سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :19

[3]

پسي ماڙي مومل جي، ٿو ڪرهي کي هڪلي،

عجيب جهڙيون حالتون، مومل جي بلي،

لهي سڌ ”سليمان، چئي، بانڪو آيو بنگلي،

تو سوڍي کي سلي، ڳجهيون اندر جون ڳالهڙيون.

 (سليمان)

 

مومل = بيبي بلقيس. بانڪو = هدهد.

سوڍو = حضرت سليمان عليہ السلام.

 

مراد: هڪڙي ڏينهن هدهد پکي کي حضرت سليمان عليہ السلام غائب ڏٺو. هن اچڻ تي کانئس غير حاضري جو سبب پڇيائين، جنهن ٻڌايو ته آءٌ اهڙي ملڪ ۾ وڃي نڪتو هوس، جتي هڪڙي حسين ۽ ڪنواري ڇوڪري بلقيس نالي حڪومت ڪري ٿي، جنهن جي اوهان کي شايد خبر نه هجي. ان جي رعيت سج پرست آهي، جنهن کي هدايت جي گهرج آهي.

 

[4]

مومل ڏنو مينڌري کي، شيشو سندو شراب،

نه پاڻي زمين جو، نه هجي آسمان جو آب،

پوءِ جوان! ڪر جواب، پاڻي ڪهڙي يار جو؟

 

مومل = بيبي بلقيس.

مينڌرو = حضرت سليمان عليہ السلام.

 

مراد: بيبي بلقيس آزمائش لاءِ حضرت سليمان عليہ السلام ڏانهن شيشو موڪلي چيو ته، هن ۾ اهڙو پاڻي موڪل جو نه ڪي زمين جو هجي نه ڪي آسمان جو. حضرت سليمان عليہ السلام گهوڙا ڊوڙائي انهن جو جيڪو پگهر ٿيو، ان مان شيشو ڀرائي، بيبي بلقيس ڏانهن موڪليو.

 

[5]

عمر نڪري اوچتو، ٿو ڪنهن ڏينهن سير ڪري،

ڏٺائين پنوهارن پاڙي ۾، ويو تن ڏي پير ڀري،

ڏسي پنوهار عمر کي، ويا ڳجهاندر ڳري،

ويٺو ويچاري، محب انهيءَ مذڪور کي.

 

عمر = حضرت سليمان عليہ السلام.

پنوهار = سامونڊي گهوڙا. ڳجهاندر = سمنڊ ۾.

محب = سمدون ديو.

 

مراد: هڪڙي ڏينهن حضرت سليمان عليہ السلام سمنڊ جو سير ڪندي ڪي عجيب سامونڊي گهوڙا ڏٺا. جي کيس ڏسي وڃي سمنڊ ۾ لڪا. جن کي هٿ ڪرڻ جي لاءِ سمدون ديو سان صلاح ڪيائين. جنهن گهوڙن جو پاڻي بند ڪرائي، ان جاءِ تي هڪ تلاءُ تيار ڪرائي، شراب وجهائي ڀرائي ڇڏيو. جڏهن گهوڙا گاهه لائي پاڻي پيئڻ لاءِ تلائن تي آيا ته شراب پي نشي ۾ بيهوش ٿي ڪري پيا. انهيءَ طرح سمدون ديوَ حضرت سليمان عليہ السلام کي گهوڙا هٿ ڪري ڏنا.

 

[6]

ريءَ بادل بوند ٿي، واهه جا ٿي وس،

هي به گهڙا کڻي گهيڙ، اُکتيون آهن مس،

هجي تن جتن کي جس، جن پهچائي ڏنيون پنهون کي.

 

بوند ٿيڻ = موتين جو مينهن وسڻ.

هي = عنڪور جي ڌيءَ ۽ ان جي سهيلين

ڏانهن اشارو. گهڙا کڻڻ = موتين چونڊڻ لاءِ

ٻاهر اچڻ. جت = ڪڪر.

پنهون = حضرت سليمان عليہ السلام.

