سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :24

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

[45]

سسئي کي سڃ ۾، ٿي اوندهه اويري،

اَيڙ گڏيو هوس اوچتو، ورائي ويري،

چئي ڪين ڇڏيندا ڪڏهين، پنهل آ پيري،

ورائي تنهن ويري، آڻي ڏني عجيب کي.

 

سسئي = ٻڪري. اَيڙ = بگهڙ.

پنهل = حضورﷺ جن.

عجيب = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[46]

دشمن ته سڄڻ ٿيو، ڏس ڪم ڪيائين ڪيڏو،

ڪار ان جي ڪسي هئي، اهو انصاف ڪيائين ايڏو،

جوڳي گهڻا آهن جوءِ ۾، ناهي انهيءَ جوان جيڏو،

هو ڀيلي جو ڀيلو، پر ويو ڪمائي ”ڪاسائي“ چئي.

 

دشمن = بگهڙ. اهو انصاف = ٻڪري کي

حضورﷺ جن وٽ پهڇائڻ ڏانهن اشارو.

جوڳي = ٻيا بگهڙ.

 

مراد:  بگهڙ، حضورﷺ جن جو نالو ٻڌي، ٻڪريءَ کي کائڻ جو ارادو بدلائي، ان سان گڏجي کيس مڪي ۾ پهچائي ويو. حقيقت ۾ اها فطري خواهش بدلائڻ حيرت جهڙي ڳالهه هئي، انهيءَ ڪري ان جو اهو ڪم عزت ڀريو ٿي پيو.

 

بلور  واري واٽ:

        حضورﷺ جن، بيبي خديجةالڪبريٰ﷤ وٽ شروع ۾ ٻڪرين جي نگهباني ڪندا هئا، پر پوءِ سندس ديانتداري ڏسي شام ڏانهن تجارت جو قافلو تيار ڪرائي کين سامان جو مالڪ ۽ مختار بنائي موڪليو. ساڻن سفر ۾ ميسره نالي بيبي صاحبه جو هڪڙو غلام به گڏ هو. گس تي هڪ اهڙيءَ جاءِ تي پهتا جتان شام ڏانهن ٻه رستا ٿي ويا. پاڻ بيهي رهيا، اتي ساٿين مان هڪڙي چيو ته: هيءَ جيڪا وچين بلور واري واٽ آهي، سا بلڪل ننڍي آهي، پر نهايت مشڪل آهي. ۽ ڪئين تڪليفون سهڻيون پونديون، پر هن ٻئي گس ۾ البت ڦيرو ڪرڻو پوندو. مگر سفر نهايت آسانيءَ سان پورو ٿيندو. حضورﷺ جن اها بلور واري مشڪل واٽ ورتي. اڳتي هليا ته پاڻيءَ جو نالو نشان به ڪونه هو، پر هڪڙي وڻ کين چيو ته اڳتي وڌي کوهه کوٽيو ته اوهان کي پاڻي ملندو. اڳتي هلي کوٽيائون ته پاڻي کارو نڪتو، پر حضورﷺجن جي دعا گهرڻ سان پاڻي مٺو ٿي پيو. ان واٽ تي هڪڙي بلا رهندي هئي، جا واٽ ويندن کي تڪليف ڏيندي هئي.

        چون ٿا ته ان بلا جو مقصد هو ته جيئن ڪوبه ماڻهو هتان نه لنگهي ۽ جڏهن آخرالزمان نبي هن واٽ تان ايندو، تڏهن ان جي زيارت ڪنديس. پوءِ جڏهن حضورﷺ جن اتان اچي لنگهيا، تڏهن بلا اچي سندن قدمن ۾ پئي ۽ آئينده لاءِ رستو صاف ٿي ويو. ان رستي تي ٽين تڪيلف اها پيش آئي جو اتي هڪڙو مست اُٺ رهندو هو، جو ماڻهن سان وڙهندو هو. ان به جڏهن حضورﷺجن جو ديدار ڪيو، تڏهن صبر آيس ۽ ورهڻ ڇڏيائين. اهڙيءَ طرح واٽ تي جيڪي تڪيلفون هيون، سي سڀ دفع ٿي ويون.

