ وڏي سڏ ماڻهن کي چيائين ته، قارون مون کي
لالچ ڏيئي برغلايو آهي ته آءٌ حضرت موسيٰ عليہ
السلام تي ڪوڙا الزام هڻان، مگر آءٌ خدا کي حاضر
ناظر سمجهي چوان ٿي ته مون ڪوڙي تهمت هن بزرگ شخص
تي لڳائي آهي. ان کان الله تعاليٰ جو قارون تي ڏمر
ٿيو ۽ هو خزانن سميت غرق ٿي ويو.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.
[19]
مينهون تنهن ميهار جون، هيون ڀريون منجهه ڀاڻن،
ساهڙ ريءَ سُڃيون ٿيون، سي چانهڪ ڪين چرن،
جاچيون هيون ”جارو“ چئي، تن ۾ ڪي سڪرون سنگهارون،
ٽاري تنهن ٽلي مان، وڃي ڪيون پنهنجون پهنوارن،
وڇون تنهن وٿاڻ تان، کنيو شينهن وڃن،
سي ڪنڍيون ٿيون ڪڻڪن، جن جو ٻيلو رات ٻڏي ويو
(جاڙو خان مري)
مينهون = فرعون جون زالون ۽ ٻانهيون.
ميهار = فرعون. سنگهار = حضرت موسيٰ
عليہ السلام جي قوم. وڇون = ڪنواريون
ڇوڪريون. شينهن = بني اسرائيل.
ڪنڍيون = پوڙهيون زالون.
ٻيلو ٻڏڻ = فرعون جو لشڪر سميت ٻڏڻ.
مراد:
حضرت موسيٰ عليہ السلام ۽ فرعون جي جنگ بعد فرعون
لشڪر سميت ٻڏي ويو، سندس زالون، ٻانهيون ۽ ٻين
قبطين جون ڪنواريون عورتون، جن جي ٻيو واهر وسيلو
ڪونه هو، سي سڀ حضرت موسيٰ عليہ السلام جي قوم بني
اسرائيل کي هٿ آيون. اتي باقي بچيل پوڙهيون پڪيون
زالون فرعون ۽ مصري لشڪر کي ياد ڪري روئنديون
رهيون.
[20]
ڪار مان ڪارو ٿيو، ڄر ڄراتو ڄٽ،
اصل ”الهڏنو“ چئي، هوتاڃيءَ پيٽي پٽ،
ڪوجو آيس وٽ ته انب مان اڪ ٿيو.
(الهڏنو)
ڄٽ = قارون. تاڃي پيٽي پٽ هئڻ = حضرت موسيٰ
عليہ السلام جو مائٽ هئڻ. وٽ لڳڻ = دنيا تي بانور
ٿيڻ. انب = مؤمن. اڪ = ڪافر.
مراد:
قارون حضرت موسيٰ عليہ السلام تي ايمان آندو هو ۽
ان وقت بلڪل غريب هو ۽ وٽس ڪجهه ڪين هو، مگر جڏهن
کيس حضرت موسيٰ عليہ السلام وٽان حرفت سان
ڪيمياگري ملي ۽ دنيا دار ٿيو تڏهن خدا جو فرض يعني
زڪواة ادا نه ڪيائين. دنيا جي لالچ ان کي اهڙو
انڌو ڪيو جو خدائي فرض ادا نه ڪري مومن مان ڪافر
بنجي ويو.
[21]
موڳي ڏني آهي منڌ کي، مردود اها مت،
سٽي آهي ”سومار“ ئي، ڪميڻي ڪپت،
ريجهائي راڻي کي، هيرا ڏيئي هٿ،
سومل پاريو ست، وڃي سچي ٿي سوڍي سان
(سومار سومرو)
موڳو = قارون. منڌ = عورت.
سومل = عورت سوڍو = حضرت موسيٰ عليہ السلام.
مراد:
قارون هڪ زال کي پئسا ڏيئي حضرت موسيٰ عليہ السلام
تي تهمت هڻڻ لاءِ تيار ڪيو. پوءِ هڪ دفعي حضرت
موسيٰ عليہ السلام وعظ پئي ڪيو ته ان عورت اُتي
اچي چيو ته اي موسيٰ! تون پاڻ سڄي رات مون وٽ عيش
عشرت ڪري آيو آهين ۽ هتي مولوي بنيو بيٺو آهي. پر
پوءِ ٿوريئي وقت کان پوءِ ان وري ڀريءَ سٿ ۾ چيو
ته قارون مون کي لالچ ڏني آهي ته آءٌ حضرت موسيٰ
عليہ السلام تي اهڙو الزام رکان، پر آءٌ هاڻي خدا
کي حاضر ناظر سمجهي چوان ٿي ته مون هن بزرگ شخص تي
ڪوڙي تهمت رکي هئي.
(ج) حضرت موسيٰ عليہ السلام جو فيصلو:
بني اسرائيلن ۾ ’عاميلا‘ نالي هڪ تمام وڏو
مالدار شخص هو، جنهن کي ڪوبه اولاد نه هو. فقط
هڪڙو ڀائيٽو هوس، جو تمام غريب هو ۽ پاڻ به کيس
سنڀاليندو هو. هڪڙي رات وجهه وٺي ڀائيٽي پنهنجي
چاچي کي قتل ڪيو ۽ ٻئي قبيلي جي پاڙي ۾ ڇڏي آيو.
صبح جو عاميلا جي خون جو الزام بني اسرائيلين جي
انهيءَ قبيلي تي هنيو ويو، جتي ان جو لاش هو. تان
جو ٻنهي قبيلن ۾ سخت جنگ لڳي ۽ هزارين ماڻهو مارجي
ويا. آخر ٻئي قبيلا گڏجي حضرت موسيٰ عليہ السلام
وٽ فيصلي لاءِ آيا. حضرت موسيٰ عليہ السلام الله
تعاليٰ کان دعا گهري، جبرئيل نازل ٿيو ۽ حضرت
موسيٰ کي چيائين ته ڪنهن ڍڳي جو گوشت لاش تي رکو
ته اهو ڳالهائيندو. حضرت موسيٰ عليہ السلام ڍڳو هٿ
ڪري، ان کي ڪهي سندس گوشت جو ٽڪر لاش تي رکيو ته
هو اٿي ويهي چوڻ لڳو ته مون کي پنهنجي ڀائيٽي قتل
ڪيو آهي. اهڙي ريت ٻئي قبيلا جنگ کان آزاد ٿيا.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.
