29 September 2010

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: سنڌ- هنڌ جي قديم جاگرافي

باب: --

صفحو:1   

پدماپور کي هاڻي پام پور سڏيو ويندو آهي. هي شهر راجا وريهاس پتي جي وزير پدما تعمير ڪرايو هو. هن راجا سن 832ع کان 844ع (166) تائين ڪشمير تي حڪومت ڪئي. هي شهر راڄڌاني آونتي پور جي وچ تي راڄڌاني کان اٺ ميل ڏکڻ-اوڀر ۽ جهلم درياهه جي ڪناري سان آباد آهي. اڄ به هن ماڳ تي گهڻا ماڻهو رهن ٿا. سڄي ماٿري زعفران جي پوک ڪري مشهور آهي.

آونتي پور Avantipur شهر جو بنياد راجا آونتي ورما (167) رکيو هو، جنهن سن 854ع کان 883ع تائين حڪومت ڪئي هئي. هي شهر موجوده راڄڌاني کان سترهن ميل ڏکڻ-اوڀر ۽ جهلم درياهه جي ساڄيءَ ڪنڌيءَ سان آباد آهي. ان جاءِ تي هاڻي وانتي پور Wantipur نالي هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي. پر ٻن عاليشان مندرن جي باقيات ۽ قلعي جي کنڊرن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ڪنهن زماني ۾ هتي ڪو وڏو شهر آباد هوندو. نئون نگر يعني نئين شهر نالي هڪ ماڳ آهي، جيڪو درياءَ جي سامهون مٿاهين هموار ٽڪريءَ تي ڏسڻ ۾ اچي ٿو.  تنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو آونتي پور جو شهر آهي، جيڪو پنهنجي پهرئين دور ۾ درياه جي پنجين پارين آباد هوندو هو.

آراسا Urasa

شيب سئنگ لکيو آهي ته اُ-لا- شي U-La-shi يا اراسا ڪشمير ۽ ٽيڪسيلا جي وچ تي هو. ان جي جاءِ وقوع مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو ٽالمي وارو وارسا ريجيو Varsa Regio آهي. موجوده دور ۾ هن کي راش Rash سڏيو ويندو آهي، جيڪو مظفرآباد جي اولهه ۽ ڌانتا وار Dhantawar جي علائقي ۾ موجود آهي. ڪشمير (168) جي ڏيهي تاريخ ۾ بيان آهي ته ڪشمير جي ماٿري جي ويجهو جابلو علائقي ۾ هيءَ اها جاءِ آهي جتي راجا سنگاڪارا ورما کي سن 901ع ۾ گهڻا ڦٽ رسيا هئا ۽ مري ويو هو. ابوالفضل جنهن شهر جو نالو پکالي Pakhali لکيو آهي تنهن سان سهمت آهي، جيڪو سنڌوءَ کان وٺي ڪشمير تائين علائقي تي مشتمل آهي ۽ اٽڪ تائين اڳتي هليو وڃي ٿو. موجوده دور ۾ هن علائقي جا مشهور شهر اتر-اوڀر مانسرا، وچ تي نوشهرا ۽ ڏکڻ-اولهه پاسي ڪشن ڳڙه يا هري پور آهي. چيو ويندو آهي ته شين سئنگ واري زماني ۾ اهو علائقو راڄڌاني ٽيڪسيلا کان ٽي سو يا پنج سولي يعني پنجاه يا ٽياسي ميل پري هو. فاصلي ۾ ايتري فرق ڪري ستن صديءَ واري راڄڌانيءَ جي ماڳ جي سڃاڻ ڏاڍي مشڪل آهي. منهنجي ويچار موجب راڄڌانيءَ جو شهر منگلا Mangali هوندو. هتان ماڻهن جو به اهو خيال آهي ته هن علائقي جي راڄڌاني به اهو شهر هوندو هو. هن شهر جو ماڳ مانسرا ۽ نوشهرا جي وچ تي ۽ ٽيڪسيلا کان پنجاه ميل اتر-اوڀر طرف آهي.

شين سئنگ جي بيان موجب هن علائقي جو گهيرو ٻه هزار لي يا ٽي سو ٽيٽيهه ميل هو، جيڪو گهڻو ڪري صحيح آهي. ڪينهار نديءَ جي آبي ذريعي کان گنڊ ڳڙهه Gandgrh جبل تائين هن علائقي جي ڊيگهه هڪ سو ميل ۽ سنڌوءَ کان وٺي جهلم تائين منڍو پنجونجاه ميل آهي. ڪشمير جي دنگ کان ان جو فاصلو هڪ هزار لي يا هڪ سو ستهٺ ميل ٻڌايو وڃي ٿو. ان حساب سان علائقي جي راڄڌاني نوشهري جي اوسي پاسي ۽ منگلا Mangala جي اوڏو وڃي بيهندي جنهن لاءِ هتان جون روايتون آهن ته ڪنهن زماني ۾ اهو شهر هن علائقي جي راڄڌاني هو.

