سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :25

[58]

ڏاها ڳولج ڏور کي، تون چڱو لائي چِت،

هوت مڪو هٿن سان، ڪو ماڻهو ڪري محنت،

خبر ملي ته خر کي، پهتي تهتان وڃي تت،

ڏسي معجزو مرد جو، هو دهلي ويو درخت،

ڪيائين وصيت وزير کي، تنهن پيتو ساڻ پرت،

هي مٺو ماکي کان گهڻو، جيئن شير گهڻي شربت،

نوڙيو گهڻي نياز سان، هو هڄي ويو حيرت،

هي سڪو وڻ سائو ٿئي، جنهن ۾ مال ٿئي ملڪيت،

آءٌ آڻيان اسلام مٿئي، منهنجا ڪوفين پاسي خط،

تڏهن حڪم سان الله جي، ان وٺي نوراني رحمت،

هو ساعت ۾ سائو ٿيو، ڪُلين ۾ ڪثرت،

ڏٺائين ميوو مٺ ۾، تڏهن ڪيائين هنر جي حرڪت،

هليو ويو ”حاميد“ چئي، آئي نڀاڳي نه سر،

ڏٺائين ماڙين ۾ مورت، تڏهن ويس وڄائون وسري،

 (حاجي حاميد خاصخيلي)

 

هوت = حضورﷺ جن. خر = ريان.

ماڙين ۾ مورت = نابالغ نياڻيءَ کي اڇيءَ

ڏاڙهيءَ سان پٽ.

 

مراد:  حضورﷺ جن ريان کي ميوي پيدا ٿيڻ جو معجزو ڏيکاريو، تڏهن به هن اسلام قبول نه ڪيو، پر اهو جڏهن سندس نياڻي کاڌو ته هوءَ حامله ٿي، جنهن بروقت ڏاڙهيءَ سان پٽ ڄائو. اهو معجزو ڏسي هن اسلام قبول ڪيو.

 

[59]

ستين سالين جي سونگڙي، ستر سالن جو سنگ،

ماڙيءَ ۾ ملوڪ سان، اچي راءَ ڪيو هو رنگ،

جڏهن چارڻ چوريو چنگ، تڏهن ملڪ ۾ ڳالهه مشهور ٿي.

 

سونگهڙي = ريان ڪافر جي ڌيءَ.

سنگ = اڇي ڏاڙهي سان پٽ.

ماڙي = باغ. ملوڪ = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ريان جي ڌيءَ اڇي ڏاڙهيءَ سان پٽ ڄائو. جنهن حضورﷺ جن جي نبوت جي شاهدي ڏني.

 

[60]

بنا پريت جي، هن سان قادر ڪرم ڪيو،

اچي اجهڙوال کي، دهرو دان ڊَهيو،

ٻڌي ٻولي ٻهڳڻ جي، اچي پرين پيش پيو،

پوءِ ختم کيل ٿيو، اٿيئي ”الهه بخش“ چئي.

 (الهه بخش)

 

هن= ريان جي ڌيءَ ڏانهن اشارو.

دان ڊهڻ = اڇي ڏاڙهيءَ سان پٽ ملڻ.

ٻهڳڻ = نئون ڄاول ٻار.

 

مراد:  ريان جي ڌيءَ کي بنا شادي ڪرڻ جي اڇي ڏاڙهيءَ سان پٽ ڄائو، جنهن حضورﷺ جن جي نبوت جي شاهدي ڏني، تڏهن ريان اسلام قبول ڪيو.

 

[61]

پرين توکي پوک، ٻج نه هيو پاڻي،

قدرت ساڻ ڪريم جي، سا ستت ساماڻي،

پوءِ سچ کي سڃاڻي، مڃيائون ”موريو“ چئي.

 (موريو فقير)

 

پرين = حضورﷺ جن. پوک پوکڻي = يارن جي

ڌيءَ کي حمل ٿيڻ جو معجزو.

 

مراد:  حضورﷺ جن ريان بادشاهه کي سڪل بنڊ مان ميوو پيدا ڪري ڏيکاريو، جو سندس ڌيءَ کاڌو ۽ حامله ٿي پٽ ڄڻيو، جنهن حضورﷺ جن جي نبوت جي شاهدي ڏني. تڏهن ريان ۽ سندس ماڻهن اسلام قبول ڪيو.