 

مراد: حضرت سليمان عليہ السلام، عنڪور بادشاهه جي ڌيءَ کي هٿ ڪرڻ لاءِ ديون کي موتين جي مينهن وسائڻ جو حڪم ڏنو. ديون مٿان موتي وسايا ته عنڪور جي ڌيءَ پنهنجين سهيلين سان گڏجي اڃا موتي چونڊڻ جي خيال سان ٻاهر نڪتي مس ته ڪڪرن کين کڻي اچي حضرت سليمان عليہ السلام اڳيان پهچايو.

 

[7]

وڙهي نڪوت وڳ مؤن، وٺي گورو گس،

راوت اتي رسيو، جتي هئس ڏاهپ سندو ڏس،

هئي ته اُني جو وس، پر ٻڌس ڪامل ڪانه ڪا.

 

وڳ = مڪڙ جو ڪڙم، گورو = مڪڙ.

راوت = مڪڙ. ڪامل = حضرت سليمان عليہ السلام.

 

مراد: هڪڙو مڪڙ پنهنجي ڪڙم جي ڀاتين سان وڙهي، انهن جي خلاف حضرت سليمان عليہ السلام وٽ دانهن کڻي آيو. ان وقت حضرت سليمان عليہ السلام وٽ سندس زال، عنڪور بادشاهه جي ڌيءَ ويٺي هئي، جنهن مڪڙ قرباني لاءِ مناسب سمجهي حضرت سليمان عليہ السلام کان وٺي پيءُ جي بت مٿان قرباني ڪئي. مڪڙ جو انصاف ڪرڻ حضرت سليمان عليہ السلام جي وس ۾ هو، پر هو بيگناهه مارجي ويو. انصاف نه ڪري مڪڙ راڻيءَ جي حوالي ڪيو، جنهن کيس ڪهي ڇڏيو.

 

[8]

ڪامل ٻڌس ڪانه ڪا، پر پيو ڪنواٽ، ڪُسي،

محبت جي ميدان ۾، پيو مير مُسي،

تنهن تؤن راءَ رسي، کڻي ٿيلهو ڏنو ٿر کي.

 

ڪامل = حضرت سليمان عليہ السلام.

ڪنواٽ = مڪڙ. راءُ = الله تعاليٰ.

ٿر کي ٿيلهو ڏين = تخت تاج تان لاهڻ.

 

مراد: حضرت سليمان عليہ السلام مڪڙ جي فيصلي ڪرڻ بدران پنهنجي بيبيءَ کي قرباني لاءِ اهو مڪڙ ڏيئي ڇڏيو. انهيءَ سبب الله تعاليٰ مٿس ڏمريو پوءِ زماني جي گردش ۾ اچي تخت تاج کان ڪجهه عرصو محروم رهيو.

 

[9]

دانهه گهڙيو ديوار ۾، ڏيئي نار کي نشاني،

اندر ۾ ٿي اوچتي، بدوءَ کي بي ايماني،

ڪاهي آيو ڪاڪ تي، مومل کان وٺي سومل سبحاني،

راڻي کي هن راز جي، حقي لڳي حيراني،

”قادن“ مڃي قرباني، ساهڙ کڻي صبر ڪيو.

 (قادن)

 

دانهن = حضرت سليمان عليہ السلام.

ديوار = غسلخانو. نشاني = منڊي.

بدو = ديو. مومل = ٻانهي. مومل = منڊي

راڻو = حضرت سليمان عليہ السلام.

 

مراد: جڏهن حضرت سليمان عليہ السلام ٻانهيءَ کي منڊي ڏيئي پاڻ غسلخاني ۾ گهڙيو ته پويان هڪ ديو سندس شڪل ۾ اچي ٻانهي کان منڊي وٺي ويو ۽ وڃي تخت تي ويٺو. حضرت سليمان عليہ السلام انهي راز کان حيرت ۾ پيو، آخرڪار الله تعاليٰ جي طرف کان تنبيهه سمجهي اها تڪليف صبر سان سٺائين.

 

[10]

وٺو راهه روسل جي، ڪانه لڳندو ڪَسَ،

سڏ ڪيائين سگهڙ کي، ڏيئي چپن چَسَ،

ساڌ مليئا ويئي ”مري“ چئي، جيڪي هو ويچاريءَ وس،

هئي سومري جي ساعت سرس، پر مومل ماڻي ويو مينڌرو.