ٽيسيلا يا تاڪشا سيلا

هن وقت تائين مشهور شهر ٽيڪسيلا جي جاءِ وقوع جو پتو پئجي ڪو نه سگهيو آهي. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته پلينيءَ ان جو فاصلو غلط ٻڌايو آهي. ٻي ڳالهه اها به آهي ته شاهه ڍيري Shah Dheri ماڳ ڀرسان جيڪي ٿرڙ آهن تن جي معلومات ملي ڪانه سگهي آهي. پلينيءَ جي تاريخ جا سڀئي اتارا اسان کي اهو ٻڌائن ٿا ته ٽيڪسيلا پيو ڪولائٽس Peucolaitis يا هشت نگر کان سٺ ميل اوري ۽ پنجونجاه انگريزي ميل پري آهي. ان حساب سان سندس جاءِ وقوع  هارو Haro  نديءَ جي اوسي پاسي ۽ حسن ابدال کان اولهه ۾ بيهندي، يا سنڌوءَ کان ٻن ڏينهن جي سفر تي پري. چيني ياتريءَ جي سفر نامي جي احوال مطابق اهو ماڳ سنڌوءَ کان ٽن ڏينهن جي سفر تي (169) اتر اوڀر ۽ ڪالاڪا سراءِ Kala kasari جي اوڏو ٿئي ٿو. اها جاءِ مغل شهنشاهن جي ٽين منزل هوندي هئي ۽ اڄ به سنڌوءَ کان ٽن منزلن تي واقع آهي. واپاري قافلا يا فوجون به اتي ٽين منزل ڪنديون هيون. جڏهن شين سئنگ چين ڏانهن موٽيو هو ته ساڻس هاٿي گڏ هئا. هن به ٽيڪسيلا کان سنڌوءَ جي اتاکنڊ يا اوهند تائين سفر ۾ ٽي ڏينهن ورتا هئا. منهنجو ويچار آهي ته موجوده دور ۾ فاصلو اهو ساڳيو هوندو. تنهن ڪري ٽيڪسيلا جي ماڳ کي ڪالاڪاسراءِ جي ويجهو ڪاٿي ڳولڻ کپي. هيءُ ماڳ شاهه ڍيري جي اوڏو ڪالاڪاسراءِ کان هڪ ميل اتر اوڀر آهي. مون هن ماڳ جي چوڏس پنجونجاه اسٽوپائن جا اهڃاڻ ڏٺا هئا. جن مان ٻه اسٽوپا ايڏا وڏا هئا جيترا مانڪيالا Mankuyala ۾ ڏٺا هيم. ان کان سواءِ اٺاويهه مڙهيون ۽ نو مندر به هئا.هاڻي اوهند ۽ شاهه ڍيري جي وچ تي ڇٽيهن ميلن جو پنڌ آهي ۽ اوهند کان هشت نگر اٺٽيهن کان ٿورو وڌيڪ فاصلو ٿيندو. ڪل ملائي چوهتر ميل ٿئي ٿو. پليني جيڪو پيوڪو لئٽس Peuko laities ۽ ٽيڪسيلا جي وچ ۾ فاصلو ٻڌايو آهي تنهن کان اڻويهه ميل وڌيڪ آهي. حقيقت تائين پهچڻ واسطي اسان کي هيئن ڪرڻو پوندو ته پليني جيڪي سٺ ميل LX ٻڌايا آهن، تنهن کي اسي LXXX پڙهڻ گهرجي، جيڪي وڃي ساڍا ٽيهتر انگريزي ميل ٿيندا. ۽ پوءِ ٻنهي فاصلن ۾ اڌ ميل جو فرق ٿيندو.

پراڻا موءرخ هن ڳالهه تي متفق آهن ته ٽيڪسيلا شاهوڪار ۽ وڏو شهر4 هو. ائکرين جو بيان آهي ته ٽيڪسيلا جو شهر وڏو شاهوڪار هو، منجهس گهڻا ماڻهو هوندا هئا ۽ سنڌوءَ ۽ جهلم جي وچ (180) تي واقع هو. اسٽرئبو به هن کان وڏو شهر سڏي ٿو. وڌيڪ چوي ٿو ته هن جي چوڏس علائقو آباد هو ۽ منجهس ماڻهو جهجها رهندا هئا (171). پليني هن کي مشهور شهر سڏي ٿو ۽ چوي ٿو ته اهو مٿي جبل تي نه، پر هيٺاهينءَ ۾ سڌي ڌرتيءَ تي اڏيل آهي ۽ ان علائقي کي آمندا (Amanda) سڏيو وڃي ٿو. (172) اهي بيان شاهه ڍيري لڳ ٿرڙ سان سهمت آهن، جيڪو ڪيترن همچورس ميلن ۾ پکڙيل ڏسڻ ۾ ايندو.

