سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :40

[2]

غمگين ٿي پيو گوهر، اتي لاکيڻو لعل،

سوال ڪيو هئائين سهڻي کي تون ڀلا ڪر ڀال،

ستت آيو سيگهه ۾، کڻي عاشق ڏي احوال،

هن ڀي سڻايو سڄڻ کي، آيو جوش ڪيو جلال،

پورو ڪيائين پلڪ ۾، جيڪو خاصو هيڙن خيال،

پوءِ ٿيا باغ بهال، امر اهيئي ”الله بخش“ چئي.

 (الله بخش)

 

گوهر = حضورﷺ جن. سهڻو = الله تعاليٰ.

هن = جبرائيل. خيال = حضرت علي ڪرم

الله وجهه﷤ کي خيبر جي فتح لاءِ موڪلڻ

ڏانهن اشارو.

 

مراد:  جڏهن خيبر جي لڙائيءَ ۾ اسلامي لشڪر کي ڪاميابي حاصل نه ٿي ۽ وقت گهڻو لڳي ويو تڏهن حضورﷺ جن فڪرمند ٿيا. ان وقت جبرائيل آيو جنهن حضورﷺ جن کي الله تعاليٰ جي طرفان حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ جي سرداريءَ هيٺ لشڪر موڪلڻ جو ارشاد ڪيو، پوءِ حضورﷺ جن انهيءَ حڪم موجب حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ کي گهرائي کيس نبوي جهنڊو ڏئي اُماڻيو.

 

[3]

هڪ ته هليو ويو حاڪم کان پر نوَ ئي ويس نڪري،

جانب کي انهيءَ جاءِ تي ٿي ڏاڍي ڳالهه ڳري،

آيو قاصد ڪيچ مؤن، ڍولئي وٽ ڍري،

سنڀاليو سهڻي کي ته لاهي ڀُل ڀَري،

ڪامڻ تي آيو ڪينڪي، پرانهون آندس پري،

ورنهه تنهن وري، بهار ڪيا ”بخشو“ چئي.

 (بخشڻ خان شر)

 

هڪ = مهينو. نوَ = ڏينهن ڪل اوڻيتاليهه

ڏينهن. جانب = حضورﷺ جن. ڳالهه ڳري

ٿيڻ = خيبر جي نه فتح جو ويچار ٿيڻ.

قاصد = جبرائيل. ڪيچ = عرش.

ڍوليو = حضورﷺ جن. سنڀالکيو = گهرايو.

سهڻو = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤.

ڀل ڀري = ڪافرن جي هٺ وڏائي ڏانهن اشارو.

ڪامڻ = زمين. پرانهون آڻڻ = آسمان تان آڻڻ.

پري = دلدل. ورنهه = حضرت علي ڪرم الله

وجهه﷤.

 

مراد:  خيبر جي لڙائيءَ کي اوڻيتاليهه ڏينهن گذري ويا هئا. حضورﷺ جن جي فڪرمند ٿيڻ تي چاليهين ڏينهن الله تعاليٰ وٽان وحي ٿيو جنهن حضرت علي لاءِ ارشاد ڪيو حضورﷺ جن حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ کي گهرايو جو دلدل تي چڙهي مينهن وانگر آسمان تان اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ حضورﷺ جن کيس خيبر جي لڙائي ۾ موڪليو جنهن اها لڙائي فتح ڪئي.

 

[4]

جاڏي منهن ماڻهن جو، هن تاڏنهن مٽي تاڻ،

ڏسي ڏاهپ ڏاهي جي، پرينءَ پڇيس پاڻ،

مٺي کي مجھبوب جا، انهيءَ ڏنا اهڃاڻ،

هوت آيو ”حاجي“ چئي، اچي موج ڪئين مهراڻ،

ڀلي اهي ڀاڻ، اچڻ سان اُجرا ڪيا.

 (حاجي مهيسر)

 

هن = سلمان فارسي ڏانهن اشارو.

ڏاهو = سلمان فارسي. پرين = حضورﷺ

جن. محبوب = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤.

هوت = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤.

ڀڻ = خيبر جو قلعو.

 

مراد:  حضورﷺ جن الله تعاليٰ جي حڪم مطابق حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ کي خيبر جي جنگ لاءِ موڪلڻ سبب کيس ماڻهو موڪليو. حضورﷺ جن فرمايو ته اڄ حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ کي ڏسڻ لاءِ انتظار ڪرڻ لڳا پر سلمان فارسي آسمان ڏانهن پئي نهاريو. حضورﷺ جن جي پڇڻ تي عرض ڪيائين ته علي (عليہ السلام) آسمان کان ايندو تنهنڪري اوڏانهن نهاري رهيو آهي.

 

[5]

منڌون گهڻيون هيون ملڪ ۾ پر هڪ صورت سهاڳي،

اچي تن عاجزن سان، ولهين سان واڳي،

ڏسي خان خوس ٿيان پَر ۾ بيراڳي،

صورت اها ساڳي، پر واحد کڻي وڏي ڪئي.

