چون ٿا ته ڪربلا جيواقعي ٿيڻ کان گهڻو اڳي حضرت
علي ڪرم الله وجهه هڪ ڏينهن ننڊ مان ڇرڪ ڀري
اُٿيو ۽ اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳس ته حضرت امام
حسين کانئس پڇيو ته بابا سائين! توهين ڇا لاءِ
ايترو پريشان آهيو؟ حضرت علي ڪرم الله وجهه
فرمايو ته رت جي درياءَ ۾ تنهنجو سِر لڙهندو ڏسي
ڇرڪ ڀري اُٿيو آهيان. تڏهن حضرت امام صاحب فرمايو
ته جيڪڏهن الله تعاليٰ جو امر ائين هوندو ته مون
کي قبول آهي.
چون ٿا ته حضرت امام حسين جڏهن ڪوفي مان
آيل خطن جي ڀروسي تي مڪي شريف مان روانو ٿيو ته
سڀني مؤمنن کي خبر پئي ته حضرت امام حسين روانو
ٿو ٿئي پر جن کي ڪربلا جي ميدان ۾ شهادت جو رتبو
حاصل ٿيڻو هو اهي ئي حضرت امام حسين سان گڏ روانا
ٿيا.
چون ٿا ته جڏهن حضرت ابو مسلم شهيد ٿيو
ته حارث ملعون جي زال حضرت ابو مسلم جي فرزندن کي
لڪائي ڇڏيو. حارث کي حڪم مليو ته معصومن کي هٿ
ڪري. هن گهڻئي ڳوليو پر معصوم نه مليس رات جو جڏهن
سُتو ته اوچتو ٻارن جي روئڻ جو آواز ٻڌائين. زال
کان پڇيائين پر هن پاڙي وارن ٻارن جي روئڻ جو
بهانو ڪيو مگر هن اعتبار نه ڪيو ۽ ڳولا ڪري وڃي
ٻار هٿ ڪيا. مائيءَ گهڻئي آزيون نيزاريون ڪيون مگر
هن نه مڃيو. تڏهن ڪاوڙ ۾ ترار سان مائيءَ کي قتل
ڪري ڇڏيائين ۽ پوءِ معصومن کي ٻاهر وٺي ويو ۽
درياءَ جي ڪناري تي شهيد ڪيائين.
چون ٿا ته حضرت امام حسين شام وارو رستو
وٺي اڳتي هليو ۽ ڪربلا جي ميدان تي پهتو تڏهن سندس
گهوڙو اڳتي نه هليو ۽ هڪلڻ تي به ڪنڌ هيٺ ڪري بيٺو
رهيو، نيٺ حضرت امام صاحب اتي لهي پيو ۽ سڀني
ساٿين کي لهڻ لاءِ حڪم ڪيائين.
چون ٿا ته ڪربلا جي ميدان تي جڏهن حضرت
عباس جون وڙهندي ٻئي ٻانهون ڪپجي ويون تڏهن فرات
نديءَ تان پاڻيءَ جي کُلِي چڪ ۾ وجهي کنيو پئي آيو
ته تير لڳڻ سان کَليءَ مان پاڻي وهي ويو ۽ پاڻ ڪري
پيو. تڏهن حضرت امام حسين کيس فرمايو ته عباس! اڄ
مون کي ’ادا‘ ڪري سڏ، مگر حضرت عباس جواب ڏنو ته
آقا! بابي حضرت علي سان ڪيل انجام نه ڀڃندس جنهن
سان مون واعدو ڪيو هو ته حضرت امام حسين کي آقا
کانسواءِ نه سڏيندس.
چون ٿا ته ڪربلا جي ميدان تي دشمنن سان
وڙهڻ لاءِ هڪڙي پيرسن مجاهد حبيب مظهر نالي اجازت
گهري. حضرت امام حسين کيس فرمايو ته تون پيرسن
آهين تنهنڪري تون آرام ڪر مگر حبيب عرض ڪيو ته يا
امام المؤمنين مون ته حضورﷺ جن سان به واعدو ڪيو
هو ته آءٌ توهان جو غلام ٿي رهندس سو هينئر ته
منهنجو بخت مٿانهون ٿيندو جيڪڏهن آءٌ توهان تان
قربان ٿيان. اجازت وٺي وڃي دشمنن سان وڙهيو ۽ ڪئين
ڪافر ماري پوءِ شهيد ٿيو.
