سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :14

حضرت موسيٰ عليہ السلام چوطرف نهاريو ته طورسينا طرف روشني ڏٺائين ۽ اوڏانهن رخ رکيائين. اتي پهتو ته آواز آيس ته جتي لاهي پري ڪر. ڇاڪاڻ ته هيءَ پاڪ جاءِ آهي. حضرت موسيٰ عليہ السلام جتي لاٿي ته ڀٽون ٿي پيئي. وري عصا کي هٿ مان ڇڏيائين ته نانگ ٿي پيئي. اتي حضرت موسيٰ عليہ السلام حيران ٿيو ۽ ڊنو. وري آواز آيو ته اي موسيٰ! تون ڪوبه خوف نه ڪر ۽ تون انهي نانگ کي هٿ ۾ کڻ! حضرت موسيٰ عليہ السلام جيئن نانگ کي جهليو ته ساڳي عصا ٿي پيئي. آواز ٿيس ته پنهنجو هٿ گريبان ۾ وجهي ٻاهر ڪڍ! حضرت موسيٰ عليہ السلام ائين ڪيو ته سندس هٿ بي عيب اڇو ۽ نوراني ٿي پيو. انهن ٻنهي معجزن کان پوءِ رب جو حڪمٿيس ته هاڻي مصر ۾ وڃي فرعون کي حق جي دعوت ڏي. ڇاڪاڻ ته اهو ۽ سندس قوم بدڪار ٿي چڪي آهي. اهو حڪم ٻڌي حضرت موسيٰ عليہ السلام عرض ڪيو ته منهنجو عيال اڪيلو آهي ۽ ڌڻ ۾ ڌنار ڪونهي. انهيءَ تي آواز آيو ته اسان بيبي صفوران جي پاڻ سنڀال ڪنداسون. ان بعد حضرت موسيٰ عليہ السلام الله تعاليٰ کي عرض ڪيو ته منهنجي زبان مان لڪنت ڪڍي وڃي ۽ منهنجي ڀاءُ هارون کي هر ڪم ۾ منهنجو مددگار ڪيو وڃي. الله تعاليٰ سندس سوال قبول ڪيو. جنهن بعد مصر ڏانهن رخ رکيائين ۽ اچي پنهنجي گهر پهتو. گهر جا ڀاتي جن کيس پهريائين ته ڪونه سڃاتو، مگر حضرت هارون عليہ السلام جي اچڻ کان پوءِ حضرت موسيٰ عليہ السلام کي سڃاڻي خوش ٿيا. پوءِ خدا جي حڪم موجب حضرت موسيٰ عليہ السلام حضرت هارون عليہ السلام کي ساڻ ڪري فرعون وٽ آيو ۽ کيس اسلام جي دعوت ڏنائين. فرعون حضرت موسيٰ عليہ السلام کان معجزي جي طلب ڪئي، جنهن تي پاڻ ڪڇ ۾ هٿ وجهي ٻاهر ڪڍيائين ته هٿ مان شعاع نڪرڻ لڳو، وري پنهنجي عصا کي پٽ تي ڇڏيائين ته ارڙ نانگ ٿي پيو. جنهنڪري ڪيترا ماڻهو ڊپ ۾ مري ويا ۽ ڪيترا ميدان ڇڏي وٺي ڀڳا. ان بعد حضرت موسيٰ عليہ السلام نانگ ۾ هٿ وڌو ته ساڳي عصا ٿي پيئي. اها حالت ڏسي مصر جا ماڻهو فرعون کي چوڻ لڳا ته هي ٻئي ڀائر جادوگر آهن ۽ ڀائين ٿا ته هنن کي هتان ڪڍي اسين حڪومت ڪريون. انهيءَ تي فرعون حضرت موسيٰ عليہ السلام کي چيو ته تون جادو سکي آيو آهين، اسان وٽ به جادوگر رهن ٿا. پوءِ هڪ ڏينهن مقرر ڪري حضرت موسيٰ عليہ السلام کي پنهنجي جادوگرن سان مقابلي ڪرڻ جي دعوت ڏنائين، جا هن قبول ڪئي. مقرر ڏينهن ۾ ڇهه مهينا کن هئا، انهيءَ وچ ۾ فرعون پنهنجي ملڪ جي سڀني جادوگرن کي حضرت موسيٰ عليہ السلام جي مقابلي لاءِ تيار ڪيو. آخر اهو ڏينهن آيو ۽ سڀئي جاودگر پنهنجي پنهنجي جادو جو سامان تيار ڪري ميدان تي آيا. حضرت موسيٰ عليہ السلام به عصا کڻي اچي هڪ مٿانهين جاءِ تي بيٺو ۽ جادوگرن کي پهرين وارو وٺڻ لاءِ چيائين. جاودگرن پنهنجي جادو جي زور سان سڄي ميدان ۾ نانگ ڇڏيا جي ڊوڙون پائڻ لڳا. جڏهن جادوگرن پنهنجو وارو ختم ڪيو، تڏهن حضرت موسيٰ عليہ السلام پنهنجي لٺ کي پٽ ۾ اڇليو ته خدا جي حڪم سان هڪ وڏو ارڙ نانگ ٿي پيو، جنهن جادو جا پيدا ٿيل سمورا نانگ ڳڙڪائي ڇڏيا. اها حالت ڏسي گڏ ٿيل ماڻهو ڊپ وچان وٺي ڀڳا. فرعون پڻ دهشتگ کان وٺي ڀڳو ۽ وڃي لڪو. ان کان پوءِ حضرت موسيٰ عليہ السلام وري نانگ ۾ هٿ وڌو ته ساڳي لٺ ٿي پيئي. اها حالت ڏسي سڀني جادوگرن حضرت موسيٰ عليہ السلام تي ايمان آندو.