 

ڪنڌون = راتيون. هڪ = چاليهن رات.

عاجز = ٻين اوڻيتاليه راتين ڏانهن اشارو.

خان = اصحاب. بيراڳي = حضرت علي

ڪرم الله وجهه﷤.

 

مراد:  خيبر جي جنگ چاليهه راتيون هلي. انهن ۾ اوڻيتاليهه راتيون ڪاميابي نه ٿي، ۽ آخري چاليهين رات جنهن ۾ حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ جي اُها جنگ فتح ڪئي. اها ئي رات جيتوڻيڪ ٻن راتين جهڙي هئي پر الله تعاليٰ خيبر جي فتح سبب انهن جو شان وڌايو آهي.

 

[6]

جوان جُلبي مان، ڍول هئي تان ڍاري،

ٿي پيو اهنج هن سان، آيس بار وڏو باري،

ڇڏ آزاد مون کي، ٿئي بيشڪ بهاري،

فرحت سان ”فيض محمد“ چئي، ڪر ترتئون تياري،

اُڻ تُڻ نه ڪر عجيب هي، ويٺو آهي آري،

هُن جي به هڻي پت پرينءَ پاري، هت پارس ”پڃارو“ چئي.

 (فيض محمد پڃارو)

 

جوان = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤.

هن = دُلدُل ڏانهن اشارو. آري = حضورﷺ

جن. پرين = حضورﷺ جن.

 

مراد:  چون ٿا ته خيبر جي جنگ لاءِ جڏهن حضورﷺ جن جو حڪم حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ کي پهتو تڏهن هن دلدل تي سنج رکي زور سان ٽنگ ڇڪي هو سوار ٿي ٿيو ته دُلدُل کيس عرض ڪيو ته يا علي! مون کي آزاد ڇڏ ته آءٌ توکي اتي اک ڇنڀ ۾ پهچايان جتي الله تعاليٰ جو محبوب تنهنجي انتظار ۾ آهي. حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ مٿس سوار ٿيو ته هن پنهنجي واعدي موجب کيس ترت آڻي حضورﷺ جن وٽ پهچايو ۽ انهيءَ ڪري حضرت علي ڪرم الله وجه﷤ به الله تعاليٰ جي محبوب جي حڪم جي جلد پيروي ڪري سرخرو ٿيو.

 

[7]

ٻڌي حڪم حاڪم جو، هڙئي ٿيا ته هوشيار،

بيٺا اچي ”بخشو“ چئي، ڪُل ئي ڪري قطار،

مارُن مال پهرايا، ويا جُوءِ ڇڏي جونجهار،

تن مان هڪڙو ڏيو ڏسُو آئيو، پيو ڪري گوهر سان گفتار،

اها خبر چار، پيو ويجهو ٻڌائي وير کي.

 (بخشو شر)

 

حاڪم = حضورﷺ جن. ڪل ئي =

جملي اصحاب. ڏيسو = سلمان فارسي.

گوهر = حضورﷺ جن. وير = حضورﷺ جن.

 

مراد:  حضورﷺ جن فرمايو ته جيڪو حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ کي اڳي ڏسي خبر ڏيندو ان تي دوزخ جي باهه حرام آهي. انهيءَ حاڪم تي سڀني اصحابن دل ۾ اميد رکي پر سڀ کان اول حضرت سلمان فارسي﷤ حضورﷺ جنکي اها خبر ڏني.

 

[8]

هئا ٻه ڄڻا ٻروچ چئي، ٽلي آيو ٽيو،

ڪامڻ هو انهن کي، اتي قيد ڪيو،

قدرت ساڻ ڪريم جي وهي قلم ويو،

تني منجهان هڪڙو ڪري پٽ پيو،

تنهن تي ڏاڍي تيز مان وري لشڪر ويو،

سو ڀلي ڀلو ڪيو، ٻيو اهڙو موت نه ٿيو ”ماڻڪ“ چئي.

 (ماڻڪ خان چانڊيو)

 

ٻه ڄڻا = خيبر جي قلعي جي دروازي جا طاق.

ٽيو = ڪڙو. ڪامڻ = کاهي. هڪڙو = حضرت

علي ڪرم الله وجهه﷤ ڏانهن اشارو. اشڪر = اسلامي

فوج. ڀلي = حضورﷺ جن. ڀلو = حضرت علي

ڪرم الله وجهه﷤ ڏانهن اشارو.

 

مراد:  حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ جڏهن خيبر جي قلعي تي حملو ڪيو ته ڪوٽ جو دروازو بند هو ۽ قلعي کي چوڌاري کاهي کوٽيل هئي. حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ دروازي جو طاق پٽي کاهيءَ تي رکيو طاق جي ننڍي هئڻ سبب پاڻ تري ڏئي ان کي جهلي بيٺو. ان تان اسلامي لشڪر لنگهي وڃي قلعي تي سهڙيو ۽ فتح حاصل ڪيائين.