چون ٿا ته جنگ هلندي جنن جو سردار حضرت
حسين جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. عرض ڪيائين ته آءٌ حضرت
علي ڪرم الله وجهه جو خادم آهيان مون کي اجازت
ملي ته دشمنن سان جنگ ڪريان مگر حضرت امام حسين
فرمايس ته انسانن سان جنن کي ويڙهائڻ عقل جي خلاف
آهي ۽ اسين الله تعاليٰ جي رضا تي راضي آهيون
تنهنڪري تون واپس هليو وڃ. پوءِ ڏکويل ٿي واپس
هليو ويو.
چون ٿا ته ابن زياد امامن جا سر مبارڪ
کڻائي شام ۾ يزيد وٽ پيش ڪيا. جنهن جي زال جڏهن
اهي سر ڏٺا تڏهن يزيد کي گهٽ وڌ ڳالهائي ٻاهر نڪري
وئي. يزيد چڙ ۾ پٺيانئس ماڻهو موڪليا پر هوءَ هٿ
نه آئي. پوءِ يزيد کان حضرت امام زين العابدين سر
هٿ ڪري دفنايا.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.
[39]
سُتي ڏٺو سهڻي، دهشتي درياءُ،
لال به ڏٺائين لڙهندو، ٿيو ڪامل کي ڪهڪاءُ،
معلوم ڪيئين ملڪ کي جيڪو هو عاشق کي ايذاءُ،
وير ڏني هئي ورندي، جيڪو ڪندو امرالله،
جن صديقي ڪيو ساهه، تن کي آهي انعام ”الهه بخش“
چئي.
(الله بخش)
سهڻو = حضرت علي ڪرم الله وجهه.
لال = حضرت امام حسين جو سر مبارڪ.
ڪامل = حضرت علي ڪرم الله وجهه.
وير = حضرت امام حسين.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[40]
اول نام الله جو، ٻيو ته ڪيئين سوڍو سوڀارو،
سومل پئي سڏ ڪري، ته چڙهي هن چاڙهيءَ تان ڪو
اوڀارو،
وير وڃي ٿو ڪونه ڪو، جا اها مڪمل ڪندو مارو،
راڻي راڄ وٺي وڃي هنيو ناتر کي نعرو،
جو موتي موچارو، سو ڏنائينس انعام ”احمد“ چئي.
(احمد خان مري)
سوڍو = حضرت امام حسين.
سومل = ڪربلا. مومل = ڪربلا.
راڻو = حضرت امام حسين.
راڄ قبيلو. ناتر = ڪربلا
موتي = شهادت.
مراد:
حضرت امام حسين مڪي معظمه مان ڪوفي ڏانهن روانو
ٿيو ته جن کي ڪربلا جي ميدان تي شهيد ٿيڻو هو انهن
مجاهدن ئي ساٿ ڏنو.
[41]
امر سان عجيب جي، ويو هاتنگ تان نه هلي،
ڏسي اسرار الستي، اوڏهن دانهن دل جهلي،
سالڪ به تنهن صوبي سان، آئي ساري ڳالهه سَلي،
پوءِ ويو خان کِلي، اوڏانهين ”الهه بخش“ چوي.
(الهه بخش)
عجيب = حضرت امام حسين.
هاتنگ = حضرت ابو مسلم.
اسرار = امر الاهي. دانهن = حضرت ابو مسلم.
سالڪ = ابو مسلم. صوبو = امام حسين.
خان = حضرت امام حسين.
مراد:
حضرت امام حسين ڪوفي مان خطن اچڻ سبب اتي جي
خبرچار وٺڻ لاءِ حضرت ابو مسلم کي روانو ڪيو. جتي
ارڙهن هزارن مؤمنن بيعت ڪئي. اها خبر هن حضرت
امام کي ڏني. ان بعد ئي حضرت امام حسين مڪي
معظمه مان روانو ٿيو.
