[325]
نه زمين تي نه آسمان تي، هئي مرد جي ته مڏي،
پختي هئس پٿر کؤن، نه هئس جاءِ جڏي،
مطلب رکي من ۾، ڪنهن لالچيءَ لڏي،
هئس دغا دل ۾، منجهس روح رڏي،
تنهن جي هوڏ هڏي، هوت ڀڳي ”حاجي“ چئي.
(حاجي فقير مهيسر)
مرد = ڪينئون لالچي = ابوجهل.
هوت = حضورﷺ جن.
مراد:
ابوجهل پيتي ۾ لعل بند ڪري، حضورﷺ جن وٽ کڻي آيو ۽
کانئس پڇيائين ته هن ۾ ڇا آهي؟ حضورﷺ جن ٻڌايو ته
انهيءَ ۾ لعل ۽ لعل ۾ ڪينئون آهي. جڏهن لعل ڀڳائون
ته ان مان برابر ڪينئون نڪتو.
[326]
ويڙهي آيو ويسن ۾، خوشيءَ مان کڻي، هن ڀانيو
ايتري، پر ٿئي پئي ڳالهه گهڻي،
پوءِ جا واحد ڳالهه وڻي، هن کي سمجهايئون ”صديق“
چئي.
(صديق)
ويڙهي آيو = لعل ڏانهن اشارو. هن = ابوجهل
ڏانهن اشارو. ڳالهه گهڻي ٿيڻ = لعل ۾
ڪيڙو هئڻ.
مراد:
حضورﷺ جن بند ٿيل لعل جو ته ٻڌايو، پر ان جي اندر
ڪينئين جي جيڪا حقيقت ٻڌائي، ان جي ابوجهل کي به
خبر ڪانه هئي.
[327]
لاهوتي لوڙهي ۾، هيو لُنگ ٻڌل لائان،
کڻي آيا خان ڏي، تنهن مرد جو ميخان،
نَر اهو نيشان، هوت ڏنن ”حاجي“ چئي.
(حاجي مهيسر)
لاهوتي = ڪيڙو. لوڙهو = لعل.
لائان = ڪيڙو. خان = حضورﷺ جن.
مرد = ڪيڙو. ميخان = لعل.
نر = حضورﷺ جن. هوت = حضورﷺ جن.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[328]
هڪ ڪاٺ ٻيو ڪپڙو، ٽيون هٿ هو،
ان جو ”فقير محمد“ چئي، ان کي پتو ڪونه پيو،
جنهن سان سائين سبب ڪيو، سو پيو ڦري فوجن وچ ۾.
(فقير محمد)
ڪاٺ = پيتي. ڪپڙو = رومال.
ان جو = ڪئين ڏانهن اشارو.
ان کي - ابوجهل ڏانهن اشارو.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[329]
مڻيو تنهن مورک جو، هزارن جو هو،
سامهون ڪيئين سالڪ کي، ته پائيءَ جو ٿي پيو،
هڻندي هٿ ويو، مورک پنهنجي مُنهن تي.
مثيو = لعل. مورک = ابوجهل.
سالڪ = حضورﷺ جن.
مراد:
ابوجهل، حضورﷺ جن جي فرمودي تي اعتبار نه ڪري لعل
ڀڳي ته نه رڳو حضورﷺ جن جو فرمودو صحيح نڪتو، پر
پاڻ به شرمندو ٿيو ۽ قيمتي لعل ضايع ٿيڻ ڪري ان تي
افسوس ڪندو ويو.
پٿر جي شاهدي ڏيڻ:
چون ٿا ته هڪ ڏينهن ابوجهل، حضورﷺ جن وٽ
آيو ۽ کين چيائين ته ندي جي ڇرئين ڀر وارو هو پٿر
ندي تي تري اچي توهان جي نبوت جي شاهدي ڏئي ته
پوءِ توهان کي نبي ڪري مڃيندس. حضورﷺ جن سندس اها
ڳالهه ٻڌي خاموش رهيا. ايتري ۾ وهي نازل ٿيو ۽ کين
چيائين ته توهان پٿر کي اشارو ڪريو ته هو خدا جي
حڪم سان اها ندي تري اچي نبوت جي شاهدي ڏيندو.
حضورﷺ جي نديءَ جي ڪپ تي ويهي پٿر کي اڱر جو اشارو
ڪيو ته اهو ندي تري آيو ۽ اچي شهادت جو ڪلمون
پڙهي، نبوت جي شاهدي ڏئي وري به ندي تري ساڳيءَ
جاءِ تي وڃي پيو. ابوجهل اهو معجزو ڏسي به ايمان
نه آندو پر اُٽلندو حضورﷺ جن کي جادوگر سڏيندو
رهيو.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.
