سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :29

[165]

مومل جي محلات کي، اَٿوَ ڪلون جوڙايل ڪير،
هليو اچن حڪم سان، هزارين حمير،

جيڪي لنگهڻ در ديوال جو، سي ماريو وجهي مير،
ناتر نموني ڪريو، پئي سوين اماڻي سير،

تنهن خونياڻي کپايا، ڪئين دانهه ڌنڌاگير،

ساميءَ ٻڌايس سُڌ تنهن جي، ڪنهن ڦيري ساڻ فقير،
هو به حملي ساڻ اتي هئو، سو ته ٻڌو ٻاونگير،
پوءِ ته سورهيه ٻڌو سندرو، وٿي تنهن تان وير،
تنهن مومل ماڻي مينڌري، هئي امالڪ امير،
پت رکجاءِ پير، هن غرب جي ”غلام محمد“ چئي.

 (غلام محمد)

 

مومل = ٻٽيهي. محلات = وات.

ڪلون = ڏاٺون. ڪير = ڏند.

حمير = طعام، ديوال = چپ.

ناتر = زبان. = سامي = خابرو.

سورهيه = اويس. ماڻي = قرني ٻٽيهي

شهيد ڪئي.

 

مراد:  اويس قرني حضورﷺ جن جي ڏند مبارڪ جو ٻڌي پنهنجي ٻٽيهي ڪڍي ڇڏي.

 

[166]

جيسين هئس چاهه چنيسر جا، تيسين ليلان پئي ڪيا لاڏ،

ڪڍي ڇڏيائين ڪوٽ مان، جنهن جو مڙهيون ڦٽي ويا ماڳ،

راڻيءَ جا رتول ۾، ڀلا لڳا هئا ڀاڳ،

اُهي سلطاني سهاڳ، سي مور نه آيس ”ملاح“ چئي.

 (چتون ملاح)

 

چنيسر = اويس قرني، ليلان = ٻٽيهي.

ڪوٽ = وات.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[167]

اهي ڪنگ هئا ڪيترا، ڪينجهر جي ڪر تي،

کاڌائون پيتائون خوب خوشي مان، جام اُنهي جر تي،

چڙهيا تماچيءَ ور تي، پوءِ ڪڍي ڇڏيائين ڪينجهر مان.

 

ڪنگ = ڏند. ڪينجهر = ڄاڙيون.

تماچي اويس قرني. ڪوٽ = وات.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[168]

عمر جو مارئي سان، ڪيڏو هو آر،

ڪين ڇڏي ها ڪامڻ کي، سڄي سڀ ڄمار،

پر پانهه پاڙي ۾ ٻڌي، گوهر جي گرفتار،

پوءِ ڪڍي ڇڏيائين ڪوٽ مان، قرب ڪري ڪوهيار،

پوءِ سومري سردار، مور نه گهري هئي مارئي.

 

عمر = اويس قربي. مارئي ٻٽيهي.

ڪامڻ = ٻٽيهي. ڪوٽ = وات.

 

مراد:  اويس قرني حضورﷺ جن جي ڏند مبارڪ شهيد ٿيڻ جو ٻڌي ٻٽيهي ڪڍي ڇڏي.

 

[169]

وينگس وڏي وچ ۾، ڏورئون پئي ته ڏٺا،

ساهڙ کي سڌ سهڻي جي، ٻي ڪانهي لوڪ لکا،

ڪي پهر ڪوٺيءَ جا، دونهان پئي ته دکيا،

اندر هئسن بهشت ”اڏيو“ چئي، ڇپر ڇانو مٿان،

هٿين هوت ڪڍيا، قاصد انهيءَ ڪاڪ مؤن.

 (محمد فقير ڏيرو)

 

وينگس = زبان. پئي ڏٺا = ڏندن ڏانهن اشارو.

ساهڙ = اويس قرني. سهڻي ٻٽيهي.

ڪوٺي = وات. هوت = اويس قرني.

