سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :22

ڀاڱو ٻيو

پنجتن

[نبي ڪريمﷺ ۽ اصحاب سڳورا]

1- حضرت محمد صلي الله عليہ وسلم

نبيﷺ جن جو نور مبارڪ هن ڪائنات لاءِ زمين آسمانن کان اڳ ڌڻي تعاليٰ پنهنجي نور مان خلقيو هو. حضرت آدم عليہ السلام کان جنن جو جهان هو. جنن الله تعاليٰ جي حڪمن جي انحرافي ڪئي. جنهن ڪري کين نابود ڪيو ويو هو. باقي انهن مان عزازيل کي قدرت بچايو هو. ڇاڪاڻ جو هو وڏو عابد هو، ۽ کيس درجي به درجي آسمانن تي پهچايو ويو ۽ چئن مقرب ملڪن ۾ شمار ٿيو.

چون ٿا ته: عبادت ڪندي ڪندي ستين آسمان تي کيس هڪڙو گنبذ نظر آيو، جنهن کي ڪوبه دروازو ڪونه هو. عزازيل ان گنبذ جي اسرار ڏسڻ لاءِ عبادت ڪئي. آخر کيس گنبذ ۾ اندر وڃڻ جي اجازت ملي. هو اندر وڃي ڏسي ته هڪڙي تختيءَ تي ڪلمون شريف لکيو پيو آهي: لا اِلٰہ اِلاالله محمد رسول الله. عزازيل کي ان ڏينهن کان وٺي نبيﷺ سان حسد جاڳيو.

 

[1]

چنيسر جي چِت ۾ ڪي پڻ اڳي هو،

مڻئي سندو مامرو، تهان پوءِ ٿيو،

ڪانڏ اڳئي ڪٽريو، حرف رکيئين هار جو.

(شاهه)

 

چنيسر = الله تعاليٰ. مڻئو = حضرت آدم

عليہ السلام جو سجدو. ڪانڌ = الله تعاليٰ.

هار = سجدو.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[2]

آدم کان اڳي هو، گنبذ منجهه گرنار،

جنن جوڙيو ڪينڪي، ديوَن کان هو ڌار،

معلوم نه هو ملڪن کي، ري ڌڻيءَ دُوپار،
جوڙي جانب يار، ڳالهه سڻايو ڳجهه جي.

 

گرنار = عرش عظيم

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[3]

گسائين گرنار تي، ويو هڪڙي ڏينهن هلي،

صفت ڏٺي هيئين سهڻي جي، جنهن جو ويو جيءُ جلي،

مڪر ڪيو ”ماڇي“ چئي، ڪيائين چم چلي،
چميو ڏيئي چاهه مان، تنهن پنهنجي پياس پلي،

”نظام الدين“ ناٿ اڳيئون، اها خاص خبر کلي،
پوءِ ترت ڏيئي تلي، ڪڍي ڇڏئين گُر گرنارمؤن.

(نظام الدين ماڇي)

 

گرنار = گنبذ. ويو = عزازيل ڏانهن اشارو.

سهڻي جي صفت = حضورﷺ جن تي

ڪلمو. ناٿ = الله تعاليٰ. گُر = عزازيل.

گرنار = آسمان.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[4]

هو پنوهار پٽ تي، مٿي تنهن ميدان،

سسئي ڏٺائين سڃ ۾، جنهن جا شاهي هئا شان،

اهڙي پري ”پڃارو“ چئي، مون ڪڏهن ڏٺي آهي ڪانه،

قبضي لا ”ڪاسائي“ چئي، هن طرحين هنيا تان،

ڪونه مهري ڏنس مان، جنهن کي لڳل هو ٻاڻ ٻاروچل جو.

(فيض محمد پڃارو)

 

پنوهار = عزازيل. سسئي = پٽي.

تان هڻڻ = حضورﷺ جن جو نالو ڊاهي

پنهنجو لکڻ. مهري = پٽي. ٻاڻ = نالو.

ٻاروچل = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[5]

تي ”علي شير“ چئي، واڍو پيو وڍي،

ڪارائي هن جي ڪٽجي وئي، مالڪ چڏي مُنڊي،

جنهن کي ڳنڍيندڙ ڳنڍي، تنهن کي ڇنڻ وارو ڇا ڪندو.

(علي شير جاگيراڻي)

 

واڍو = عزيزيل. جنهن = پٽي ڏانهن اشارو.

 

مراد:  عزازيل پٽيءَ تي حضورﷺ جن جو نالو ڏسي جلي ويو ۽ ان کي ڊاهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، مگر خدا جي قدرت جو هو پاڻ اتان تڙجي ويو.