 

[62]

نه ڪي مڱي مڙس سان، نه ڪي ويجهو ٿيس وَرُ،

پٽ ڄڻيائين پنهنجو، ٿيو عالم اڪابر،

شفيع جي شريعت جو، نه ٿيس ڏوهه ڏمر،

ٿئو ملڪ ۾ مشر، سڀني ٻڌو ”صالح“ چئي.

 (صالح)

 

نه مڱي = ريان بادشاهه جي ڌيءَ ڏانهن اشارو.

شفيع = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ريان بادشاهه جي ڪنواريءَ کي حضورﷺجن معجزي سان انب پيدا ڪري کارايو ته اڇي ڏاڙهيءَ سان پٽ پيدا ٿيس. جنهن ڄمڻ شرط حضورﷺ جن جي نبوت جي شاهدي سڀني ماڻهن جي اڳيان ڏني.

 

[63]

نه ڪا مجلس مرد جي، نه ڪو هو سالڪ جو سعيو،

تڪڙ پڪڙ جي تار سان، اوچتو آيو،

پوءِ منڌ مزو لايو، حيرت لڳي ”حاجي“ چئي.

 (حاجي)

 

مرد جي مجلس = شادي ٿيڻ ڏانهن اشارو.

سالڪ = ٻار. مزو لائڻ = اڇي ڏاڙهي سان

ٻار جو ڄمڻ.

 

مراد:  ريان جي ڌيءَ کي شادي ڪرڻ کانسواءِ اڇي ڏارهيءَ سان ٻار ڄائو. حضورﷺ جن جو اهو معجزو ڏسي سڀ حيرت ۾ پيا.

 

[64]

ڏاڻ ڌنو ڏاهيءَ کي، آديسي آڻي،

ڪامڻ پنهنجي قرب منجهارون، منڌ ڇڏيو ماڻي،

انهيءَ صوبي ساماڻي، حيرت لڳي ”حاجي“ چئي.

 (حاجي)

 

ڏاڻ = ميوو. ڏاهي = ريان جي ڌي.

آديسي = حضورﷺ جن.

ڪامڻ = ريان جي ڌيءَ. صوبو = پٽ.

 

مراد:  ريان جي ڌيءَ انب کائڻ سان اڇي ڏاڙهيءَ سان پٽ ڄڻيو، حضورﷺ جن جو اهو معجزو ڏسي ماڻهو حيرت ۾ پيا.

 

[65]

سهڻيءَ جي سيرَ مؤن، آيو وينگس کي ڪو واءُ،

نه ڪيئين ڪار ڪتڻ جي، نه چرخي سان هيس چاهه،

سرتين کان اڳ ساعت ۾، هن پورو ڪيو پاءُ،

ماٺ لڳي مڙني کي، ڏسي دانهن جو هي داءُ،

ورتئون سالڪ کؤن هي ساءُ، تڏهن رنگ لڳو ”راڄپر“ چئي.

 (قادربخش راڄپر)

 

سهڻو = حضورﷺ جن. وينگس = ريان جي ڌيءَ.

ڪتڻ جي ڪار = شادي. چرخو = پٽ.

پاءُ پورو ڪرڻ = ٻار ڄڻڻ.

دانهه = حضورﷺ جن. سالڪ = پٽ.

 

مراد:  ريان جي ڌيءَ شادي ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي سرتين کان اڳي پٽ ڄائو. جنهن حضورﷺ جن جي نبوت جي شاهدي ڏني. ريان ۽ ان جا ماڻهو اهو معجزو ڏسي مسلمان ٿيا.

 

[66]

وٺو راهه رسول جي، سڻو سيد جي صفت،

مرد آيو ميدان ۾، ڏسو قادر جي قدرت،

پسي پريشان ٿيا، ڪريم جي ڪرامت،

”جمعو“ چئي هو جوءَ ۾، آيو مير جي معرفت،

چاهه مان ”چانڊيو“ چئي، بيٺو ڪري حاڪم جي حقيقت،

ڪوري ڪڍيئين قلب مان، ڪچائي ڪپت،

هاڻ مٺي ڪري محبت، ڏاها ڳوليو ڏور کي.

 (جمعو چانڊيو)

 

مرد = حضورﷺ جن. حقيقت ڪرڻ = نبوت

جي شاهدي ڏين.

 

مراد:  ريان جي نابالغ ڇوڪريءَ انب کاڌو ۽ اڇي ڏاڙهيءَ سان پٽ ڄڻيائين جنهن اچي حضورﷺ جن جي نبوت جي شاهدي ڏني. تڏهن ريان ڪفر ڇڏي اسلام قبول ڪيو.