ڪاڪ = ڄاڙيون.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[170]

منڌ کيا محلات ۾، پينگهي ۾ پنهوار،

لوڏ لوڏيائين ڪينڪي، نڪري ٿي نروار،

وس نه پڄي ويچاريءَ جو، ٿي نيڻين وهائي نار،

لکين هئس عيب ”ڏيرو“ چئي، آهي گولي گنهگار،

طالب هئس طبيلي ۾، ڪنهن وڏي ئي ويچار،

ساهڙ لهي سار، گڏ ڇڏيا هئا گجرسين.

 (محمد فقير ڏيرو)

 

منڌ = ٻٽيهي. محلات = وات.

پنهوار = ڏند. ساهڙ = اويس قرني.

گجر = زمين.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[171]

ليما هئس لامن ۾، ان جو برسيو بيٺو هو باغ،

ڏس مداشو مالهي جو، جنهن مڙهيو وڃايس ماڳ،

انهيءَ سوڍي ڏيئي سهاڳ، مومل ماڻي مينڌري.

 

ليما = ڏند. لامون = ڄاڙيون. باغ = وات.

مالهي = اويس. سوڍو = اويس قرني.

مومل = ٻٽيهي.

 

مراد:  اويس قرني حضورﷺ جن جي ڏند شهيد ٿيڻ جو ٻڌي پنهنجي ٻٽيهي ڪڍي ڇڏي.

 

[172]

جانب جيئري ڪيو، ڌوٻڻ کي ڌار،

ماڻهو شهر ڀنڀبور جا، اها عام ڪن پچار،

هن سور سَٺا ”سرهو“ چئي، جانب لئي جيڪار،
ناهي منڌ ميار، پرين پورهيت ئي نه ڪئي.

 (سرهو جاگيراڻي)

 

جانب = اويس قرني. ڌوٻڻ ٻٽيهي.

جانب = حضورﷺ جن جو ڏند مبارڪ.

منڌ ٻٽيهي. پرين = اويس قرني.

 

مراد:  اويس قرنيءَ، حضورﷺ جن جي ڏند مبارڪ شهيد ي ٿيڻ کان پوءِ پنهنجا ٻٽيهه ڏند ڪڍي ڇڏيا.

 

[173]

جئري جت جدا ڪئي، ڌوٻڻ هئي ٻي ڌار،

قلم قادر هٿ ۾، وهايس ڏينهن جي ڏاتار،

هو سور کاڌا ”سرهو“ چئي، جانب لئي جيڪار،

ڪاهي منڌ ميار، پاڻ ڇڏي هئين پٿرين.

 (سرهو جاگيراڻي)

 

جت = اويس قرني، ڌوٻڻ = ٻٽيهي.

هن سور = ٻٽيهي. جانب = حضورﷺ

جن جو ڏند مبارڪ. = منڌ ٻٽيهي.

پاڻ = اويس قرني.

 

مراد:  اويس قرني، حضورﷺ جن جي ڏند مبارڪ جي شهيد ٿيڻ جو ٻڌي پنهنجي ٻٽيهي ڪڍي ڇڏي.

 

[174]

ڪنگن کي ڪي سال، جاليندي ٿيا جَر ۾،

چُڳندا هئا چاهه مان، ڪينجهر جي ڪُر ۾،

آيا وارث جي ور ۾، جنهن سڀئي ناٿ نهوڙيا.

 

ڪنگ = ڏند. جر = وات. ڪينجهر = وات.

وارث = اويس قرني. ناٿ = ڏند.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[175]

ٻٽيهه لاهه هئا ٻنيءَ ۾، هئي ڪوُنگرن جي قطار،

گهڙيا هئا گرنار ۾، ڪنهن سوناري سنگار،

پوءِ ورائي وينجهار، ڪونگرا لاهي ڇڏيا ڪاڪ جا.

 (الهه ڏنو نوناري)

 

لاهه، ڪنگرا = ڏند. وينجهار = اويس قرني.

گرنار = وات. ڪاڪ = ٻٽيهي.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[176]

گودڙيا گرنار ۾، هئا قابو قلعيدار،

تنهن منجهان هڪڙي جي، وڃي پئي پورب منجهه پچار،

پوءِ سامي ساڻ سنڀار، ڪڍيا گودڙيا گرنار مان.