[42]
سوين سامي آيا، ٿيا ڪَٺي ڪل گهڻا،
”لعلڻ“ لکيو ناهه ڪو، ڳڻي ڇا ڳڻيان،
منڪر ڪل مُڙي ويا، جن پايا ڳل جڻيان،
جيڪي واحد کي وڻيا، سي غازي گوءِ کڻي ويا.
(لعلڻ خان لغاري)
سامي = ڪوفي جا ماڻهو. غازي = امام ابو
مسلم ۽ سندس ساٿي.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[43]
مڻڪا اهي ملير جا، مان اکين تي رکنديس،
سانڍينديس سڪ منجهارئون، ساهه اندر سيبائينديس،
پوءِ موٽائي منجهنديس، مڻڪا اهي ملير ڏي.
مڻڪا = امام ابو مسلم جا ٻه پٽ.
مان = حارث جي زال ڏانهن اشارو.
ملير = مدينو شريف.
مراد:
امير مسلم جا معصوم حارث ملعون جي زال لڪايا هئا.
ڇو ته هن کي اولاد ڪونه هو. ابن زياد جي حڪم سان
حارث کي معصومن جي گهر ڳولڻ لاءِ حڪم مليو. هي
ڳولي ڳولي ٿڪجي پيو ۽ رات جو گهر موٽي سمهي پيو.
اڌ رات جو اوچتو ٻارن جي روئڻ جو آواز هن جي ڪن تي
پيو ۽ زال کان پڇا ڪيائين ته: اهي ٻار ڪنهن جا
روئن ٿا؟ سندس گهر واريءَ جواب ڏنو ته پاڙي وارن
جا روئيندا هوندا. آخرڪار هن کي زال جي ڳالهه تي
اعتبار ڪونه آيو، ۽ بتي ٻاري گهر ۾ تلاش ڪرڻ لڳو ۽
ڳوليندي هن جي نظر وڃي انهن معصومن تي پئي ۽ کين
هٿ ڪري مارڻ جي ارادي سان هنن کي کنڀي کنيائين.
سندس زال هڪدم وچ ۾ اچي پئي ۽ مڙس کي قسم وجهڻ لڳي
پر هو ڪونه مڙيو ۽ ڪڍنديئي ترار زال کي پورو ڪري
ڇڏيائين. پوءِ معصومن کي ٻاهر وٺي درياءَ جي ڪپ تي
شهيد ڪيائين.
[44]
هلي هلي ميو، ڪري بيڄوڳ ماٺ،
اڳتي ڌڪي ته اونداهي، پوئتي ڌڪي ته رات،
”سرهو“ چئي ساٿ، توڏي اُت ترسائي وڌو.
(سرهو)
ميو = حضرت امام حسين جو گهوڙو.
مراد:
حضرت امام حسين جي گهوڙي وارو بيان. چون ٿا ته
جنهن وقت حضرت امام حسين شام وارو رستو وٺي هليو
۽ ڪربلا جي ميدان تي پهتو ته سندس گهوڙو اتي بيهي
رهيو. گهوڙي کي امام صاحب هڪليو مگر ڪنڌ هيٺ ڪري
بيهي رهيو، تڏهن حضرت امام حسين اتي لهي پيو ۽
لشڪر کي پڻ اتي لهڻ لاءِ فرمايائين.
[45]
جانب سان انهيءَ جاءِ تي، ڪَٺا هئا ڪيئي،
گوهر جي گودڙئي کي، هوءَ وٺي سا ويئي،
پوءِ سچي حقيقت حال جي، وڃي پانهه کي پئي،
درس اها ديهي، برسايائون ”باغ“ چئي.
(باغ)
جانب = حضرت امام حسين.
گوهر = حضرت امام حسين.
گودڙيو = گهوڙو. هوءَ = ڪربلا جي زمين
ڏانهن اشارو. پانهه = حضرت امام حسين.
ديهي = ڪربلا جي زمين.