 

[9]

ويندي ويري واٽ ٿين، مشڪل ڳالهه محال،

پانهه آيو پڙ ۾، جنهن ڇوهئون ڏنو ڇال،

پٽي سٽيائين پڙ تي، هنيائين قوت ساڻ ڪمال،

اتي ويريءَ رونش ٻڌي، خطرو نه آندائين خيال،

پر جڏهن پيس نظر نر تي، تنهن ساڻ هيڻو ڪيائين حال،

ماري تنهن مدعيءَ کي، پٽي ڪيائين پائمال،

پوءِ سورهيه ٿيا سرهيال، مهل تنهن ”موريو“ چئي.

 (موريو)

 

ويري = ڪوٽ جو دروازو.

پانهه = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤.

نر = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤.

مدعي = دروازو.

 

مراد:  خيبر جي قلعي جو دروازو نهايت مضبوط هو پر حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ جي هڪڙي ئي حملي سان پٽجي اچي ڪريو. قلعي کي چوڌاري کاهي هئي جنهن تي حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ لشڪر کي لنگهڻ لاءِ رکيو ته ڇوٽو ٿي پيو. پاڻ ان کي ترين تي جهلي لشڪر کي ان تان لنگهايو ۽ اسلامي لشڪر کي فتح حاصل ٿي.

 

[10]

لشڪر ويو لاڏڪي کان، نامئي کان نروار،

سورهيه سنڀاليو سرت سان، دُرست پنهنجو دلدار،

پرين اچي پڳدار، هنن جو هٿ ڪيو ”حاجي“ چئي.

 (حاجي مهيسر)

 

لشڪر = اوڻيتاليهه ڏينهن. لاڏڪو،

ناميو = حضورﷺ جن. دلدار = حضرت

علي ڪرم الله وجهه﷤. پرين = حضرت علي

ڪرم الله وجهه﷤. پڳدار = چاليهون (آخري) ڏينهن.

 

مراد:  خيبر جي جنگ کي اوڻيتاليهه ڏينهن گذري ويا هئا آخر حضورﷺ جن حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ کي گهرايو جنهن چاليهين ڏينهن اچي ڪوٽ خيبر فتح ڪيو.

 

[11]

اچي پيو هو ان تي، ڪو قسمتي ڪڻو،
هزارن مان هليو ويو اهو ئي هڪ ڄڻو،

هلي چلي پيو الائي، ڪهڙيءَ ڀُونءِ ڀُڻو،

پيا سڀئي ڳالهه سڻو، انهيءَ مردي جي ”ماڻڪ“ چئي.

 (ماڻڪ خان چانڊيو)

 

ان = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ ڏانهن

اشارو. قسمتي ڪڻو = حضرت علي ڪرم الله

وجهه﷤ کي خيبر جي جنگ لاءِ چونڊڻ.

هڪ ڄڻو = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤

ڏانهن اشارو. ڀونٰ = خيبر جو قلعو.

مرد = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤.

 

مراد:  حضورﷺ جن الله تعاليٰ جي حڪم سان حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ کي خيبر جي جنگ لاءِ چونڊيو. هن بهادري سان هزارن ڪانفرنس تي فتح حاصل ڪئي ۽ انهيءَ مضبوط قلعي ۾ شان سان گهمي رهيو هو.

 

[12]

آيو پاڳارو پتڻ تي، بيشڪ ٿي بهاري،

هئي سڪ سڀن کي، جيڪي هئا جوان جونجهاري،

گوري پڇيو گوهر کان، اها سڌ خبر ساري،

ٻڌائي پرين پوئواري، قرب منجهان ”ڪاسائي“ چئي.

 (فيض محمد ڪاسائي)

 

پاڳارو = حضورﷺ جن. پتڻ = کاهي.

گورو = سلمان فارسي. گوهر = حضورﷺ

جن. خبر = اونهي کاهيءَ ۾ حضرت علي

ڪرم الله وجهه﷤ جو بيهڻ.

 

مراد:  خيبر جي کاهيءَ تان لشڪر لنگهي وڃڻ کان پوءِ جڏهن حضورﷺ جن آيا تڏهن سلمان فارسي کانئس پڇيو ته ايڏي اونهي کاهيءَ ۾ علي (عليہ السلام) ڪيئن بيهي سگهيو آهي؟ حضورﷺ جن کيس اها خبر ٻڌائي ته علي جبرائيل جي پرن تي بيٺو آهي.

 

[13]

ائين قاضي ڪنهن کي نه چيو، جيئن چيو ساڌ به سيفل کي،

جو دم رهندؤ هتي، ته پوئتي اميد نه ٿيندو ”احمد“ چئي.

 (احمد خان مري)

 

قاضي = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤.

ساڌ = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤.

سيفل = حضورﷺ جن.

 

مراد:  جڏهن خيبر جي کاهيءَ تان حضورﷺ جن ٿي لنگهيا تڏهن حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ کين عرض ڪيو ته ٻنهي جهانن جا سردار! مون کي طاقت نه آهي جو توهان جو بار آءٌ کڻي سگهان. انهيءَ ڪري جلد اُڪري وڃو.