 

گودڙيا = حضورﷺ جن جا ڏند مبارڪ.

گرنار = وات. پورب = اويس قرني جو ڳوٺ قرن.

سامي = اويس قرني.

 

مراد:  حضورﷺ جن جي هڪڙي ڏند مبارڪ شهيد ٿيڻ جو ٻڌي اويس قرني پنهنجا سڀ ڏند ڪڍي ڇڏيا.

 

[177]

ٻٽيهه لاهه ٻنيءَ ۾، هئا گوهر ۽ غازي،

تن منهنجان وَهو ڏاند ويهي رهيو، ڪري بيهڻ جي بازي،

پوءِ ڪري پاڻ قاضي، تنهن پٽي لاهه پري ڪيا.

 (الهه ڏنو نوناري)

 

لاهه = ڏند. ٻني = وات مبارڪ.

وهوڏاند = حضورﷺ جن جو ڏند مبارڪ.

تنهن = اويس قرني ڏانهن اشارو.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[178]

ٻٽيهه ٻنيءَ ۾، هئا ثابت سڀيئي،

انهن منجهارئون هڪڙي جي، پچار پورب ۾ پئي،

هن سار سڀيئي، ڪڙميءَ لاهه ڪڍي ڇڏيا.

 

لاهه = ڏند. ٻني = وات.

هڪڙو = حضورﷺ جن جي ڏند مبارڪ

ڏانهن اشارو. ڪڙمي = اويس قرني.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[179]

تختا تهوارون ٿيا، ڇاٽ ڇنا ڇرها،

سالڪ سمجهائي رکيا، کڻي ڦيرائي ڦرها،

سمي تنهن سان سهج ڪيا، جي نوريءَ سان گهر هئا،

سي ٿيا آهن سون رپي سرها، مهل انهيءَ ”موريو“ چئي.

 (موريو)

 

تختا = ڏند. تهوارون ٿيا = ڀڳا.

ڦرها = ساڳيا ڏند. سمون = الله پاڪ.

نوري = زبان.

 

مراد:  حضورﷺ جن جو ڏند مبارڪ جڏهن اُحد جي جنگ ۾ شهيد ٿيو ۽ اها خبر اويس قرنيءَ کي پهتي، تڏهن هن پنهنجا سڀ ڏند ڀڃي ڇڏيا.

 

[180]

بنا ڏسڻ ڏاهي، کڻي عار ڪيو انور،

اچي جهيڙيائين تنهن جنگ سان، ثابت منجهه ئي سر.

مقرر هئس ماڳ تي، هيٺ مٿي نوڪر،

هيڪل تنهن همت ڪري، تالان ڪيا تونگر،

اها خفتين کي به خبر، هوندي قصي جي ”قادربخش چئي.

 (قادر بخش)

 

ڏاهو = اويس قرني. انور = اويس قرني.

جنگ = ڏند. سر = ٻٽيهي. نوڪر = ڏند.

 

مراد:  اويس قرني کي پرپٺ جڏهن حضورﷺ جن جي ڏند مبارڪ شهيد ٿيڻ جي سڌ پئي، تڏهن پنهنجي ٻٽيهي هڪ هڪ ڏند ڪري ڪڍي ڇڏيائين.

 

[181]

مانجهي جي موت جي، ڪن پيس ڪا ڪوءِ،

وجهي ور واسينگ جان، جوڳيءَ چڏيائين جوءِ،

پو3 ڇنڊيائين ڇٻي کي. خان ڇڏي سڀ خوءِ،

اِهڙي ڪيائين هوءِ، جو پڌرو ٿيو پر ۾.

 

مانجهي = حضورﷺ جن جو ڏند.

جوڳي = ڏند. ڇٻو = وات.

 

مراد:  اويس قرني کي خبر پئي ته حضورﷺ جن جو هڪ ڏند مبارڪ شهيد ٿي پيو آهي. ان جي افسوس ۾ هڪ هڪ ڪري پنهنجا سڀ ڏند ڪڍي ڇڏيائين. ڇاڪاڻ ته کيس خبر نه هئي ته حضورﷺ جن جو ڪهڙو ڏند مبارڪ شهيد ٿيو آهي.