انهيءَ واقعي کان ويهه سال پوءِ هڪڙي ڀيري فرعون جي زال بيبي آسيته جي هٿ مان ڦڻي وارن کي ڏيندي پٽ تي ڪري پئي ته سندس وات مان بي اختيار نڪري ويو ته هاڻي فرعون جلد مرندو. اتفاق سان فرعون اتي موجود هو، جنهن اهي الفاظ ٻڌي بيبي آسيته کان پڇيو ته تون حضرت موسيٰ عليہ السلام تي ايمان آندو آهي ڇا؟ سچ پچ بيبي آسيته مسلمان ٿي چڪي هئي، ۽ چاليهن سالن کان لڪ ڇپ ۾ الله جي عبادت پئي ڪيائين. تنهن ٺهه پهه هائو چئي فرعون سان اقرار ڪيو. هن پنهنجيءَ زال کي گهڻو ئي لالچايو ۽ دڙڪا تاب ڏنا، مگر بيبيءَ کيس جواب ڏيئي ڇڏيو ۽ اسلام تان ڦرڻ کان صاف انڪار ڪيائين. تنهن تي فرعون کيس طرحين طرحين عذاب ۽ سخت تڪليفون ڏنيون. اهڙي حالت ڏسي بيبي صاحبه الله تعاليٰ کي سوال ڪيو. سندس سوال قبول پيو ۽ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وڃي جنت ۾ جاءِ وسايائين (1).