[22]
ساز ڏٺئون صبح جو، ڪو کريل ويو آهي کاري،
آندائون تانسين کي، جنهن ڇڏيا سالڪ سيکاري،
سارنگي سينگاري، چاڙهيئون تار تنبي تي.
ساز = عاميلا جو لاش. کريل = عاميلا جو ڀائيٽو.
کارڻ = قتل ڪرڻ، تانسين = حضرت موسيٰ عليہ
السلام. سارنگي = ڍڳي جي زبان (گوشت جو
ٽڪر). تار = زبان. تنبو = لاش.
مراد:
عاميلا جو لاش ڏسي بني اسرائيلن ٻئي قبيلي تي تهمت
هنئي، انهيءَ سبب ٻنهي قبيلن ۾ جنگ لڳي، نيٺ حضرت
موسيٰ عليہ السلام وٽ فيصلي لاءِ آيا، جنهن
خدائيءَ حڪم موجب ڍڳي کي ڪهي ان جي گوشت جو ٽڪر
(زبان) لاش تي رکڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن گوشت جو ٽڪر
لاش تي رکيائون، تڏهن عاميلا جي لاش ڳالهايو ته
مون کي پنهنجي ڀائيٽي دنيا جي لالچ تي ماريو آهي.
[23]
چاڙهيو تار تنبي تي، هن کڻي ڪلياڻ ڪوڪاريو،
ميراثين جو پاڙو، کڻي ويو انعام ”احمد“ چئي.
(احمد)
تار = زبان (ڍڳي جو گوشت).
تنبو = لاش. ڪلياڻ ڪوڪارڻ = ڳالهائڻ.
ميراثي = ٻيو قبيلو (جنهن تي بني اسرائيلن
تهمت رکي).
مراد:
عاميلا جي لاش تي ڍڳي جو گوشت (زبان) رکڻ
سان هن ڳالهايو ته مون کي پنهنجي ڀائيٽي دنيا جي
لالچ تي قتل ڪيو آهي. تڏهن بني اسرائيل جي ٻئي
قبيلي تان تهمت لٿي پوءِ سڀ سرها ٿيا.
(د) حضرت موسيٰ عليہ السلام ۽ بَاغ- ور
حضرت موسيٰ عليہ السلام الله تعاليٰ جي
حڪم موجب ملڪ روم جي بادشاهه ’ازخيام‘ کي حق جي
دعوت ڏيڻ لاءِ جڏهن روم جي نزديڪ پهتو تڏهن سترهن
ڄڻا خبر چار وٺڻ ۽ ڪجهه کاڌي پيتي جي سامان وٺڻ
شهر ۾ موڪليائين. حضرت موسيٰ عليہ السلام جي قوم
جو قد تمام ڇوٽو هو ۽ روم جا ماڻهو قداور هئا، تن
ڇوٽي قد جا ماڻهو ڏسي کل مسخري شروع ڪئي ۽ عام
افواهه پکڙيو ته هي اها قوم آهي، جنهن فرعون جي
حڪومت تباهه ڪئي هئي، هاڻي وري آئي آهي. اها خبر
جڏهن روم جي بادشاهه کي پئي، تڏهن هو ان وقت جي
زاهد ۽ عابد شخص نالي ”بلعم باعور“ وٽ ويو. ڇاڪاڻ
ته بلعم باعور کي الله تعاليٰ وٽان ’اسم اعظم‘
مليل هو، جنهن کي پڙهي، جيڪا دعا گهرندو هو سا
قبول پوندي هيس. روم جي بادشاهه بلعم باعور سان
اها حقيقت ڪئي، تڏهن ان کيس چيو ته هو الله تعاليٰ
جو سچو نبي آهي، آءٌ ان لاءِ ڪابه اهڙي دعا نه
گهرندس. بادشاهه نااميد ٿي موٽي ويو ۽ مهرن جو
ٿالهه ڀري بلعم باعور جي زال ڏانهن موڪليائين ته
ڪهڙي به ريت مڙس کي مڃائي حضرت موسيٰ عليہ السلام
۽ ان جي قوم کان ڇوٽڪارو ڏياري. مائي مهرن جو
ٿالهه وٺي گهر ۾ رکيو ۽ مڙس جي اچڻ تي مٿس زور
رکيائين ته ڇا به ٿي پوي، مگر هو بددعا ضرور گهري.
بلعم باعور لاچار دعا گهري، پر هڪڙو ڏس ڏنائين ته
ڪي جواب ڇوڪريون حضرت موسيٰ عليہ السلام جي لشڪر ۾
واپار ڪرڻ جي بهاني موڪليون وڃن، جيڪڏهن ڪنهن به
سپاهي مٿن بري نظر سان ڏٺو ته فتح توهان جي آهي.
بادشاهه نوجوان ڇوڪريون حضرت موسيٰ عليہ السلام جي
لشڪر ۾ موڪليون. جتي ڪن ٿورڙن انهن ڏانهن بري نظر
سان ڏٺو ته به سڄي لشڪر ۾ وبا جي بيماري اچي پيئي
۽ ماڻهو مرڻ لڳا ۽ ان جاءِ کان ڪنهن پاسي چري به
نه سگهيا. ان تي حضرت موسيٰ عليہ السلام الله
تعاليءِ کي دوباره سوال ڪيو ته اي پروردگار! شايد
بلعم باعور جو درجو مون کان به بلند آهي جو منهنجي
قوم کي قيد ۾ بيماريءَ جي مصيبت ڀوڳڻي ٿي پوي!
ائين چئي وري دعا گهريائين. الله تعاليٰ حضرت
موسيٰ عليہ السلام جي دعا قبول ڪئي تڏهن سندس قوم
مصيبت مان آزاد ٿي ۽ بلعم باعور کان مليل امانت
کسجي ويئي.
چون ٿا ته حضرت موسيٰ عليہ السلام الله
تعاليءَ کي سوال ڪيو ته شيخ بلند (1) ڪافرن کي غلط
صلاحون ٿو ڏئي، تنهنڪري بهشت جي لائق نه آهي ۽ کيس
دوزخ ۾ ڇڏيو وڃي. الله تعاليٰ حضرت موسيٰ عليہ
السلام جو اهو سوال قبول ڪيو. بلعم باعور کي جڏهن
اها خبر پئي ته حضرت موسيٰ عليہ السلام مون لاءِ
بددعا گهري آهي ۽ منهنجو فقط هڪ سوال الله تعاليٰ
قبول ڪندو. تڏهن الله تعاليٰ کي سوال ڪيو ته يا
الله! منهنجي جسم جي کل بهشت ۾ وڃي، ۽ هن ٻيو ڪوبه
سوال نه گهريو. الله
تعاليٰ سندس
اهو سوال اگهايو ۽ سندس کل اصحاب ڪهف واري ڪتي (جو
غار ۾ ويو هو) تي چڙهندي ۽ اها بهشت ۾ ويندي.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.