 (جاڙو خان مري)

 

سگهڙ = ٻانهي. سومرو = حضرت سليمان

عليہ السلام. مومل = منڊي.

 

مراد: حضرت سليمان عليہ السلام هڪڙي ڏينهن وهنجڻ ويو، ته هڪڙو ديو حضرت سليمان عليہ السلام جي شڪل ۾ ٿي، ٻانهيءَ کان حضرت سليمان عليہ السلام جو وڳو ۽ منڊي وٺي، پائي وڃي تخت تي ويٺو، حضرت سليمان عليہ السلام اهو حال ڏسي صبر ڪري هليو ويو. پوءِ اهو ديو تخت تي وڃي ويٺو، هڪڙي وزير تورات مان ’فتح نامو‘ پڙهيو، ته اهو ديو چوٽي ڀر وڃي اونڌو ٿي ڪريو ۽ اٿي ڀڳو ۽ منڊي دريءَ ۾ اڇليائين، جا پوءِ مڇيءَ جي پيٽ مان نڪتي ۽ حضرت سليمان عليہ السلام کي هٿ آئي ۽ کيس موٽي بادشاهي ملي.

 

[11]

هو ويرُ چڙهيو وهه واهه ٿي، ڪا ها ها هوڪ پئي،

ڌاڪو دهشت ڌَم ڌمان ٿي، ڌاڌا ڌوڌ ڳڻي،

پر اُن هيڻيءَ هڪل هنئي، ته ناهين لَلُ لکڻ ڪو.

 (نبي بخش بلوچ)

 

وير = حضرت سليمان عليہ السلام.

هيڻي = ڪئلي ڏانهن اشارو.

 

مراد: حضرت سليمان عليہ السلام گهڻي شان شوڪت ۽ شاهي لشڪر سان پئي آيو ته، هڪ ڪئلي ٻين پنهنجين ڪئلين کي وڏي آواز سان چيو ته ڀڄي پري ٿيو. ڇاڪاڻ انسان زمين تي نظر ڪري نه هلندا آهن، متان اوهان کي لتاڙي ماري ڇڏين.

 

[12]

مارئي پئي هئي مامري، جڏهن عمر پئي آيو،

ڌن ڌڪي ڌار ڪري، سنجهي ڪيائين سعيو،

جڏهن عمر ان سان ڳالهايو، تڏهن ماڳ ڇڏي ويو مارئي.

 (واليڏنو فقير)

 

مارئي = ماڪوڙي. عمر = حضرت سليمان عليہ

السلام. ڌڻ = ماڪوڙين جو ڪٽڪ.

 

مراد: حضرت سليمان عليہ السلام جي لشڪر کي ايندو ڏسي ماڪوڙين جي سردار پنهنجيءَ قوم کي لڪي وڃڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن حضرت سليمان عليہ السلام ماڪوڙين جي سردار کان لڪي وڃڻ جو سبب پڇيو ته ان کيس لشڪر جي عبادت ۾ رخني پوڻ ۽ ان محويت ۾ ماڪوڙين جي لتاڙجڻ جو سبب ٻڌايو. اهو جواب ٻڌي حضرت سليمان عليہ السلام خوش ٿي روانو ٿي ويو.

 

(الف) حضرت سليمان عليہ السلام جو ٻڪرار ۽ باغائي وارو فيصلو:

        هڪڙي باغائيءَ جي باغ کي ڪنهن ٻڪرار جي ٻڪرين اچي ڀيليو، هو حضرت دائود عليہ السلام وٽ دانهن کڻي ويو. جنهن فيصلو ڪري نقصان جي عيوض سڀئي ٻڪريون باغائيءَ کي ڏياريون. ٻڪرار، ٻڪريون ڦرائي ڏک ۾ ڀريل گهر ڏانهن روئندو پئي ويو، ته واٽ تي حضرت سليمان عليہ السلام گڏيس. جنهن ان کان غمگين ٿيڻ جو سبب پڇيو. ٻڪرار جواب ڏنو ته توهان جي والد باغ جي نقصان ۾ منهنجون سڀيئي ٻڪريون باغائيءَ کي ڏياريون آهن. اهو ڪهڙو انصاف آهي. پر حاڪم جي حڪم کي ڪير آڏو ايندو؟ حضرت سليمان عليہ السلام اهو ٻڌي ٻڪرار کي موٽائي حضرت دائود عليہ السلام وٽ وٺي آيو، ۽ پيءَ کان اجازت وٺي، پاڻ فيصلو ڪيائين ته باغائي، ٻڪرار جون ٻڪريون ٻارهن مهينا پنهنجي حوالي ڪري ۽ نقصان جي عوض انهن جو کير ۽ گيهه ڪم آڻيندو رهي ۽ ٻڪرار ٻارهن مهينا باغائيءَ جي باغ جي سنڀال ڪندو رهي. ٻارنهن مهينن بعد ڌڻ ٻڪرار کي ۽ باغ باغائي کي موٽي ملي. حضرت سليمان جي انهيءَ فيصلي تي ٻڪرار توڙي باغائي خوش ٿيا.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[13]

وِڙهي نڪتا وات تان، گؤنرا وٺي گس،

هن کي اڳي ائين ڪرڻو هو، ويتر ڏاهي ڏنس ڏس،

ٻڌي ڳالهه ”ٻروچ“ چئي، ڪامل لائي ڪس،

بيوس بار ”بلوچ“ چئي، آيا سور سرس،

ڪيئن ڪري ڪاڏي وڃي، اچي دردن وڃايا دس،

چڱي آيس چَس، جڏهن گڏجي ويا گوهر سان.

 (بلوچ)

 

گؤنرا = باغائي ۽ ٻڪرار.

ڏاهو = حضرت دائود عليہ السلام.

گوهر = حضرت سليمان عليہ السلام.

 

مراد: ڏسو مٿيون بيان.

(ب) حضرت سليمان عليہ السلام ۽ ٻڍڙي زال:

        هڪ ٻڍڙي زال ڇڄ ۾ اٽو کنيو پئي وئي، ته اوچتو سخت هوا لڳڻ سبب اٽو اُڏامي ويو. ٻڍڙي دانهياڻي بنجي حضرت دائود عليہ السلام وٽ آئي ۽ کيس عرض ڪيائين ته مون غريب بيوس زال جو اٽو هوا اڏائي ڇڏيو آهي. حضرت دائود عليہ السلام ان کي اصل اٽي کان ٻيڻو اٽو ڏنو، جو هوءَ وٺي خوش ٿي رواني ٿي. اڃا دروازي تي ئي هئي ته حضرت سليمان عليہ السلام گڏيس. جنهن ٻڍڙيءَ کان اچڻ جو سبب پڇيو، جنهن ان کي ساڳي حقيقت ٻڌائي. ان تي حضرت سليمان عليہ السلام ٻڍڙيءَ کي واپس وٺي والد وٽ آيو ۽ هوا کي گهرائي ان کان اٽي کڻڻ جو سبب پڇيائين. هوا ٻڌايو ته، هڪ سوداگر جي ٻيڙيءَ کي سوراخ ٿي پيو هو، جنهن الله تعاليءَ کان پناهه گهري ۽ ان ئي مون کي حڪم ڪيو ته اهو اٽو کڻي وڃي ٻيڙيءَ جو سوراخ بند ڪر، تنهنڪري مون اٽو کڻي سوراخ پوري، ان جي ٻيڙيءَ کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو. پوءِ حضرت سليمان عليہ السلام انهيءَ ٻيڙي واري سوداگر کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ کيس حقيقت کان واقف ڪيو، جنهن وري حضرت سليمان عليہ السلام جي فيصلي موجب واپار مان حاصل ٿيل نفعي جو اڌ ٻڍڙيءَ کي ڏيڻ قبول ڪيو.