حضرت موسيٰ عليہ السلام ساندهه ست سال فرعون کي اسلام جي دعوت ڏيندو رهيو، مگر هن ويتر حضرت موسيٰ عليہ السلام کي قتل ڪرائڻ جا سانباها ڪرڻ لڳو. آخر حضرت موسيٰ عليہ السلام فرعون جي تڪليفن کان تنگ ٿي جڏهن شهر ٿي ڇڏيو. تڏهن قبطين کيس گهيرو ڪيو. مگر الله تعاليٰ شينهن کي حڪم ڪيو، جي دروازي تي ٿي بيٺا ۽ قبطين کي اچڻ نه ڏنائون. اها حالت ڏسي حضرت موسيٰ عليہ السلام فرعون جي قوم تي عذاب نازل ڪرڻ لاءِ خدا تعاليٰ کي عرض ڪيو. خدا جي قدرت جو ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو ۽ سڀ ماڻهو حضرت موسيٰ عليہ السلام وٽ اچي آزيون نيازيون ڪري ٻاڏائڻ لڳا. وري حضرت موسيٰ عليہ السلام جي دعا گهرڻ تي سخت مينهن پيا، جنهن ڪري ٿوري ئي وقت ۾ ملڪ وري سرسبز ٿي ويو. اهڙيءَ ريت ڪيترائي ڀيرا فرعون جي قوم تي عذاب نازل ٿيا ۽ حضرت موسيٰ عليہ السلام جي دعا سان عذاب مان آزاد ٿيا، مگر ڪڏهن به مٿس يقين نه آندائون. تڏهن الله تعاليٰ حڪم ڪيو ته هاڻي بني اسرائيل، قبطين کان ۽ تون فرعون کان زر زيور هٿ ڪري رات وچ ۾ شهر مان نڪري وڃو. ڏينهن جو بني اسرائيلن قبطين کان ڪنهن وڏي ڏينهن ملهائڻ جي بهاني سان ڳهه ڳٺا ورتا. حضرت موسيٰ عليہ السلام وري فرعون وٽ ويو. جنهن خوشيءَ سان ڪيترا زيور آڻي اڳيان رکيا، پوءِ هو ان رات ئي سهي سنبري شهر ڇڏي روانا ٿي ويا.

جڏهن فرعون کي خبر پئي تڏهن لشڪر ساڻ وٺي حضرت موسيٰ عليہ السلام جي پويان پيو. حضرت موسيٰ عليہ السلام نيل ندي تي پهچي ڏسي ته فرعون اچي نزديڪ ٿيو آهي، سو عصا کڻي نيل نديءَ ۾ هنيائين ته رستو ٿي پيو، جنهن سان پنهنجا ماڻهو وٺي نيل ۾ ڪاهي پيو. فرعون ڏٺو ته حضرت موسيٰ عليہ السلام نيل ۾ ڪاهي پيو آهي، تڏهن پويان پير ڪري ڀڳو، پر جبرئيل سندس گهوڙي جي واڳ وٺي لشڪر به نيل ندي ۾ منهن ڏسن. فرعون کي نيل ۾ ڏسي سندس لشڪر به نيل ۾ ڪاهي پيو،. خدا جي قدرت سان پاڻي مٿان وري وين ۽ فرعون سڄي لشڪر سميت ٻڏي مئو. فرعون جي ٻڏڻ کان پوءِ بني اسرائيل موٽي شهر ۾ آيا، فرعون ۽ سندس پوئلڳن جي سڀ ملڪيت پنهنجي قبضي ۾ ڪيائون.

چون ٿا ته بني اسرائيلن، قبطين جون ننڍيون وڏيون زالون ۽ ٻار وٺي پاڻ وٽ وهاريا.

چون ٿا ته هڪ مائي فرعون جي محلات جي ڀرسان رهندي هئي، جنهن جو ننڍڙو پٽ اکين اٿڻ سبب روئڻ لڳو، ان تي فرعون ڪاوڙجي معصوم کي مارائي ڇڏيو هو، تڏهن مائيءَ خدا کي سوال ڪيو هو ته فرعون کي نيل ۾ ٻوڙ ته سندس ڏاڙهيءَ مان موتي پٽيان (فرعون جي ڏاڙهي جواهرن سان ڳتيل هئي). ان ڏينهن مائي نيل جي ڪپ تي ڪپڙا پئي ڌوتا ته فرعون جو لاشو لڙهندو آيو ۽ اچي انهيءَ هنڌ اٽڪي بيٺو. مائي فرعون کي سڃاڻي سندس ڏاڙهيءَ ۾ هٿ وجهي موتي پٽيا ۽ ڏاڍي خوش ٿي.

