سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :27

چون ٿا ته حضورﷺ جن جيترا ڏينهن ان غار ۾ هئا اوترا ڏينهن حضرت ابوبڪر﷤ جي نياڻي بيبي اسماءَ روز کاڌو ۽ پاڻي پهچائي ويندي هئي ۽ سندس پٽ عبدالله مڪي وارن جون خبرون کين پهچائيندو هو. اتي هڪ ٻڪرار روزانو ٻڪريون چارڻ ايندو هو، ٻڪرين جي اچ وڃ سبب غار ڏانهن ايندڙ ماڻهو جا پير ڊهي ويندا هئا. هڪڙي ڏينهن ڪافر ان ٻڪرار کان حضورﷺ جن جي پڇا ڪئي، مگر ٻڪرار انهن کي اهڙو معنيٰ ڀريل جواب ڏنو جو ڪافرن سمجهيو ته هي سچ ٿو ڳالهائي ۽ هي خود حضورﷺ جن جو دشمن آهي. حقيقت ۾ اهو ٻڪرار ايمان آڻي چڪو هو.

        حضورﷺ جن ٽي ڏينهن غار حرا ۾ وڌيڪ رهيا، چوٿين ڏينهن مڪي شريف مان ٻه اصحافي ٻن ڏاچين تي سوار ٿي غار حرا وٽ پهتا، جن مان هڪ ڏاچيءَ تي ٻئي اصحابي سوار ٿي اڳواٽ نڪري ويا. ٻي ڏاچي تي حضورﷺ جن ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضه سوار ٿي مديني طرف روانا ٿيا. سومر جي ڏينهن حضورﷺ جن مديني جي نزديڪ ’قبا‘ نالي هڪ ڳوٺ آيا، جتي چار ڏينهن رهي پيا. مديني جي ماڻهن کي جڏهن حضورﷺ جن جي اچڻ جي خبر پيئي، تڏهن ٽولن جا ٽولا زيارت ڪرڻ لاءِ ايندا رهيا ۽ کين مديني شريف ۾ هلي رهڻ جي دعوت ڏنائون. پاڻ سڳورا چار ڏينهن ’قبا‘ ۾ رهي، جمعي جي ڏهاڙي ڏاچيءَ تي سوار ٿي مديني شريف ۾ داخل ٿيا. حضرت ابو ايوب انصاري﷤ جي دعوت ڏيڻ تي، ڏاچيءَ کي سندس گهر جي اڳيان اچي وهاريائون ۽ پاڻ حضرت ابو ايوب﷤ جا مهمان ٿي سندس گهر ۾ رهڻ لڳا، اها خبر ٻڌي اوڙي پاڙي وارن ماڻهن تمام گهڻي خوشي ظاهر ڪئي.

        چون ٿا ته حضورﷺ جن اصحابن سڳورن سميت هجرت ڪري مديني ويا، باقي ابو مسلم نالي هڪ اصحابي سڳورو ڪنهن سبب کان وڃي نه سگهيو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ هو مديني ڏانهن پئي ويو ته واٽ تي ابوجهل، سندس زال ۽ پٽ کانئس کسي ورتا. ابومسلم، حضورﷺ جن جي سڪ ۾ خدا تي توڪل رکي زال ۽ پٽ کي ڇڏي ڏنو. جي پوءِ مديني ۾ ابو مسلم سان وڃي مليا.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[102]

عاشق ۽ معشوق جي، ڪا عجب لڳي الفت،

لوڪؤن تن لڪي ڪري، اچي سرهي ڪئي صحبت،

۽ ڏاهه ڪنهن ڏسي وڌا، جو هنر وڏي حرفت،

هو حرڪت ۾ هوشيار هو، پر ڪانه ڪيائين حرڪت،

سي سرچي سنگتي پاڻ ۾، ٿيا سڄڻ سان صحبت،

پر عاشق ۽ معشوق جا، جڏماڻ ڀريا محبت،

تڏ آڪڙ جي اُت آئيا، ڪي دز وڏي دهشت،

منهن نه وجهي شل موليٰ، جن ۾ ماسو نه مروت،

پر قدرت ڏسو ٿا قادر جي، ويا هڪٻئي ڪنهن حڪمت،

هو دانه دز دلير هئا، ٿي آيا هئا آفت،

خزاني دلخواه جي، هئن منڍان ئي مصلحت،

پر ملين ڪين ماڳين، جو هو اصلؤن آمانت،

ڪي ماڻڪ تن کي منهن پيا، سهڻا سلامت،

سي کنيائون نه خار مان، ٿين موٽڻ ملامت،

تڏ ڪچهريون قائم رهيون، چڱيءَ روپ رنگت،

هيءُ عاشق ۽ معشوق هئا، پڌرا سان پاهت،

پر عاشق ۽ معشوق ڪي، اڃا ٻيا البت،

جن جي ڪارڻ جاءِ انهيءَ، رهيو ساٿ به سلامت،

”ٻيڙي“ کي ”ٻروچ“ ڏني، هي ڳهڻو ڳجهارت،

سو مور وڏي ڪنهن مت، ڀل ڏاهو ڳولي ڏور کي.