 

[67]

ستن ورهين جي ڇوڪريءَ، ڄائو ستر ورهين جو ٻار،

ڪڍي ڪتاب نهار، ته ڪاتب ڪيئن چئي ويو؟

 

ڇوڪري = ريان جي ڌيءُ. ٻار = اچي ڏاڙهيءَ

سان پٽ ڄائو.

 

مراد:  حضورﷺ جن جي معجزي سان ريان جي نابالغ ڌيءَ کي اڇي ڏاڙهيءَ سان پٽ ڄائو.

 

بيبي خديجةالڪبريٰ:

        حضورﷺ جن بيبي خديجةالڪبريٰ﷤ وٽ پهريائين ٻڪرين جي نگهباني ڪندا هئا. سندس اخلاق ۽ معجزا ڏسي کين تجارت ڪرڻ لاءِ شام ڏانهن قافلي جو عام مختيار ڪري موڪليائين. ساڻن گڏ بيبي صاحبه جو غلام ميسره به هو. جڏهن شام کان واپس آيا ته ميسري بيبي صاحبه سان گهڻي نفعي ٿيڻ ۽ حضورﷺ جن جي اخلاق ۽ سندس ڪرامتن جو ذڪر ڪيو جو ٻڌي حضورﷺ جن لاءِ سندس دل ۾ محبت زياده ٿي ۽ انهيءَ عرصي ۾ هڪ رات بيبي صاحبه خواب لڌو، جنهن ۾ ڏٺائين ته سندس جهوليءَ ۾ چنڊ جهُلي پيو آهي. انهيءَ خواب جي تعمير لاءِ پنهنجي چاچي وٽ ويئي جو هڪڙو نجومي هو. چاچس خواب جو تعبير ٻڌايس ته تنهنجو نڪاح آخر زماني جي نبيءَ سان ٿيڻو آهي. ڪجهه عرصي بعد بيبي صاحبه جو اهو خواب سچو ٿيو، جو عزيزن جي منع هوندي به حضورﷺ جن سان نڪاح ڪيائين. جڏهن حضور جن پنهنجي چاچي ابو طالب کان اجازت ورتي تڏهن بيبي صاحبه جي چوڻ پٽاندر سندس سوٽ ورقته بن نوفل وٽ سندن نڪاح پڙهيو ويو. ان وقت سندس ڄمار چاليهه ورهيه ۽ حضورﷺ جن جي پنجويهه ورهيه هئي.

        حضورﷺ جن دنيا جي زر ۽ مال کان هميشه پري ڀڄندا هئا. بيبي صاحبه وڏي مالدار هئي پر سندن صحبت ۾ پنهنجي ملڪيت به خدا جي راهه ۾ مسڪينن ۽ محتاجن کي ڏيئي ڇڏيائين، تان جو هن پنهنجي سڄي ملڪيت خيرات ڪري ڇڏي.

        چون ٿا ته هڪ ڏينهن حضورﷺ جن بيبي صاحبه کي فرماريو ته، توهان مان اڃا به دنيا جي بوءِ پيئي اچي. بيبي صاحبه عرض ڪيو ته مون وٽ جيڪي هو، اهو سڀ الله تعاليٰ جي راهه ۾ خيرات ڪيو اٿم، باقي هڪ چوٽي ڦُل اٿم، اهو به حاضر آهي. حضورﷺ جن جي انهيءَ اشاري تي هن اهو به خيرات ڪري ڇڏيو.

        چون ٿا ته هڪ دفعي حضورﷺ جن واپار جي سانگي مسافري تي ويل هئا، کين ڪافي وقت گذري ويو ته بيبي صاحبه تمام گهڻو فڪرمند ٿي ۽ پنهنجي وفات کان اڳ کين ڏسڻ جي تمام گهڻي سڪ ٿي، تنهنڪري الله تعاليٰ کي سوال ڪيائين ته مرڻ کان اڳ نبيﷺ جن کي ڏسان، ۽ هيءَ باس به باسيائين ته حضورﷺ جن جي موٽي اچڻ تي صلواة پڙهي پوءِ ساڻن ملنديس. اڃا انهيءَ خيال ۾ هئي ته حضورﷺ جن اوچتو اچي ويا ۽ بيبي صاحبه صلواة سڳوري پڙهي ساڻن ملي ۽ کيس گهڻي خوشي ٿي.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[68]

سُتي پيئي هئي رات جو، ڪيو چپ چپات،

رنگ ڏٺا هئا سيج تي، بيبيءَ ڀاتون ڀات،

وڃي ڪنهن سان سليائين بات، راز ڏنو هئائين روح جو.