 

[6]

ڀچر ڀؤنڪي آيو، راڱو آيو رات،

پئي هنيائين وات، پر ڌڻي ڌڪاري ڇڏيو.

 

ڀچر = عزيزيل. وات هڻڻ = ڦرهي کي چٽڻ.

ڌڪاري ڇڏڻ = گنبذ کان ٻاهر ڪڍڻ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

حضرت عبدالله﷤جي شادي ۽ نُور جي منتقلي:

        چون ٿا ته : حضورﷺ جن جو والد حضرت عبدلله﷤، واپار سانگي ٻاهر ويل هو ۽ سفر تان موٽي پنهنجي ڳوٺ پئي آيو ته واٽ تي هڪ يهودڻ عورت سندس پيشانيءَ ۾ نور جو تجلو ڏسي سهي ڪيو ته هن شخص جي پشت مان ضرور ڪا بزرگ هستي پيد اٿيڻي آهي. تنهنڪري کيس سڏي ساڻس نڪاح ڪرڻ لاءِ عرض ڪيائين. حضرت عبدالله﷤ چيس ته، اڄ رات آءٌ گهر وڃي رهيو آهيان، سڀاڻي موٽي اچي توسان شادي ڪندس. مائي اها ڳالهه ٻڌي کيس اچڻ جو تاڪيد ڪيو ۽ کانئس موڪلائي رواني ٿي ۽ حضرت عبدالله﷤  پنهنجي گهر پهتو. الله تعاليٰ جي قدرت سان انهيءَ ئي رات حضرت عبدالله ﷤ جي پيشاني مان نور منتقل ٿي بيبي آمنه جي بطن ۾ آيو ۽ حضورﷺ جن ان رات سرجيا. اها رات جمع جي هئي ۽ سندس سرجڻ سان قيصر ۽ ڪسريٰ جي ڪوٽن جا ڪنگرا ڪري پيا.

        ٻئي ڏينهن حضرت عبدالله﷤ واعدي مطابق انهيءَ عورت سان نڪاح ڪرڻ جي خيال سان اوڏانهن روانو ٿيو ۽ ان وٽ پهچي، کيس نڪاح لاءِ چيائين. مائي اول ته کيس ڏسي خوش ٿي، پر جڏهن هن جي پيشانيءَ تي نظر پيس ته کيس اهو نُور جو اڳ ڏٺو هئائين. سو غائب ڏسڻ ۾ آيو، پوءِ ساڻس نڪاح ڪرڻ کان انڪار ڪيائين.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[7]

ڪي جو ڏٺائين، مٿي منهن محبوب جي،

انهيءَ مهل عجيب کي، پئي ائين اُتائين،

دانهه ڀي دلاسو ڏنو، ته ايندس صباحين،

پر ڪي جو ڏٺائين، جو ڀڄي پهنور پري ٿي.

 

محبوب = حضرت عبدالله﷤.

دانهن = حضرت عبدالله﷤. پهنور = مائي.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[8]

ڪوٺايو هن ڪاپڙي، منجهان سڪ سڌير،

تون وڃڻ جون وايون ڪرين، مون کي اندر منجهه اُڪير،

هليو وڃي ٿو ”حجام“ چئي، وهندو هتان وير،

ٿيندم ساهه سڌير، سوڍا سلات جي ورين!

(محمد طاهر ٻٻر)

 

تون = حضرت عبدالله﷤ ڏانهن اشارو.

مون = مائي ڏانهن اشارو.

سوڍو = حضرت عبدالله﷤.

سلامت ورڻ = ساڳئي نور سان واپس اچن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[9]

رات وهامي ڏينهن ٿيو، تجلي وئي تمام،

نگهه نه آيو نار کي، ڪالهوڪو ڪلام،

هو ڄاپندي ئي ڄام. سو پهتو پالڻهار کي.

 

تجلي = نبي ڪريمﷺ جو نور.

نار = يهودي عورت. ڪلام = نبي پاڪﷺ

جو نور. ڄام = حضورﷺ جن.

 

مراد:  حضرت عبدالله﷤ يهودڻ سان نڪاح جو واعدو ڪري گهر آيو ۽ رات جو حضورﷺ جن جو نور بيبي آمنه جي بطن مبارڪ ۾ داخل ٿي ويو. ٻئي ڏينهن جڏهن ان مائيءَ وٽ پهتو تڏهن ان کي اڳئين ڏينهن واري تجلي ڏسڻ ۾ نه آئي پوءِ ساڻس نڪاح ڪرڻ کان انڪار ڪيائين ۽ چيائين ته، جنهن چنڊ جي مون کي ضرورت هئي اهو ته ڪنهن ٻيءَ خوش نصيب جي جهوليءَ وڃي جهليو.

