سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :20

[16]

سڏي هن کي سٿ مان، ڏني آهي آريءَ امانت،

هي به کڻي هليو اوڏهين، سورهيه تنهن ساعت،

وڃي ثابت ڏنائين ”سومار“ چئي، ساري سلامت،

موليٰ ٿيس مدت، اُن جا مطلب مڙئي پورا ٿيا.

 (سومار سومرو)

 

هن = ڪانءُ ڏانهن اشارو. آري حضرت سليمان

عليہ السلام. امانت = کاڌو.

 

مراد: ڏسو مٿيون بيان.

 

(هه) حضرت سليمان ۽ ماڪوڙيون:

       چون ٿا ته حضرت سليمان عليہ السلام ماڪوڙين کي چيو ته اوهين مردي سان گڏ قبر ۾ وڃو ۽ اتي ملائڪن جي ان سان جيڪا گفتگو ٿئي، سان اچي مون کي ٻڌايو. جڏهن ملائڪ قبر ۾ گهڙيا ته ڪي ماڪوڙيون ته ڀڄي ويون ۽ ڪي اتي ڇپجي ويون ۽ جيڪي ڀڄي ٻاهر آيون، تن اچي چيو ته سائين هي معاملو اسان جي سمجهڻ کان وڏو آهي. هي تڏهن سمجهه ۾ ايندو جڏهن پاڻ مري ڏسبو.

Text Box: 326

[17]

عمر اماڻيا اوڏهين، چاڙهي ڪي چاري،

واسو وري آيا، سڌ نه آندئون ساري،

جڏهن ايندو مٿي تي ماري، تڏهن پوندي سڀ سڌ سور جي.

 

عمر = حضرت سليمان عليہ السلام.

واسو = ماڪوڙيون.

 

مراد: ڏسو مٿيون بيان.

 

(و) حضرت سليمان عليہ السلام جي وفات:

        حضرت دائود عليہ السلام جي وفات کان ٿورو اڳ مسجد اقصيٰ (جنهن جو بنياد حضرت دائود عليہ السلام وڌو هو) کي مڪمل ڪرڻ لاءِ حضرت سليمان عليہ السلام کي وصيت ڪئي هئي. جنهن مسجد جي ڪم لاءِ ديون ۽ جنن کي مقرر ڪيو. انهيءَ مسجد جي ڪم تي اٺٽيهه ورهيه لاڳيتو ڪم هلندو رهيو. انهي عرصي ۾ ڪم ڪندڙ جن ۽ ديو به لاچار ٿي پيا ۽ حضرت سليمان عليہ السلام جي به پڇاڙيءَ جو وقت اچي ويو هو. پوءِ خيال ڪيائين ته منهنجي وفات بعد ڪم بند ٿي ويندو، تنهنڪري مسجد جي اڳيان هڪ حجري ۾ عبادت جي خيال سان لٺ تي ٽيڪ ڏيئي اچي بيٺو. انهيءَ مهل عزرائيل سندس روح قبض ڪري ورتو ۽ سندس جسم اتيئي لٺ جي آڌار تي بيٺو رهيو. سندس جسم کي بيٺل ڏسي جِنَ ۽ ديو حضرت سليمان عليہ السلام کي جيئرو سمجهي ڪم ڪندا ٿي رهيا. تان جو مسجد اقصيٰ تيار ٿي ويئي. ٿوري عرصي ۾ لٺ کي اڏوهي اچي لڳي ۽ لٺ ڪمزور ٿي ڪري پيئي. لٺ جي ڪرڻ سان حضرت سليمان عليہ السلام جو جسم به اچي هيٺ پٽ تي پيو. جنن ۽ ديون جڏهن حضرت سليمان عليہ السلام کي انهيءَ حالت ۾ ڏٺو، تڏڌهن معلوم ٿين ته هو وفات ڪري ويو اهي ۽ پوءِ پوڙهي جو افسوس ڪندا رهيا.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

[18]

حڪم ٿيو هوس هوت ڏنهون، محبت رکج من،

ڪوٺي ڪچهري ڪيائين، جا ماٺ لڳي مردن،

وٺي آيا وير کي، هڏن سان هنرن،

نه ڪي سهڪو ساهه ڪري، نه ڪي ڪڙڪو پوي ڪن،

پوءِ سمجهي سالڪن، جوڙي جاءِ ”جيئل“ چئي.