 

بيبي = خديجةالڪبريٰ﷤.

ڪنهن سان = نجومي ڏانهن اشارو.

راز = خواب (جهوليءَ چنڊ جهلڻ).

 

مراد:  بيبي خديجةالڪبريٰ﷤ هڪ رات خواب ڏٺو ته سندس جهوليءَ ۾ چنڊ جهلي پيو آهي. اها حقيقت پنهنجي چاچي نجوميءَ سان ڪيائين.

 

[69]

سسئي کي پنهل جي، ڏني ٻاٻيهل ٻُرڪي،

ڪيچي آيو ڪوهيارو، ڏسي محب ويٺي مُرڪي،

سهي سيج ڏي سرڪي، ڏسو رنگ ”راڄپر“ چئي.

 (قادر بخش راڄپر)

 

سسئي = بيبي خديجةالڪبريٰ.

پنهل = حضورﷺ جن. ٻاٻيهل = نجومي.

ٻُرڪي ڏيڻ = خواب جو تعبير ٻڌائڻ.

 

مراد:  بيبي صاحبه پنهنجي نجومي چاچي کان خواب جو تعبير ڪرايو جنهن ٻڌايس ته تنهنجي شادي آخر زماني جي نبي سان ٿيڻي آهي. اها خبر ٻڌي هوءَ سرهي ٿي ۽ آخر حضورﷺ جن سان شادي ٿيس ۽ سندس خواب سچو ٿيو.

 

[70]

سهڻي ساهڙ ڄام سان، هئي سدائين سچي،

لاهي لاڳاپا لوڪ جا، هوءَ بيٺي منڌ مچي،

لهر لوڏيس ڪينڪي، هوءَ ڪامڻ ٿي نه ڪچي،

ويئي رمز منجهه رچي، مهل انهيءَ ”مٺو“ چئي.

 (مٺو ملاح)

 

سهڻي = بيبي خديجةالڪبريٰ﷤.

ساهڙم ڄام = حضورﷺ جن.

 

مراد:  بيبي خديجةالڪبريٰ﷤ عزيزن جي رنجش کڻي به حضورﷺ جن سان نڪاح ڪيو.

 

[71]

ڏس ڪم ڪونروءَ جا، جنهن ڇڏي ليلان لوڌائي،

رکيئين چاهه چنيسر سان، ناهو ڪو ٺاهي،

عجب ”ادريس“ کي آهي، ڪونروءَ جي ڪمن جو.

 (ادريس راڄڙ)

 

ڪونرو = بيبي خديجة. ليلان = ملڪيت.

چنيسر = حضورﷺ جن.

 

مراد:  بيبي خديجةالڪبريٰ﷤ حضورﷺ جن سان نڪاح ڪرڻ بعد پنهنجي سڀ ملڪيت مسڪينن ۽ محتاجن کي خيرات ڪري ڇڏي.

 

[72]

قطاريل هو قطار ۾، مهري موچارو،

ويٺو و وڳ ۾، سينگار ڪريو سارو،

اٺ انهيءَ جو ”ادريس“ چئي، هو ڀاڳ به ڀلارو،

جڏهن عاشق کنيس آرو، تڏهن وري نه آيو وڳ ۾.

 (ادريس راڄڙ)

 

قطار = وارن جي چوٽي. مهري = چوٽي ڦل.

وڳ = وار. اٺ = چوٽي ڦل.

عاشق = حضورﷺ جن.

 

مراد:  بيبي خديجةالڪبريٰ پنهنجي دولت مسڪينن ۽ محتاجن کي خيرات ڪري ڇڏي، باقي سندس وارن جي چوٽيءَ ڦلن مان هڪ چوٽي ڦل وٽس رهيو هو. حضورﷺ جن جڏهن اهو ڏٺو، تڏهن دنيا جي محبت جو کيس اشارو ڪيائين. پوءِ اهو به الله جي راهه ۾ ڏيئي ڇڏيائين.

 

[73]

در ڏنم دروازا ڏنم، تاڙيون ڏنم طاق،

تنهن کان پوءِ طلاق، نار ڏني نر کي.