فرعون جي مرڻ کان پوءِ حضرت موسيٰ عليہ السلام طور سينا جبل تي ويو ۽ الله تعاليٰ کي عرض ڪيائين ته مون کي پنهنجو جلوو پساء. اوچتو هڪ نور جي تجلي پيدا ٿي، جنهن جي تاب کان هو بيهوش ٿي ڪري پيو ۽ طور سينا جبل جلي ڪارو ٿي ويو.

چون ٿا ته طور سينا سڙڻ تي دانهن ڪئي ته آءٌ هاڻي ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جهڙو نه ٿيس. تنهن تي حضرت موسيٰ عليہ السلام چيس ته هاڻي پاڻ تنهنجو ڀاڳ وريو جو تنهنجي جاءِ هرهڪ انسان جي اک ۾ ٿيندي.

مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[1]

سهڻي گهڙي سير ۾، اُٿي آڌيءَ رات،

ڪميون ڪچئون ڪيترا، ٻي لڌڙن سندي لات،

ساهڙ پيو هو صبر ۾، اڳيان مرون پيو هو مات،

ساهڙ سهڻيءَ پاڻ ۾، ڪئي بلوچڪي بات،

الله انهيءَ رات، پنهنجي سڀ پوري ڪئي.

 

سهڻي =حضرت موسيٰ عليہ السلام جي والده

ڪميون، لڌڙا ۽ ڪڇئون = پهريدار.

ساهڙ = حضرت موسيٰ عليہ السلام جو والد.

مرون = فرعون. بلوچڪي بابت ڪرڻ = حق شرع

پاڙڻ. پنهنجي = حضرت موسيٰ عليہ السلام.

 

مراد: حضرت موسيٰ عليہ السلام جي سرجڻ کان اڳ فرعون حڪم ڪيو هو ته ڪوبه بني اسرائيل پنهنجي زال سان حق شرع نه پاڙي. حضرت موسيٰ عليہ السلام جو پيءُ فرعون وٽ نوڪري ۾ هو، بيبي صاحبه چوڪيدارن هوندي به وڃي مڙس وٽ پهتي. حضرت موسيٰ عليہ السلام ان رات سرجيو. الله تعاليٰ پنهنجيءَ قدرت سان فرعون جي ڪوشش کي ناڪام بنائي ڇڏيو.

 

[2]

ڪاري رات ڪچو گهڙو، اوڻٽيهين اونداهي،

چنڊ نالو ناهه ڪو، درياءَ دڙلائي،

ساهڙ خاطر سهڻي، آڌيءَ تي آئي،

اهو ڪم الاهي، نه ته ڪنن ۾ ڪير گهڙي.

 

درياءَ = فرعون. ساهڙ = عمران.

سهڻي = حضرت موسيٰ عليہ السلام جي والده.

ڪُن = تڪليفون. دڙ لائڻ = پهرا مقرر ڪرڻ.

 

مراد: حضرت موسيٰ عليہ السلام جي والده خدا جي حڪم موجب فرعون جي ايڏي زبردست پهري ۽ بندوبست هوندي به پنهنجي مڙس عمران وٽ وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي.

 

[3]

سسئي پيئي سڏڙا ڪري، ته ادا! اوري آءُ،

بنائي ڏينم، بنگلو، جانب ڪارڻ جاءِ،

ته سير وهاريان محلات ۾، ادا لڳ الله!

اڄ ڪهي سنجهه صباح، منهنجو ساجن ويندو سفرين.

 

سسئي = حضرت موسيٰ عليہ السلام جي ماءُ.

آري = جبرئيل. بنگلو = پيتي.

جانب = حضرت موسيٰ عليہ السلام

 

مراد: حضرت موسيٰ عليہ السلام جي والده خيال ڪيو ته ڪو واڍو هٿ لڳي ته صندوق ٺهرائي ان ۾ حضرت موسيٰ عليہ السلام کي وجهي، الله جي آڌار نيل نديءَ جي حوالي ڪري ڇڏيان. گهر کان ٻاهر نڪتي ته جبرئيل واڍڪن اوزارن سان اتان اچي لنگهيو. ان کي ڏس ڪري صندوق ٺاهي ڏيڻ لاءِ چيائين، جنهن کيس گهربل صندوق ٺاهي ڏني.