 (جيئل)

 

هوت = حضرت دائود عليہ السلام.

وير = حضرت سليمان عليہ السلام

ڏانهن اشارو. سالڪن = جنن ڏانهن اشارو.

جاءِ = مسجد اقصيٰ.

 

مراد: حضرت سليمان عليہ السلام کي حضرت دائود عليہ السلام مسجد اقصيٰ جي ٺهرائڻ جو تاڪيد ڪيو هو، تنهنڪري جنن ديون کي گهرائي ڪم ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنائين. جڏهن سندس پڇاڙيءَ جو وقت ٿيو، تڏهن لٺ تي ٽيڪ ڏيئي عبادت جي خيال سان اتي بيٺو رهيو، جيتوڻيڪ سندس روح قبض ٿي ويو هو، پر ڪنهن کي به اهو علم نه رهيو، ڇاڪاڻ ته سندس جسم لٺ جي آڌار تي بيٺو رهيو. جڏهن لٺ ڀري تڏهن جسم جي ڪرڻ سان سندس وفات جي ڄاڻ پيئي.

[19]

مير هليو محلات ڏي، خان رکي هيءَ خيال،

ور چڙهيو ويريءَ جي، فهيمدو في الحال،

اڳيان تنهن ارغون جي، ٿيو مرد محال،

هن کان ڦورو ڦري، رمي ٿيو رهوال،

پوءِ ڇڏيئين ملڪ ۽ مال، مهل انهيءَ ”موريو“ چئي.

 (موريو)

 

مير= حضرت سليمان عليہ السلام.

محلات = عبادتگاهه. ارغون = عزرائيل.

ڦورو = روح.

 

مراد: جڏهن حضرت سليمان عليہ السلام جي وفات جو وقت ويجهو ٿيو، تڏهن خيال آيس ته منهنجي وفات کان پوءِ متان ديو مسجد جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي ڀڄي وڃن، تنهن ڪري لٺ تي ٽيڪ ڏيئي عبادت جي خيال سان مسجد جي اڳيان اچي بيٺو. سندس روح ته قبض ٿيو، پر سندس جسم لٺ جي آڌار تي بيٺو رهيو ۽ ديو ڪم ڪندا رهيا.

[20]

ماروئڙا ملير ۾، پٽين کوهين پاڻ،

ڏهاڙي ڏورين ڏکڙا، ٻهڳڻ هنيو ٻاڻ،

پوءِ لهي وين آڻ، جڏهن ويو سومرو ”سرهو“ چئي.

 (سرهو)

ماروئڙا = جن ۽ ديوَ. ملير = مسجد اقصيٰ.

سومرو = حضرت سليمان عليہ السلام.

 

مراد: جن ۽ ديو مسجد اقصيٰ جو ڪم ڪندا رهيا. جڏهن حضرت سليمان عليہ السلام جي لٺ اڏوهي جي کائڻ سان ڪري پيئي. تڏهن معلوم ٿين ته حضرت سليمان عليہ السلام وفات ڪري ويو، پوءِ ڪم ڇڏي افسوس ڪندا رهيا.

 

[21]

راڻي موڪليون ريت سان، اهي سوڍيون سمجهائي،

هيءَ به هليون اوڏهين، ڪوڏ منجهان ڪاهي،

مورانهين انهيءَ منڌ جو، ڇڏيئون لاڳاپو لاهي،

جڏهن ڇڏيئون ڪامڻ ڪيرائي، تڏهن مينڌرو مشهور ٿيو.

 

راڻو = الله تعاليٰ. سوڍيون = اڏوهيون.

اوڏانهين = مسجد اقصيٰ ڏانهن اشارو.

منڌ = لٺ. ڪامڻ = لٺ.

مينڌرو = حضرت سليمان عليہ السلام.

 

مراد: حضرت سليمان عليہ السلام لٺ تي ٽيڪ ڏيئي جنن ۽ ديون کان مسجد اقصيٰ پئي ٺهرائي ۽ انهيءَ وچ ۾ عزرائيل سندس روح قبض ڪري ويو. ديون کي ڪا خبر ڪانه پيئي. جڏهن اڏوهيءَ لٺ جي پاڙ کائي ڇڏي ۽ حضرت سليمان عليہ السلام جو جسم ڪري پيو، تڏهن ديون کي سندس وفات جي خبر پئي.