 (نبي بخش خان بلوچ)

 

عاشق – حضورت ابوبڪر﷤.

معشوق = حضورﷺ جن.

ڏاهو = ڪوريئڙو. دُز = ڪافر.

خزانو = حضورﷺ. جن جو سرُ مبارڪ.

ماڻڪ = ڪبوتريءَ جا آنا.

 

مراد:  حضورﷺ ۽ حضرت ابوبڪر﷤ غار حرا ۾ وڃي داخل ٿيا ته پويان ڪافر به پير کڻي آيا، پر غار جي منهن تي ڪوريئڙي جي ڄار ۽ ڪبوتريءَ جا آنا ڏسي واپس ويا.

 

[103]

صيفل سعد ڌُريائين، ٿي بديعل سان ڀيڙا،

نه ڪي خاصي ڏٺائون خواب ۾، نه ڪي ننڊ ٿي نيڙا،

ته به پيادا اُٿي پنڌ پيا، ڇڏيائون مصر جا ميڙا،

نه ڪي گهوڙا گهوٽن نيا، نه ڪي لڏيائون ليڙا،

نه ڪي سونهريون ساڻ کنيائون، نه ڪي کنيائون کيڙا،

هاڻي جوٽي جنگن ساڻ سٽيا، اچي جنن اُت جهيڙا،

سي رمي روءِ زمين تان، ٿيا گهٽن ۾ گهيڙا،

جنن ديوَن کي جوءِ انهيءَ ۾، آيا آڏيءَ آڌيڙا،

سي جڏهن هٽيا هٺ ڇڏي، کائي ٿاٻا ۽ ٿيڙا،

تڏهن ارم ولايت جا، لڌائون سنڌا ۽ سيڙا،

پهچي اُتي پوءِ هنيائون، ديون کي ديڙا،

”ٻيڙو“ انهي ٻهڙ کي، ڏي گهمائي گيڙا،

پوءِ ڇني ڪي ڇيڙا، ڏاهو انهيءَ ڏور جا.

 (نبي بخش خان بلوچ)

 

صيفل = حضورﷺ جن. سعد = حضرت ابوبڪر﷤.

بديعل = هجرت. مصر = مڪو شريف.

جن = ڪافر. گهٽ = غار حرا.

ارم ولايت = مدينو منور. ديو = ڪافر.

 

مراد:  حضورﷺ جن حضرت ابوبڪر صديق رضه سان گڏ اول غار حرا ۾ پهتا، جتان مديني منور پهچي ڪافرن سان جنگيون ڪري اسلام کي روشن ڪيائون.

 

[104]

مارئي نه ڄائي، ته مارو پيا نه مامري،

پر عمر جي اِنصاف لاءِ، اها سگهڙ سامائي،

پر منڌ انهيءَ جو مان ٿيو، جڏ عمر اُٺائي،

البت عمر اُلڪي ۾ پيو، جنهن اها وڇڙي وهائي،

تنهن اصلي عمر ڪوٽ ڇڏي، وڃي واري وسائي،

تڏ مارن جو اُت مان ٿيو، ڏني وڻ وڻ واڌائي،

پر ملوڪت اُن منڌ جي، پئي هاڪ هڪل هائي،

تنهن جو پرتو ٿر بر ۾ پيو، تي راهين روشنائي،

هند سنڌ عرب عجم ۾، ٿي سونهي سرسائي،

پر يورپ چين جپان ۾، ٿي اُن جي اوجرائي،

اُتر ڏکڻ پڇم، توڙي يورپ پڌرائي،

چئني قبيلن چمڪي، تنهن ڪئي سڳنڌ سرهائي،

پر والي تنهن کي وهي ڏني، کهي جي خنڪائي،

صديون گذريون سال ٿيا، آهي اڄ به اهڙيائي،

اڃا ته نينگر ننڍڙي آ، جا دن منجهه جائي،

هوءَ جڳان جڳ جوڀن ۾، هوندي سهڻي سوائي،

”ٻيڙي“ کي اڄ ”ٻروچ“ آهي، ٻولي ٻڌائي،

ڪري سالڪ سگهڙائي، ڀل ڏاهو ڳولي ڏور کي.