 

[4]

رات به راڻي ڏي هلي، منڌ ڇڏي محلات،

سُڌ نه هئي سوڍي کي، ته راڻي ايندي رات،

راڻي جي رهاڻ جي، ٿي راڻيءَ کي رعات،

پرهه ڦٽي پرڀات، مومل موٽي ماڳ تي.

 

راڻو = عمران. منڌ = حضرت موسيٰ عليہ

السلام جي والده. محلات = گهر.

 

مراد: حضرت موسيٰ عليہ السلام جي والده، رات جو پهريدارن جي هوندي، پنهنجي مڙس عمران وٽ پهتي، حضرت موسيٰ عليہ السلام ان رات ئي سرجيو.

 

[5]

سوين آيون سهڻيون، ساهڙ وٽ سنڀي،

هڪڙي تن مان هنڌ تي، راجا وٽ رهي،

پوءِ ساهڙ ڪري سهي، ميهڙ لاتي من سان.

 

سهڻيون = دايون. هڪڙي = حضرت موسيٰ

عليہ السلام جي والده ڏانهن اشارو.

ساهڙ = حضرت موسيٰ عليہ السلام.

 

مراد: حضرت موسيٰ عليہ السلام فرعون جي زال بيبي آسيته جي سفارش سان صندوق مان لڌل حضرت موسيٰ عليہ السلام جي نپائڻ لاءِ ڪيتريون دايون گهرايون، مگر هن ڪنهن جي ٿڃ نه پيتي ۽ روئندو رهيو، پر جڏهن سندس ماءُ آئي، تڏهن ان جي گود ۾ ماٺ ڪيائين ۽ ان جي ٿڃ ورتائين.

 

[6]

واءُ لڳو مند ٿي، دَنگي ني دوفان،

ڇوهي نيئي اتي ڇڏي، جتي واٽ وڃڻ جي ڪانه،

سي ستا جاڳيائي ڪينڪي، جهڙا مئا منجهه مڪان،

تنهن منجهان باريءَ بڇايا، آگي ٻه انسان،

مرد موچاري اکرين، هئي مهري وڏي مان،
ٻنهي جي رغبت رس پئي، جيئن فرمائي رب رحمان،

سالڪ ڏي بيان، ته اهي جيئرا ڪيئن جهان ۾؟

 

دنگي = حضرت موسيٰ عليہ السلام جي والده.

دوفان = قدرت. ڇوهو = قدرت.

ستل = پهريدار. ٻه = حضرت موسيٰ عليہ السلام

جي والده ۽ والد. رغبت = حق شرع.

 

مراد: فرعون جي پهري هوندي به حضرت موسيٰ عليہ السلام جي والده عمران وٽ پهتي، پهريدار ستائي رهيا، ۽ حضرت موسيٰ عليہ السلام ان رات سرجيو.

 

[7]

سهڻيءَ وڌو سير ۾، لوڪئون لڪائي،

ڳجهه اندر جون ڳالهڙيون، ڳرهي ۽ ڳائي،

ميهر ملهائي، ڪڻڪي نڪتو ڪُن مان.

 

سهڻي = حضرت موسيٰ عليہ السلام جي ماءُ.

وڌو = حضرت موسيٰ عليہ السلام ڏانهن اشارو.

سير = باهه. ميهر = الله تعاليٰ.

ڪُن = چُلهه.

 

مراد: حضرت موسيٰ عليہ السلام رات جو ڄائو هو سندس والده جيئن جاسوس دايون اينديون ڏٺيون تڏهن پنهنجي پٽ کي کڻي تنور ۾ اُڇلي ڍڪ ڏيئي ڇڏيو. دايون جاچ ڪري هليون ويون. بيبي صاحبه انهن جي وڃڻ کان پوءِ ڍڪ لاهي ڏسي ته حضرت موسيٰ عليہ السلام اندر زندهه سلامت هو ۽ هن کي ڪا تڪيلف نه پهتي هئي.