[330]
جانب تنهن جوان کي، کڻي گهوٽ به گهرايو،
لاهوتي لامڪان مان، هڪڙو آديسي آيو،
تنهن اچي شهر گرنار ۾، اهو واڄو وڄايو،
ماڻهن کي ماٺ لڳي، هن کي ڇڏي هيءَ عطائي ڪيئن آيو!
پوءِ جڏهن وير ورايو، ته موٽي بيٺو ماڳ تي.
جوان = پٿر. گهوٽ = حضورﷺ جن.
لاهوتي = پٿر. لامڪان = نديءَ جي ٻي ڀر.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[331]
چڙهي چونگاريو، ڪيو ڪُن ڪڙوال،
تندون جي طالب جون، تن ساهڙ کي ساريو،
هن کي تار منجهان تاريو، مهل انهيءَ ”موريو“ چئي.
(موريو کٽي)
چڙهي = پٿر ڏانهن اشارو.
ساهڙ = حضورﷺ جن.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[332]
صاحب تيري صاحبي، عجب ديکيسون،
پن ٻوڙين پاتال ۾، پاهَڻ تارين تون،
هِت به تونهين تون، هُت به تنهنجو آسرو.
(رسالو)
پاهڻ تارن = حضورﷺ جن جي پٿر تارڻ
ڏانهن اشارو.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
کارڪ جي سڙيل ککڙيءَ مان وڻ پيدا ٿيڻ:
چون ٿا ته مڪي جي ڪافرن پاڻ ۾ صلاح ڪري
هڪڙي کارڪ جي سڙيل ککڙي حضورﷺ جن وٽ آندي ۽ کين
چيائون ته جيڪڏهن تنهنجو الله وڏي طاقت وارو آهي
ته اسان کي هن ککريءَ مان هڪڙو سائو کجيءَ جو وڻ
پيدا ڪري ڏيکار ته پوءِ اسين توتي ايمان
آڻينداسون. حضورﷺ جن فڪرمند ٿيا ته وحي نازل ٿيو،
جنهن کين خوشخبريءَ ڏني. پوءِ حضورﷺ جن ڪافرن کان
اها ککڙي وٺي هڪڙي هنڌ کڏ ۾ پوري ان جي مٿان وضو
ساريو ته ڪافرن جي ڏسندي ئي انمان کجيءَ جو سلو
نڪتو، جو وڌندي وڌندي وڻ ٿي ويو. نه فقط ايترو بلڪ
ڦر به جهليائين. ان جون کجيون اتي کاڌيون ويون ته
اندران سڙيل ڪاريون کوکيون نڪتيون. بنا ککڙيءَ
کجيون عرب ملڪ ۾ اڃا تائين مشهور آهن.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجل ٿا.
[333]
ڪڍي ڪونج ڪُن مان، ڏنائون مرد ميهار،
سُتت ڪريو سيگهه مان، ته من ڪرڙو ٿئيس قرار،
پر سڄڻ ماڻهو موڪليو، ته تون ويرَ نه ڪر ويچار،
پوءِ خان هنئي کڏ ۾ تڏهن وينگس ڇوڙيا وار،
ڪجل پاتو ڪنوار، انهيءَ رات ”رمضان“ چئي.
(رمضان)
ڪونج = ککڙي. ڪن = باهه جي دونهين.
ميهار = حضورﷺ جن. سڄڻ = الله تعاليٰ.
ماڻهو = وحي. خان = حضورﷺ جن.
وينگس = سڙيل ککڙي. وار = گوشا.
ڪجل = ڪاري ککڙي. ڪنوار = کجي.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[334]
سُڪل هئي سالن کان، ٻيو ساڙي ڪيائونس سوڪ،
پول وانگر پوکيئون، ڏيئي پاڻي منجهان ٿوڪ،
ڦُٽي ڦر جهليائين، ٻيا ميوا جهليائين موڪ،
تنهن کي کائيندو سارو لوڪ، قيام تائين ”قاسم“ چئي.
(قاسم)
سُڪل = ککڙي. ڪيائونس = ڪافر ڏانهن
اشارو. پوکيئون = حضورﷺ جن ڏانهن اشارو.
مراد:
حضورﷺ جن سڪل سڙيل ککڙي پوکي ته ان مان وڻ پيدا
ٿيو، جنهن ميوو يعني کجيون جهليون، عربستان ۾ اهي
بنا ککڙيءَ کجيون مشهور آهن ۽ قيامت تائين انسان
کائيندا رهندا.