 

[10]

نه مُئي هيس، نه ڪاتيءَ ڪٺو،

جنهن مون کي مٺو، سو جت نه پسان جوءِ ۾.

 

جت = حضورﷺ جن جو نور.

جوءِ = حضرت عبدالله﷤ جي پشت.

 

مراد:  يهودڻ عورت، حضرت عبدالله﷤ جي پيشانيءَ مان اڳئين ڏينهن واري تجلي غائب ڏسي چيو ته، جنهن ڳالهه مون کي شاديءَ لاءِ آماده ڪيو، سو هينئر موجود نه آهي، تنهنڪري هاڻي منهنجو ڪو ارادو ڪونهي.

 

نبي ڪريمﷺ جي ولادت:

        حضورﷺ جن جي ولادت سنه 570ع ۾ سومر جي رات مطابق تاريخ ڏهين ربيع اول مڪه معظمه ۾ ٿي. سندن ڄمڻ وقت سڄي شهر ۾ شعاع ٿيو ۽ تجلي سان چوڏهن ئي طبق روشن ٿي ويا، سندن ڏاڏو عبدالمطلب ان وقت ڪعبةالله ۾ هو، هن اتي ڏٺو ته وڻ ٽڻ، ڀتيون وغيره سڀئي ڪعبةالله کي سجدو ڪري رهيا آهن. اها حالت ڏسي کيس تعجب ٿيو. پر اتان جڏهن گهر پهتو ته کيس حضورﷺ جن جي ڄمڻ جي مبارڪ ڏنائون، تڏهن پڪ ٿيس اهو نظارو هن ٻار جي ڪري ئي ظاهر ٿيو آهي. پوءِ حضورﷺ جن کي هنج ۾ کڻي بروقت ڪعبةالله شريف ۾ آيو.

          چون ٿا ته: نبيﷺ جن اڃا والده جي پيٽ ۾ ئي هئا ته بيبي صاحبه کي خواب ۾ آواز آيو: توکي فرزند ڄمندو، ان جو نالو ”محمد“ رکجانءِ، اهو الله جو نيڪ ۽ پيارو رسول بنبو. انهيءَ بشارت سبب ئي حضورﷺ جن جو نالو ”محمد“ رکيائيون.

        چون ٿا ته: نوشيروان جي وزير بزرجمهر هڪڙي دفعي درٻار ۾ چيو ته: عرب ملڪ ۾ هڪڙو نبي پيدا ٿيندو، جو گنهگارن جي شفاعت ڪندو. نوشيروان هن جي اها ڳالهه ٻڌي کيس هڪ آئينو ڏيکاريو ته هو نابينا ٿي پيو. پوءِ سندس چوڻ تي ماڻهو کيس ڪعبةالله شريف ۾ ڇڏي ويا، جتي حضرت عبدالمطلب سندس پرداخت ڪندو هو. بزرجمهر کي اها خبر هئي، ته حضورﷺ جن جي ڄمڻ تي زمين لرزش ۾ ايندي ۽ ساري ملڪ ۾ نور جي روشنائي ٿيندي. جڏهن زمين کي لرزش آئي، تڏهن عبدالمطلب کي عرض ڪيائين ته جيڪو نينگر اڄ پيدا ٿيو آهي، سو مهرباني ڪري کڻي اچ. عبدالمطلب هن جو عرض مڃي حضورﷺ جن کي کڻي ڪعبةالله شريف ۾ آيو. بزرگ جمهر حضورﷺ جن جون کڙيون مبارڪ پنهنجي اکين تي گهمايون ته سندس نابينائي غائب ٿي ويئي ۽ کيس سڀ ڪجهه ڏسڻ ۾ آيو.

مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[11]

موران مور نه چڻيون، هي ڪيئن ڍٽ ڍَليون؟

بحري بيٺيون بانبڙيون، بيٺيون ڀر جهليون،

قدرت ڏسي قادر جي، ويس ويڙهي وهم وليون،

جيءَ اندر ”جانڻ“ چئي، هو آيو مر ملهيون،

ڳجهه اندر جون ڳالهڙيون، هن سان سوڍي سڀ سليون،

راڻين سان رَليون، ڍوليو آندائين ڍٽ ۾.

(جانڻ کٽي)

 

هي = وڻ ٽڻ ۽ ڀتين ڏانهن اشارو.

ڍٽ ڍَلڻ = ڪعبةالله شريف کي سجدو ڪرڻ.

مير = عبدالمطلب. سوڍو = حضورﷺ جن.