 

[8]

ٻڌي ٻولي ٻين جي، رنج ٿي راڻي،

وڌائين کوهر ۾، هٿن سان آڻي،

نه ڄاڻا هاڻي، ته ميلو ٿيندو ڪڏهن.

 

ٻيون = فرعون جون جاسوس دايون.

راڻي  = حضرت موسيٰ عليہ السلام جي والده.

وڌائين = حضرت ايوب عليہ السلام ڏانهن اشارو.

گوهر = باهه

 

مراد: فرعون جي حڪم موجب جاسوس زالون بني اسرائيل جي گهر گهر جي روزانو جانچ ڪنديون هيون. جنهن ڏينهن حضرت موسيٰ عليہ السلام ڄائو هو ان ڏينهن به سندس ماءُ هنن جي اچڻ جو آواز ٻڌي حضرت موسيٰ عليہ السلام کي گرم تنور ۾ وجهي ڍڪي ڇڏيو، جڏهن اهي ويون تڏهن ارمان ٿيس ته معصوم کي ناحق تنور ۾ وڌم. پر الله تعاليٰ جي حڪمت جو هن جڏهن تنور جو ڍڪ لاهي ڏٺو ته حضرت موسيٰ عليہ السلام صحيح سلامت ڏسڻ ۾ آيس.

 

[9]

وٺو راهه رسول جي، ويو اٿو سچ ٻڌائي سردار،

قمرالدين تان قيس لاءِ، ڪيا ٻه شيشا تيار،

عاشق نه عليل هو، جنهن کي ٿيو کائڻ ساڻ خمار،

انهيءَ ليليٰ کي لغار، لڳي مجني جي مستيءَ جي.

 

قمرالدين = فرعون. قيس = حضرت موسيٰ عليہ السلام.

شيشا = تالهه. عاشق = حضرت موسيٰ عليہ السلام

عليل = اڻڄاڻ. ليليٰ = زبان. لغار = لهس (ٽانڊن جي).

 

مراد: حضرت موسيٰ عليہ السلام جڏهن معصوميت ۾ فرعون جي ڏاڙهي ۾ هٿ وڌو، تڏهن هي ڪاوڙجي حضرت موسيٰ عليہ السلام کي قتل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، مگر بيبي آسيته (فرعون جي زال) هن جي ناسمجهي ڏيکارڻ لاءِ ڇا ڪيو جو ٻه ٿالهه، هڪ ٽانڊن جو ۽ ٻيو هيرن جواهرن جو ڀري، حضرت موسيٰ عليہ السلام جي آڏو رکايائين، ته هن ٽانڊن واري ٿالهه ۾ هٿ وجهي ٽانڊا کڻي وات ۾ وڌا، انهيءَ طرح فرعون جي ته ڪاوڙ ڍري ٿي، پر حضرت موسيٰ عليہ السلام جي زبان کي لهس اچي ويئي.

 

[10]

ڀري مٺ مڱر، دانهه وڏي دڦ ۾،

ڏسي عبرت آگي جي، ڪرَ کنئي ڪافر.

اها مڻيا معصوم کي، ڏني ڏيهه ڌڻي ڏاتر،

”کٽي“ چئي خبر، وڃي پڇو پڙهين کان.

(موريو کٽي)

 

مڱر = ٽانڊا. دانهه = حضرت موسيٰ عليہ السلام.

دڦ = وات. ڪافر = فرعون.

 

مراد:  آزمائش طور حضرت موسيٰ عليہ السلام جي اڳيان ٻه شيون موتي ۽ ٽانڊا رکيا ويا، مگر هن ٽانڊن جي مٺ ڀري وات ۾ وڌي. اهو ڪم به الله تعاليٰ جي حڪم مطابق ٿيو، جو جبرئيل سندس هٿ ٽانڊن ڏانهن وڌايو تڏهن ئي حضرت موسيٰ عليہ السلام جي اڻڄاڻائي ثابت ٿي ۽ فرعون جي ڪاوڙ ڍري ٿي.