مراد:
حضرت امام حسين پنهنجي گهوڙي تي چڙهي پنهنجن
ماڻهن سان رستي تان هلندو پئي ويو ته هلندي هلندي
هڪ هنڌ سندس گهوڙو روڪجي بيهي رهيو. ڪيترو به
گهوڙي کي هڪليائين پر گهوڙو اڳتي نه هليو، تنهن تي
پڇا ڪيائون ته هيءَ زمين ڪهڙي آهي؟ ماڻهن کيس
ٻڌايو ته هيءَ ڪربلا جي زمين آهي. اهو ٻڌي پاڻ
اُتي لهي منزل ڪيائيون.
[46]
اچي ”اُوچل ڪوٽ“ ۾، سڱيون هنيو سامين،
دونها درد فراق جا، جاڳيا جوڳين،
وڏي ڀاڳ ڀِرن، جي ڪاهي ڪارونڀار هليا.
اُوچل ڪوٽ = ڪربلا جو ميدان.
سامي = حضرت امام حسين ۽ سندس
ساٿي. سڱيون = طنبو. ڪارونڀار = مقابلو.
مراد:
حضرت امام حسين ۽ سندس ساٿي جيڪي ڪربلا ڏي ويا ته
وري ڪين موٽيا.
[47]
کڻي هليو سڪ منجهون، سڀئي لئي ساري،
ڪيائيون جدا جانت کؤن، پيو مانجهي مونجهاري،
ڪري سام ساٿين ڏي، چُري هليو چاري،
رکي زور ضعيف تي، ڳهان ئي ڳاري،
هاڙهي ۾ ”حجم“ چئي، پيو پرين پوڪاري،
عاشق اوتاري، اچي اوري اور عجيب سان.
(مير محمد حجم)
کڻي هليو = پاڻي جي کلي ڏانهن اشارو.
ڪيائيون = ڪافرن ڏانهن اشارو.
جانب = حضرت امام حسين.
مانجهي، هاڙهي = ڪربلا.
پرين = حضرت امام حسين.
عجيب = حضرت امام حسين.
مراد:
ڪربلا جي ميدان ۾ جنگ شروع ٿي ته ان وقت حضرت
عباس پاڻيءَ جي هڪ کلي ڀري ٿي آيو ته دشمنن تير
هڻي زخمي ڪري وڌس ۽ پاڻ بيهوش ٿي آخر ڪِري پيو.
[48]
ڪري رٿا روح ۾، هن کڻي ڪست مان ڪاهيو،
هاڻ ته جوڳياڻي اها ”جمعو“ چئي، اچي عاشق اٺايو،
ٻئي ويس ”ٻروچ“ چئي، هئين ٽئين ۾ ٽهلايو،
ادا! ڪشي تير ڪمان مان، هو ويريءَ وهايو،
شايد ائين هو رازق جو رايو، جو ٿيو نه مطلب مرد جو
(جمعو ٻروچ)
هن = حضرت عباس ڏانهن اشارو.
جوڳياڻي = مشڪ. ٻئي = ٻنهي ٻانهن ڏانهن
اشارو. ٽيون = وات ڏانهن اشارو.
مراد:
حضرت عباس نهر فرات تان پاڻيءَ جي مشڪ کڻي ڀرڻ
لاءِ ويو، جڏهن مشڪ ڀري واپس وريو تڏهن يزيدي لشڪر
تلوارون هڻي، ٻئي ٻانهون بيڪار ڪري ڇڏيس، تڏهن پاڻ
اها مشڪ وات ۾ جهلي خيمن ڏانهن وڌڻ لڳو مگر دشمنن
جي تيرن کيس اڳتي وڌڻ نه ڏنو. هڪ تير اچي مشڪ کي
لڳو ۽ پاڻي سڀ هارجي ويو. آخر پاڻ به اتي ئي شهيد
ٿيو.
[49]
ڏاڍي ڏک مان ڏنئين، مومل ۽ سومل،
پوءِ انهيءَ مهل، سهجان به ٿي جدا سوڍي کان.
مومل ۽ سومل = ٻئي ٻانهون.
سهجان = مستي. سوڍو = حضرت عباس.