        مٿين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[14]

ٻيڙي هلي ٻاجهه سان، جنهن منجهه مهاڻي مير،

ڇٽڪي ٿي ڇوهي ۾ پردو رکنديس پير،

لڳس لاهه ”لعلو“ چئي، پاسي منجهه پسير،

مهاڻا اچي ماندا ٿيا، سڏڪا ڀرين وچ سير،

چڙهي ويا مهري تي، ڪري دامن دستگير،

لطف سان ”لالڻ“ چئي، ميٽ منهنجي تقصير،

پرور رکيس پير، پر هن جا به ٻول ٻيڻا ٿيا.

 (لعلڻ)

 

مهاڻا = سوداگر ۽ سندس ماڻهو.

هن = اي واري ٻڍڙي ڏانهن اشارو.

 

مراد: ٻڍڙيءَ جي ڇڄ مان هوا اٽو کڻي ويئي، جا حضرت دائود عليہ السلام وٽ دانهياڻي آئي، جنهن اٽو ٻيڻو ڪري ڏنس، مگر حضرت سليمان عليہ السلام کيس نقصان جي عيوض ٻيڙيءَ وارن کان نفعي جو اڌ ڏياريو.

(ج) حضرت سليمان جي دعوت:

        چون ٿا ته حضرت سليمان عليہ السلام هڪڙي دفعي سڀني ساهوارن جي دعوت ڪئي. درياءَ جي ڪناري تي ڪروڙين ديڳيون لهرائي قطارون ڪرائي رکيائين. ايتري ۾ هڪڙو غيبي آواز آيو ته، اي سليمان! اهو رب تعاليءَ جو شان آهي، جو هر ڪنهن کي روزي ٿو رسائي، تون ان ڳالهه کي پهچي نه سگهندين. ان تي حضرت سليمان عليہ السلام عرض ڪيو ته الٰهي! آئون ته فقط هڪڙو ڀيرو جاندارن جي دعوت ٿو ڪريان. اڃا اهو جواب مس ڏنائين ته سمنڊ مان هڪ مور مڇي نڪتي، جا سمورو طعام کائي هلي وئي ۽ حضرت سليمان عليہ السلام کي چيائين ته هي طعام مون لاءِ هڪ گرانهه ٿيو آهي، اڃا ٻه گرانهن جي گهرج اٿم. اهو ٻڌي حضرت سليمان عليہ السلام حيرت ۾ پئجي ويو ۽ دل ۾ چيائين ته بيشڪ الله تعاليٰ رزاق آهي ۽ اهو ئي هر شئي تي قادر آهي.

 

[15]

مينڌري کي مومل جو، ڪنهن ڏس ڏنو ڏاهي،

هيءُ به هليو هو اوڏهين، ڪوڏ منجهان ڪاهي،

ڇڏيائينس مور هن منجهائي، جو سومل سرچيس ڪينڪي.

 

مينڌرو = حضرت سليمان عليہ السلام.

مومل = دعوت. سومل = مو مڇي.

مراد: ڏسو مٿيون بيان.

(د) حضرت سليمان عليہ السلام ۽ ڪانگ:

        حضرت سليمان عليہ السلام هڪڙي ڏينهن مڙني ساهوارن کي دعوت ڪئي، انهن مان هڪڙو ڪانءُ ارمان ۾ اچي ويهي رهيو. حضرت سليمان عليہ السلام پڇيس ته، تون ڇو نٿو لائين؟ جواب ڏنائين ته مون سان گڏ هڪڙو ٽرڙ ڪانءُ رهندو آهي. جڏهن ان کي کارائي ڍؤ ڪرائيندو آهيان، تنهنکان پوءِ آءٌ کائيندو آهيان. اهو اچڻ کان لاچار آهي. ان جي خيال ۾ ويٺو آهيان ته ان کي هيءُ کاڌو ڪيئن ملندو؟ تڏهن حضرت سليمان عليہ السلام ان کي ٽرڙ ڪانءُ لاءِ کاڌو ڏياريو. پوءِ هن ٻه ٽي چهنبون ڀري باقي اُن کسري ڪانءُ کي وڃي کارايو.هئ خدا جي قدرت سان طعام کائڻ شرط ان کي پر پيدا ٿيا، ۽ پوءِ ٻئي ڪانگ اڏامي اچي دعوت ۾ شريڪ ٿيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org