 

[11]

ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب رب ستار،

مومل ويٺي آهي محل ۾، بيشڪ باغ بهار،

سوڍن آئي سور ٿيس، ويس هار سينگار،

دل مٿي دهڪار، ڏاڍو ٿيس ”ڏاڙهون“ چئي.

(ڏاڙهون)

 

مومل = زبان. محل = وات. سوڍن = ٽانڊا.

دهڪار = ڳنڍ.

 

مراد: حضرت موسيٰ عليہ السلام آزمائش وقت ٽانڊا کڻي وات ۾ وڌا ته زبان کي سيڪ اچي ويو، جنهن ڪري هو ڳالهائڻ ۾ هڪڙائيندو هو.

 

[12]

ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب رب سچو،

ٻڌجو اوهين ”ٻروچ“ چئي، هي سر به سوڍل جو،

ڍوليو هليو ڍٽ تان،. ٿيس حڪم حاڪم جو،

ڪاهي آيو ڪاڪ تي، جتي هو ڪڙڪو ڪلن جو،

گجر ٿي گڏ هڻي، اِنهيءَ گام گجر،

ڪيا منڌ مقابلا، تنهن سان سنڊي ڪونه سگهيو،

پوءِ تنهن تخت تهوارون ڪيون، راڻي راجا نند جو.

(جاڙو خان مري)

 

ڍٽ = طورسينا جبل. حاڪم = خدا پاڪ.

ڍوليو  = حضرت موسيٰ عليہ السلام.

ڪاڪ = مصر. منڌ = عصا.

راڻي حضرت موسيٰ عليہ السلام.

راجا نند = فرعون.

 

مراد: خدا تعاليٰ حضرت موسيٰ عليہ السلام کي طور سينا جبل تي حڪم ڪيو هاڻي وڃي فرعون کي حق جي دعوت ڏي، جو هو بدڪار ٿي چڪو آهي. پوءِ حضرت موسيٰ عليہ السلام فرعون جي درٻار ۾ اچي ان کي لٺ جو معجزو ڏيکاريو. اها لٺ هن زمين تي ڇڏي ته نانگ ٿي پيئي. آخر ڪار هن فرعون کي تباهه ڪيو.

 

[13]

مارو ٿا مارين، الله تون مارن کي مار،

ٻه ور هڪ ڪامڻ، اهي گهر ۾ ڪيئن گهارين،

مون کي ٿيون مارين،  پر لوئان لوهارن جون.

 

مارو = فرعون. ٻه ور = ٻه خدا.

ڪامڻ = آسيته. لوهار = فرعون.

 

مراد: فرعون جي زال بيبي آسيته حضرت موسيٰ عليہ السلام تي ايمان آندو، تنهنڪري فرعون کيس سخت تڪليفون ڏيندو هو. کيس اگهاڙي لڱين گرم واريءَ تي سمهاري هٿن ۾ ڪليون ٺوڪارايائين، مگر هن کيس خدا ڪري ڪڏهن به نه مڃيو.

 

[14]

گورِي ڇري ٻيٽ ۾، آندو نه اَٿس پيٽ ۾،

ڏس قادر جي قدرت، جو ڳورِي چري ٻيٽ ۾.

 

گورِي = لٺ. ٻيٽ = مقابلي جو ميدان.

 

مراد: فرعون جڏهن حضرت موسيٰ عليہ السلام جي مقابلي لاءِ جادوگر گهرايا ۽ انهن جادو جي وسيلي حضرت موسيٰ عليہ السلام کي ڊيڄارڻ لاءِ وڏا وڏا طلسمي نانگ پيدا ڪيا. تڏهن حضرت موسيٰ عليہ السلام الله تعاليٰ جي حڪم موجب پنهنجي لٺ انهن نانگن ڏانهن اڇلائي، جا نانگ بنجي اُنهن طلسمي نانگن کي ڳڙڪائي ويئي.