[22]

بيٺو آهي بر ۾، جنهن کي سور ناهي ٻرو،

سناسيءَ جي سور جو، ڪنهن کي نه آهي پرو،

پوءِ پري پين پرو، هن سناسيءَ جي سور جو.

 

سناسي = حضرت سليمان عليہ السلام.

سور = موت.

 

مراد: حضرت سليمان عليہ السلام لٺ تي ٽيڪ ڏيئي مسجد جي اڳيان بيٺو رهيو، ديو ڪم ۾ مشغول رهيا. جڏهن حضرت سليمان عليہ السلام جو روح عزرائيل قبض ڪيو، تڏهن به انهن کي ڪا خبر نه پيئي پوءِ لٺ کي اُڏوهيءَ کاڌو ته لٺ ڀڄي پيئي ۽ حضرت سليمان عليہ السلام جو جسم ڪري پيو. تنهن کان پوءِ ديون ۽ جنن کي سندس وفات جي خبر پئي.

17- حضرت زڪريا عليہ السلام

        بني اسرئيل جڏهن نافرمان ٿيا، تڏهن بابل جي تخت تي مضبوط ٿي ويهڻ کان پوءِ بخت نصر بادشاهه بني اسرائيلن تي ڪاهه ڪئي ته سڀ بيت المقدس ۾ وڃي لڪا ۽ حضرت ارميا عليہ السلام کي عرض ڪري الله تعاليٰ کان معافي جا طالب ٿيا. الله تعاليٰ بخت نصر جي دل ۾ اهڙو خيال پيدا ڪيو جو هو پوئتي موٽي ويو. حضرت ارميا عليہ السلام کان پوءِ الله تعاليٰ بني اسرائيلن ۾ حضرت زڪريا عليہ السلام کي نبي ڪري موڪليو. جو کين وعظ ۽ نصيحتون ڪندو هو.

        حضرت زڪريا عليہ السلام کي اولاد ڪونه ٿيندو هو، هن الله تعاليٰ کي نيڪ فرزند ملڻ جو سوال ڪيو جو قبول پيو. کيس پيريءَ ۾ حضرت يحيٰ عليہ السلام ڄائو. جنهن تي الله تعاليٰ جو شڪرانو ڪيائين. ۽ بيت المقدس ۾ وڃي عبادت ۾ مشغول رهيو. هڪڙي ڏينهن حضرت زڪريا عليہ السلام عبادتگاهه مان نڪتو ته ڏٺائين ته، بني اسرائيل نافرمان ۽ مغرور ٿي ويا آهن، تڏهن کين نصيحت ڪرڻ لڳو، پر هو اُلٽو کيس مارڻ جي خيال سان سندس پويان اچي پيا. حضرت زڪريا عليہ السلام جهنگ منهن ڪري وٺي ڀڳو. اڳيان هڪ وڻ جي ٿڙ کان پناهه گهريائين، جنهن کيس پناهه ڏني(1). بني اسرائيل جي سندس پويان پئي آيا، سي ان وڻ وٽ اچي منجهي بيهي رهيا، ۽ وڻ کي چؤطرف ڦري ڪهاڙن جا ڌڪ پي هنيائون(1). ايتري ۾ وٽن شيطان آيو ۽ کين ’نم‘ جي وڻ جو پن ڏيکاري، ان قسم جو ڪرٽ ٺهرائي وڻ وڍڻ لاءِ چيائين. بني اسرائيلن ڪرٽ ٺاهي وڻ کي چيريو ته ان سان گڏ حضرت زڪريا عليہ السلام به ٻه اڌ ٿي ويو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[1]

ڪُن ڏسي ڪاهي پيو، صوبو سلخدار،

هن تي لڌڙن ٿي لاتيون ڪيون، مڇ ٿين مهندا،

واڳون وڙهي وقوف سان، وڌا ڏاهي کي ڏهڪار،

مڃي قدرت سندس ڪلتار، ساهڙ کي صبر ڪيو.

 

ڪُن = وڻ جو پور. صوبو = حضرت زڪريا

عليہ السلام. لڌڙا = ماڻهو جو لشڪر.