مراد:
حضرت عباس ڪربلا جي ميدان ۾ مشڪ کڻي فرات درياهه
تان پاڻي ڀرڻ ويو. دشمن تير هڻي ٻئي ٻانهن ڪپي
وڌس. نيٺ شهادت کي رسيو.
[50]
چوڻ سان چيو ڪري، حاڪم اُٿي هليو،
هڪڙو ته سنگتي ساڻ ڪري، آيو ٽَل ۾ ڳالهه ٽليو،
هيس معلومات ”متارو“ چئي. وڃي ٿو جانب جهليو،
هيئن هن پاڻ پليو، تڏهن مشهور ٿيو ملڪ ۾.
(متارو واڍو)
حاڪم = حضرت عباس. سنگتي = ٻانهن.
ٽل = وات سان پاڻيءَ جي کلي کڻڻ.
جانب = حضرت امام حسين.
مراد:
حضرت عباس جون ٻانهون بيڪار ٿيون ته پاڻيءَ جي
کلي وات سان کڻي اُٿي هليو. پاڻيءَ جي هن سخت
ضرورت ڀانئي پر تيرن سان نيٺ شهيد ٿيو.
[51]
ڪامل جي ڪامڻ کاڻ، ڪري پيو ڪلام،
انهيءَ جو اڳ ۾ ئي، پهتل هوس پيغام،
عاشق جو انجام، هيو هوت سان ”حاجي“ چئي.
(حاجي مهيسر)
ڪامل = حضرت امام حسين.
ڪامڻ = ڳالهه. عاشق = حضرت عباس.
مراد:
حضرت عباس جون جڏهن ٻئي ٻانهون ڪربلا جي جنگ ۾
ڪٽجي ويون تڏهن حضرت امام حسين کيس هنج ۾ کڻي چيو
ته عباس! اڄ منهنجي مرضي آهي ته تون مون کي ”ادا“
ڪري سڏ. حضرت عباس وراڻيو ته، نه آقا! بابي حضرت
علي ڪرم الله وجهه سان انجام ڪيل اٿم ته توهان کي
سدائين ”آقا“ چئي سڏيندس. جي مون توهان کي ادا چيو
ته محشر ۾ واعدي ڀڃيندڙ ٿي پوندس.
[52]
لک رحمتون رانجهن توتي، تو پئي ڪئي سهڻا سرداري،
اڄ هڪڙي مون سان ڪر، منهنجا پرين ڪامل قربداري،
پوءِ ته حقيقت حاڪم کي، ڪيائين سُڌ خبر ساري،
پوءِ پانهه ڳوالهه نه پچاري، صبر ڪيائين ”صاحب
خان“ چئي.
(صاحب خان)
رانجهن = حضرت عباس.
مون سان = حضرت امام حسين
ڏانهن اشارو. پرين = حضرت عباس
پانهه = حضرت امام حسين.
مراد:
جڏهن ڪربلا جي ميدان ۾ حضرت عباس جو روح پرواز
ٿيڻ وارو هو تڏهن حضرت امام حسين چيس ته ادا! سڄي
عمر تو مون کي ادا ڪري سڏ نه ڪيو آهي، ليڪن اڄ ته
مون کي ادا چئي سڏ ڪر. پر حضرت عباس چيو ته بابي
سائين سان واعدو اٿم سو نه ڀڃندس.
[53]
جڏهن ڪهنگ ويا ڪاپڙي ڪؤن، تڏهن مير ڪيس مصلحت،
سڻ حقيقت هيءَ اٿيئي، شامل سان شريعت،
ڪامڻ ڪين ڪندي، جنهن کي اصل ناهه عادت،
ٻانهون واري اَمانت، ڪين ڇڏيندس ”قادربخش“ چئي.
(قادربخش راڄپر)
ڪهنگ = ٻانهون. ڪاپڙي = حضرت عباس.
حضرت عباس رضه. مير = حضرت امام حسين.
ڪمڻ = زبان. امانت = واعدو.