 

طلاق ڏيڻ = خيرات ڪرڻ. نار = بيبي

خديجة. نر = چوٽي ڦل.

 

مراد:  بيبي خديجة سون چاندي خيرات ڪري ڇڏي، باقي هڪ چوٽي ڦل وڃي بچيو هئس. سو به حضورﷺ جن جي اشارو ملڻ تي خيرات ڪري ڇڏيائين.

 

[74]

تيتر موت نه مار، جيتر پسان پِر کي،

الله هن عزرائيل جي، واڳ مٿاهون وار،

ڏاتر! مون ڏيکار، هيڪر هوت! اکين سان.

 

پسان = بيبي خديجةالڪبريٰ ڏانهن اشارو.

هوت = حضورﷺ جن.

 

مراد:  حضورﷺ جن واپار جي سانگي مسافريءَ تي ويا. اتي ڳچ عرصي ترسڻ ڪري بيبي صاحبه، الله تعاليٰ کان دعا گهري ته مرڻ کان اڳ هڪوار حضورﷺ جن جو ديدار ڪري اکين کي ٺاريان.

 

[75]

ويٺي ڄوليائين ڄاڻ، ته چونديسانس چٽو ڪري،

اوچتو عجيب اچي، پرين پسايس پاڻ،

ڏند چپن ساڻ، ڏٺي محب مڙي ويس.

 

چونديسانس = بيبي خديجةالڪبريٰ ڏانهن اشارو.

چٽو ڪري = صلواة پڙهڻ ڏانهن اشارو.

عجيب = حضورﷺ جن.

 

مراد:  حضورﷺ جن واپار جي سانگي ٻاهر هئا ۽ ڪجهه عرصو گذري ويو هو. بيبي صاحبه سندس اچڻ لاءِ منتظر هئي. پاڻ هيءَ باس باسيائين ته پاڻ سڳورا ايندا ته صلواة پڙهي پوءِ ساڻس ملنديس. ايتري ۾ حضورﷺ جن اچي سهڙيا ۽ بيبي صاحبه صلواة پڙهي ساڻن ملي خوش ٿي ۽ پنهنجي سوال اگهامڻ تي حيرت ۾ پيئي، پوءِ الله تعاليٰ جو شڪرانو ڪيائين.

 

[76]

آيا اس ٿيام، ٻاروچا ڀنڀور ۾،

پسي پاڪ پنهل کي، تنهن سين نيڻ ٺريام،

گوندر وساريام، سکن شاخون ڪڍيون.

 

ٻاروچو = حضورﷺجن. ڀنڀور = مڪو معظم.

پنهل = حضورﷺ جن.

 

مراد:  حضورﷺ جن جي واپار تان خير سان موٽڻ تي بيبي صاحبه جو انتظار لٿو ۽ خوش ٿي، الله تعاليٰ جو شڪرانو ڪيائين.

 

وحي جو نزول:

        نبوت ملڻ کان اڳ حضورﷺ جن ڇا ڪندا هئا جو ڪجهه ڏينهن لاءِ کاڌي جو سامان کڻي غارِ حرا ۾ وڃي الله تعاليٰ جي عبادت ڪندا هئا. سنه 610ع ۾ پاڻ جڏهن چاليهن ورهين جا ٿيا، تڏهن مٿن وحي جبرئيل نازل ٿيو. ان وقت غار حرا ۾ عبادت ۾ مشغول هئا. جبرئيل کين چيو ته ”پڙهه“ پاڻ جواب ڏنئون ته آءٌ پڙهيل نه آهيان. پوءِ هن حضورﷺ جن کي ڀاڪر ۾ جهلي زور ڏيئي چيو ته، چئو ”اقراء بسم ربڪ الذي خلق“ اتي کين پنج آيتون پڙهايائين.

        جبرئيل جي وڃڻ کان پوءِ پاڻ گهر آيا ۽ سندن لڱ مبارڪ ڪوسا هئا. بيبي خديجةالڪبريٰ کانئن حقيقت پڇي، جنهن تي پاڻ وحي جي نازل ٿيڻ واري حقيقت بيان ڪيائون. بيبي صاحبه اهو سمورو قصو پنهنجي سوٽ ورقته بن نوفل کي ٻڌايو جو دين عيسوي رکندو هو. جنهن کيس مبارڪ ڏيئي چيو ته ڪوبه فڪر نه ڪريو، اهو فرشتو جبرئيل هو جو الله جو طرفان نبين وٽ ايندو آهي.