مڇ = شيطان. واڳون = ڪرٽ.

 

مراد:  حضرت زڪريا عليہ السلام جي پٺيان ڪافر ڪاهي پيا. حضرت زڪريا عليہ السلام وڃي هڪ وڻ کان پناهه گهري، جنهن جو ٿڙ ڦاٽي پيو ۽ هو ان ۾ گهڙي ويو. ايتري ۾ پويان ايندڙ لشڪر انهيءَ وڻ وٽ اچي بيٺو. تڏهن شيطان کين نم جو پن ڏيکاري چيو ته، هن نموني جو لوهي ڪرٽ ٺاهي وڻ کي چيريو. پوءِ ڪافرن ائين ڪيو ته وڻ سان گڏ حضرت زڪريا عليہ السلام به چيرجي ٻه اڌ ٿي ويو.

 

[2]

سانڊي ڏنيس صلاح، مير گهڙيو محلات ۾،

آئي رب رضا، نه ته سانڍو ڪيئن صلاحون ڏئي؟

 

سانڊو = شيطان. مير حضرت زڪريا عليہ

السلام. محلات = وڻ جو پور.

 

مراد:  حضرت زڪريا عليہ السلام جڏهن ڊوڙي وڻ وٽ پهتو ته شيطان بيٺو هو. جنهن کيس صلاح ڏني ته وڻ ۾ اندر گهڙي وڃي ويهي رهه. آخر خدا جو امر ۽ مرضي ائين هئي، نه ته حضرت زڪريا عليہ السلام ڪيئن شيطان جي صلاح تي لڳي ها؟

 

[3]

ديميون دودي راءِ کي، ويون وڪوڙي وير،

وڃي ويٺو وڳهه ڪوٽ ۾، هئي توڙئون جي تقصير،

سام وڃي پيو سومرو، ابڙي وٽ امير،

ٿيو مقابلو ”مري“ چئي، مڙيو ڪين مهمير،

پوءِ موت ٻنهي جو مير، ٿيو جاءِ انهيءَ ”جاڙو“ چئي.

(جاڙو خان مري)

 

 

سومرو = حضرت زڪريا عليہ السلام.

ابڙو = وڻ.  ٻنهي = حضرت زڪريا عليہ

السلام ۽ وڻ ڏانهن اشارو.

 

مراد:  وڻ، حضرت زڪريا عليہ السلام کي پناهه ڏني جنهن ۾ وڃي اندر لڪو. ڪافر به ڳوليندي اتي پهتا ۽ شڪ آڻي وڻ کي وڍڻ لاءِ ڪرٽ کڻي آيا. پوءِ وڻ جي چيرجڻ سان گڏ حضرت زڪريا عليہ السلام به وڍجي ٻه اڌ ٿي ويو.

 

[4]

سڏ تي سڏ ڏنو، ويچاري وري،

وهاريائين وجود ۾، پٽي دل دري،

ويو مرد مري، مير سان گڏ ”محمد“ چئي.

(محمد فقير ڏيرو)

 

ويچارو = وڻ. مرد = وڻ.

مير = حضرت زڪريا عليہ السلام.

 

مراد:  وڻ، حضرت زڪريا عليہ السلام کي پناهه ڏني جنهن ۾ وڃي اندر لڪو. ڪافر به ڳوليندي اتي پهتا ۽ شڪ آڻي وڻ کي وڍڻ لاءِ ڪرٽ کڻي آيا. پوءِ وڻ جي چيرجڻ سان گڏ حضرت زڪريا عليہ السلام به وڍجي ٻه اڌ ٿيو.

 

[5]

جنهن ورتي راهه رسول جي، سو ٿيندو بهشت سندو باڪو،

ليلان ۽ مجني جو، سڱ نه سياڪو،

اوچتو ”احمد“ چئي، لڳن لياڪو،

قضا ڪڙاڪو، موت ٻنهي جو هڪڙو.

(احمد خان مري)

 

ليليٰ = نم. مجنو = حضرت زڪريا عليہ السلام.