 

[182]

وڻيو نه ڌڻ ڌنار کي، چيڪ ڇڏيائين ڇر ۾،

نه ڪي گهيٽو ڇڏيائين گهر ۾، نه ڪي ڀاڏ ڇڏيائين ڀر ۾،

ڏِس سائين جي سر ۾، ڀاڳئي جو ڀلو ٿيو.

 

ڌڻ = ڏند. ڌنار = اويس ڪرني. گهيٽو = ڏند.

ڀاڏ = ڏاٺ. سائين = حضورﷺ جن.

سر = اُمت. ڀاڳيو = اويس قرني.

ڀلو ٿيو = جنتي ٿيو.

 

مراد:  حضورﷺ جن جو ڏند مبارڪ اُحد جي جنگ ۾ شهيد ٿيو ۽ جڏهن اويس قرني اُن بابت ٻڌو، تڏهن هن پنهنجو هڪڙو ڏند ڀڃي ڇڏيو، مگر گمان رهيس ته حضورﷺ جن جو الائجي ڪهڙو ڏند شهيد ٿيو آهي، تنهنڪري پنهنجا سڀ ڏند هڪ هڪ ڪري ڀڃي ڇڏيائين. انهيءَ صداقت جي ڪري حضورﷺ جن جي اُمت ۾ هڪ ڀلارو شخص شمار ٿيل آهي.

 

[183]

اُتم اُمالڪ اڳرو، اچي ٿيو عاشق اندر ۾،

گوهر کي ته ”غلام محمد“ چئي، ٿيو مونجهارو مقدر ۾،

هي اؤکو پنڌ پهاڙ جو، ٿيو ڏورڻ ڏونگر ۾،

پرين تان پگهرجي پيو، چڙهي ويس جوش جگر ۾،

هئي حمايت هن جي، ناتر نا ٻي تر ۾،

عين لڳي عجب ٿيو، ٿي واهه واهه وندر ۾،

پوئتان منڌ مري پيئي، جا سام ثمر سر ۾،

ڀائرو! اَٿوَ ڀر ۾، اوهين ڏاها ڳوليو ڏور کي.

 (غلام محمد)

 

عاشق = اويس قرني. اؤکو پنڌ = ڏند ڪڍڻ.

گوهر = اويس قرني. ناتر = ٻٽيهي

منڌ = ٻٽيهي. سامَ ٻٽيهي.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[184]

ساراهيان سچو ڌڻي، ٿي جڳائي صفت ستار،

رکو روزا پڙهو نمازون، اٿو ڪرت چڱيري ڪار،

راڻيون راڻا سوڍا هئا، سڀئي خلقيا خلقڻهار،
هلندا هئا هڪٻئي سان، ڏيئي چنبو چنبي ڍر،

پين وڇوڙو ورهين جو، ٿي ويا ڌرتيءَ تن ڌار،

ساري سڀ ڄمار، وري گڏيا ڪين ”غلام محمد“ چئي.

 (غلام محمد)

 

راڻيون = ڏاٺون. راڻا، سوڍا = ڏند.

 

مراد:  اويس قرني پنهنجا سڀ ڏند هڪ هڪ ڪري ڪڍي ڇڏيا.

 

[185]

عمر جو مارئي سان، ڪيڏو هئو آر،

ڪين ڇڏي ها ڪامڻ کي، سالڪ سڀ ڄمار،

پانهه انهيءَ پاڙي مان، گوهر ٻڌي گفتار،

ڪڍي ڇڏيائين ڪوٽ مؤن قرب ڪري ڪوهيار،

”جلال“ چئي جڳ ۾، اٿو عام پچار،

ٻهڳڻ سا ٻيهار، ماڳ نه آندي مارئي.

 (جلال)

 

عمر = اويس قرني. مارئي = ٻٽيهي.