 (نبي بخش خان بلوچ)

 

مارئي = هجرت. مارو = اصحاب.

عمر = حضورﷺ جن. عمر ڪوٽ = مڪوشريف.

واري = مدينو شريف. نينگر ننڍڙي = ٻين سنن

کان گهٽ هئڻ ڏانهن اشارو.

 

مراد:  حضورﷺ جن هجرت کان پوءِ ٻيا به اصحابي هجرت ڪري مڪي کان مديني اچي رهڻ لڳا. ان وقت کان هجرت سال شروع ٿيو، جو ٻين سنن يعني عيسوي، ساڪ، سنبت وغيره کان پوءِ ٿيو. اڃا ٻين جي مقابلي ۾ جيتوڻيڪ اهو هجري سنه ٿورو آهي. پر الله تعاليٰ کيس قيامت تائين قائم رکندو.

 

[105]

جوڳي پنهنجي جوءِ ۾، ويٺو جاءِ جتي،

ڪامل آيا ڪيچ کان، انهيءَ جاءِ اُتي،

اُن رُوحؤن ڳالهه رٿي، کڻي ڪاريگر ڪم ڪيو.

 (ظاهر ٻٻر)

 

جوڳي = ڪوريئڙو. جوءِ = غار حرا.

ڪامل = حضورﷺ جن ۽ حضرت ابوبڪر﷤.

ڪيچ = مڪو شريف. جاءِ = غار حرا.

ڪاريگر = ڪوريئڙو.

 

مراد:  حضورﷺ جن هجرت واري رات حضرت ابوبڪر﷤ سان گڏ غارحرا ۾ اچي ويٺا. پوءِ ڪوريئڙي پنهنجي ڄار سان غار جو منهن بندي ڇڏيو.

 

[106]

راڻو وڏو راڄيو، چڙهيو ڪاڪ مٿي ڪوهيار،

تنهن سان ڌماچائي هو، سو ڌڱ وڏو دهدار،

پر ماڻڻ تنهن مومل جو، هو وڏي ڪنهن ويچار،

مومل ماڻي مينڌري، جو ٿيو هون حمير گڏ هموار،

اتي ڏؤنر ڀٽي جو نه ٿيو، نالو ئي نروار،

”ٻيڙي“ کي ”ٻروچ“ چيا، چونڊي گفتا چار،

سو ڇورا ڏيئي پار، ويهي ڏاهو ڳولي ڏور کي.

 (نبي بخش خان بلوچ)

 

راڻو = حضورﷺ جن. ڪاڪ = هجرت.

ڌماچاڻي = حضرت ابوبڪر صديق ﷤.

مومل = ڪاميابي. حمير = الله تعاليٰ.

ڏؤنر ڀٽي = چوٿون ڪوبه ماڻهو (نه هو).

 

مراد:  حضورﷺ جن حضرت ابوبڪر﷤ سان گڏ هجرت ڪئي، ساڻس الله تعاليٰ کانسواءِ ٻيو ڪوبه مددگار نه هو. ان جي ئي مهربانيءَ سان کين ڪابه تڪيلف نه آئي ۽ ڪامياب ٿيا.

 

[107]

جانب جاءِ ڇڏي، وڃي گهوٽ ڪيو ٻيو گهر،

ارڏي جي اڱڻ تي، اچي هاريءَ ڪاهيو هر،

جلدي تن جاٽن کي، ويو تعميل ڪري تونگر،

ٻني ڏسي ٻهڳڻ جي، لڙي پيو لشڪر،

اها آهي ڳالهه مشهور، مرد انهيءَ جي ”ميوو“ چئي.

 (ميوو ڦلپوٽو)

 

جانب = حضورﷺ جن. ٻيو گهر = غار.

اڱڻ = غار جو منهن. هاري = ڪوريئڙو.

هر ڪاهڻ = ڄار ٺاهڻ. جاٽون = تاڃيءَ جو

تندون. ٻني = تاڃي. لشڪر لڙڻ = دشمنن

جو موٽي وڃڻ.

 

مراد:  حضورﷺ جن غار ۾ اچي ويٺا ته ڪوريئڙي هڪدم تاڃي ٺاهي ڇڏي، اهو ڄار ڏسي دشمن پوئتي موٽي ويا.

 

[108]

ڪاهي آيا ڪاڪ تي، واڳ ڌڻي واري،

ڪونه گهڙي گهاري، ڏسي رُخ راڻي جو.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

ڪاهي آيا = حضورﷺ جن ڏانهن اشارو.