        حضورﷺ جن بلور واري واٽ تان شام ۾ اچي پهتا. اتي هڪ نصراني هو، جنهن خواب لڌو هو ته آخري زماني جو نبي پيدا ٿيو آهي(1). جنهن تي مک نه ٿي ويهي، نه مٿس تڙڪو ٿو ٿئي ۽ ڪڪر هميشه مٿانئس ڇانو ڪندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن سوڙهيءَ جاءِ تان ٿو لنگهي ته اها جاءِ، پاڻمرادو ويڪري ٿيو پوي، سڪي بنڊ تي هٿ گهمائي ٿو ته سائو ٿيو پوي. تنهن جڏهن هيءَ خبر ٻڌي ته هڪرو قافلو اچي شهر جي ٻاهران لٿو آهي، ان ۾ هڪڙو اهڙو شخص آهي، جو هڪڙي سڪل بنڊ جي ڀرسان ويٺو ته اهو يڪدم سائو ٿي پيو، تڏهن کيس پڪ ٿي ته آخر زماني جو نبي اهو آهي. تهنڪري هن ٻيون ڳالهيون جيڪي خواب ۾ ڏٺيون هيون، انهن جو معلوم ڪرڻ لاءِ اتي آيو ۽ سڄي قافلي کي پنهنجي گهر اچڻ ۽ ماني کائڻ جي دعوت ڏنائين. قافلي وارن دعوت قبول ڪئي ۽ ان جي گهر وڃي ماني کائڻ قبول ڪئي. اهو نصراني بت ٺاهيندو هو، هن پنهنجا ٺاهيل بت هڪڙي جاري ۾ رکي ڇڏيا هئا ۽ اندر گهڙڻ جو دروازو اهڙو ٺهرايو هئائين جنهن مان لنگهڻ لاءِ هر ڪنهن ماڻهو کي نئڙي لنگهڻو ٿي پيو. هي پاڻ دروازي وٽ ويهي رهيو. قافلي وارا جڏهن آيا ۽ ان دروازي مان نوڙي ٿي لنگهيا ته ڪوبه ڦيرو ڪونه ڏٺائين. انهيءَ ڪري نصرانيءَ کي پڪ ٿي ته اهو ماڻهو هنن سان هٿ ڪونه آيو آهي. تنهنڪري آيل مهمانن کان پڇيائين ته: اوهين سڀيئي آيا آهيو يا پوئتي به ڪي ماڻهو رهيل آهن؟ مهمانن جواب ڏنو ته اسين نَوَ ماڻهو قافلي جي نگهباني لاءِ ڇڏي آيا آهيون. تڏهن نصراني چيو ته: مان انهن کي به گهرايان ٿو ۽ جيڪڏهن اوهان جو ڪو نقصان ٿيو ته ان کان ڏهوڻو عيوض اوهان کي ڀري ڏيندس. پوءِ ان پنهنجو ماڻهو رستي لاءِ سونهون ڪري موڪليو. جو اتي رهيل سڀني ماڻهن کي وٺي آيو، جن ۾ حضورﷺ جن به هئا. جنهن وقت حضورﷺ جن دروازي وٽ پهتا ته دروازو از خود مٿي کڄي ويو ۽ جيڪي بت جاري ۾ رکيل هئا. سي سڀ ڪِري اچي اڳيان پيرن ۾ ڍير ٿيا. اهو ڏسي نصيراني جي دل جا سڀ وسوسا لهي ويا ۽ صدق دل سان مسلمان ٿيو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[47]

ساراهيان سچو ڌڻي، ڏس قادر ڪَل،

انهيءَ ڪامڻ جي ڪست جي، هئي هاڪ هڪل،

منڌ ڪيئي ماري ڇڏيا، گهوٽ گهٽي گهائل،

خونياڻي کپايا، ڪري ڪاڪ مٿي ڪرڳل،

ڪاهي تنهن ڪوراڇ ۾، وڃي ڪامل لڌس ڪَل،

پوءِ ڇڏيئين ٻيايون ”ٻروچ“ چئي، جيڪا هئس تيز طبل،

ٿي موچاري مومل، جاءِ انهيءَ ”جاڙو“ چئي.