        چون ٿا ته ورقته بن نوفل اها حقيقت ٻڌي حضورﷺ جن وٽ آيو ۽ مسلمان ٿيو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[77]

هو جوڳي ڪنهن جڳ جو، هو آڌوتي اڻگيل،

تنهن کي ناٿ نوازيو، ڏيئي سوکڙي سرکيل،

جا خوشبوءِ هئي کتوريءَ جي، سا آندي تنهن عاقيل،

پر جنهن تي نظر ناٿ جو، سو وهيو نه تهن ويل،

اُن جي هٻڪار کان هيڪاري، ٿيو اؤکو ۽ اڻکيل،

پوءِ ٿي سرهائي سڀ ويل، جڏبُوءِ کٿوري کُلي پئي.

 (نبي بخش خان بلوچ)

 

جوڳي = جبرئيل. ناٿ الله تعاليٰ.

سوکڙي = ڪلام پاڪ جي آيت.

 

مراد:  جبرئيل حضورﷺ جن وٽ الله تعاليٰ جي طرفان ڪلام پاڪ جي آيت کڻي آيو ۽ کين اها پڙهايائين.

 

[78]

مام ٻڌي منڌ جي، سرهو ٿيو سلطان،

هيءُ ڀي هليو اوڏهين، جنهن جو شاهي ڏٺائين شان،

جاءِ انهيءَ ”جانڻ“ چئي، هنکي مٺڙي ڏنو مان،

موڪلائي تنهن مير کؤن، ٿيو رِندُ رَوانُ،

پوءِ ڦيريو نه فرمان، جنُگ انهيءَ جاءِ کؤن.

 (جانڻ کٽي)

 

مام = وحي جي اچڻ جي حقيقت.

منڌ = بيبي خديجةالڪبريٰ. سلطان = ورقته.

بن نوفل. مٺرو = حضورﷺ جن.

رِندُ = ورقته بن نوفل.

 

مراد:  جڏهن حضورﷺ جن وحي جبرئيل جي اچڻ جي حقيقت بيبي خديجةالڪبريٰ سان ڪئي. تڏهن ان پنهنجي سوٽ ورقته بن نوفل سان اهو ذڪر ڪيو. جنهن کيس تسلي ڏني ۽ پاڻ حضورﷺ جن وٽ حاضر ٿي ايمان آندائين.

 

حضرت ابراهيم﷤ جي وفات ۽ ماکيءَ جي مک:

        چون ٿا ته حضورﷺ جن جي فرزند حضرت ابراهيم﷤ جي وفات جو وقت جڏهن نزديڪ ٿيو، تڏهن جبرئيل الله تعاليٰ جو پيغام کڻي حضورﷺ جن وٽ آيو ۽ کين چيائين ته، الله تعاليٰ فرمايو آهي ته يا حضرت ابراهيم﷤ قربان ڪريو، يا قيامت ۾ اُمت تي شفاعت ٿيڻ قبول ڪريو ۽ انهن ٻنهي ڳالهين ۾ اوهين مختيار آهيو. پاڻ ڪريمن حضرت ابراهيم﷤ سهسائي اُمت جي شفاعت لاءِ دعا گهري.

        چون ٿا ته حضورﷺ جن مسجد ۾ آيا ته حضرت ابراهيم﷤ کي قرآن شريف پڙهندي ڏٺائون. قرآن پڙهندي عزرائيل حضرت ابراهيم﷤ جو روح قبض ڪيو.

        چون ٿا ته حضرت ابراهيم﷤ جي وفات وقت حضورﷺ جن کي اکين مان ٻه لڙڪ وهي اٿي هليا. تنهن تي الله تعاليٰ جبرئيل کي حڪم ڪيو ته منهنجي پياري جي اکين جا لڙڪ زمين تي ڪرڻ کان اڳ پنهنجي پرن تي روڪ، نه ته قيامت تائين زمين مان اوڀڙ نه اڀرندو. اهو حڪم ٻڌي جبرئيل جهٽ انهن لڙڪن کي پنهنجي پرن تي روڪيو.