ڪاڪ = غار. راڻو = ڪوريئڙو.

 

مراد:  هجرت واري رات حضورﷺ جن حضرت ابوبڪر﷤ سان گڏ غار حرا ۾ داخل ٿيا، غار جي منهن تي ڪوريئڙي تاڃي ڪڍي ڇڏي، جنهن کي ڏسي سڀ ڪافر موٽي ويا.

 

[109]

حڪم ٻڌي حاڪم جو، آيو ڪامورو ڪاهي،

اچي محنت ڪيائين ”مير“ چئي، ٺاهه وڏو ٺاهي،

قابو هو انهيءَ قلعي تي، جنهن جو ڏس ڏنو ڏاهي،

ڪئين آيا ڪيترا، هن کان قبضو ڪير ڇڏائي،

اها قدرت هئي ڪريم جي، جو ڇڏيو واحد انگ وهائي،

ڪو سالڪ سمجهائي، ڏاها! ڳوليو ڏور کي.

 (مير محمد حجام)

 

حاڪم = خدا تعاليٰ. ڪامورو = ڪوريئڙو.

قلعو = ڄار.

 

مراد:  ڪوريئڙي الله تعاليٰ جي حڪم سان غار جي منهن تي تاڃي ٺاهي ڇڏي، ڪافر اتي آيا ۽ ڪوريئڙي کي پنهنجي ڄار ۾ ويٺل ڏسي موٽي ويا.

 

[110]

جهوني سان ته جهان ۾، ٿيو قرب ڪمال، رضپي سان رازق جي، رءِ مليس رومال،

جاچيندي تنهن جوءِ ۾، هيڻو ڏٺائونس حال،

موٽيا راهه وٺي رکوال، ماڙهي مؤن ”حجم“ چئي.

 (مير محمد حجام)

 

جهونو = غار، رومال = ڪوريئڙي جو ڄار.

جوءِ = غار ڏانهن اشارو. رکوال = ڪافر.

هاڙهو = غار.

 

مراد:  ڪافر حضورﷺ جن کي ڳوليندي ڳوليندي غار وٽ اچي پهتا مگر غار جي منهن تي ڪوريئڙي جو ڄار ڏسي ان کي آڳاٽو ٺهيل سمجهي واپس موٽي ويا.

 

[111]

ڪيائين قبضي ۾، جا هئي اٽڪل ايراضي،

ڪنهن مطلب خاطر مرد ڀي، بنائي بازي،

سڄڻ دشمن سڀئي، ڪيائين راهه ويندا راضي،

محبت مجازي، ڪو هيئن رکي ”حاجي“ چئي.

 (حاجي مهيسر)

 

ايراضي = غار جي منهن وارو حصو.

مرد = ڪوريئڙو. سڄڻ = حضورﷺ جن.

دشمن = ڪافر. بازي بنائڻ = تاڃي ڪڍڻ.

 

مراد:  حضورﷺ جن هجرت وقت غار حرا ۾ وڃي ويٺا ته ڪوريئڙي غار جي منهن تي ڄار ٺاهي ڇڏيو، جنهن کي ڏسي ڪافر واپس موٽي ويا.

 

[112]

صاحب جي سراءِ، کي هاتڪ وڏو در،

ڪڏهن ڪونه ڏٺوسون، ڪو اهڙو ڪاريگر،

پلڪ نه گذريو پهر، ته عاشق ڳالهه ادا ڪئي.

 (طاهر ٻٻر)

 

صاحب = حضورﷺ جن. سراءِ = غار.

هاتڪ = ڪوريئڙو. در = ڄار.

ڪاريگر = ڪوريئڙو. ڳالهه ادا ڪرڻ = غار

جي منهن تي تاڃي اُڻي ڇڏڻ.

 

مراد:  غار حرا جي منهن تي ڪوريئڙي جهٽ پٽ ڄار ٺاهي، ڄڻ هڪ قسم جو در چاڙهي ڇڏيو.

 

[113]

ڏاها ڀورا ڏيهه ۾، اڳي هئا اَصل،

هاڻ ته لنڊي ٻٽي لوڪ ۾، ڪاهي پيون آهن ڪُل،

هڪڙي اَجمل پاڻ عقل سان، ڦند پکيڙيو ڦُل،

سڀئي گڏجي ”غلام محمد“ چئي، ڪيا ولاچا هُل،

ڪانه پين ڪَل، اُنهيءَ جي انصاف جي.

 (غلام محمد ڇٽو)

 

اجمل = ڪوريئڙو. هولاچاهل ڪرڻ = پيرا کڻڻ.

ڦندُ = ڄار. اُنهيءَ = ڪوريئڙي ڏانهن اشارو.