[335]
منشا رکي من ۾، ڏنائين گهاتن کي تان گهُر،
ورتائين آزمودو اصيل کان، ڏيئي ويتر تنهن کي وَرُ،
پوءِ فائق ورتو ڦر، انهن کؤن ”الهه بخش“ چئي.
(الهه بخش)
گهاتو = ککڙيون. اصيل = حضورﷺ جن.
فائق = حضورﷺ جن.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
ڏيي وارو معجزو:
چون ٿا ته هڪ دفعي حضرت بلال حضورﷺ جن کي
ٻڌايو ته هڪڙي يهودي نجوميءَ اعلان ڪيو آهي ته اڄ
رات اهڙو سخت طوفان اچڻو آهي، جهن ۾ گهڻو نقصان
ٿيندو، وڻ ڪرندا ۽ جاين جڳهين کي به نقصان ٿيڻ جو
امڪان آهي، تنهنڪري اڄ رات ڪنهن به گهر ۾ باهه يا
روشني نه هجي متان سڄو شهر سڙي وڃي. حضورﷺ جن اها
ڳالهه ٻڌي، حضرت بلال کي فرمايو ته توهان دستور
موجب منبر تي ڏيو ٻاري رکو ۽ خدا جي قدرت جو رنگ
ڏسو. حضرت بلال حڪم موجب ڏيو ٻاري رکيو. طوفان
بربر آيو، پر ڏيو نه وساڻو ۽ ساري رات روشني ڪندو
رهيو. ڪافرن جڏهن ان طوفان ۾ به ڏيي کي ٻرندو ڏٺو
تڏهن ڪيترن ئي حضورﷺ جن جو اهو معجزو ڏسي مٿن
ايمان آندو.
مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.
[336]
وٺو راهه رسول جي، چلو انهيءَ چاري،
مومل جي مذڪور جو، هو وَرِد ويٺا واري،
ڪامل آيو ڪاڪ تي، هو الله آڌاري،
پوءِ گُجر آئي گَجندي، تکي جيئن تاري،
اتي ڏؤنر ڀٽي، ڌماچاڻي سينهڙو، هئا ڪنڌي ڪناري،
ڪهائي هن گهوٽن جا، ڇڏيا هئا عضوا اُڏاري،
ڪُهنگ ڪيرائي ڇڏيئين، ٻيا سوين سمهاري،
موٽي نه وري ملا تن جا، ڪي ڌڙ سسيءَ ڌاري،
هئا ناتر سڀ نهوڙيا، ۽ مُڃ ڪيئين ماري،
راڻي سان به ريب ڪيئين، پر وٽ ڏنئين واري،
هي بيٺس مرد مقابلي، تنهن منڌ وڌي ماري،
جي ٿي مڃيو ڪين ”مري“ چئي، سي هوڏ ويٺا هاري،
پوءِ پيا پرين پناري، اچي جاءِ انهيءَ ”جاڙو“ چئي.
(جاڙو خان مري)
مومل = جهڪَ. ڪامل = ڏيو.
ڪاڪ = منبر. ڏؤنر = وڻ.
ڌماچاڻي = وڻ. گجر = جهڪ.
گهوٽ = وڻ. ڪُهنگ = وڻ.
ناتر = جهڪُ. راڻو = ڏيو.
جن = ڪافرن ڏانهن اشارو.
پرين = حضورﷺ جن.
مراد:
ڏسو مٿيون ڏنل بيان.
[337]
حڪم سان اُن هنڌ تي، ڪري ويو جوش وڏو جولان،
ڪيئي ڪيرايائين ڪست ۾، ڪيئي ٿيا هيبت ۾ حيران،
مرد مُڪو مقابلي ۾، انهيءَ جاءِ جوان،
سورهيه سنڀري بيٺو، خوشيءَ منجهارئون خان،
ان ڪيو حملو هوت تي، دهليو ڪين دوران،
حب مؤن ”حجام“ چئي، ته راضي هو رحمان،
سوڀ کٽي سلطان، پانهه بيٺو پڙ ۾.
(مير محمد حجام)
جولان = طوفان. مرد = حضورﷺ جن.
جوان = ڏيو. سورهيه ٻانهه = ڏيو. اُن = طوفان
ڏانهن اشارو. سلطان = حضورﷺ جن.
مراد:
سخت طوفان لڳڻ سبب ڪافي نقصان ٿيو، ڪيترائي وڻ ٽڻ
ڪري پيا، پر ڏيو منبر تي ٻرندو رهيو.