[24]
وٺو راهه رسول جي، سيد ٿيندوَ ساڻي،
عورت تان استاد سان، اچي ڪئي ڪهاڻي،
ماٺ ڪري مٺڙي وڃ، ٿي سگهڙ سياڻي،
هو پيرُ نه هٽي پوئتي جنهن پنهنجي پلاڻي،
ڪري پڄاڻي، ڪڍيئين مطلب مرد مان.
عورت = بلعم باعور جي زال.
استاد = بلعم باعور.
ڪهاڻي = حضرت موسيٰ عليہ السلام
لاءِ بددعا گهرڻ واري ڳالهه.
مراد:
روم جي بادشاهه جي چوڻ ۽ دنيا جي لالچ تي بلعم
باعور جي زال پنهنجي مڙس کي حضرت موسيٰ عليہ
السلام خلاف بددعا گهرڻ لاءِ چيو. بلعم باعور
پهريائين ته انڪار ڪيو، مگر زال جي زور ڀرڻ تي
بددعا گهرڻ لاءِ راضي ٿيو.
[25]
سامي هيو سنرو، لنگهي پيو هو پار،
پرنماڻو ڪيو نار، جو واهه ويچاري جي وئي.
سامي = بلعم باعور. نار = بلعم باعور جي زال.
مراد:
بلعم باعور پهريائين ته زال کي صاف جواب ڏيئي ڇڏيو
هو، پر پوءِ زال جي گهڻي چوڻ تي مجبور ٿي حضرت
موسيٰ عليہ السلام لاءِ بددعا گهريائين.
[26]
افلاطون اٽڪل مان، وڃايس سڀ راهون،
هن وڃي در امير جي، ڪيون درد منجهان دانهون،
چيائين ڪپائي ٻانهون، ڪرين ٿو اپيلون ”احمد“ چئي.
(احمد خان مري)
افلاطون = بلعم باعور. هن = حضرت موسيٰ
عليہ السلام ڏانهن اشارو. امير = الله تعاليٰ
مراد:
بلعم باعور اٽڪل ڪري حضرت موسيٰ عليہ السلام جي
لشڪر ۾ جواب زالون واپار ڪرڻ لاءِ موڪلارايون.
حضرت موسيٰ عليہ السلام جي لشڪر انهن ڏانهن بري
نظر ڪئي ته منجهن اچي بيماري نازل ٿي، تڏهن حضرت
موسيٰ عليہ السلام الله تعاليٰ کي عاجزيءَ سان
ٻاڏائڻ لڳو. جواب مليس ته تنهنجي لشڪر جي برائي
ڪري ان جو نتيجو حاصل ڪيو آهي.
[27]
جناح در الله جي، عرض ڪيو آهه،
ڪشمير نه لائق تنهن جو، نهرو لهي نه پاءُ،
وڃائينس واهه، هندو ٺهي هندستان ۾،
(احمد خان مري)
جناح = حضرت موسيٰ عليہ السلام.
ڪشمير = بهست، نهرو = بلعم باعور.
هندو = بلعم باعور. هندستان = دوزخ.
مراد:
حضرت موسيٰ عليہ السلام الله تعاليٰ کي عرش ڪيو ته
بلعم باعور ڪافرن کي غلط صلاحون ڏئي مومنن جو دشمن
ٿيو آهي، تنهن ڪري هو ڪنهن چڱائيءَ جي ڪيئن لائق
ٿيو آهي. هو ته دوزخ جو ئي لائق آهي. تنهن کي اها
ئي سزا ملڻ گهرجي.
[28]
ملاح کي مهراڻ جي، خبر پئي کري،
ڪيائين عرض الله کي، هاڻ واهر ٿيءَ وري،
هي ٻيڙي منهنجي ”ٻروچ“ چئي، سا وڃي تارتري،
اها بچي ويس بحري، ٻين جو عقل نه آيس ”احمد“ چئي.
(احمد خان مري)
ملاح = بلعم باعور. مهراڻ = دوزخ.
ٻيڙي = کل. بحري = کل.
مراد:
بلعم باعور کي معلوم ٿيو ته حضرت موسيٰ عليہ
السلام جو سوال الله تعاليٰ جي دربار ۾ قبول پيو
آهي ۽ مون کي دوزخ ئي حاصل ٿيندو، تڏهن هن به الله
تعاليٰ کي سوال ڪيو ته رب منهنجا! تون رحيم ڪريم
آهين، منهنجو به عرض قبول ڪيو ۽ اها کل اصحاب ڪهف
واري ڪتي تي چڙهي بهشت ۾ ويندي. شاعر هن کي عاقل
نه ٿو سڏي ڇو ته جيئڻ بچايائين تيئن ٻين حواسن کي
بچائڻ جو کيس ڪوبه عقل نه آيو.
(هه) حضرت موسيٰ عليہ السلام ۽ ماڪوڙي:
چون ٿا ته هڪڙي ڀيري حضرت موسيٰ عليہ
السلام رستو وٺيو پئي آيو ته ماڪوڙين جي هڪ ڊگهي
قطار ويندي ڏٺائين. دل ۾ خيال آيس ته ”الله تعاليٰ
هنن کي رزق ڪيئن ٿو رسائي!“ انهي خيال مان هڪ
ماڪوڙي کڻي هڪ دٻلي ۾ بند ڪيائين. ٻئي ڏينهن اها
ساڳي دٻلي کوليائين ته ان ماڪوڙيءَ جي وات ۾ سائو
پن ڏٺائين، اهو ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو ۽ الله تعاليٰ
جي حڪمت جي تعريف ڪيائين ۽ ماڪوڙيءَ کي دٻليءَ مان
ڪڍي جتان کنئي هئائين اتي ڇڏي آيو.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.
[29]
پرکا خاطر پر جي، اها جوان کنئي هئي جوءِ،
هن ائين ٿي ڀانئيو، ته هي مري ويندي لوءِ،
انهي مومل کي محلات ۾، ميوات جڙي هئي پوءِ،
پسي حال سنوءِ، ملوڪ کڻي ماٺ ڪئي.