ڪامڻ = ٻٽيهي.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[186]

ٻڌي واڳ وير جو، ٻيو ڪوئي ڪونه کتي،

جنهن کي منڊمام جي، سو پٽيو پيو پٽي،

مثل موج درياءَ جي، پيو هاتنگ ڪين هٽي،

ٿيو قرار ڪامل کي، وڌئين جوڌيون ڪئين جهٽي،

پيو ڏوريو ڏينهن ڪٽي، هاڙهي ۾ ته ”حجم“ چئي.

 (مير محمد حجم)

 

واڪ = ڏند شهيد ٿيڻ جو ذڪر.

وير = حضورﷺ جن. سو = اويس قرني

ڏانهن اشارو. پٽيو پيو پٽي = هڪ هڪ ڪري

پيو ڏند ڪڍي. هاتنگ = اويس قرني.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[187]

درس ڇڏي هئي داسڙي، ليلان لوڌائي،

دوڙ ڪيا پئي دادلي، پر ڇڏي مڻيي مارائي،

پوءِ لال ڇڏي لاهي، اُن سيجن تان ”سرهو“ چئي.

 (سرهو جاگيراڻي)

 

داسڙو = اويس قرني. ليلان = ٻٽيهي.

مڻيو = حضورﷺ جن جو ڏند مبارڪ.

لال، ان = اويس قرني ڏانهن اشارو.

سيجون = ڄاڙون.

 

مراد:  اويس ڪرني حضورﷺ جن جي ڏند مبارڪ شهيد ٿيڻ جو ٻڌي پنهنجي ٻٽيهي ڪڍي ڇڏي، ڇو ته هن کي پنهنجي محبوب جي هرهڪ چيز سان پيار هو.

 

[188]

مارن منجهان مارئيم، هئي پهنوارن جي پاڙي،

سانگين سان ”سرهو“ چئي، هئي وچ تنهين واڙي،

ڇڏي عمر نيکاڙي، جا ٿي ماندي محلي مارئي.

 (سرهو جاگيراڻي)

 

مارُو = ڏندن. مارئي = زبان. پهنوار = ڏند.

واڙو = وات. عمر = اويس قرني.

محلو = وات. مارُئي = زبان.

 

مراد:  حضورت اويس ٻٽيهي ڪڍي وات ۾ فقط زبان کي اڪيلو ڇڏيو.

 

[189]

ليلان وڏي لاڏ سان، هئي سرتين منجهه سڌر،

ٿي سونهين سرتين وچ ۾، هئي وڏي ساڻ وڳر،

دلئون داسڙو اچي، ڪاوڙيس ڪست ڪسر،

جاءِ انهيءَ ”جاڙو“ چئي، ويهڻ ته ڏنس ور،

پوءِ چِڙي چنيسر، جا لوڌي هئي لهور مان.

 (جاڙو خان مري)

 

ليلان = ٻٽيهي. سرتيون = مهارون.

وڳر = ڏندن جو ميڙ. داسڙو = اويس قرني.

چنيسر = اويس قرني. لهور = وات.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[190]

وٺو راهه رسول جي، محبت ورهايو ماڻ،

چاهه چنيسر جو هو، ڪو لاڏ به ليلان ساڻ،

جاءِ انهيءَ ”جاڙو“ چئي، هئس جوڙ به جيڏين ساڻ،

ڪسريو قصي ڪؤنروءَ جي، پوءِ ڪانه ڪڍيائين ڪاڻ،

هو دل مٽي ويو داسڙو، جيڪو هو ڪونڌر ڪانڌ ڪواڻ،

پوءِ هنيائين پٽ تي، پها پوڻيون پاڻ،

اهو ارٽ الائي ڇڏيئين، جيڪو هئو هيرن ساڻ،

سالڪ سُرت سڄاڻ! اوهين ڏاها ڳوليو ڏور کي.

 (جاڙو خان مري)

 

چنيسر = اويس قرني. ليلان = ٻٽيهي.

قصو = حضورﷺ جن جي ڏند مبارڪ

شهيد ٿيڻ وارو ذڪر. ڪؤنرو = احمد واري

جنگ. داسڙو = اويس قرني. پها = ڏند.