(جاڙو خان مري)

 

ڪامڻ = بلور واري واٽ.

ڪامل = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڪوبه مسافر بلور واري واٽ تان خوف سبب وڃي ڪونه سگهندو هو. جڏهن حضورﷺ جن اتان لنگهيا، تڏهن اهي واٽ جون سڀ تڪليفون دور ٿي ويون.

 

[48]

ڏونگر جي ڏهڪار جي، هئي قافلي کي ڪل،

ساٿ سختيءَ کان نه لنگهي، جيڏيون! پاس جبل،

ٿيڙي خبر ڀنڀور ۾، لٿا خوف خلل،

پير ڀريا هئا پاتڻي، مير مٺي مرسل،

مير مڪي جي مل، ڪئي جاري واٽ جبل جي.

(جارو خان مري)

 

ڏونگر = واٽ. ڀنڀور = مڪه معظمه.

پاتڻي = حضورﷺ جن.

 

مراد:  حضورﷺ جن قافلي جي منع هوندي به بلور واري واٽ تان روانا ٿيا. ان رستي وارين سڀني بلائن اچي حضورﷺ جن جي قدمبوسي ڪئي، ان کان پوءِ ان وات تي ڪنهن کي به تڪيلف نه پهتي.

 

[49]

سِگهِي کي ڇڏي، ڪيائون سڃي جو سعيو،

دانهه به دلگير ٿيا، پر ڏٺائون راءِ سندو رايو،

پوءِ منڌ کي ملوڪ اتي، ڪامل ڪنبايو،

ڏس واليءَ وسايو، انهيءَ کي ”الله بخش“ چئي.

(الهه بخش)

 

سگهِي = آسان واٽ. سڃي = خطري واري

راءَ = حضورﷺ جن. منڌ = بلا.

ملوڪ، ڪامل = حضورﷺ جن.

انهيءَ = سڃي رستي ڏانهن اشارو.

 

مراد:  حضورﷺ جن خطري واري واٽ تان هليا ته مشڪل سڀ لٿا ۽ اها واٽ سڀني لاءِ آسان ٿي پئي.

 

[50]

هڪڙي دردوندي دانهن ڪئي، ٻاٻيهل ٻري،

عرض ڪيائين آري ڄام کي، منجهان سٿ سُري،

مڙين مٺيان لڳي، جيڪا ٻڌئون بات بُري،

سالڪ سمڌي ڳالهڙي، جيڪا چنچل چنگ چُري،

پوءِ اٿي هيلا اوڏهين، ٽاڻي سڀ ٽُري،

وڃي گل ڏنائين گلاب جو، سندي سون ذري،

پوءِ ته آجا ٿيا آزار کان، پين ٺپ ٺري،

ملڪ ٿيو مصري، اُن غازيءَ لاءِ ”غلام محمد“ چئي.

(غلام محمد)

 

ٻاٻيهل = قافلي جو هڪ ماڻهو.

سالڪ = حضورﷺ جن. گلاب جو گل = الله تعاليٰ

جو اسم. سون = ڦيڙي مبارڪ.

 

مراد:  حضورﷺ جن، قافلي جي هڪڙي ماڻهو کان کوهه جي کاري پاڻيءَ هئڻ جي خبر ٻڌي اتي آيا. الله تعاليٰ جو نالو وٺي کوهه ۾ ڦيڻي مبارڪ وڌائون ته پاڻي مٺو ٿي پيو، جنهنڪري آسپاس جا ماڻهو پاڻيءَ جي تڪليف کان هميشه لاءِ ڇٽي پيا.

 

[51]

گهمائي گهر هنئين، هاڙي کي هيڪر،

لڳي ويس لاهوتيءَ جي، تکي تيز تبر،

هن جا سامان ڪل سڙي ويا، جيڪي جنگي هيس جوهر،

هن جي پت رکي پرور، راضي ٿيس “راوت“ چئي.

(راوت ٻرڙو)

 

گوهر = حضورﷺ جن، هاڙهو = کوهه.