[338]
منجهي مڃيو محوبو جو، اهو انگ اکر،
قاضيءَ هن کي ڪماليت سان، بيهاريو مٿي بَر،
وَليون اُن تي وري ويون، ڪري گل گوهر،
”طاهر“ چئي تڪليف ۾، هو سهڻو ٿيو سڌر،
چارئي ماهه چلي ويا، پوءِ سڻائو ٿيس سفر،
جنهن کي ڪلمي جي پچر، تنهن کي لهرين لوڏيئي ڪينڪي.
(محمد طاهر ٻٻر)
مجنون = ڏيو. محبوب = حضورﷺ جن.
قاضي = حضورت بلال. وَليون = هوائون.
چار ماهه = چار پهر.
مراد:
حضورﷺ جن ڏيي کي ٻارائي منبر تي رکائي ڇڏيو. ساري
رات سخت هوا لڳي پر اهو ڏيو چار ئي پهر رات جو
ٻرندو رهيو.
[339]
ڪاريهر کي کنيو، ڪري زبان ظاهر،
جوڳي آيس ان جاءِ تي، نعرو هڻي نر،
جان پڙهيائين جادو ڪي، پر پهتس ڪين اثر،
هئس صاحب جو ثمر، رهيو تازو ”تڳيل شاهه“ چئي.
(تڳيل شاهه)
ڪاريهر = ڏيو. زبان = وٽ. جوڳي = طوفان.
جادو = طوفان جو زور.
مراد:
سخت طوفان لڳندي به ڏيو ساري رات ٻرندو رهيو،
ڇاڪاڻ ته حضورﷺ جن پاڻ ٻارائي منبر تي رکايو هو،
جنهن کي الله تعاليٰ وسائڻ نه ڏنو.
[340]
وير ويهاري وچ ۾، نَر سان گڏي نار،
دُر پئي دهمان ڪيا، پر آهه آگي جي اختيار،
ڏسي سوڙهه سنگارن تي، ٿي پاس ڪيائين پهنوار،
جتي راضي هئي سرڪار، هٽي انهيءَ جاءِ کان ”جيئل“
چئي.
(جيئل)
ويرُ = حضورﷺجن. نَر = ڏيو. نار = وَٽ.
سنگهار = ڏيو. دز = طوفان. سوڙهه = جهڪ.
مراد:
حضورﷺ جن پنهنجي هٿن سان ڏيي جي وٽ ان ۾ رکي، حضرت
بلال کي ٻارڻ لاءِ ڏنو هو. جنهن جي وٽ طوفان ۾ به
ساري رات ٻرندي رهي.
[341]
لڳي ميخ مجني کي، ڏنس ورڇ وير،
ليليٰ مليس لاڏلي، جيڪا پري ڏيساريس پير،
اهڙي مستي ڪئي مير، جو ڪنهن نه ڪئي ”ڪاسائي“ چئي.
(فيض محمد ڪاسائي)
ميخ = وٽ. مجنون = ڏيو.
وير = حضورﷺ جن. ليليٰ = روشني.
پري = وٽ. پير = حضورﷺ جن.
مير = ڏيو.
مراد:
حضورﷺ جن جي هٿن سان ڏيي ۾ وٽ وجهي، ٻارائي منبر
تي رکايو، جو ساري رات سخت طوفان لڳڻ تي به روشني
ڏيندو رهيو.
[342]
عمر آندي مارئي، ڳوٺ منجهان ڳولي،
سا خان ويهاري کٽ تي، ٻاجهارل ٻولي،
پوءِ تنهين جي اولي، نه ٿيو جوکو ان جاءِ کي.
عمر = حضورﷺ جن. مارئي = وَٽ.
خان = حضورت بلال. کٽ = ڏيي واري پيالي.
مراد:
حضورﷺ جن ڏيي ۾ وٽ وجهي ٻارائي منبر تي رکايو،
جنهن ساري رات روشني ڪئي ۽ نه وساڻو.
[343]
هڪڙي ريج رجائي، نه ڪي چڙهيل هئس نار،
سنگ نه تنهن جو ساڻو ٿيو، هئس ڪڙمي قربدا،
آهي زورو زميندار، اهو هر ڪانهن کؤن ”حاجي“ چئي.
(حاجي خان مهيسر)
ريج = تيل. رجائي = وٽ ڏانهن اشارو.
سنگ = وٽ. ڪڙمي = حضورت بلال.
زميندار = حضورﷺ جن.
مراد:
حضورﷺ جن پنهنجي هٿن سان حضرت بلال کي ڏيو ٻارڻ
لاءِ ڏنو، جنهن ۾ پيل تيل ساري رات وٽ کي رسندو
رهيو، انهيءَ ڪري اها سڄي رات ٻرندي رهي. |