(جاڙو خان مري)
پِرَ = الله تعاليٰ. جوان = حضرت موسيٰ
عليہ السلام. جوءِ = ماڪوڙي. مومل = ماڪوڙي.
محلات = دٻلي. ميوات = سائو پن.
مراد:
الله تعاليٰ جي حڪمت پسڻ جي خيال سان حضرت موسيٰ
عليہ السلام هڪڙي ماڪوڙي دٻليءَ ۾ بند ڪئي. پوءِ
ڏٺائين ان ماڪوڙي کي اتي به روز مليو، تڏهن حيران
ٿي الله تعاليٰ جي تعريف ڪرڻ لڳو.
[30]
ڪا جا صلاح سرير ۾، آئي ڄام عمر،
ورائين ويچاريءَ کي، وڏي مؤن ته ولر،
قابو ڪيائينس ڪوٽ ۾، ات زوريءَ زوراوَر،
هر ويلي حق جي هئي، مٿئون نار نظر،
پن رکيس پرور، تڏهن مارن سان ملي ”موريو“ چئي.
(موريو کٽي)
ڄام عمر = حضرت موسيٰ عليہ السلام.
ويچار = ماڪوڙيءَ ڏانهن اشارو. ڪوٽ = دٻلي.
حق ڌ الله تعاليٰ.
مراد:
حضرت موسيٰ عليہ السلام کي خيال آيو ته الله
تعاليٰ هر چيز کي ڪيئن ٿو رزق رسائي، سو ماڪوڙين
جي قطار مان هڪڙي ماڪوڙي کڻي دٻلي ۾ بند ڪيائين.
ٻئي ڏينهن دٻلي کوليائين ۽ ته ماڪوڙيءَ جي وات ۾
هڪ سائو پن ڏٺائين، تڏهن قبول ڪيائين ته بيشڪ الله
تعاليٰ جي نظر هر چيز تي آهي. پوءِ اها ماڪوڙي
موٽائي اصل جاءِ تي ڇڏي آيو.
[31]
مارئي ملڪ ملير ۾، هئي سکي سامائي،
ديس ڇڏڻ جي هن کي، ڪل نه هئي ڪائي،
عمر آيو اوچتو، جنهن چنبن ۾ چائي،
قابو ڪيئين سا ڪوٽ ۾، موچاري مائي،
جاٰ انهيءَ ”جمعو“ چئي، سائينءَ سنڀائي،
ڪريو سالڪ صفائي، ڏاها انهيءَ ڏور جي.
(جمعو)
مارئي = ماڪوڙي. عمر = حضرت موسيٰ
عليہ السلام. ڪوٽ = دٻلي. سائين سنڀائي = الله
تعاليٰ
ياد ڪري کيس رزق پهچايو.
مراد:
هڪ ماڪوڙيءَ پنهنجي ولر سان گڏ خوش پئي گذاريو ته
حضرت موسيٰ عليہ السلام کيس جهلي دٻلي ۾ بند ڪيو،
مگر الله تعاليٰ کيس ان دٻلي ۾ به رزق رسايو.
[32]
ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب رب ستار،
هي حاڪم حڪومت جو، هئو سومرو سچار،
اها مارئي جا ملير جي، کڻي سوگهي ڪيئين سنگهار،
ڪامل ويهاري ڪوٽ ۾، آڻي عاقل ايلپهنوار،
هو به جڙجي ويئي هئي ”جاڙو“ چئي، ٻنگ هڻي ٻيهار،
ڪو وقت انهيءَ وساري، پوءِ ساجن لڌس سار،
اهو درس ڏٺئين ديدار، قادر جي قدرت جي.
(جاڙو خان مري)
مارئي = ماڪوڙي. سنگهار = ماڪوڙي.
ڪوٽ = دٻلي. ساجن = حضرت موسيٰ عليہ السلام.
مراد:
حضرت موسيٰ عليہ السلام کي خيال آيو ته خدا تعاليٰ
هر هنڌ ڪيئن رزق رسائي ٿو. ڇا ڪيائين جو هڪڙي
ماڪوڙي دٻليءَ ۾ بند ڪري ڇڏيائين. ڪجهه ڏينهن کان
پوءِ دٻلي کوکي ڏٺائين ته ان ۾ ڪنهن وٽ جو پن پيل
هو جو ماڪوڙيءَ پئي کاڌو.
(و) حضرت موسيٰ عليہ السلام جا ماڪوڙيءَ کي قبر ۾
موڪلڻ:
چون ٿا ته هڪڙي ڀيري حضرت موسيٰ عليہ
السلام کي خيال آيو ته قبر ۾ ملائڪ ميت کان ڪهڙي
قسم جي پڇا ڳاڇا ڪن ٿا، اهو احوال معلوم ڪجي. هن
ڇا ڪيو جو هڪڙي ماڪوڙي جنازي سان گڏ قبر ۾
موڪليائين. مگر ان ماڪوڙي واپس اچي کيس ڪابه خبر
ڪانه ڏني ۽ اتيئي مري ويئي.
[33]
بحري گهڙي بيچون، ويئي سهڻي منجهه سير،
هن کي لهرين لپيٽي وڏو، توڙئون ڏٺئين تقدير،
خبر نه ڏنائين کيت کي، توڙي آئي مارئي منجهه ملير،
پوءِ نيڻين وهائي نير، وئي مهل تنهين ”موريو“ چئي.
(موريو کٽي)
بحري = ماڪوڙي. سير = قبر.
کيت = حضرت موسيٰ عليہ السلام.
مراد:
ڏسو مٿيون بيان.