تير = ڦيڻي. جوهر = کاراڻ.

 

مراد:  بلور واري واٽ تي هڪڙي کاري کوهه ۾ حضورﷺ جن ڦيڻي مبارڪ وڌي ته مٺو ٿي پيو. چون ٿا ته بلور واري واٽ تي هڪڙوکارو کوهه هو، جنهن جو پاڻي ڪير به واپرائي نه سگهندو هو،  ان کوهه الله تعاليٰ کي سوال ڪيو ته منهنجي پاڻي کي پهريائين نبي پاڪ جن پرکين. الله تعاليٰ سندس سوال قبول ڪري، کيس کارو ڪيو هو. پوءِ جڏهن نبيﷺ جن منجهس پڪ مبارڪ وڌي تڏهن مٺو ٿيو ۽ قافلي وارن ڪم آندو ۽ آسپاس لاءِ سهنج ٿيو.

 

[52]

عورت انجامي، آهي عام سان،

ڏس نصيب نار جو، ڄائي ملي نه ڄام سان،

نر نکيڙي ڇڏي، مير ڪنهن مام سان،

وٺي گس گرام سان، ڪوڪو چوندو ”ڪيريو“ چئي.

 (بُولو ڪيريو)

 

عورت = اُس. ڄام = نبيﷺ.

تر = الله تعاليٰ.  مام = ڪڪر.

 

مراد:  حضورﷺ جن جي مٿان هميشه ڪڪر جي ڇانوَ هوندي هئي ۽ مٿن اُس ڪڏهن به تڙڪو نه ڪيو.

 

[53]

ماروئڙو مارن ۾، هو سهڻو سرير،

نه ڪي وڃي وڳر سان، نه ڪي ڪري پنهنوارن پر،

پوري پريت پنهوار جي، هئي امير سان اپر،

آهي عام خبر، ملڪ سڄي ۾ ”موريو“ چئي.

 

ماروئڙو = ڪڪر. وڳر = ٻيا ڪڪر.

امير = حضورﷺ جن.

 

مراد:  حضورﷺ جن جي مٿان هميشه هڪ ڪڪر ڇانوَ ڪري بيٺو هوندو هو. حضورﷺ جن جيڏانهن به ويندا هئا ته هو ساڻن گڏ هلندو هو.

 

[54]

مينڌري ڏي ماڻهو موڪلائين، ڪري راڻي ڏي رهبر،

تو ريءَ ميان مينڌرا! مان ڀانين هي بَرُ،

والي وسيلا وَرُ، مون جهڙي مسڪين تي.

 

مينڌرو = حضورﷺ جن. مان = ڪافر ڏانهن اشارو.

 

مراد:  حضورﷺ جن بلور واري واٽ تان شام ملڪ ۾ آيا هئا. اتي جي هڪ ڪافر خواب لڌو هو، جنهن ۾ حضورﷺ جن کي ڏٺو هئائين. پوءِ جڏهن حضورﷺ جن جا پارپتا پيس، تڏهن سندن دعوت ڪيائين ۽ سندن معجزا ڏسي مسلمان ٿيو.

 

[55]

دانهن تنهن جي در تي، اچي پانهن ڌريو پير،

قادر ڪشادو ڪيو، جيڪو سوڙهو هيو سير،

حشمت ساڻ حبيب جي، ٿيا ڍونڍ اچي ڍير،

پوءِ ڦند ڏيائين ڦير، مهل انهيءَ ”موريو“ چئي.

 (موريو کٽي)

 

دانهن = حضورﷺ جن. تنهن = ڪافر ڏانهن

اشارو. سير = دروازي وارو لنگهه. ڍونڍ = بت.

ڦندڦير ڇڏڻ = مسلمان ٿيڻ.

 

مراد:  نصراني جي دعوت تي حضورﷺ جن آيا ته سوڙهو در ڪشادو ٿي پيو ۽ بت ڊهي پيا. اهي معجزا ڏسي هو مسلمان ٿيو.