 

[14]

اچي بيٺا ٿلهي ٿي، هڪڙو سڪندر ٻيو نادر،

ڪهي ويو ڪيترو، لکين پيو لشڪر،

تڏهن عرض ڪيو البيلي، کي جانب جلد تر،

ته دادلا دلبر، هلندو وڃ ”حاجاڻو“ چئي.

 (احمد فقير حاجاڻو)

 

سڪندر ۽ نادر = حضورﷺ جن جي پيرن

ڏانهن اشارو. البيلو = حضرت علي ڪرم الله

وجهه﷤. جانب = حضورﷺ جن.

 

مراد:  حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ حضورﷺ جن کي کاهيءَ جي تختي تان جلد نڪرڻ لاءِ عرض ڪيو.

 

[15]

ٻارنهن آنا ”ٻروچ“ چوي، رپيو نه هيو پورو،

گوهر هن کي گل ڏنا، ٿيو عاقل اُجورو،

چڱ ڏني ٿي چيڪ ڪري، وڃي ساجن سمورو،

چاق ٿيو چهرو، شوقئون ”شاهنواز“ چوي.

 (شاهنواز)

 

ٻارهن آنا = منو تختو. گوهر = حضرت علي

ڪرم الله وجهه﷤. گل = هٿ. چک ڏيڻ = حضورﷺ

جن جو تختي تي چڙهڻ. چيڪ ڪرڻ = دنيا جو بار ٿيڻ.

 

مراد:  جڏهن حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ کاهيءَ تي اڻ پورو تختو هٿ ڏئي جهليو ۽ لشڪر جي لنگهي وڃڻ کان پوءِ حضورﷺ جن ٿي لنگهيا تڏهن حضرت علي کين عرض ڪيو ته اهو بار کڻڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي. تنهنڪري جلد اُڪرڻ جو ڪرم ڪريو. حضورﷺ جن سندس عرض مڃي جلد لنگهي ويا ته کيس گهڻي سرهائي ٿي.

 

[16]

حصو کنيائين همت سان، هئي دانهن کي درڪار،

جوان به اتي جلد منجهارون، ڪامل ڪئي هئي ڪار،

پوءِ راضي آ سرڪار، امير انهيءَ تي ”الله بخش“ چئي.

 (الهه بخش لغاري)

 

حصو = در جي اڌ ڏانهن اشارو.

دانهن = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤.

 

مراد:  خيبر جي لڙائيءَ ۾ حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ کان هٿ مان ڍال ڇڏائجي وئي، جنهنڪري دروازي جو هڪ طاق پٺي، هٿ ۾ ڪري ان کان ڍال جو ڪم ورتائين ۽ الله تعاليٰ جي حڪم سان فتح ڪيائين.

 

[17]

اُٿي سارنگ سنبهيو، اُسري الاهر،

بادل ميگهه ملار ٿيا، ڪارونڀار ڪڪر،

ڪري پيل پُر ٿيو، ٿي آباران بحر،

منجهه غبار گروڙ تي، ڇُٽا ڇاٽ ڇپر،

آگم اوهيرا ڪيا، رسي راوَ خبر،

دامين دوڙ ڪئي، سڀ سُسي ويا سَر،

مهل انهيءَ ”موريو“ چئي، ويا طبقن جا تڪبر،

زابر زوراور، پوءِ وارث جهليم وڄ کي.

 (موريو کٽي)

 

سارنگ = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤.

ڪري پيل = لشڪر ڏانهن اشارو.

غبار = لڙائي. گروڙ = خيبر.

آگم = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤.

راوُ = حضورﷺ جن. داميون = حضرت علي

ڪرم الله وجهه﷤. سر = ڪفرن ڏانهن اشارو.

زابر زوراور = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤.

وارث = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤.

وڄ = ترار.

 

مراد:  خيبر جي جنگ ۾ فتح ٿي وڃڻ کان پوءِ حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ پنهنجي ترار سان قلعي ۾ ڪافرن کي پڪاريندو، للڪاريندو رهيو. جڏهن حضورﷺ جن ان کي چوائي موڪليو ته ڪافر پيش پئجي چڪا آهن ۽ هاڻي وڙهڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي، تڏهن حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ پنهنجي تلوار نيام ۾ وجهي اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو.

شريعت جو بار:

        چون ٿا ته حضرت علي﷤ جڏهن خيبر جي جنگ فتح ڪئي تڏهن اصحابن سندس تعريف ڪئي ۽ پاڻ به ان ڳالهه ۾ فخر وٺڻ لڳو. هو هڪڙي هنڌان جهنگل مان اچي لنگهيو ۽ هڪڙي سوار کي گهوڙي تي چڙهيل ۽ سندس هڪڙي هڙ هيٺ ڪِري پيل ڏٺائين. جڏهن ويجهو ٿيو تڏهن سوار کيس چيو ته جوان! هيءَ هڙ ته کڻي ڏجاءِ! حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ اها هڙ ٿي کنئي پر اها کيس ايترو ته ڳري لڳي جو گوڏن تائين کڻي سگهيو ۽ سوار کي ڏئي نه سگهيو. تڏهن اُن سوار نمي اها هڙ هٿ جي مدد سان اُمالڪ کڻي مٿي ڪئي ۽ هليو ويو. اها حقيقت حضرت علي ڪرم الله وجه﷤ مديني ۾ اچي حضورﷺ جن کي ٻڌائي. حضورﷺ جن کيس فرمايو ته اهو اسلامي شريعت جو بار هو. سوار اسين پاڻ هئاسين. توهان کي ڏيکاريوسون ٿي ته اهو ڪيڏو نه ڳرو بار آهي جنهن کي توهين کڻڻ کان عاجز آهيو. حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ اهو جواب ٻڌي حضورﷺ جن جي قدمن ۾ ڪري پيو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[18]

ميڙي پن پپر جا، غازيءَ ڪيا هئا گڏ،

سمي ڪري سڏ، ورتو آزمودو اصيل جو.

 

پپر جا پن = شريعت جا اصول.

سمو = حضورﷺ جن. اصيل = حضرت

علي ڪرم الله وجهه﷤.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[19]

ميڙي سيڙي گڏ ڪري، ڀڙ ٻڌي ڀري،

پرکڻ خار پرينءَ جي، هن کڻي ڌرتيءَ تي ڌري،

ڪامل کنئي ڪست مان، پر ذري ڪانه چُري،

جنهن جي هئي ڀري، سو کڻي خان کرو ٿيو.

 

ڀڙ = حضورﷺ جن. ڀري = شريعت جو بار.

پرين = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤.

ڪامل = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤.

خان = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[20]

هاتنگ انهيءَ هنڌ تي، خان ڪيو ته خيال،

آندو هو ته عجيب اُتي مثل سو برحال،

سهڻي سورهيه کي ڪيو، سهجئون هي سوال،

سُتت اتي سگهه ۾، ڪيائين جوت جمال،

پر ٿيل هو قرب ڪمال، انهيءَ سان ”الله بخش“ چئي.

 (الهه بخش)

 

هاتنگ = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤.

خيال = فتح جو فخر. عجيب = حضورﷺجن.

سهڻو = حضورﷺ جن. سورهيه = حضرت علي

ڪرم الله وجهه﷤. سوال = ڪريل ڀري کڻڻ

ڏانهن اشارو.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

ميلڪ ڪافر سان مقابلو:

        چون ٿا ته ميلڪ ڪافر جڏهن ٻڌو ته حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ جنگين ۾ فتحون پيو پائي ۽ اسلام پيو وڌائي، تڏهن لشڪر گڏ ڪري حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿيو، پر سندس وزيرن انهيءَ ڳالهه تان کيس روڪيو، تڏهن موتي کڻي ويس مٽائي مديني ۾ واپاري بنجي آيو ۽ اچي حضورﷺ جن کي مليو. حضورﷺ جن کانئس خبرچار پڇي ته پاڻ ٻڌايائين ته آءٌ هيرن موتين جو واپاري آهيان ۽ واپار ڪرڻ لاءِ هت آيو آهيان. ان وقت شهزادا امام حسن ۽ حسين مجلس ۾ موجود هئا، انهن جي روبرو ميلڪ ڪي هيرا حضورﷺ جن جي خدمت ۾ نذر رکيا. حضورﷺ جن اهي شهزادن کي ڏنا جي کڻي حويليءَ ڏانهن پئي ويا ته ميلڪ به ڪچهري مان اٿي، اچي امامن کي مليو ۽ انهن کي ٻين اهڙن ماڻڪن ڏيڻ جو فريب ڏيئي کين مديني کان ٻاهر وٺي ويو. جڏهن سج لٿو تڏهن گهر ۾ سندن پڇا ٿي. گهڻي ڳولا بعد سندس پتو نه پيو.

        هوڏانهن ميلڪ شهزادن کي وٺي جڏهن پنهنجي منزل ڏانهن ٿي ويو ته جبير نالي هڪ شخص شهزادن کي ڏسي ميلڪ کان شهزادن جي گهُر ڪئي پر ميلڪ جي انڪار ڪرڻ سبب ترار کڻي مقابلي لاءِ تيار ٿيو، پر زخمي ٿي ڪري پيو ۽ بيهوش ٿي ويو. ميلڪ ان کي مئل سمجهي هليو ويو. هو جڏهن هوش ۾ آيو، تڏهن ڪوبه ماڻهو موجود نه هو ۽ سندس اهڙي حالت هئي جو هلي چُري نه ٿي سگهيو، تنهنڪري رت سان هڪڙي اڳڙي تي اکر لکي رکيائين ته ڪو ماڻهو اچي ته موڪليان.

        چون ٿا ته هڪڙو واچوڙو لڳو جنهن ۾ اها چٺي اڏامي حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ جي حويليءَ ۾ وڃي ڪري جنهن مان هن کي ميلڪ جي انهيءَ غريب ۽ ساڻس لڙائي ٿيڻ جي خبر پئي. حضرت علي ڪرم الله وجه﷤ لشڪر وٺي اچي ميلڪ سان مقابلي لاءِ روانو ٿيو.