راڻيون = ٻانهون. ڍوليو = حضورﷺجن.

 

مراد:  حضورﷺ جن جو ڏاڏو حضرت عبدالمطلب ڪعبةالله شريف ۾ ويٺو هو ته ڏٺائين ته وڻ ٽڻ ۽ ڀتيون وغيره سڀ شيون ڪعبةالله شريف کي سجدو ڪري رهيون آهن. پاڻ حيران ٿيو پر اتان جڏهن گهر آيو ته خبر پيس ته حضرت عبدالله﷤ جي گهر فرزند ڄائو آهي. پوءِ دستور موجب حضورﷺ جن کي پنهنجن ٻانهن تي کڻي ڪعبةالله شريف ۾ آيو.

 

[12]

نه ڪي موت ماريا، نه ڪي سور ٻري،

ويون سي وسامي اُن جون، بتيون بس ڪري،

رُئان ڪيئن تن جي ڪري، جي سڻي ڳالهه ڳري ويا.

 

نه ڪي موت ماريا = بتن ڏانهن اشارو.

ڄڻ بتين وسامي وڃڻ = ڪوٽ جا ڪنگرا ڪرڻ.

رئان ڪيئن جي تن ڪري = عامر ڏي اشارو.

 

مراد:  چون ٿا ته: ’عامر‘ نالي هڪ ڪافر بت گهڙيندو هو ۽ انهن جي پوڄا به ڪندو هو. جنهن رات نبي ڪريمﷺ جن تولد ٿيا ان رات عامر جي بتن سجدا ڪيا ۽ ڪري ڀڄي ڀورا ٿي پيا ۽ ڪسريٰ جي ڪوٽ جا ڪنگرا پڻ ان رات ڪري پيا، بتن جي اها حالت ڏسي عامر مسلمان ٿيو.

 

[13]

اڄ ٿيون اولهه پا ڏي، گاج مٿان گوڙيون،

اُٺو آب اگوندرو، ٻنيون جنهن ٻوڙيون،

اُٺيون ۽ آباد ٿيون، ٽاڪون ۽ ٽوڙيون،

جانب اڄ جوڙيون، ساري جڳ جهان جون.

 

اولهه پار = عربستان ڏانهن اشارو.

گاج = مڪي معظمه ڏانهن اشارو.

جانب = حضورﷺ جن ڏانهن اشارو.

 

مراد:  حضورﷺ جن جي ڄمڻ سان سڄي ملڪ ۾ نور جي روشني ٿي ويئي ۽ ان جي تجلي کان چوڏهن ئي طبق روشن ٿي ويا.

 

[14]

اولهه ڏنهون اڀريو، ڳاڙهو جهڙو ڳچ،

نه موڪل ٻاري باهه هئي، نه ڪو متل مچ،

ٻارهن هٿ هو گدرو، ڇوڏهن هٿ هو ٻج.

 

اولهه ڏانهن = مڪي معظمه ڏانهن اشارو.

ڳاڙهو = شعاع ڏانهن اشارو.

گدرو = حضرت عبدالله. ٻج = حضورﷺ جن.

 

مراد:  حضورﷺ جن جڏهن ڄاوا تڏهن ساري عالم ۾ روشنائي ٿي ويئي. چوڏهن ئي طبق روشن ٿي ويا. نه ڪا باهه جي روشنائي هئي، نه ڪو مچ موجود هو، پر اهو سڀ حضورﷺجن جي نور جو جلوو هو. انهيءَ ڪري سندن شان پنهنجي والد محترم کان زياده ٿي ويو.

 

[15]

اڄ ڪيو اولهه پار کان، مينهن مانڊاڻو،

عالم سڀ آباد ٿيو، ڪيو لکن لاڏاڻو،

جڏهن سورهيه ساماڻو، تڏهن لٿا غم شاديون ٿيون.

 

اولهه پار = مڪه معظمه. مينهن جو مانڊاڻو

ڪرڻ – حضورﷺ جن جو تولد ٿيڻ.

لکن جو لاڏاڻو ڪرڻ = بتن جو ڀڄڻ.

سورهيه = حضورﷺ جن.

 

مراد:  نبي ڪريمﷺ جن جي تولد ٿيڻ سان ڪافرن جا بت ڀڄي پيا، سندس ظهور کان سڄو عربستان آباد ٿي ويو، جتي غم ۽ گوندر هوا اتي خوشيون ٿيون.

 

[16]

منڌ ڏٺو هو مار ۾، عجب ڪو اسرار،

ٻڌائين ”ٻروچ“ چئي، ڪا گوهر جي گفتار،

حڪم تي حاضر ٿي، ڪيائين اُهائي ڪار،

درس ٿيا ديدار، لحظي ۾ ”لعلڻ“ چئي.