پوڻيون = ڏاٺون. ارٽ = وات. = هيرا = ڏند.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[191]

سانگيئڙا سهڻا هئا، جي ويڙهيچا ولهار،

اچي ويٺا اوڏڙا، وجهي پيهيون سي پنهوار،

مارو سان هيءَ مارئي پئي ڪري خوشي سان کينڪار،

هلي اچي حاڪم سان، اها ڪنهن پرتئون ڪئي پچار،

پوءِ ٻُڌڻ سان ”ٻروچ“ چئي، هن رنجايا ريڍار

سرتين کي اهو سور ٿيو، سي ڪن نه ڪتڻ جي ڪار،

اها کاهڙ خبر چار، وڃي پئي آهه پهنواريءَ جي.

 (جاڙو خان مري)

 

سانگيئڙا = ڏند. مارو = ڏند. مارئي = زبان.

حاڪم = اويس قرني. پچار = حضورﷺ جن

جي ڏند مبارڪ شهيد ٿيڻ جي ڳالهه.

ريڍار = ڏند. سرتيون = مهارون.

کاهڙ = حضورﷺ جن ڏانهن اشارو.

پنهواري = ٻٽيهي.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[192]

مومل جي محلات ۾، ڌڻيءَ ڌڻ کڻي ڌاريا،

ويٺا ڪاڪ ڪنڌين تي، اڌي اوتارا،

آيا ٿي جنهن ڪم تي، هئا سدائين سوڀارا،

پوءِ ته جوان گڏيو هن ”جاڙو چئي، جنهن ڪيا وارن تي وار،

تنهن اتاهون لاهوتي لڏائي ڇڏيا، تن جا پيا پري پسارا،

پوءِ ته سومل پئي ساريا، تن مان وانگي وريو ئي ڪونه ڪو.

 (جاڙو خان مري)

 

مومل = زبان. محلات = وات.

ڌڻي = ڏند. ڪنڌيون = مهارون.

جوان = اويس قرني. لاهوتي = ڏند.

سومل = زبان. وانگي = ڏند.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[193]

سهڻي صورت وند هئي، هيس محبت ساڻ ميهار،

بيلي منجهه ”ٻروچ“ چئي، هئي سوگهي ساڻ سنگار،

پوءِ ته آئي موز مهرياڻ کي، ٿي ويا ڌاڙو ڌار،

ڪڍي ڪنڍين جا ڇڏيا، پيکر تنهن پنهوار،

چرڻ چوڙيلين ڇڏيو، توڙي ويءَ هجن وينجهار،

”جاڙو“ چئي جنسار، مهير لاٿا منڌ جا.

 (جاڙو خان مري)

 

سهڻي = ڏندن جي ٻٽيهي. ٻيلو = وات.

مهرياڻ = اويس قرني. ڌارو ڌار ٿيڻ = هڪ

هڪ ٿي نڪري وڃن. ڪنڍيون = ڏاٺون.

پيکڙ = مهارون (پاڙون). پهنوار = اويس قرني.

چوڙيليون = ڄاڙيون. ميهر = اويس قرني.

منڌ = زبان.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[194]

عمر يتيمن مان، فقط هڪ هو مستانو،

نه ڪو ڏوهه ٻين جو، نه ڪو خطائيءَ جو خانو،

سانگين جو ”سرهو“ چئي، اُتي هو آستانو،

مگر خان پنهنجو خانو، ڪيو اُجڙي ڪاڻ عجيب جي.

 (سرهو جاگيراڻي)

 

عمر = ڏند. خان = اويس قرني.

سانگي = ٻيا ڏند. عجيب –حضورﷺ جن.

 

مراد:  حضورﷺ جن جي هڪڙي ڏند مبارڪ جي افسوس ۾ اويس قرني فقط هڪ ڏند ڪڍيو. پر جڏهن کيس گمان آيو ته حضورﷺ جن جو الائجي ڪهڙو ڏند مبارڪ شهيد ٿيو آهي! تنهنڪري ٻيا ڏند به ڪڍي ڇڏيائين، يعني سڄي ٻٽيهي ختم ڪري ڇڏيائين.