        هوڏانهن ميلڪ شهزادن کي گهر ۾ آڻي بند ڪيو هو. چون ٿا ته ميلڪ کي چوراسي راڻيون هيون انهن شهزادن کي ڏسي کين پيار ۽ سڪ سان کارايو پياريو ۽ ميلڪ کي چوائي موڪليائون ته هنن شهزادن کي ڪابه تڪليف ڏيندين ته اسين توسان وڙهنديونسين. ميلڪ اها ڌمڪي ٻڌي ترار کڻي محلات ۾ آيو جتي ٻيون ته ماٺ ڪري ويهي رهيون باقي چار چڻيون وڙهي، شهزادن تان قربان ٿيون.

        حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ به اها ئي واٽ وٺي پئي آيو جنهن تي جبير زخمي ٿيو پيو هو. ان کي ساڻ ڪري اچي ميلڪ سان مقابلو ڪيائين ۽ ڪافرن کي ماري شهزادن کي وٺي مديني ۾ آيو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[21]

ڏاڍي ڀي ڏهڪار کؤن ڪيئين سهڻيءَ جي سينگار،

جا هئي ضرورت هن کي، سو ڪم ڪيس ڪلتار،

لکيو لاهوتڻ جو ٿيو، اصلي ايلپهنوار،

جوان ڇڏيس وڃي جاءِ تي، پانوَ رکي پيار،

نکٽ ڏسي نار ۾ ٿي عاشق کي اعتبار،

پوءِ آيو ڪين قرار، هوت کي ”حاجي“ چئي.

 (حاجي مهيسر)

 

سهڻي = چٺي. هن = جبير ڏانهن اشارو.

لاهوتڻ = چٺي. ايلپهنوار = واچوڙو.

نکٽ = اکر. نار = چٺي. عاشق،

هوت = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

[22]

چار ويهون ۽ چار، گهڙيون سڀ گهڙا کڻي،

ڪني ٻوڙيون ٻانهون، ڪني ڪئي الله توهار،

تني منجهان چار، مليون وڃي مهار کي.

 

چار = چئن راڻين ڏانهن اشارو.

ميهار کي ملڻ = قربان ٿي وڃڻ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

الله جي واٽ ۾ جنگ:

        هڪڙي لڙائيءَ ۾ حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ ۽ هڪ ڪافر جو پاڻ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ اُن ڪافر کي ڪيرائي سندس سيني تي چڙهي ويٺو ۽ خنجر ڪڍي کيس مارڻ تي هو ته ڪافر ڏانهن ڦيڻي اڇلائي. ان تي حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ يڪدم ڪافر جي مارڻ جو خيال لاهي، اُٿي بيهي رهيو. ڪافر حيرت ۾ پيو ته هن مون کي مارڻ بدران پاڻ ڇڏي ڏنو. تڏهن چيائين ته علي! مون توسان برائي ڪئي پوءِ ان هوندي به تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو؟

        حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ فرمايو ته مون توسان اسلام جي خاطر الله جي واٽ ۾ جنگ ٿي ڪئي، پر جڏهن تو برو ڪم ڪيو تڏهن نفس کي چڙ آئي، نفس خاطر ڪنهن کي مارڻ مسلمان جو ڪم نه آهي. ڪافر اهو ٻڌي اسلام تي ايمان آندو.

 

[23]

ويري ڪاڻ وڙهڻ لئي، نڪري ٿيو نسنگ،

هلي آءُ مرد ميدان تي، ۽ مٿي پڙ پتنگ،

طالب بيٺو ڪونه ڪو، جوٽي بيٺو جنگ،

هڪل ساڻ هڄي ويو، تنهن دم ٿي پيو تنگ،

ڪري قيد ويهي رهيو، وجهي تنهن کي ونگ،

بُري بڇڙائي ڪري، دُرڙي ڪيو دنگ،

هليو سو حاڪم سان، انڌو ٿي آڻ ڍنگ،

ڳڻتي بيٺو ڳالهڙي، ٿيو راضي ڏسي رنگ،

عاشق ٿيو اَڙٻنگ، جو بخشيائين ”بلوچ“ چئي.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

ويري = ڪار. طالب = حضرت علي ڪرم الله

وجهه﷤. حاڪم = حضرت علي ڪرم الله

وجهه﷤. عاشق = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

دعا جي مقبوليت:

        هڪڙي هنڌ هڪڙي ڏيڏري خوشيءَ ۾ پئي ڪرڪي. اُهي ڏينهن ڏڪار جا هئا، ماڻهن نفسي نفسي پئي ڪئي. اتان حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ اچي لنگهيو. ڏيڏريءَ کان پڇيائين ته ههڙي ڏڪار ۾ تون خوش پئي ڏسجين؟ ڏيڏريءَ چيو ته مرنديس نه پويان پوءِ به تنهنڪري سَرهي ٿي صاحب کي ساراهيان. حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ فرمايو ته بيشڪ الله تعاليٰ مهربان آهي. سڀ تي اهو ئي رحمت ڪري ٿو. ڇون ٿا ته ائين چوڻ سان مينهن اچي پيو ۽ جلد ئي ملڪ سرسبز ٿي ويو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[24]

مارئي پنهنجي ملڪ ۾، ويٺي ڪئي پهنوارن جي پَر،

ته عمر گڏيس اوچتو، سو دهشت ڀريو در،

تنهن چيس ڏي حقيقت حال جي، ڏکي ڪهڙي ڏر،

چي: ويٺي ڪريان پر، ويڙهيچن جي ”واڍو“ چوي.