 

[15]

ٻيا سڀ تنهنجا خلقيا، آءٌ تنهنجي خلقي ڪان،

ٻيا سڀ کائن پين تنهنجو، آءٌ تنهنجو کاوان ڪان،

ٻيا سڀ ماريءَ مرن تنهنجي، آءٌ تنهنجي ماريءَ مران ڪان،

پر مان ته مڃان ئي ڪانه، ٻين جو هوندين الله تون.

 

تنهنجا = فرعون ڏانهن اشارو.

آءٌ = بيبي آسيته ڏانهن اشارو.

 

مراد: فرعون جي زال آسيته حضرت موسيٰ عليہ السلام تي ايمان آندو، تنهنڪري هن کيس طرح طرح جون تڪيلفون ڏنيون، هوءَ تڪليفون سهندي به کيس الله ڪري مڃڻ کان انڪاري هئي.

 

[16]

مٽي ڪيئن مٽي وئي، جهاڳندي سير ۾،

نه ڪي چاڙهه چڪڙ کي، نه ڪي گهيڙ گهٽي،

پاڻي سڀ پٽي، جڏهن سهڻي ڀانيو سير جو.

 

سهڻي = فرعون جي زال. سير = بهشت.

 

مراد: فرعون جي زال بيبي آسيته، فرعون کي خدا ڪري ته نه مڃيو. تنهنڪري کيس سخت تڪليفون ڏنيون، جي سهي شهيد ٿي ۽ جنت حاصل ڪيائين.

 

[17]

ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب رب سچو،

سسئي جي سورن جو، سارو سڻ قصو،

اها ته ’نائون‘ نظر نه ڪئي، جنهن ڪيو ڪم ڪچو،

ٻانڀڻ ٻاڪرون ڪري، آسڻ اُن اچيو،

ڏمريس ڏيهه ڌڻي، مالڪ ملڪن جو،

تنهن جا تختا تهوارون ٿيا، وري ڀنجهر ڪونه بچيو،

ڌوٻڻ ڏوئيندي ڪپڙا، تنهن جو سائينءَ سڏ سئو،

کڻي کٽياڻي خوش ٿي، تنهن جو لهي گوندر غم ويو،

ڪامل تنهن ڪيچ مان، آيو ٻهڪي ٻاروچو،

بيشڪ تنهن ڀنڀور ۾، ٿيو پهرو پنهل جو،

اهو ته هو قدرت ڪم ڪيو، جاءِ انهيءَ ”جاڙو“ چئي.

(جاڙو خان مري)

سسئي = ھرين مائي. نائون = فرعون.

ڏيهه ڌڻي = الله تعاليٰ.

مراد: هڪ غريب ڌوٻڻ جو گهر فرعون جي پاڙي ۾ هو. مائيءَ جي ٻار جون اکيون اٿي پيون، انهيءَ ڪري هو گهڻو روئڻ لڳو. روڄ کي فرعون ناپسند ڪري اهو ٻار مارائي ڇڏيو. مائي ويچاري روئندي الله تعاليٰ کي سوال ڪيو ته رب منهنجا! هن ظالم کي نيل نديءَ ۾ ٻوڙي مار ته سندس ڏاڙهيءَ مان موتي پٽيان، جيڪي سندس ڏاڙهي ۾ ڳتيل آهن. الله تعاليٰ جو شان جو فرعون نيل ۾ ٻڏي مئو ۽ سندس لاش اچي مائي جي داٻڙي سان لڳو، جنهن تي مائي ڪپڙا ڌوئي رهي هئس. هن به سٽ ڏيئي فرعون جي ڏاڙهيءَ مان موتي پٽي گڏ ڪيا ۽ مالامال ٿي ويئي.

[18]

’ڀائرن ۾ بڇڙو ٿيس‘، پيو دانهن ڏئي دلبر،

جوان تنهن کي جواب ڏنو، صاف اهو سرور:

توکي گهرائيندا گهر گهر، ٿيو اٿئي مان ”محمد“ چئي.

(محمد فقير ڏيرو)

ڀائر = ٻيا جبل. دلبر = طور سينا جبل.

جوان = حضرت موسيٰ عليہ السلام.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org