(ز) حضرت موسيٰ عليہ السلام ۽ پکي:
چون ٿا ته حضرت موسيٰ عليہ السلام هڪڙي
ڀيري هلندي هلندي هڪڙي باغ ۾ آيو، جتي ڏٺائين ته
هڪڙو پکي (1) وڻ تي ويهي ”ياڪرير، يا ڪرير“ پيو
چئي، ۽ سندس اکين مان ڳوڙها پيا وهن. انهن جو پاڻي
سڄي باغ کي پهچي، سرسبز ڪري رهيو آهي. پاڻ ان
پکيءَ وٽ آيو ۽ کيس يا ڪرير جي عيوض ”يا ڪريم، يا
ڪريم“ اچارڻ لاءِ چيائين. پکيءَ حضرت موسيٰ عليہ
السلام جي چوڻ تي ”يا ڪريم“ جو ورد شروع ڪري نه
سگهيو ۽ اکين مان ڳوڙها وهڻ بند ٿي ويس پوءِ اهو
باغ جو اصل سرسبز هو. سڪي بٺ ٿي ويو. ڪن ڏينهن کان
پوءِ حضرت موسيٰ عليہ السلام موٽي ساڳئي هنڌ آيو ۽
ڏٺائين ته پکيءَ جا کنڀ کسي ويا هئا ۽ باغ سڄو سڪي
ويو هو. سخت حيران ٿي طور سينا تي آيو ۽ الله
تعاليٰ جي دربار ۾ عرض ڪري ان ڳالهه جي حڪمت
پڇيائين ته کيس آواز آيو ته اي موسيٰ! اهو سڀ
تنهنجي ئي ڪري ٿيو آهي جو تو پکيءَ کي اصل ذڪر کان
ڦيرائي ڇڏيو. هن منهنجو ئي خيال رکي انهيءَ طرح
ذڪر پئي ڪيو، پر ”يا ڪريم“ چوڻ سان منهنجو خيال هن
جي دل مان نڪري ويو. هاڻي موٽي وڃ ۽ پکيءَ کي
ساڳئي ذڪر ڪرڻ لاءِ حڪم ڪر.
حضرت موسيٰ عليہ السلام وري ساڳي جاءِ تي
آيو ۽ پکيءَ کي ”يا ڪريم!“ جي عيوض ”ياڪرير!“ چوڻ
لاءِ چيائين. پکي وري اصلي ذڪر ”ياڪرير!“ چوڻ شروع
ڪيو ته اکين مان پاڻي وهڻ لڳو. جنهن ٿوريئي عرصي ۾
باغ سرسبز ڪري ڇڏيو.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.
[34]
وٺو راهه رسول جي، اها وهي ٿي وير،
سير سندي سنسار مان، هليو حاڪم مير حمير،
پرينءَ پورب ۾ ڏٺو، بيحد بينطير،
پيو ٻاجهاريون ٻوليون ڪڍي، سي ٻڌيون ٻاونگير،
سالڪ سر سمجهايو، سا هئي تحقيقي تقرير،
پيو مرد اچي مونجهاري ۾، دانهن ٿيو دلگير،
خاتون بند ختم ٿيا، پرٽ پڃاڻا پير،
بر مڙيئي بيبان ٿيو، جيڪو عاقل اڪسير،
اها ٻڌي ڳالهه ”ٻروچ“ چئي، ٿيس سنسو منجهه سرير،
ڪيائين عرض آگي کي، تنهن سچو رکيس سير،
ملڪ اهو ”مري“ چئي، وري ڪامل ٿيو ڪشمير،
هڪڙا باغ بهاريا، ٻيا ٿيڙا ڳم ڳنڍير،
وسون وسن وير، پيون ماڙيچن جي ملڪ تي.
(جاڙو خان مري)
حمير = حضرت موسيٰ عليہ السلام.
بينظير = پکي، ٻاجهاري ٻولي = يا ڪريو.
سالڪ = حضرت موسيٰ عليہ السلام.
تحقيقي تقرير = ياڪريو! مرد = پکي.
خاتو بند = اکين جا ڳوڙها.
مير = حضرت موسيٰ عليہ السلام.
تاڙو = پکي. تنوارون ڪرڻ = ياڪريو چوڻ.
مراد:
ڏسو منڊ وارو بيان.
[35]
ويهندي ڌند ويهي رهيو، ڪا جا ڳالهه ڪٿائي،
زمين جنهن جي کڙيا کڙٻي، چوني چنج نه لائي،
هاري به چئجي ان کي، جو ويٺڙا ڏاند وهائي،
پوءِ سالڪ سمجهائي، ڪو ڏاهو ڳولي ڏور کي.
کڙٻي ٿيڻ = باغ جو سڪي وڃڻ.
چوني = يا ڪريم جو ذڪر.
مراد:
ڏسو منڊ وارو بيان.
[36]
ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان، ڪونهي منهنجو وس،
ڳوڙهو ڳلن تان نه بيهي، بوند نه ڪري بس،
هاڻي ڪو ڏيو ڏس، جنهن ۾ منهنجو ساهه سڌير ٿئي.
منهن = پکيءَ ڏانهن اشارو.
مراد:
ڏسو منڍ وارو بيان.
[37]
راڻا تنهنجي رهاڻ ۾، منهنجو روح ڪري رِيهان،
باغ سڙي بٺ ٿيا، هت وڻن جون ويهان،
رايان ۽ ڏينهان، دوست نه وسري دل تان.
راڻا = الله تعاليٰ. منهنجو = پکيءَ ڏانهن
اشارو. دوست = الله تعاليٰ.
مراد:
ڏسو منڍ وارو بيان.
(ح) حضرت موسيٰ عليہ السلام ۽ الله جو پيارو:
چون ٿا ته حضرت موسيٰ عليہ السلام طور
سينا جبل تي الله تعاليءَ کي عرض ڪيو ته دنيا ۾
مون کان وڌيڪ پنهنجو پيارو مون کي ڏيکار. آواز آيو
ته، فلاڻي طرف وڃ، اتي توکي انهيءَ ڳالهه جو جواب
ملندو. حڪم موجب حضرت موسيٰ عليہ السلام هڪدم
ٻڌايل طرف روانو ٿيو. هڪڙي هنڌ اچي ڏسي ته هڪڙي
نوجوان جي شادي ٿي رهي آهي. ماڻهو گهوٽ کي ڪپڙا
ڍڪائي سرگس لاءِ گهوڙي تي چاڙهي پيا گهمائين. پاڻ
به ان ۾ شريڪ ٿيو. گس ۾ هڪڙي جاءِ آئي، اتي گهوٽ
گهوڙي تان لهي شڪراني جي نماز ادا ڪري، وري اچي
گهوڙي تي سوار ٿيو. اوچتو هڪڙو فقير ميرن ۽ ڦاٽل
ٽٽل ڪپڙن سان اها صدا هڻندو آيو ته، ”آهي ڪو مرد
موليٰ جو، جو خدا جي راهه ۾ مون کي سر ڏئي.“ اهو
ٻڌي ڪي ماڻهو ته مٿانئس کلڻ لڳا. خود حضرت موسيٰ
عليہ السلام به حيران ٿيو ۽ دل ۾ چوڻ لڳو ته هن
فقير کي ماڻهوءَ جي سر جي الائي ڪهڙي ضرورت پيئي
آهي؟ اها صدا گهوٽ به ٻڌي. آخر هو ڪنوار جي گهر
اچي پهتو، اتي لائن لهڻ بعد پنهنجي ڪنوار کي
چيائين ته پنهنجي شادي ٿي گذري هاڻي الله جي راهه
۾ سر ڏيڻ ٿو وڃان. ڪنوار به الله جي واٽ جو ٻڌي
کيس هڪدم موڪل ڏني. گهوٽ فقير وٽ آيو ۽ کيس ڪاتي
ڏيئي، سندس سامهون سر نوائي بيهي رهيو. فقير به
دير اصل ڪانه ڪئي ۽ سندس سر ڌڙ کان جدا ڪري
ڇڏيائين. حضرت موسيٰ عليہ السلام اهو سڄو رنگ ڏٺو،
ٻيا ماڻهو به هيءَ حال ڏسي حيران ٿي ويا. ڪنوار به
اچي پنهنجي گهوٽ جي لاش مٿان بيٺي ۽ رضا تي راضي
رهي ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍيائين. فقير ڪنوار کي ڏسندي
ئي کيس چيو ته، مائي! تنهنجو ڪانڌ ته ڪسي ويو.