 

مارئي = ڏيڏري. پنهوار = الله جي نيڪ بندن

ڏانهن اشارو. عمر = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[25]

مينڌري مومل سان، لُنءَ لُنءَ ڪئي هئي لات،

تون به ڏي حقيقت حال جي، جيڪا ٿئي وائي وات،

راضي ٿي ”رکيل“ تي، جا هئي باتوني بات،

پوءِ جيڪا هئي سڄڻ وائي وات، سا کڻي پرينءَ پڌري ڪئي.

 (رکيل درس)

 

مينڌرو = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤.

موڪل = ڏيڏري. سڄڻ = حضرت علي ڪرم الله

وجهه﷤. پرين = الله تعاليٰ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ لاءِ محبت:

        چون ٿا ته حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ سفر ۾ هڪڙي اصحابيءَ وٽ وڃي مهمان ٿيو. اهو اهڙو ته مسڪين هو جو وٽس هڪ ماني کان سواءِ گهر ۾ کاڌي لاءِ ڪجهه ڪونه هو. اصحابيءَ زال سان ذڪر ڪيو جنهن پڻ گهڻو ڏک ڪيو. آخر پاڻ بک ۾ سمهي اها ماني حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤. کي کائڻ لاءِ ڏنائون. حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ جڏهن ماني کائي اٿيو ۽ معلوم ٿيس ته هنن مسڪينن وٽ اهائي هڪڙي ماني هئي تڏهن کانئن پڇيائين ته توهان ائين ڇو ڪيو! هنن ٻنهي جواب ڏنو ته هيءَ ماني هئي پر اسان جو ساهه به اوهان تان قربان آهي.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.

 

[26]

ڪَهي هليو ڪاپڙي، جيءَ سندو جاني،

لاهوتي لهي پيو، صاحب سلطاني،

حرف چيائين هنن کي، ظاهر زباني،

ٻڌي ڳالهه ”ٻروچ“ چئي، ٿيا حاضر حيراني،

ڪئي تن قرباني، ٻنهين گڏ ”ٻروچ“ چئي.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

ڪاپڙي = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤

هنن کي = زال مڙس ڏانهن اشارو.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

ڏکويل لاءِ همدردي:

        هڪڙي پوڙهي زال دُڪو دُڪو ڪري گيهه گڏ ڪيو ۽ وڪڻڻ لاءِ شهر ۾ کنيو پئي آئي ته ٿاٻو آيس ۽ گيهه سمورو هارجي ويو. حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤ اتان اچي لنگهيو. جنهن مائيءَ سان همدردي ڪئي ۽ ساڻس گڏ ويهي هٿن سان زمين تان گيهه کڻي ٿانءُ ۾ وجهڻ لڳو. چون ٿا ته اهو ٿانءُ اوترو ئي ڀريو جيترو مائيءَ آندو هو ۽ گيهه به خالص رهيو. مائي خوش ٿي گيهه کڻي وڪڻڻ وئي.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[27]

سومل جا مومل ي، ويٺي ڪي ڏک ڏمر،

ڍوليو آيو هوس ڍٽ مان، جنهن اچي پڇيس خان خبر،

ڪانڌ به تنهن ڪنوار کي، ڏنا وراڪا ور،

پوري ٿيس ساڻ ثمر، خوش ٿي هلي ”خاصخيلي“ چئي.

 

سومل = پورهي مائي، مومل = زمين.

ڍوليو = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤.

ڪانڌ = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤.

ڪنوار = ڌرتي. ثمر = گيهه.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[28]

ڀاڳ ڦٽو پوريءَ جو، ٿي نماڻي نار،

هئي هئي ڪريو هٿ هڻي، هاڻ ڪهڙي ڪنديس ڪار،

پوءِ سوڍي لڌس سار، تڏهن ٿيس مطلب ”مري“ چئي.

 (جاڙو خان مري)

 

ڀوري، نماڻي = پوڙهي مائي.

سوڍو = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[29]

ڇريءَ کنيو پرت مؤن، ناز ڀريو نينگر،

ويڙس وير هٿن مؤن، سو نر ڪيو نيڪر،

غم ٿيو آهي گوهر کي، آيو سهڻو سو ته سڀر،

ڏنس هوت هٿن سان، هن ڪامڻ ساهيو ڪُر،

پوءِ ويو ڏک ڏمر، انهيءَ جو ”الهه بخش“ چئي.