(لعلڻ خان لغاري)

 

منڌ = بيبي آمنه. مام = ننڊ.

اسرار = خواب. گوهر = الله تعاليٰ.

اها ڪار ڪرڻ = محمد نالو رکڻ.

 

مراد:  بيبي آمنه کي نبيﷺ جن پيٽ ۾ هئا ته کيس خواب ۾ آيو ته تو کي جيڪو فرزند ڄمندو، تنهن جو نالو ”محمد“ رکجانءِ ڇاڪاڻ ته اُهو الله جو نيڪ ۽ پيارو رسول بڻبو. جڏهن حضورﷺ جن پيدا ٿيا تڏهن سندس نالو ”محمد“ ئي رکيو ويو.

 

[17]

جڏو ٿي جوان، آيو جاءِ امن جي،

اڇو ڪوٽ عمر جو، لڏيو لامڪان،

حاذق تنهنجيءَ حويليءَ ۾، آيو مورنهه هو مستان،

چئي: وٺي آ پاڻ سان، هو سڀني جو سلطان،

اِذن آديسي ڪيو، ٿيس عينن کي ايمان،

وَيس ڏنءُ ڏهاڳ جو، ٿيس مولو مهربان،

کلي خوش ٿيو خان، لٿس گوندر ”غلام محمد“ چئي.

(غلام محمد)

جڏو جوان = بزرجمهر. امن جي جاءِ = ڪعبةالله شريف.

حاذق = حضرت عبدالمطلب.

سڀني جو سلطان = حضورﷺ جن.

مراد:  نوشهروان جو وزير بزرجمهر نابينا ٿي ڪعبةالله شريف ۾ اچي رهيو، اتي حضرت عبدالمطلب سندس پرداخت ڪندو هو، بزرجمهر کي اهو معلوم هو ته حضورﷺ جن جي ولادت تي زمين ڌٻندي ۽ روشني ٿيندي، تنهنڪري زمين جي ڌٻڻ وقت حضرت عبدالمطلب کي چيائين ته جيڪو نينگر پيدا ٿيو آهي، اهو مون وٽ آڻيو حضرت عبدالمطلب حضورﷺ جن کي اتي آندو. تڏهن سندس پيرن مبارڪن جون کڙيون اکين تي گهمايائين ته اکيون روشن ٿي ويس.

دائي حليمان:

        عربن ۾ دستور هوندو هو ته، شهر جا امير ماڻهو پنهنجي ڄاول ٻارن لاءِ ٻهراڙين مان دايون گهرائي انهن کي معاوضي تي نپائڻ لاءِ ڏيندا هئا، اهي دايون پندرهين پندرهين ڏينهن ٻار سندن مائٽن کي ڏيکاري وينديون هيون. جڏهن حضورﷺ جن پيدا ٿيا، تڏهن به ٻهراڙين مان ڪيتريون دايون پنهنجن گڏهن تي سوار ٿي مڪي ڏانهن روانيون ٿيون. انهن ۾ هڪڙي دائي نالي حليما به هئي، جنهن جو گڏهه تمام ڏٻرو هو، تنهنڪري ٻيون سڀ کانئس اڳي شهر ۾ پهچي ويون. جن اميرن جي گهرن ۾ پهچي معاوضي تي ٻار هٿ ڪيا، پر دائي حليما کي فقط هڪڙو حضرت عبدالمطلب جو گهر حصي ۾ آيو، جو ان وقت جي لحاظ کان مسڪين گهر هو، تنهنڪري دل ۾ ڪجهه مايوسي ٿيس. مگر جڏهن حضورﷺ جن کي هنجهه ۾ کنيائين، تڏهن کيس هر طرف روشني ڏسڻ ۾ آئي ۽ حيران ٿي دل ۾ چوڻ لڳي ته اهڙي روشني اڳ مون ڪنهن به ٻار ۾ نه ڏٺي آهي. حضورﷺ جن اڃا دائي حليما جي هٿن ۾ ئي هئا ته فرشتا واچوڙي جي صورت ۾ اچي کين عرش عظيم تي کڻي ويا. اتي کين آب ڪوثر مان غسل ڪرائي، بهشتي پوشاڪ پهرائي موٽي دائي جي هٿن تي ڇڏي ويا. اهو ڪم اک ڇنڀ ۾ ٿي ويو. دائي هيڪاري حيران ٿي، پر پوءِ حضورﷺ جن کي خوشيءَ سان کڻي رواني ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org