مائيءَ جواب ڏنو ته فقير سائين! الله جي نانءُ تان
صدقو ٿيو. فقير اهو ٻڌي ڪنوار تي رحم آڻي، سرُ کڻي
ڌڙ سان ملايو ۽ مائيءَ کي چوڻ لڳو ته، مائي! هاڻي
پنهنجي مڙس کي سڏ ڪر ته اُٿي کڙو ٿئي. مائيءَ
پنهنجي مڙس کي سڏ ڪيو ته هو ڪلمون ڀري اُٿي کڙو
ٿيو. حضرت موسيٰ عليہ السلام فقط الله جي نالي تان
پنهنجي پياري شيءِ قربان ڪري خوش رهڻ واري کي ڏسي
اڳتي روانو ٿيو.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.
[38]
چٽڪيءَ ۾ چڙهي ويئي، روءِ پسي راڻي،
ڌڙ ڇڄي ڌار ٿيو، سسي ڪوماڻي،
پوءِ آئي سورٺ سيڻي، ڪانڌ ڌسي ڪسڪي ڪينڪي.
راڻي = سسي جيڪا وڍجي ويئي.
سورٺ = ڪنوار.
مراد:
گهوٽ ڪنوار کان موڪلائي اچي ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ
جهليو ۽ هڪ ئي وار سان سسي ڌڙ کان جدا ٿي ويس، اتي
ڪنوار به اچي نڪتي ۽ پنهنجي مڙس جو لاش ڏسي، الله
جي نالي تان قربان ٿيل جو ڪوبه ڏک نه ٿيس ۽ رضا تي
راضي رهي.
(ط) حضرت موسيٰ عليہ السلام ۽ ڏيڏري:
چون ٿا ته حضرت موسيٰ عليہ السلام جي زماني ۾
ڪيترا ڏينهن ٿي ويا هئا جو برسات ڪانه ٿي پئي هڪڙي
ڏيڏري حضرت موسيٰ عليہ السلام کي ڏسي چيو ته الله
تعاليٰ جي درٻار ۾ سوال ڪري معلوم ڪريو ته ڪڏهن
مينهن وسندو ۽ مون تي مهرباني ٿيندي؟ حضرت موسيٰ
عليہ السلام طور سينا تي ڳالهائي واپس آيو ۽ اچي
جواب ڏنائينس ته برسات وسڻ ۾ اڃا دير آهي. ڏيڏريءَ
اهو جواب ٻڌي شڪر ڪيو. الله جو شان جو ڏيڏريءَ جي
شڪراني ڪرڻ تي الله تعاليٰ جلد مينهن وسايو ۽
ڏيڏري خوش ٿي.
هن بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.
[39]
پسڻ خاطر بر جي، هئي منڌ گهڻي ماندي،
نياپو هن نڌر جو، ڏجان پرينءَ کي پانڌي،
ورندي هن وِلهيءَ ڏي، هن اوڏانهون آندي،
ته تو تي راءِ راضي ڪين ٿيو، ڪيچ ڌڻي ڪانڌي،
هن ڀي شڪرانو شروع ڪيو، ٿي ويل نه ڪنهن واندي،
پوءِ ٿي هن وٽ هيڪاندي، بهاري ته ”بنگل“ چئي.
(بنگل شيخ)
پر = پاڻي منڌ = ڏيڏري. پرين = الله تعاليٰ
پانڌي = حضرت موسيٰ عليہ السلام. راءُ = الله
تعالي.
بهاري ٿيڻ = برسات پوڻ.
مراد:
ڏسو مٿيون بيان.
(ي) حضرت موسيٰ عليہ السلام جي وفات:
حضرت موسيٰ عليہ السلام جي، عمر جڏهن هڪ
سئو پنجاهه ورهيه ٿي، تڏهن هڪڙي ڏينهن عزرائيل کي
پاڻ ڏانهن ايندو ڏٺائين. پڇيائينس ته زيارت لاءِ
آيو آهين يا روح قبض ڪرڻ؟ عزرائيل جواب ڏنو ته روح
قبض ڪرڻ. انهيءَ تي حضرت موسيٰ عليہ السلام کيس
چيو ته مون وات سان الله تعاليٰ سان ڳالهايو آهي،
ڪنن سان الله تعاليٰ جو ڪلام ٻڌو اٿم، اکين سان
نور جي تجلي ڏٺم، هٿن سان ڪتاب ’توريت‘ جهليم ۽
پيرن سان طور سينا تي پنڌ ڪري ويس. هاڻي تون
منهنجو روح ڪيئن ڪڍي سگهندين؟ اهو ٻڌي عزرائيل
لاجواب ٿي پوئتي موٽيو ۽ الله تعاليٰ جي دربار ۾
اها حقيقت پيش ڪيئين. اتي حضرت موسيٰ عليہ السلام
کي آواز آيو ته تون مون کي پنهنجو دوست ڪري سمجهين
ٿو ته انهيءَ فاني دنيا کي ڇڏي مون ڏانهن ڇو نه ٿو
اچين؟ حضرت موسيٰ عليہ السلام جواب ڏنو ته الاهي!
مون کي اوهان ڏانهن اچڻ جي گهڻي حب آهي، پر هڪڙو
عرض آهي ته هڪڙو ڀيرو طور سينا تي پهچي مناجات
ڪريان ۽ مٺو ڪلام ٻڌان. ان کان پوءِ حضرت موسيٰ
عليہ السلام الله تعاليٰ کان دعا گهري واپس پئي
آيو ته واٽ تي ڏٺائين ته ڪي ماڻهو قبر پيا کوٽين.