 (الهه بخش)

 

پري = پوڙهي زال. نينگر = گيهه.

نر = گيهه. گوهر = پوڙهي زال.

سهڻو = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤.

هوت = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤.

ڪامڻ = پوڙهي زال.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[30]

وسٽون ويڙو ڪينڪي، ويو لاهوتي لاچار،

نماڻي نار ڏسي، اتي ڪامل ڪئي هئي ڪار،

پيس لنگهي ويو پار، آيو انهيءَ مهل ”الهه بخش“ چئي.

 (الهه بخش)

 

لاهوتي = گيهه. نار = پوڙهي زال.

ڪامل = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤.

پيس = گيهه.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[31]

تخت تنهن جو تالان ٿيو، ويس ڊاهه ڊهي،

هن جي حالت هوبهو اچي، سهڻي ڪئي سهي،

ساڳيو سنگتي ساڻ ڪري، ڏنس ڪامل ات ڪهي،

ويٺو ٺاهوڪو ٺهي، تڏ تنهن سان ”گل بهار“ چئي.

 (گل بهار سومرو)

 

تخت = گيهه جو ٿانءُ. تنهن جو = پوڙهي زال

ڏانهن اشارو. سهڻو = حضرت علي ڪرم الله

وجهه﷤. سنگتي = گيهه.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[32]

ليلان نڪتي لهور مان، مڻيون هٿ ڪري،

سو به ڪري ڀڄي ٿيس پرزا، بيٺي ڳچ ڳري،

من ڪا واهه وري، سڻائي ڪري ساٿ سان.

 

ليلان = پوڙهي زال. مڻيون = گيهه.

سڻائي ڪري = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤

ڏانهن اشارو.

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

بيبي حنيفه سان شادي:

        چون ٿا ته حنيفه نالي هڪ پهلوان عورت هئي جنهن تمام ڳريون پڃريون ٺهرايون هيون. انهن ۾ جيڪا سڀ کان ڳري هئي اها پاڻ کڻي ويندي هئي ۽شرط رکيائين ته جيڪو هيءَ منهنجي پڃري کڻندو اهو آءٌ مڙس ڪنديس. انهيءَ پڃري کڻڻ لاءِ ڪئين پهلوان پئي آيا مگر ڪوبه اها پڃري کڻي نه سگهيو. حضرت علي ڪرم الله وجهه رضه به ان پڃريءَ تي زور آزمايو. پاڻ امالڪ اها پڃري کنيائين ۽ شرط موجب بيبي حنيفه ساڻس شادي ڪئي.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[33]

مومل جي ماڙيءَ کي، هيون سونيون انگاسيون،

ڪيئي مرد موٽي ويا، ڏيئي عاشق اوٻاسيون

پوءِ در ڀڃي تاڪيو، وڃي مومل ماڻي مينڌري.

 

مومل = بيبي حنيفه. مرد = پهلوانن ڏانهن اشارو.

در = تاڪيون = پڃريون. مينڌرو = حضرت علي

ڪرم الله وجهه﷤.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[34]

وٺو راهه رسول جي، محبت ورهايو ماڻ،

اها منڌ ملوڪ هئي، ڪا صورتوند سڄاڻ،

نالي نر پکي، پسند نه ڪيائين پاڻ،

ماڙيءَ منجهان منڌ جي، ٿي تڙيا تهمت ساڻ،

آيو جوڳي جُوءِ ۾، حاڪم هلي هاڻ،

اچي اونچل ڪوٽ جو، ماڳ ٿيو مهماڻ،

هن کي بانور هئا ”بلوچ“ چئي. جو ڪانه ڪڍيئين ٿي ڪاڻ،

تنهن ناٿ نمڻي ڇڏيا، هئا ڪونڌر ڪل ڪراڻ،

منهن مقابل ”مري“ چوي، ڪيائين گفتا گوهر ساڻ،

ويٺو سناسي سيج تي، هلي حڪم ساڻ،

اُتي ڀوريءَ ڦُل فقير جا، ڪي ٻهڳڻ لڳا ٻاڻ،

سالڪ سُرت سڄاڻ، اوهين ڏاها ڳوليو ڏور کي.

 (جاڙو خان مري)

 

منڌ = بيبي حنيفه. جوڳي = حضرت علي

ڪرم الله وجهه﷤. اونچل ڪوٽ = بيبي حنيفه

جو محلات. ڪونڌر = ٻيا پهلوان. گوهر، سنياسي =

حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤. ڀوري = بيبي حنيفه.

ڦل = حضرت علي ڪرم الله وجهه﷤.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

[35]

اهڙي کنوڻ ڏٺيسين ڪانه ڪا، جا ڪڪرن کي پئي ڪَٽي،

ڪيئن بادل برسي آيا، سي لوڙهه به ڇڏيائين لَٽي،

ته اُتر کان اوهيرو آيو، سو به پورب ۾ پلٽي،

ويو جهٽ پٽ کنوڻ جهٽي، ادا انهيءَ مهل ”موريو“ چوي.

 (موريو کٽي)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org