        ڪي چون ٿا ته الله تعاليٰ لڙڪن کي روڪڻ لاءِ مک کي حڪم ڪيو، مگر هوءَ لڙڪ چوسڻ کان عاجز ٿي، جنهن ڪري بدنصيب ٿي. ان کان پوءِ ماکيءَ جي مک کي حڪم ٿيو، جنهن خوشيءَ سان وڃي لڙڪ چوسيا. حضورﷺ جن کيس دعا ڪئي ته تون اهڙي مٺي ٿيندينءَ جو توکي ماڻهو سدائين ڳوليندا رهندا. اڄ تائين هن جي طلب آهي،

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[79]

جوڳيءَ اچي جُوءِ ۾، گويا ڪئي گفتار،

مالڪ مون کي موڪليو، صاحب رب ستار،

ٻن ڳالهين ۾ ٻهڳڻ! اوهان محبت آهيو مختيار،

ڪامل هڪ قبول ڪئي، قربئون قربدارَ،

الله جا اسرار، آهن اڳي کؤن به اڳرا.

 

جوڳي = جبرئيل. ٻه ڳالهيون = اُمت جي

شفاعت ۽ حضرت ابراهيم رضه جي وفات.

ٻهڳڻ = حضورﷺ جن.

 

مراد:  حضرت جبرئيل حضورﷺ جن وٽ اچي چيو ته، الله تعاليٰ مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي، ته يا حضرت ابراهيم قربان ڪريو يا اُمت جي شفاعت قبول ڪريو. انهن ٻنهي ڳالهين ۾ اوهين مختيار آهيو. حضورﷺ جن اُمت جي شفاعت ٿيڻ قبول فرمائي جو کين پنهنجي فرزند کان اُمت پياري هئي.

 

[80]

سامي سنڀري هليو، ڪامل ڪوهيارو،

گوهر جي گفتار جو، ٻڌائين هلڪو هاڪارو،

دانهن جي دل ۾، آيو پرتئون پِسارو،

قاصي آيو قريب ڏي، تون آن مانجهي موچارو،

پوءِ نينهن جو نظارو، محب کڻي منظور ڪيو.

 

سامي = حضورﷺ جن.

گوهر = حضرت ابراهيم.

گفتار = قرآن شريف جي پڙهڻ جو آواز.

دانهن = حضورﷺ جن. قاصد = جبرئيل.

محب = حضورﷺجن.

 

مراد:  حضورﷺ جن مسجد ۾ ويا ته حضرت ابرهيم﷤ قرآن شريف پئي پڙهيو، جتي قرآن پڙهندي عزرائيل، سندس روح قبض ڪري ويو.

 

[81]

ڪورئي ڪورو، ڪنهين اُماهيو ڪينڪي،

تنهين جو ٿورو، ٿيندو جڳ جهان تي.

 

ڪورو هئڻ = ڪنوارو هجڻ.

تنهين = حضورﷺ جن جي فرزند

حضرت ابراهيم﷤ ڏانهن اشارو.

 

مراد:  حضرت ابراهيم اڃا صغير ئي هو ته اُمت جي شفاعت خاطر قربان ٿيو.

 

[82]

اُٿي اوطان تان بانڪن ڏنا بال،

ٿين ها مهمان منڌ جا، ته ڏين ها ڪامڻ کي ڪل،

هون ارادو اصل، پر اتان مير مٽي ڇڏيا.

 

اوطاقون = اکيون. بانڪا. بانڪا = ڳوڙها.

منڌ = زمين. مير = جبرئيل.

 

مراد:  حضرت ابراهيم جي وفات تي حضورﷺ جن جي اکين مان لڙڪ وهي اٿي هليا. جبرئيل، الله تعاليٰ جي حڪم سان انهن کي پرن تي نه جهلي ها ته اهي زمين تي اچي ڪرن ها ۽ زمين مان ڪو اوڀڙ نه اڀري ها.

 

[83]

جوڳي پنهنجي جاءِ تي، پختا هئا پتنگ،

ڏاڍي جي ڏمر کان، کڻي دَڙيون ڇڏيائون دَنگ،

آديسي ٿي آئيا، جي هئا مور ملنگ،

جملي هئا ”جاڙو“ چئي، اُهي آڌوتي اڙٻنگ،

پهي پورب پار مان، آيو ناٿ نسنگ،

وڌئين ويراڳين کي اچي ورهه سندا ڪي ونگ،

اهي رازق سندا رنگ، ٻڌاسون ”ٻروچ“ چئي.

(جاڙو خان مري)

 

جوڳي = لڙڪ. ڌڙيون = اکيون.

پورب = آسمان. ناٿ = جبرئيل.

ويراڳي = لڙڪ.