انهن کان پڇيائين ته هي قبر ڪنهن جي ٿا کوٽيو.
انهن مان هڪ ڄڻي جواب ڏنو ته، تنهنجي قد بت تي ڪو
شخص گذاري ويو آهي، تون پاڻ مهرباني ڪري هن ۾ گهڙي
جاچ ڪري ڏي ته قبر جي ڊيگهه ٺيڪ ٿيندي يا نه؟ حضرت
موسيٰ عليہ السلام قبر ۾ گهڙيو ۽ ساميءَ ۾ پير
ڊگها ڪري ستو ته ايتري ۾ بهشت مان هڪ صوف قبر ۾
اچي پيو جو کڻي سونگهيائين ته هن فاني جهان مان
سندس روح پرواز ڪري ويو. حقيقت ۾ اهي ماڻهو ملائڪ
هئا، جن خدا جي حڪم سان اها تربت ٿي تيار ڪئي ۽
بهشت مان صوف به انهن آندو هو. پوءِ ملائڪ جنازي
نماز پڙهي حضرت موسيٰ عليہ السلام، الله تعاليٰ کي
عرض ڪيو هو ته جيسين آءٌ خوشي سان قبر ۾ نه پوان،
تيسين منهنجو روح قبض نه ڪيو وڃي. الله تعاليٰ
ساڻس اهڙو واعدو ڪيو هو. پوءِ جڏهن پاڻ بهاني سان
قبر ۾ گهڙي ساميءَ ۾ ستو، تڏهن ملائڪن، الله
تعاليءَ وٽان مليل اهو خط کيس ڏيکاريو جنهن ۾ سندس
ساهه قبض ٿيڻ بابت لکيل هئو.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.
[40]
ساراهيان سچــو ڌڻــي، صاحــب رب ستار، ميين مڱڻي
پاڻ “ ڪي ڪيا هئا قول قرار،
پوءِ ته ”مري“ چئي ملڪ ۾، هو سرهو منجهه سنسار،
جڏهن حڪم حاڪم جو ٿيو، تڏهن هليا همتدار،
سي ڪاتب لڳا ڪم کي، جي حاذق هئا هوشيار،
جاءِ انهيءَ ”جاڙو“ چئي، هو آيو جواب وڏو
جهونجهار،
صوبن صاحب سان ڪئي، گويائي گفتار،
آيو مير محلات ۾، اهي ڏس ڪم سندا ڪلتار،
پرين اها پاڻ تان، آهي لائي محب ميار،
هاڻي جوان آهيو جهونگار، ته ڏاها ڳوليو ڏور کي.
(جاڙو خان مري)
ميون- الله تعالي، مڱڻو = حضرت موسيٰ عليہ السلام.
ڪاتب = ٻه ملائڪ. ڪم کي لڳڻ = قبر کوٽڻ.
جوان = حضرت موسيٰ عليہ السلام.
صوبا = ٻه ملائڪ. محلات = قبر. پرين = الله تعاليٰ
مراد:
ڏسو مٿيون بيان.
[41]
مورن کي سڪ هنجهه جي، اچي پاڻ ملين،
ڪيائون قربت پاڻ ۾، وضهه جا ڳالهه وڻين،
سرهي سنگت ڇني ڪري، هو ويو جو ٻئي ماڳن،
اوڏهون وريو آ ڪونه ڪو، اڃا ٿا سور سجهن،
”دائم“ چئي انهن، روضي پاڪ رسائيين.
(دائم)
مور = ملائڪ. هنجهه = حضرت موسيٰ عليہ السلام.
سورهي سنگت = عزيز قربت.
مراد:
الله تعاليٰ جي حڪم موجب ملائڪن هڪڙي قبر پئي کوٽي
حضرت موسيٰ عليہ السلام اتي آيو، کيس چيائون ته،
تنهنجي قد بت برابر هڪ شخص آهي جنهن جو ڪانو کڻڻ
وسري ويو اٿئون، تنهنڪري تون هن ساميءَ ۾ سمهه ته
اسان کي خبر پوي. پوءِ حضرت موسيٰ عليہ السلام
سامي ۾ ستو ته ملائڪ خدا جي حڪم سان ساهه قبض ڪيس.
[42]
ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب رب ستار،
موليٰ آهن موڪليا، اهي صوبا صلحدار،
ميدان تي محلات بنايئون جوڙ وڏي جنسار،
ساهڙ به آيو سڪ مان، سهڻو ڪري سينگار،
مرد آيو
ميدان۾، تنهن کي خوش ڪيئون کينڪار،
اَمر آندوس اونداهه ۾، جيڏيون! چئي ”جروار“،
هاڻ سالڪ هجين سچار، ته ڏاها ڳول ڏور کي.
(جروار)
صوبا = ملائڪ، محلات = قبر.
ساهڙ = حضرت موسيٰ عليہ السلام
مراد:
ملائڪن خدا جي حڪم سان قبر پئي کوٽي ته حضرت موسيٰ
عليہ السلام اتان اچي لانگهائو ٿيو. هڪڙي ملائڪ
سڏي چيس ته اڄ هڪ مرد تنهنجي قد بت وارو هن قبر ۾
دفن ڪرڻو اٿئون، پر ڪانو آڻڻ وسري ويو اٿئون، تون
مهرباني ڪري هن ۾ سمهي ڏيکار ته گهڻي محنت کان ڇٽي
پئون. حضرت موسيٰ عليہ السلام حاضر چئي اندر گهڙي
ستو ته عزرائيل سندس روح قبض ڪري ورتو.
[43]
اِجهو راڻو آيو، جهاڳڙ جهاڳي جهوڪ،
اتي گڏيس ٻه ڄڻا، تن ڪيس رقيبن روڪ،
اها لکا نه پيئي لوڪَ، ته ڪا آهي مومل ماڻي
مينڌري.
(جاڙو خان مري)
راڻو = حضرت موسيٰ عليہ السلام.
ٻه ڄڻا = ٻه ملائڪ. مومل – قبر.
مينڌرو = حضرت موسيٰ عليہ السلام.
مراد:
حضرت موسيٰ عليہ السلام واٽ وٺيو پئي ويو ته ٻه
ملائڪ ماڻهو جي شڪل ۾ قبر کوٽيندا گڏيس، جن کيس
ساميءَ ۾ گهڙڻ لاءِ چيو. حضرت موسيٰ عليہ السلام
ساميءَ ۾ گهڙيو ته عزرائيل ساهه قبض ڪيس.