مراد:
چون ٿا ته حضرت عباس، حضرت امام حسين کي ادا نه
چوندو هو. جڏهن ڪربلا جي ميدان ۾ فرات نديءَ مان
پاڻي آڻڻ ويو ته قدرت سان ٻئي ٻانهون ڪافرن تير
هڻي بيڪار ڪيس آخر شهادت کي ويجهو ٿيو ته حضرت
امام حسين جوٽ تي سر مبارڪ رکي چيس ته هاڻي ته
ادا چئو. ڇيائين ته آقا! زبان ڪڏهن به چيو نه ڪندي
جو بابي سائينءَ سان اهڙو واعدو ڪيل اٿم.
[54]
وٺو راهه رسول جي، آهي محبت سندو ماڻ،
ڪامل تنهين ڪٽڪ جو، عاقل هو اڳواڻ،
پوءِ لڳس ٻاڻ، ”ٻروچ“ چئي، انهي دلبر سندو دام،
اندر تنهن جو اُجري، ٿيو صفا صيقل ساڻ،
آيو در عجيب جي، جتي دُهرو مليس دان،
داخل ٿيو هن دفتر ۾، هي به لکيو لاهوتين ساڻ،
مُلڪن منجهه ”مري“ چئي، ٿيو نالو تنهن نيشان،
جتي ترندو تُر ميزان، اتي هوندو ڪونڌ ڪچهريءَ ۾.
(جاڙو خان مري)
ڪامل = حضرت حر. دلبر = حضرت امام حسين.
عجيب = حضرت امام حسين. لاهوتي = شهداءَ.
ڪونڌ = حضرت حر. ڪچهري = شهيدن جي مجلس.
مراد:
حر يزيدي لشڪر جو اڳواڻ هو پر ڪربلا جي ميدان ۾
اڳواڻي ڦٽي ڪري، اچي حضرت امام حسين جي رفيقن ۾
شامل ٿي دشمنن سان وڙهي شهيد ٿيو.
[55]
مانجهي مَل مورڙا، توکي ڀلي ڄائو ماءُ،
گهرڻو هجيئي گهُر، اٿئي سورهيه ويل اِها،
چيائين ڪر بخش بادشاهه، محصول منهنجي مائٽن تان.
مورڙو = حر. بادشاهه = حضرت امام حسين.
محصول = دوزخ جي باهه.
مراد:
يزيد جي لشڪر جو اڳواڻ حر، حضرت امام حسين جو
نوراني تجلو ڏسي سندس رفيقن ۾ گڏجي دشمنن سان وڙهي
شهيد ٿيو.
[56]
ڪپر ڪلاه اڳيان، اٿئي دونهان دوست ميهار جا،
ٻڌي دور درياهه جا، دهلي ڪيم دل لاهه،
متان ڪا گلا، ساهڙ سمن جي ڪري.
ميهار = حضرت امام حسين.
گلا = قيامت جو ڏوراپو.
ساهڙ = حضورﷺ جن.
مراد:
يزيدي لشڪر جي اڳواڻ حر کي، حضرت امام حسين جي
ساٿين سان وڙهندي خيال آيو ته آءٌ حضورﷺ جن جي
سڳوري ڏهٽي حضرت امام حسين رضا سان وڙهي حضورﷺ جن
اڳيان قامت ۾ ڪهڙو ڪنڌ کڻندس.
[57]
هلو تان نه هلو، مون تان وڃڻ ئي واريو،
توهين جي نه هلو، تان آءٌ نه جهلجان اوهان کان.
مون = حر ڏانهن اشارو. توهين = حر
جي لشڪر ڏانهن اشارو.
مراد:
يزيد جي لشڪر جي اڳوڻ حر، پنهنجي لشڪر کي حضرت
امام حسين جي پاران وڙهڻ لاءِ ور رکيو پر اُهي نه
آيا، پر پاڻ هن کي روڪيائون تڏهن حر کين چيو ته
توهين هلو توڙي نه هلو پر آءٌ حضرت امام حسين تان
پنهنجو سر ضرور گهوريندس.
[58]
آديسيءَ جي اندر ۾، هئي سِڪَ سچي،
ڪاهي تنهن ڪابول ۾، عاقل ويو اچي.