 

مراد:  حضرت زڪريا عليہ السلام کي وڻ پناهه ڏني، هو ان ۾ گهڙي ويو. پوءِ شيطان بني اسرائيلن کي نم جو پن ڏيکاري چيو ته ههڙي ڪرٽ ٺهرائي اچو ته آسانيءَ سان وڻ ڪپجي ويندو. حقيقت ۾ وڻ ۽ انسان جو ڪو بنيادي تعلق نه آهي، الله تعاليٰ جي قدرت، جو ٻنهي جو موت هڪڙي ئي وقت ٿيو.

 

[6]

ڀلي آئين جيءَ آئين. هيءَ آهي جانب! تنهنجي جاءِ،

اڱڻ تولاءِ اجاريم، سوڍا تنهنجي ساءِ،

هاڻي ٿئي ٿي الوداع، وري ٿو ”واڍو“ چئي.

(واڍو)

 

جانب = حضرت زڪريا عليہ السلام.

اجاريم = وڻ جي پور ڏانهن اشارو.

الوداع ٿيڻ = وڍجڻ.

 

مراد:  حضرت زڪريا عليہ السلام کي وڻ خوشيءَ سان پناهه ڏني، پر بني اسرائيلن کي شڪ پئجي ويو، سي پوءِ ڪرٽ کڻي آيا ۽ وڻ کي حضرت زڪريا عليہ السلام سميت چيري ڇڏيائون.

18- حضرت عزير عليہ السلام

        هڪڙي دفعي عزيز عليہ السلام، بيت المقدس وٽان لنگهيو، جنهن کي بخت نصر بادشاهه تباهه ڪري ڇڏيو هو. ڦٽل شهر ڏسي دل ۾ خيال آيس ته، هيءُ شهر وري ڪيئن آباد ٿيندو! اهو سوچيندي هڪڙي وڻ هيٺ پنهنجو گڏهه ٻڌي سمهي پيو، جتي کيس ننڊ اچي ويئي. الله تعاليٰ کي پنهنجي قدرت جو نظارو ظاهر ڪرڻ منظور هو، سو ننڊ ۾ سندس روح قبض ٿي ويو ۽ سئو سالن بعد وري جيئرو ٿي اٿيو. انهي عرصي ۾ بخت نصر مرڻ کان بني اسرائيلن آزاد ٿي بيت المقدس آباد ڪري ڇڏيو هو. جڏهن حضرت عزير عليہ السلام اک پٽي ته سڄو شهر آباد ڏٺائين ۽ سندس ڀر ۾ رکيل انگور به اڃا تازا رکيا هئا، پر سندس گڏهه جو فقط هڏن جو پڃرو اتي پيل هو. اهو ڏسي حضرت عزير عليہ السلام حيرت ۾ پئجي ويو. ان وقت کيس الهام ٿيو ته، اي عزير! تون پورا سئو سال اتي پيو هئين، ان وقت ۾ اهو شهر آباد ٿي ويو آهي، هاڻي جي تون چاهين ته تنهنجو مئل گڏهه به جيئرو ٿي پوندو. حضرت عزير الله تعاليٰ کي عرض ڪيو ته سندس مئل گڏهه به ڀلي زندهه ٿئي ته اکين سان ڏسان. ائين چوڻ سان اک ڇنڀ ۾ گڏهه اٿي کڙو ٿيو. هن الله تعاليٰ جو شڪرانو ادا ڪيو ۽ عرض ڪيائين ته، پروردگار! تنهنجي اڳيان مارڻ جيارڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي. تون هر شيءَ تي قادر آهين.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

[1]

ساراهيان سچو ڌڻي صاحب رب سبحان،

مير هليو هو ملڪ ڏي، ڪو برُ وٺي بيبان،

صاحب ڏٺو سڃ ۾، ڪو گوهر اتي گام،

اچي ويس اندر ۾، ڪو غيرت جو گمان،

پوءِ سال لنگهي ويا صديون، ڪريان ڪهڙي بات بيان؟

قاصد ڪيچئون آئيو، تنهن اچي سمجهايو سلطان،

ڪک ڪهڄر گڏي کڻي، غازي ڪيو گدام،

قادر جي قدرت سان، اتي پيدا ٿيو پينام،

تازي طويلن ۾، جنهن جوَ چنا ٿي جام،

ڪل پوي ٿي ڪامَ قادر جي قدرت جي.

(جاڙو خان مري)

 

مير = حضرت عزير عليہ السلام. گام = ڦٽل شهر.