 

مراد:  ڪافر پير کڻي حضورﷺ جن جي پٺيان آيا، ايتري ۾ ڪوريئڙي غار جي منهن تي ڄار ٺاهي ڇڏيو، جنهن کي ڏسي هو واپس هليا ويا.

 

[114]

عمر ڪڍي مارئي، ڪوٽان اچي ڪري،

پيو سابس جڳ ڪري، عمر کي ”اڪن“ چئي.

 (اڪن وساڻ)

 

عمر = ڪوريئڙو. مارئي = تاڃي.

 

مراد:  حضورﷺ جن کي غار ۾ ويٺل ڏسي، ڪوريئڙي غار جي منهن تي ڄار جي تاڃي اُڻي ڇڏي، انهيءَ ڪم ڪري ڪوريئڙي کي سڀڪو جس پيو ڏئي.

 

[115]

سائينءَ پاران سيگهه ۾، ڪئي وڪالت وڪيل،

ڪوڙو ڪيو ڪيس کي، عقل ساڻ عقيل،

شاهدن جي شاهديءَ، ڪيا زوراور ذليل،

دور ٿين دليلَ، جيڪي هين ”حاجي“ چئي.

 (حاجي مهيسر)

 

وڪيل = ڪوريئڙو. شاهد = ڪبوتريءَ جا

آنا. زوراور = ڪافر.

 

مراد:  حضورﷺ جن جي غار ۾ ويهڻ وقت ڪوريئڙي ڄار ٻڌي ۽ ڪبوتريءَ آنا لاٿا، جن کي ڏسي ڪافرن کي پڪ ٿي ته هتي ڪوبه ماڻهو موجود نه آهي، انڪري هو واپس هليا ويا.

 

[116]

ڪامل چڙهي ڪوٺيءَ تي، ڇن ٻڌو ڇوڪر،

حور هلي ويئي هنڌ تان، نار ڇڏيون نينگر،

ڏسي مڻيا منڌ جا، پو3 موٽي پيا منڪر،

پين ڪانه خبر، مهل ان ”موريو“ چئي.

 (موريو کٽي)

 

ڪامل = ڪوريئڙو. ڪوٺي = غار.

ڇن = ڄار. ڇوڪر = ڪوريئڙو.

حور = ڪبوتري. هنڌ = آکيڙو.

نينگر ۽ مڻيا = آنا.

 

مراد:  غارجي منهن تي ڪوريئڙي ڄار ٺاهيو ۽ ڪبوتري آکيڙو ٺاهي، ان ۾ آنا لاهي ويئي، جن کي ڏسي ڪافر موٽي هليا ويا.

 

[117]

جانب آنديون جاءِ انهيءَ تي، عورتون اندر،

ڪم ڪيو ڪامڻ اتي، نار ڇڏيا هن نر،

سهڻا ڏسي سيگهه ۾، ڪيئون هل حشر،

پوءِ ڏسي انگ اکر، ويا اتهون ”الهه بخش“ چئي.

 (الهه بخش)

 

جانب = ڪوريئڙو. عورتون = ڄار جون تندون.

ڪامڻ = ڪبوتري. سهڻا = ڪبوتريءَ جا آنا.

انگ اکر = نشان.

 

مراد:  غار جي منهن تي ڪوريئڙي تاڃي اُڻي ڇڏي ۽ ان ڄار جي ڀر ۾ هڪ ڪبوتري آکيرو ٺاهي، آنا لاهي ويئي، جڏهن ڪافر پير کڻي ان غار جي منهن تي آيا ته ڪوريئڙي جو ڄار ۽ ڪبوتريءَ جا آنا ڏسي سمجهيائون ته هي ڪم آڳاٽو ٿيل آهي ۽ هن ويجهڙائيءَ ۾ هٿ ڪوبه ماڻهو آيل ڪونه ٿو ڏسجي. تنهنڪري واپس هليا ويا.

 

[118]

وٺو راهه رسول جي، محبت ورهايو ماڻ،

ماڙيچڻ ملير مان، آيو سومرو ڪري ساڻ،

آڻي قابو ڪئي ڪوٽ ۾، حاڪم همت ساڻ،

ٿي مارئي به سڄاڻ، پر مليو انصاف عمر کي ”احمد“ چئي.

 (احمد خان مري)

 

ماڙيچڻ = تاڃي. ملير = پيٽ.

سومرو = ڪوريئڙو. ڪوٽ = غار جو منهن.

مارئي = ڪبوتريءَ. عمر = ڪوريئڙو.