جاءِ انهيءَ ”جاڙو“ چئي، بيٺو مانجهي مرد مچي،
لاهوتين سان لال ٿي، ويو رنگ رچي،
پورب منجهه پتي، انهيءَ آديسيءَ اچي ڪئي.
(جاڙو خان مري)
آديسي = حبيب مظهر. ڪابول = ڪربلا.
عاقل = حبيب مظهر. لاهوتي = شهيدن ڏانهن اشارو.
رنگ رچڻ = شهيد ٿيڻ. پورب = قيامت ڏانهن اشارو.
پتي = آخرت جو ثواب.
مراد:
ڪربلا جي ميدان ۾ هڪ پيرسن مجاهد حبيب مظهر حضرت
امام حسين وٽ اچي حاضر ٿيو، امام صاحب کيس فرمايو
ته حبيب! تون پيرسن آهين توتي ڪا ميار ڪانهي. پر
هن عرض ڪيو ته يا امام! مون حضورﷺ جن سان واعدو
ڪيو هو ته جيستائين جيئرو هوندس تيستائين امامن
سڳورن کان جدا نه ٿيندس اڄ آءٌ ڪيئن جدا ٿيان؟
ائين چئي تلوار کڻي وڃي ساٿين سان گڏيو ۽ ڪيترا
دشمن ماري شهيد ٿيو.
[59]
پنهل وڃي ٿو ڏور، سسئي ڇڏيو سُڃ ۾،
ويهڻ منهنجو وهُه ٿيو، ڳولڻ پيم ضرور،
جدائي تو جانب جي، مون کي نامنظور،
روئنديس رت گاڏئون، جڏهن پل پل پوندم پور،
”ڪرم شاهه“ چئي ڪيچي لاءِ، هيءَ وڃي پئي وهلور،
پوءِ ڏسيون وڃ مذڪور، ته هوندين ڪهڙي هنڌ تي.
حضرت امام قاسم. سسئي = حضرت امام
قاسم جي اهليه. جانب = حضرت امام قاسم.
ڪيچي = حضرت امام قاسم. هنڌ = قيامت.
مراد:
حضرت امام قاسم ڪربلا جي ميدان ۾ شادي ڪري جڏهن
جنگ لاءِ سنڀريو تڏهن سندس اهليه ڏک ڪيو ۽
فرمايائين ته جي توهين به شهيد ٿيا ته آءٌ ڪٿي
اوهان کي ڳولينديس؟
[60]
هيڪر جهل هنيانءُ متان تون ماندي ٿئين،
جتي ڏسين ڪيچين قافلو، اتي هوندس آنءُ،
اتي منهنجو نانءُ، پڇجان پنهنجي پيڪن کؤن.
ڪيچين قافلو = حضورﷺ جن ۽ اهلبيت ڏانهن اشارو.
پيڪا = حضرت امام حسين ڏانهن اشارو.
مراد:
حضرت امام قاسم ڪربلا جي جنگ هلندي ئي شادي ڪئي.
حضرت امام حسن جا سڀ ساٿي جنگ جي ميدان ۾ پئي
وڙهيا تڏهن حضرت امام قاسم پنهنجي حرم کي فرمايو
ته همت سان هن وقت کي منهن ڏيو. جي شهيد ٿيان ته
مون کي قيامت ۾ حضورﷺ جن جي ڪچهري ۾ ڳولجو.
[61]
سمي سومرن کي، چٽو چيو،
ته ملڪ اسان جو مليو آ، ٿاڻو ٿر ٿيو،
وَٿون ويڙهيچن جون، مون کي ساري سڀ ڏيو،
مَنهن مارو مير جو، آهي ڇپر ڇنو ٿيو،
ڄاڃي ڄام پنهنجا، وٺي ات ويو،
اڏيو ۽ اڏيو، اٿي ماڙيون تن ملوڪن جون.
(الهه بخش)
سمو = حضرت امام زين العابدين. سومرا = يزيد جا
ماڻهو
ملير = ڪربلا جو ميدان. وٿون = حضرت امام حسين.جو
سر منهن ۽ ڌڙ. ڄاڃي = ڪانڌي. ڄام = حضرت امام
زين العابدين. ماڙيون = قبرون.