 

[195]

ٻڌي وائي وير جي، هن خاصو ڪيو خيال،

هنڌ انهيءَ ”هڪڙو“ چئي، لٽائي ڇڏيائون مال،

غم نه ٿيس ”غلام قادر“ چئي، پنهنجو اهڙو ڏسي حال،

انهي تي امداد ٿيو، هيرو جواهر لعل،

اهو اٿو احوال، پرت وندن جو پاڻ ۾.

 (غلام قادر هڪڙو)

 

وائي = ڏند مبارڪ شهيد ٿيڻ جي خبر.

وير = حضورﷺ جن. پنهنجو = اويس قرني

ڏانهن اشارو. مال = سڀ ڏند.

هيرو جواهر لعل = ڪيلو، کير رٻ (نرم کاڌو).

 

مراد:  ڏسو مٿيون بيان.

 

[196]

ٻڌي مذڪور مڻئي جو، اچي ڪاوڙيو قهار،

ماٺ لڳي منڌ کي، ٿيو ليلان سان لاچار،

ڪڍي ڇڏياءِ ڪوٽ مان، جيڪي هئا ڪؤنروءَ جا قربدار،

”مٺو“ چئي اهي عورتون ۽ اپار، سي درس تڙايا داسڙي.

 (مٺو)

 

مڻيو = حضورﷺ جن جو ڏند مبارڪ.

قهار = اويس قرني. ڪوٽ وات.

ڪؤنرو = زبان. قربدار = ڏند.

عورتون = مهارون. اپار = سڀ ڏند ٻٽيهي.

داسڙو = اويس قرني.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[197]

ٻڌي ڪُنۡ ڪنواٽ جي، هن وڳ ڇڏئو ماري،

پَٽ مٿان پيارل لئي، سڀ اٺ ڇڏيئين اُٿاري،

سرهو ٿيو ساري، وري اُٺ نه آيا وڳ ۾.

 

ڪنواٽ = حضورﷺ جن جي ڏند ڏانهن اشارو.

هُن = اويس قرني ڏانهن اشارو. وڳ = ٻٽيهه ڏند.

پَٽ = ڄاڙي. پيارل = حضورﷺ جن. اُٺ = ڏند.

 

مراد:  ڏسو مٿيون بيان.

 

[198]

ماڙيون مرگهه ملوڪ جون هيون درس وڏي ديدار،

تن ۾ هڪڙي مومل موچاري هئي وڻج ڪندي واپار،

ڪو جو وريو واءُ وصال جو پئي خان به خبر چار،

ڪنگرا ان ڪاڪ جا ڌڪي ڪياهن ڌار،

حال جنين جا هيٺا ٿيا ٻيا سرتين ڇڏيا سينگار،

وري سي وينجهار، روبرو نه مليا ”روشن شاهه“ چئي.

 (روشن شاهه)

 

ماڙيون = ڄاڙيون. سرتيون = مهارون.

مومل = زبان. واءُ = ڏند مبارڪ جي خبر.

خان = اويس قرني، ڪُنگرا = ڏند.

سرتيون = ڄاڙون. وينجهار = وند.

 

مراد:  ڏسو مٿيون بيان.

 

[199]

ڀونءِ بڻائي راس ڪئي، هن ڪامل ڪويسر،

حاجت نه هيس هر ڦار جي، نه ڪي مندي ساهر،

ڪاڻ نه جنهن کي ڪيڻ جي، هوءَ اُجهارِي انور،

ريءَ ٻج پيدا ٿيا، قابو منجهه ڪپر،

وصف اٿن وڻن جا، هو ڦُٽي نه ڪن ڦر،

ڏک ڏين ٿا ڏيلَ جي، جيئن اُڀ منجهه ڪڪر،

نه ڪي واهولي وڍيا، نه ڪي تابيا ساڻ تبر،

پوءِ اُنهيءَ ڪرمي ڪوِيسر، موڙي ڪڍيا مام سان.

 

ڪامل = الله تعاليٰ. ڀوُن = ٻٽيهي.

ڪڙمي = اويس قرني. انور = اويس قرني.

هُو = ڏندن ڏانهن اشارو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org