 

مراد:  ڪوريئڙي غار جي منهن تي تاڃي اُڻي ڇڏي، ان جي مٿان ڪبوتريءَ وري پنهنجو آکيرو ٺاهي ان ۾ آنا رکي ڇڏيا. هن ڪم ۾ ڪوريئڙي جو ڪم ڪبوتريءَ جي ڪم کان وڌيڪ ساراهه جوڳو آهي.

 

[119]

سهڻو صوبو ڏسي، نامئي پکيڙيو نر،

ڪامڻ آئي ڪيچ ڏهون، جنهن جلد ڪيو جوهر،

پهريدار پلڪ ۾، نروار ٿيو نر،

پوءِ مٽيائين انگ اکر، انهن جو ”الهه بخش“ چئي.

 (الهه بخش)

 

صوبو = حضورﷺ جن. ناميو = ڪوريئڙو.

نر = ڄار. ڪامڻ = ڪبوتري، جوهر = آکيرو.

نر = آنو. انگ اکر = شڪ.

 

مراد:  حضورﷺ جن کي غارَ ۾ ڏسي، ڪوريئڙي ڄار ٺاهيو ۽ ڪبوتري آنا لاٿا. دشمن پير کڻي آيا، پر ڄار ۾ ڪبوترن جا آنا ڏسي، کين حضورﷺ جن جي اتي هجڻ جو گمان ڪونه آيو ۽ واپس هليا ويا.

 

[120]

ليلان هڪ لحظي ۾، ڇڏي ڪامل سا ته ڪڍي،

اچي ڪونرو ويٺي ڪوڏ مان، سا هئي نار ننڍي،

مڙهي ڏٺائون منڌ جي، ٻيو نه ڪا گهيڙ گهٽي،

پوءِ ويا هو به هٽي، ساعت ۾ ”سومار“ چئي.

 (سومار سومرو)

 

ليلان = ڄٺار. ڪامل = ڪوريئڙو.

ڪونرو = ڪبوتري. مڙهي = آکيڙو.

هو = ڪافرن ڏانهن اشارو.

 

مراد:  حضورﷺ جن کي غار ۾ ويٺل ڏسي، ڪوريئڙي جهٽ پٽ غار جو منهن تاڃيءَ سان مڙهي ڇڏيو ۽ هڪ ڪبوتريءَ تاڃيءَ وٽ آکيڙو ٺاهي، ان ۾ ٻه آنا لاهي ڇڏيا. ڪافرن جڏهن غار جي منهن تي اهي شيون موجود ڏٺيون، تڏهن سڀ شڪ دور ٿي وين ۽ واپس موٽي ويا.

 

[121]

رنگ محل راس ٿيو، ويٺي محلي تي مومل،

هو به هلي هيڪاندا آيا، موڳا تنهين مهل،

پوءِ ڪامل هوئي قابل، جنهن موٽائي ڇڏيا ”محمد“ چئي.

 (محمد فقير ڏيرو)

 

رنگ محل = آڱيرو. مومل = ڪبوتري.

موڳا = ڪافر.

 

مراد:  غار جي منهن تي، تاڃيءَ وٽ هڪ ڪبوتري آنا لاهي ويهي رهي، جنهن کي ڏسي ڪافر واپس موٽي آيا.

 

[122]

صاحب آيو سرحد ۾، برابر بادشاهه، رستا ويا سڀ روڪجي، ٺهيو ڏاڍو ٺاهه.

ملاقاتي محب جو، آيو ڪريو ڪاهو ڪاهه،

ڪيئن ڪري ڪاڏي وڃي، پيو ڏسي سڀ سپاهه،

انهيءَ جو آگاهه، پهتو هوت وٽ ”حاجي“ چئي.

 (حاجي مهيسر)

 

صاحب = حضورﷺ جن. سرحد = غار.

رستا روڪجڻ = ڏرڙ بند ٿيڻ. ملاقاتي = نانگ.

هوت = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون نانگ وارو بيان.

 

[123]

ڪامل گهڙي ويا ڪُن ۾، تن ۾ مانجهي هو ميهار،

هيس حب حبيب جي، ڪندس يار جو ديدار،

آريءَ ڄام آرام ڪيو، ٿيو پنهون پهريدار،

منجهي پيو ميهار، تنهن ڪيو جهيڙو جت سان.

 (نالي چڱو پالاري)

 

ڪامل = حضورﷺ جن ۽ حضرت ابوبڪر﷤.

ڪن = غار. ميهار = نانگ. آري ڄام = حضورﷺ جن.

پنهون = حضرت ابوبڪر﷤. جت = حضرت ابوبڪر﷤.