مراد:
حضرت امام زين العابدين يزيد کان سر مبارڪ وٺي
دفنايا.
[62]
وکر آهي وترو، جي ننڍو آهي ته ڪوهه،
وڃيو ڪاڪ ڪنڌين ۾، پُرس پکي جي پوءِ،
ان ڪُڙهه سندو ڪوءِ، ميو ماٺو ٿئي ئي ڪونڪو.
ننڍو = حضرت امام زيب العابدين ڏانهن اشارو.
ڪاڪ ڪنڌيون = يزيد جي ملڪ شام ڏانهن اشارو.
ڪڙهه = حضورﷺ جن جو اولاد.
مراد:
حضرت امام زين العابدين يزيد وٽ همٿ ۽ جرئت سان
اچي ان کي ڇينڀيو ۽ امامن سڳورن جا سر گهريائين.
[63]
مُنڌ به منڌن جهڙي، اتي نر ڪئي نروار،
جيڪو ڏسي منهن مومل جو، سو ٿئي گلن ۾ گلزار،
پوءِ ٿي عالم ۾ اظهار، اها عورت ”الهه بخش“ چئي.
(الهه بخش)
منڌ = ڪربلا جي زمين. منڌون = ٻيون زمينون.
نر = حضرت امام حسين. مومل ڪربلا واري
زمين. عورت = ڪربلا واري زمين
مراد:
ڪربلا جي ميدان جي زمين به اهڙي ئي آهي، جهڙيون
دنيا ۾ ٻيون زمينون آهن. پر هن زمين کي دنيا ۾
حضرت امام حسين جي شهادت ايتري ته عزت ڏني، جو
جيڪو به ماڻهو اتي وڃي زيارت ڪري ٿو اچي، سو عام
ماڻهن ۾ وڏي عزت وارو ٿو ليکجي.
[64]
محبت مجني مير جي هئي، ليليٰ سان لک بار،
نرمل نر نڀائيو پئي نار سان، هر ڀيري هوشيار،
محب نه مٽيو منڌ کي، ويهي ڀاڱيوار،
بيشڪ بيٺو بر ۾، بيحد آيس بار،
جهڪون جهولا ڪيترا، لڳس اُت اپار،
ته به ملاقات لاءِ مجهول کان، پڇيو هو پڳدار،
دائي دانهن کي ڏنا، پورا اتي پار،
پوءِ ته قرب ۾ ڪامڻ جي، جوڙ ڪيئين جنسار،
توڙ ڪيو تنهن سان پرينءَ ساڻ پيار،
سڻ حقيقت هن کي، تون قرب ساڻ ”ڪنڀار“،
قيس جي ڪمال کي، تون ”ٻيڙا“ ڳڻ ٻهار،
پوئلڳ ٿي پرينءَ جو، ڪر اها تات تنوار،
ڪر اها پيروي ۽ پچار، ته سرهو ٿين ساڻيهه ۾.
(ٻيڙو ڪنڀار)
مجنون = حضرت امام حسين.
ليليٰ = نماز. نرمل حضرت امام حسين.
نار = نماز. محب = حضرت امام حسين.
منڌ نماز = بر = ڪربلا. بار = جنگ جون
تڪليفون ۽ تير. جهڪون جهولا = اُڃ ۽
دشمن جا حملا. ملاقات = نماز پڙهڻ.
مجهول = شمرلعين. پڳدار = حضرت امام
حسين. دايو = شمر لعين. دانهن = حضرت
امام حسين. پار = جمعي جو ڏينهن ۽ نماز
جو وقت. جنسار = وضو، تيمم. توڙ = آخري نماز.
قيس = حضرت امام حسين. ڪمال = تڪليف
جي وقت نماز پڙهڻ جي عادت. ساڻيهه = آخرت.
مراد:
حضرت امام حسين شهادت جي وقت ۾ به الله تعاليٰ جي
فرض نماز کي نه ڇڏيو. سجدي ۾ ئي الله تعاليٰ جي
حضور ۾ روانو ٿيو. |