 

’ريان‘ ڪافر جو اسلام تي اچڻ:

 

        چون ٿا ته حضورﷺ جن کي الله تعاليٰ وٽان حڪم مليو ته مصر جي بادشاهه ’ريان‘ کي اسلام جي دعوت ڏي. حضورﷺ جن اهو حڪم ٻڌي مصر ڏانهن روانا ٿيا. اتي پهچي بادشاهي باغ ۾ نماز پڙهڻ جي خيال سان هڪڙي وهندڙ اڏ مان وضو ڪيائون ته اڏ وارو پاڻي کير ٿي وهي وڃي وڻن جي چُلهن ۾ پيو. باغ جي مالهي اهو کير ڏسي ريان بادشاهه سان وڃي حقيقت ڪئي، جا ٻڌي هو خود باغ ۾ آيو ۽ اچي حضورﷺ جن سان ملاقات ڪيائين. حضورﷺ جن ڳالهين ڪندي کيس اسلام جي دعوت ڏني. ’ريان‘ حضورﷺ جن تي شرط وڌو ته هيءَ سڪل بنڊ سائو ٿي ڦر ڏئي ته آءٌ اسلام قبول ڪندس. حضورﷺ جن الله تعاليٰ جي دربار ۾ سوال ڪيو ته اهو سڪل بنڊ سائو ٿيو ۽ ڦر ڏنائين. ريان سان گڏ سندس ستن سالن جي ڇوڪري به گڏ هئي. جنهن اهو ڦر (جو چون ٿا ته انب هو) کاڌو ته حاملا ٿي ۽ اتي جو اتي سفيد ڏاڙهيءَ سان پٽ ڄڻيائين، جنهن شاهدي ڏني ته، هي برابر آخري زماني جو نبي آهي. نبوت جي شاهدي ملڻ تي ريان ۽ ساڻس گڏ آيل ماڻهو سڀ مسلمان ٿيا.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[56]

ساراهيان سچو ڌڻي، ٻيو ساراهيان سرور،

جوان آيو هو جوءِ ۾، ڪنهن اهڙي اسڻ اکر،

نر چڙهي نهوار تي، ڪو هٿ وڌو هيڪر،

راضي ٿيو، رنگ مٽيو، اوڏي مهل اپر،

س واهڙ وهي هليو، ڪا ٻڌي ڌم ڌچر،

ڪن تنهن حلال ڪلال جا، سي پر ڪيا پرور،

خوشبوءِ منجهن ”خاصخيلي“ چئي. عطر مشڪ عنبر،

ڪري نيڪ نظر، وڃي ڏاها ڳولج ڏور کي.

 (حاجي حاميد خاصخيلي)

 

جوان = حضورﷺ جن. جوءِ = ريان جي بادشاهي.

نهوار = اڏ جو ڪپ. رنگ = پاڻي مٽجي کير ٿيو.

واهڙ = اڏ. ڪن = وڻن جا چلها. ڪلاڪ = ريان.

خوشبوءِ = ڪلمون سڳورو.

 

مراد:  حضورﷺ جن مصر ۾ اچي ريان جي باغ ۾ لٿا ۽ اڏ مان وضو ڪيائون ته اهو پاڻي کير ٿي پيو.

 

[57]

وير ته انهيءَ ويري ۾، ويو سونهن ڀريو سلطان،

هو به ولر کؤن وڇڙي ويو، پوءِ هيس سورن جو سامان،

پوءِ هن به اچي هوت سان، ڪيو بات بيان،

اشاري عاشق جي سان، بيٺو پر ڪري پهلوان،

پوءِ مالڪ ٿيو مهربان، انهيءَ سان ”الهه بخش“ چئي.

 (الهه بخش)

 

ويو = حضورﷺ جن. هو = وڻ ڏانهن اشارو.

سورن جو سامان هجڻ = مڪي وڃڻ.

هن = ريان ڏانهن اشارو. هوت = حضورﷺ جن.

پر ڪرڻ = ڦر جهلڻ. پهلوان = وڻ.

انهيءَ = ريان ڏانهن اشارو.

مراد:  حضورﷺ جن ريان جي شرط تي، سڪل بنڊ کي سائو ڪري ان مان ميوو پيدا ٿيڻ جو معجزو ڏيکاري کيس اسلام تي آندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org