 

مراد:  حضورﷺ جن ۽ حضرت ابوبڪر﷤ غار حرا ۾ آيا، جتي حضرت ابوبڪر رضه سوراخ ڏسي اڳڙين سان بند ڪيا، پر هڪ سوراخ کي کڙي ڏيئي ويٺو، جنهن ۾ هڪ نانگ حضورﷺ جن جي ديدار لاءِ ويٺو هو، ڏرڙ بند ٿيڻ تي نانگ کيس کڙي ۾ ڏنگي وڌو.

 

[124]

ڪري جهيڙو جت سان، تنهن ويس مٽايو وير،

ساجن ساوا ڪپڙا، نازڪ رتا نير،

پڇيو سوال سڌير، جاڳي جت پنهون کان.

 (نالي چڱو پالاري)

 

جت = حضرت ابوبڪر﷤. وير = نانگ.

ساجن = حضرت ابوبڪر﷤.

ساوا ڪپڙا = زهر. سڌير = حضورﷺ جن.

 

مراد:  نانگ جي ڏنگ لڳڻ تي حضرت ابوبڪر﷤ جي اکين مان لڙڪ ڳڙي حضورﷺ جن جي پيشاني مبارڪ تي پيا، پاڻ سڳورا سجاڳ ٿيا ۽ حضرت ابوبڪر﷤ کان لڙڪن ڳاڙڻ جو سبب پڇيائون.

 

[125]

سالڪ ڏنو سڌير کي، جت پنهون جواب،

سائو ويس سور جو، ٿيس گهڻو آداب،

نيڻن مان ”نالي چڱو“ چئي، ويس اکين مان آب،

صبر وڏو ثواب، جيڪا رضا رب جي.

 (نالي چڱو پالاري)

 

سالڪ = حضرت ابوبڪر﷤.

سڌير = حضورﷺ جن. سائو ويس = زهر.

 

مراد:  حضرت ابوبڪر﷤ کي نانگ ڏنگيو، زهر جي اثر سبب سندس اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا. مگر پاڻ صبر ۾ رهيو ۽ ڪا دانهن نه ڪيائين.

 

[126]

جنگ ويٺو هو جاءِ تي، عاقل آرامي،

در تنهن ديوار جا، سڀ پوريا سامي،

هڪ جو وَٿ ويجهي هئي، کر ويس کامي،

هاريائين جَرَ ”جيئل“ چئي، نظر ڦيريس نامي،

پوءِ ساڳيو ئي سامي، ساعت ۾ سرهو ٿيو.

 (جيئل جاگيراڻي)

 

جنگ = نانگ. ڊر = سوراخ. ديوار = غار.

سامي = حضرت ابوبڪر﷤.

کامي وڃڻ = ونگجڻ. نامي = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون نانگ وارو بيان.

 

[127]

جوان هليو جاگير تي، لاهوتيءَ جي لاري،

راڄ رهيو پي راتيان ڏينهان، انهيءَ اوتاري،

جيڪو بکيل هيو برَ ۾، سو ڀي چري آيو چاري،

مهماني مهمانن کي ڏني، تنهن ساعت انهيءَ ساري،

جيڪو ماني ري مهمان هيو، تنهن کي ڏنئين ڪامڻ قطاري،

ڪي سگهڙ سنڀاري، معنيٰ ڪن ”ميوو“ چئي.

 (ميوو ڦلپوٽو)

 

جوان = حضرت ابوبڪر﷤.

لاهوتي = حضورﷺ جن. راڄ = غار وارو سوراخ.

اوتارو = غار. بکيل – نانگ.

مهماني = اڳڙين جو مُچو.

مهمان = سوراخ. ماني ري مهمان = خالي سوراخ.

ڪامڻ = پير جي کڙي.

 

مراد:  ڏسو مٿيون نانگ وارو بيان.

 

[128]

هئي ملڪيت مڙني جي، پر وڄ تي وڌئون وير،
هن کي محبت مچ مچايو هو، ساجهر ويو سوير،

جوان جهليا هئا جان تي، وڏا داٻ دلير،

ڪامل ڇڏي ڪامڻ کي، خان ڪيا آهن خير،
اهڙا ڪم ڪندي ٻي ڪير، جهڙا هن ڪيا ”حاجي“ چئي.

 (حاجي مهيسر)

 

ملڪيت = حضورﷺ جن. وچ تي وير

وجهڻ = حضرت ابوبڪر رضه جو سوراخ تي

کڙي ڏيڻ. هن = نانگ ڏانهن اشارو.

جوان= حضرت ابوبڪر ﷤. داٻ جهلڻ = ڏنگ

سهڻ. ڪامل = حضورﷺجن. ڪامڻ = پِڪ.