[44]
جڏهن هو پنهون پنڌ ۾، تڏهن پئي سسئي سامائي،
ڪي هئا چور، ڪي چوريندڙ، تن وڃي منڌ ملائي،
خان به کسائي، امانت ”اقبال“ چئي.
(اقبال)
پنهون = حضرت موسيٰ عليہ السلام.
سسئي = قبر. سامائجڻ = تيار ٿيڻ.
چور = عزرائيل. چوريندڙ = ملائڪ.
منڌ = قبر. خان = حضرت موسيٰ عليہ السلام.
امانت = ساهه.
مراد:
حضرت موسيٰ عليہ السلام واٽ وٺيو پئي آيو ته
ملائڪن انساني شڪل ۾ قبر پئي کوٽي، جنکيس سامي ڪڇڻ
جي بهاني سان اندر سمهاريو ته عزرائيل ساهه قبض
ڪري ورتس.
[45]
ڪاهي آيو ڪاڪ تي، ري راڄ راڻو،
هيو سوڍو سياڻو، پر راند هارايائين ريب تي.
ڪاڪ = قبر. اڄ = ڪانڌي.
راڻو = حضرت موسيٰ عليہ السلام.
سوڍو = حضرت موسيٰ عليہ السلام.
مراد:
ملائڪن، حضرت موسيٰ عليہ السلام کي قبر ۾ بهاني
سان سمهاري ساهه قبض ڪرايو.
[46]
راڻن ڪري ريب، ڪاڪ آڏي هتي ڪنڊ تي،
موچاريءَ مومل جو، هن ظاهر ڏٺو هو زيب،
خانن ڪري خريب، کڻي گهوٽ گهٽيو گهر ۾.
(عبدالشڪور دل)
راڻا = ملائڪ. ڪاڪ = قبر.
هن = حضرت موسيٰ عليہ السلام ڏانهن
اشارو. خانن = ملائڪ.
مراد:
الله تعاليٰ کي ڪنهن تجويز سان حضرت موسيٰ عليہ
السلام جو ساهه قبض ڪرائڻو هو، تنهنڪري ملائڪن کي
قبر تيار ڪرڻ جو امر ڪيائين. جن حضرت موسيٰ عليہ
السلام کي بهاني سان ساميءَ سمهاريو ۽ عزرائيل
سندس ساهه قبض ڪيو.
12- حضرت يونس عليہ السلام
حضرت يونس عليہ السلام کي الله تعاليٰ
جڏهن پيغمبري عطا ڪئي، تڏهن هن پنهنجي قوم کي حق
جي دعوت ڏني، مگر سندس قوم نافرمان ٿي، تڏهن کيس
ڇڪ ٿي ته هاڻي الله تعاليٰ جي طرفان عذاب ضرور
نازل ٿيندو، تنهنڪري پاڻ منهن ڪري روانو ٿيو ۽ اچي
هڪ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو. ٻيڙي ماڻهن سان ڀرجي رواني
ٿي ته درياءَ جي وچ سير ۾ اوچتو رڪجي بيهي رهي.
ملاح حيران ٿيا ۽ نيٺ سوچي چيائون ته ضرور ڪو غلام
پنهنجي مالڪ جي اجازت کان سواءِ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو
آهي، تنهنڪري ٻيڙي بيهي رهي آهي. اول ته پڇا
ڪيائون، پر ڪوبه ظاهر نه ٿيو. پوءِ پکا وڌائون ته
جنهن جو نالو نڪرندو تنهن کي درياءَ ۾ اڇلبو. خدا
جي قدرت سان حضرت يونس عليہ السلام جو نالو نڪتو ۽
کيس جهلي درياءَ ۾ ڦٽو ڪيائون جتي کيس مڇي ڳهي
ويئي.
چون ٿا ته حضرت يونس عليہ السلام، روزانو
گهوڙي تي چڙهي، جهنگ ۾ سير ڪرڻ لاءِ ويندو هو.
هڪڙي ڀيري کيس جهنگ مان آواز آيو ته هاڻي يا پوءِ؟
حضرت يونس عليہ السلام سوچڻ لڳو. ته آخر ان غيبي
آواز جو مطلب ڇا آهي! ۽ انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ گهر آيو.
ٻئي ڏينهن به ساڳيو آواز ٻڌڻ ۾ آيس، تڏهن اها
حقيقت پنهنجيءَ زال سان ڪيئين. بيبيءَ چيس ته
جيڪڏهن هڪدم وري ساڳيو آواز اچي ته تون چئج ته
هاڻي، ڇو ته پڇاڙيءَ جي عذاب ۽ ڌڪن ٿاٻن کان هن
وقت جوانيءَ ۾ ڌڪا کائڻ بهتر ٿيندو. جڏهن وري حضرت
يونس عليہ السلام کي ساڳيو آواز آيو، تڏهن يڪدم
چيائين ته هاڻي. خدا جي قدرت سان هاڻي، چوڻ شرط
جنهن گهوڙي تي هو چڙهيل هو، سو سندس لانگ هيٺان
نڪري ويو ۽ پاڻ وڃي پٽ تي پيرن ڀر بيٺو. انهيءَ
کان پوءِ سندس تاج ۽ تخت کانئس هليا ويا. آخر وڃي
ڏکن جي زندگي بسر ڪرڻ لڳو ۽ مٿس ايتري قدر ته ڏک
اچي ڪڙڪيا، جو آخرڪار پنهنجي زال ۽ ٻن پٽن کي وٺي،
پنهنجو اصلوڪو وطن ئي ڇڏي هليو ويو. حضرت يونس
عليہ السلام جڏهن ٻئي ملڪ ۾ پهتو ته اتي سندس بيبي
کانئس وڇڙي ويئي، ڳولا تي به کيس نه ملي. پوءِ
پنهنجا ٻئي پٽ وٺي اُٿي اڳتي روانو ٿيو. واٽ تي
کيس هڪ درياءَ پار ڪرڻو هو، پهريائين هڪڙي پٽ کي
درياءَ جي اورين ڀر ٻوٽن سان ٻڌي، ٻئي پٽ کي
درياءَ اڪارڻ ويو. وري اُن کي اُتي ٻڌي پٽ کي
اُڪارڻ لاءِ جيئن موٽيو ٿي، تيئن واٽ تي هڪ مڇي
کيس ڳهي ويئي. ڇوڪرا معصوم ويچارا، پيءُ ۽ ماءُ جي
جدائيءَ ۾ دانهون ڪندا رهيا. |