قاصد = جبرئيل. ڪيچ = آسمان.

ڪک ڪهڄر = گڏهه جا هڏا گڏا.

 

مراد:  ڏسو مٿيون بيان.

 

[2]

ڪامل ڪاهي هليو، سوڍو ٿي سوار،

رکيئين ڳالهه اندر ۾، ڪو دوست جو ديدار،

وڄي لٿو اتي، جتي ڏٺئين الله جو اسرار،

هاڻي جانب جنگ اُماڻيو، جو هو مانجهي مڻيادار،

ساري ڳالهه سڻائي، ڏسئين کولي خبر چار،

وري سوڍو ٿيو سوار، مٿس راضي ٿي ”رمضان“ چئي.

(رمضان)

 

ڪامل = حضرت عزير عليہ السلام.

ڪاهي هليو = گڏهه ڏانهن اشارو.

اسرار = ڦٽل شهر. جانب = الله تعاليٰ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[3]

هريا پير هنجهه جا، سَر سُڪي ٿيا سال،

جڏهن ڀلي ڪيس ڀال، ته مناڙيو ٿو موتي چڻي.

 

هنجهه = ڱاڌو. سر = گڏهه.

موتي = انگور.

 

مراد:  حضرت عزير وڻ جي ٽاريءَ ۾ مانيءَ جي پوٽڙي ٽنگي ۽ گڏهه کي وڻ سان ٻڌي ستو هو، سندس سئو سال سمهڻ ڪري، گڏهه سڪي سڙي ويو هو، جڏهن الله تعاليٰ جي مهرباني ٿي تڏهن انگور به کاڌائين ۽ اهو گڏهه به جيئرو ٿيو.

19- حضرت عيسيٰ عليہ السلام

(الف) حضرت عيسيٰ عليہ السلام جو ڄمڻ:

        بني اسرائيلن ۾ هڪ عابد ۽ زاهد عورت جنت نالي هئي، جنهن کي اولاد ٿيندو ئي ڪونه هو. تنهن هڪ ڏينهن الله تعاليٰ کان دعا گهري ته مون کي جيڪو به اولاد ٿيندو سو بيت المقدس ۾ نذرانو ڏينديس. الله تعاليٰ سندس دعا قبول ڪئي ۽ کيس هڪ نياڻي ڄائي جنهن جو نالو ”مريم“ رکيائين.

        ان وقت بيت المقدس جي خدمت جو ڪم حضرت زڪريا عليہ السلام جي حوالي هو. بيبي مريم جي والده پنهنجي نياڻي کي کڻي بيت المقدس ۾ آئي ۽ اچي حضرت زڪريا عليہ السلام جي حوالي ڪيائين، جنهن ان جي پرورش ڪئي.

        چون ٿا ته حضرت زڪريا عليہ السلام هڪ ڏينهن بيبي مريم کي اڪيلو ڇڏي پاڻ ٻه ٽي ڏينهن ڪنهن ڪم سان نڪري ويو. انهيءَ وچ ۾ بيبي مريم لاءِ روزانه بهشتي ميوا (ڊاک، انگور) ايندا هئا، جنهن تي گذر ڪندي هئي. حضرت زڪريا عليہ السلام جڏهن موٽي آيو، کانئس کائڻ پيئڻ بابت پڇيائين تڏهن بيبي صاحبه ساڻس سموري حقيقت ڪئي.(1)

        جڏهن بيبي مريم جوان ٿي، تڏهن هڪ ڏينهن جبرئيل وٽس آيو ۽ چيائينس ته خدا جي حڪم موجب تو مان هڪ پٽ پيدا ٿيڻو آهي جو پيغمبر ٿيندو. بيبي مريم دهلجي ويئي ۽ چوڻ لڳي ته آءٌ ڪنواري آهيان مون کي پٽ ڪيئن ٿيندو؟ انهيءَ تي جبرئيل چيس ته ڊڄ نه. الله تعاليٰ تنهنجي پٽ کي قدرت جو هو هڪ نشان بنائڻ وارو آهي. پوءِ جبرئيل حضرت آدم عليہ السلام واري نڇ جا ساهه پوڻ وقت ڏني هئائين، سا ڦوڪ ذريعي بيبي مريم جي جسم ۾ داخل ڪيائين(1).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org