 

مراد:  غار حرا ۾ حضرت ابوبڪر﷤ هڪ سوراخ تي کڙي ڏني. ان سوراخ ۾ هڪڙو نانگ حضورﷺ جن جي زيارت لاءِ ويٺل هو، تنهن کيس ڏنگ هنيا. حضورﷺ جن ڏنگن واري جاءِ تي پِڪ لاتي ته زهر جو اثر گهٽجي ويو.

 

[129]

هڪ تي سواري ائينءَ جي، ٻيءَ سان ترت لڳو تڪرار،

مالڪ تن منڌين جو، ڏسي پيو اکين سان اسرار،

خبر پيئي خان کي، لاٿائين عورت تان آزار،

بنري باغ بهار، هڪدم ڪين، ”حاجي“ چئي.

 (حاجي مهيسر)

 

هڪ = حضورت ابوبڪر﷤ جي هڪڙي تنگ.

سواري ڪرڻ = مٿو رکي سهمڻ.

سائين = حضورﷺ جن. ٻي = ٽنگ.

مالڪ = حضرت ابوبڪر﷤. مون = ٽنگون.

اکين سان اسرار ڏسڻ = نانگ جا ڏنگ لڳڻ.

خان = حضورﷺ جن. عورت = ٽنگ.

آزار لاهڻ = زهر جو اثر گهٽائڻ.

بنرو = حضورﷺ جن. باغ بهار ڪرڻ = نانگ ۽

حضرت ابوبڪر﷤ جو ميلاپ ڪرڻ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون نانگ وارو بيان.

 

[130]

ڪامل جي ڪامڻ سان، شائق ڪيو شور،

موٽائي پيو منڌ کي، محب ڏسان مون مور،

جوان جهليو جان تي، زوراور جو زور،

غازي ڪري غور، هڪ ڪين ”حاجي“ چئي.

 (حاجي مهيسر)

 

ڪامل = حضرت ابوبڪر صديق﷤.

ڪامڻ = کڙي. شائق = نانگ.

شور ڪرڻ = ڏنگ هڻڻ. منڌ = لڙي.

محب ۽ مور = حضورﷺ جن.

جوان = حضرت ابوبڪر ﷤. زوراور = نانگ.

غازي = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون نانگ وارو بيان.

 

[131]

نه ڪي حلميت هن ڪئي، نه ڪي ڇڏيو ظاهر هن به زور،

لڳي جنگ جود مان، شاهي مچي ويو شور،

اهو ڀلي مرڪي مور، جو هٽيو ڪين ”حجام“ چئي.

 (مير محمد حجام)

 

هن = حضرت ابوبڪر﷤ ڏانهن اشارو.

هن = نانگ ڏانهن اشارو.

مور = حضرت ابوبڪر﷤.

 

مراد:  غار حرا ۾ حضرت ابوبڪر﷤ کي نانگ ڏنگ پئي هيا تڏهن به سوراخ تان کڙي پري نه ڪيائين. متان حضورﷺ جن کي ڪا تڪليف رسي.

 

[132]

جانب يار جوڙي آئي، سوکڙي سائي،

اها منڌ ملوڪ هئي، عجب ٿي آئي،

اها ڳالهه عجيب آ، مهريءَ ملهائي،

سُڌ خبر سا ئي آهي ”لعلڻ“ ساري لوڪ ۾.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

جانب يار = حضورﷺجن. سوکڙي = ڦيڻي.

منڌ = ڦيڻي. مهري = ڦيڻي.

 

مراد:  غار حرا ۾ حضرت ابوبڪر﷤ کي نانگ کڙيءَ ۾ ڏنگ هنيو، حضورﷺ جن ڏنگ واري جاءِ تي ڦيڻي مبارڪ لاتي ته سور غائب ٿي ويو.

 

[133]

مرڻ خاطر مرد جي، هيس من گهڻو مستان،

ڏوريائين ٿي ڏکن ۾، هيس جوان سندو جولان،

ووڙيندي وڻڪار ۾، اچي خاصو ڏٺائين خان،
جڏهن راضي ٿيو رحمان، ٿيس پوري حب ”حجم“ چئي.

 (مير محمد حجم)

 

مر = حضورﷺ جن. هيس = نانگ ڏانهن

اشارو. خان – حضورﷺ جن.

 

مراد:  نانگ کي حضورﷺ جن جي زيارت جو تمام گهڻو شوق هو، جڏهن حضورﷺ جن غار ۾ آيا تڌهن نانگ زيارت ڪري، ڌڻي تعاليٰ جو شڪرانو ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org