 

مراد:  حضرت ابراهيم﷤ جي وفات تي حضورﷺ جن جي اکين مان لڙڪ وهي زمين تي ڪِرڻ تي هئا ته الله تعاليٰ جي حڪم سان جبرئيل انهن کي پنهنجي پرن تي روڪيو.

 

[84]

ٻيڙيءَ لڳا ٻه ڄڻا، ڪست منهنجا ڪاهي،

وجهي ونگ وجود مان، سڙهه ڳڌئون ساهي،

هن ورتا ورائي، نه ته وجهن قهر ڪاڪ تي.

 

ٻيڙي = اکيون. ٻه ڄڻا = لڙڪ.

سڙهه = اکين کان هيٺ لهڻ لاءِ رستا.

ڪاڪ = دنيا.

 

مراد:  حضورﷺ جن جي اکين مبارڪ مان لڙڪ وهي اٿي هليا. جبرئيل الله تعاليٰ جي حڪم سان انهن کي زمين تي ڪرڻ کان پنهنجن پرن تي روڪيو نه ته دنيا کي تڪليف درپيش ٿئي ها.

 

[85]

پنهون پليا ڪينڪي، جيڪي توڏا هئا تڪڙا،

سڌ سرتين کي ڪانه هئي، ڪيچي قهر ڪندا،

مهل انهيءَ ”مؤليڏنو“ چئي، هئا ٻاروچل ٻڌا،

ورنهه وير ونگيا، سي جت نه ايا جُوءِ ۾.

(موليڏنو)

 

پنهون = حضورﷺ جن. توڏا = ڳوڙها.

سرتيون = اکيون. ڪيچي = ڳوڙها.

ٻاروچل = جبرئيل. ورنهه = ڳوڙها.

وير = جبرئيل. جُوءِ = زمين.

 

مراد:  حضرت ابراهيم جي وفات تي حضورﷺ جن جي چشم مبارڪن مان بي اختيار ڳوڙها وهي هليا. الله تعاليٰ جي حڪم سان جبرئيل انهن کي پنهنجن پرن تي جهلي زمين تي ڪِرڻ کان روڪيو.

 

قبلو بدلجڻ:

        الله تعاليٰ جي طرفان مؤمنن تي نماز فرض ٿي. اول بيت المقدس ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهي ويندي هئي، پر پوءِ الله تعاليٰ جي حڪم سان ڪعبةالله شريف قبلو مقرر ٿيو ۽ ان ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهڻ ۾ آئي.

چون ٿا ته حضورﷺ جن ’مسجد القبلتين‘ ۾ بيت المقدس ڏانهن منهن ڪري باجماعت نماز پڙهي رهيا هئا، ٻه رڪعتون پڙهي اتحيات ۾ هئا ته الله تعاليٰ جي طرفان جبرئيل اچي ڪعبةالله ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهڻ جو حڪم پهچايو. پاڻ هڪدم ڪعبةالله ڏانهن منهن ڪيائون. مقتدين مان ڏهن ڄڻن سندس پيروي ڪري پنهنجو منهن ڪعبةالله ڏانهن ڪيو. انهن کي ’عشرةالمبشرين“ جو لقب مليو.

مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[86]

مانجهي مرد مٿير کي، ڪا ڪُڻڪ ڪن پيئي،

عاشق هئا امير تي، سالڪ سڀيئي،

ڪي وريا ڪينڪي، جن کان هاج هٿئون ويئي،

غازي گوءِ کڻي ويا، عاقل اتيئي،

انهيءَ مهل ”مري“ چئي، سرها ٿيا سي ئي،

ڳالهه ڪيان ڪيهي، واحد جي وڏائيءَ جي.

(حاجي دوست علي مري)

 

مانجهي = حضورﷺ جن. ڪُڻڪ = الله تعاليٰ

جو حڪم. سالڪ = ڪل اصحاب.

هاج = ڪعبةالله ڏي منهن ڦيرائڻ ڏانهن

اشارو. غازي = اُهي ڏهه اصحاب جن

حضورﷺ جن جي پٺيان منهن ڦيريو.

 

مراد:  حضورﷺ جن بيت المقدس ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهندا هئا. جڏهن کين نماز پڙهندي قبلي بدلائڻ جو حڪم مليو، تڏهن ڪعبةالله ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهڻ لڳا ۽ جماعت مان فقط ڏهن ڄڻن سندن پيروي ڪئي. جن کي ”عشرةالمبشرين“ جو لقب مليو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org