سڪندر کان پنجاه سال پوءِ هتان جي ماڻهن مگڌا Magadha جي راجا بندوسار Bandusara خلاف بغاوت ڪئي هئي، جنهن پنهنجي وڏي پٽ سوسيما Susima کي هن شهر تي حملي ڪرڻ لاءِ موڪليو، پر اهو سوڀارو ڪو نه ٿيو. ان ڪري جنگي مهم سندس ننڍي ڀاءُ جي حوالي ڪئي وئي، جيڪو بعد ۾ اسوڪا جي نالي سان مشهور ٿيو. ان وقت هن شهر جي ماڻهن اڍائي يوجانا Yojana يا ساڍا سترهن ميل ٻاهر اچي هن راجڪمار جي آڻ مچي هئي (173). جڏهن اسوڪا تخت تي ويٺو ته هن شهر جي دولت ۽ شاهوڪاري رهندو به وڌي وئي هئي. اتان جو ڪل خزانو ڇٽيهه ڪوٽس Kotis يا ڪنهن نامعلوم سڪي جو ٽي سوء ملين انگ هو، جيڪو ٿي سگهي ٿو ته چانديءَ جو هجي. ان حساب موجب اها دولت نوي ڪروڙ روپين جي برابر ٿيندي. هندستان جي موءرخن امڪان ڏيکاريو آهي ته اهو سڪو سون جو هو. ان ليکي سان اها دولت نوي يا هڪ سوءملين پائونڊ وڃي ٿيندي.مون ثابتيءَ طور هيءُ حوالو ان ڪري ڏنو آهي ته سڪندر جي وڃڻ کان پنجاهه سال پوءِ هي ڪيترو نه شاهوڪار شهر هو. فتح کان پوءِ به پنهنجيپيـءُ جي جيئري ئي اسوڪا هن ئي شهر ۾ رهڻ پسند ڪيو هو. هن کان پوءِ سندس پـٽ ڪنالا Kunala ”سهڻين اکين وارو“ به هتي رهيو. جيڪو ٻڌ ڌرم جي آکاڻين ۾ هڪ جهونجهار طور مشهور آهي. سندس ذڪر اڳتي ايندو.

ٽين صدي قبل مسيح جي گذرڻ کان ٿورو اڳ، موريا گهراڻي جي نسل جا ماڻهو باختر جي يوناني ڊيٽرس پٽ اينٿي ڊيمس Enthi demus يونانيءَ سان ضرور مليا هوندا. ٻي صدي قبل مسيح ۾ ٽيڪسيلا وارو علائقو يوڪراٽيڊس Eukratides جي هندستاني حڪومت ۾ به ضرور شامل هوندو. سن 126 ق. م ڌاران هي علائقو هند-سٿين جي حڪمران سس SUS يا ابارس Abars يونانين کان کسي ورتو هو. هن گهراڻي وٽ مذڪوره علائقي جي حڪومت مني صدي کن رهي هئي. ان کان پوءِ هند-سٿين جي هڪ ٻئي گهراڻي جنهن کي ڪشن چيو ويندو آهي، اچي هتي پير ڄمايا ۽ راجا ڪنشڪ جي اڳواڻيءَ ۾ پنهنجي خاندان جي شروعات ڪئي. هند-سٿين گهراڻي جي حڪومت دوران ”پراش وار“ ملڪ جي راڄڌاني رهيو ۽ ٽيڪسيلا تي ڪيترا سڪا ۽ اتان جي گورنرن جون لکتون لڌيون آهن. انهن لڌل شين مان ٽامي جي ٿالهي وڌيڪ دلچسپ آهي، جنهن تي پالي رسم الخظ ۾ ”تاڪشا سيلا“ جو لفظ لکيل آهي، جنهن تان يونان وارن ٽيڪسيلا جو اچار ڪڍيو آهي (174)

پارٿيا جي بارڊئينس Bardanes جي راج دوران (يعني سن 42ع کان 46ع تائين) تيانا Tyana جو اپولنس Apollonius ۽ سندس آشوري ساٿي ڊئمس Damis هتي آيا هئا. جن جي سفر جو احوال فرلاسٽراٽس Philostratus اپولنس جي جيئري ئي لکي پورو ڪيو هو. پر اهو احوال تاريخ ۽ فلسفي جي نقطئه نظر کان گهڻو وڌائي پيش ڪيو ويو آهي. مگر ماڳن بابت ڏنل حقيقتون سچيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. جيڪڏهن اهي احوالي ڊئمس جي سفرنامي تان ورتل نه آهن، ته سڪندر سان گڏ ڪنهن ماڻهوءَ جي ڏنل احوال تان ضرور ورتل تاريخون ماٺ آهن، اتي مٿيان حوالا ذري پرزي جون حقيقتون ٻڌائي سٺي ڄاڻڏين ٿا. فلاسٽراٽس جو بيان آهي ته ٽيڪسيلا هوبهو نينس  Ninus يا نينوا Nineveh جهڙو هو. ان جو قلعو به ٻين يوناني جو مطالعو ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اسان کي هن آشوري شهر بابت ڪا ڄاڻ ڪانه آهي. ان جو سبب اهو آهي ته هيروڊوٽس Herodotus کان ٻه صديون کن اڳ هي مشهور شهر تباهه ٿي ويو هو. اسان کي ڪرٽس Curtius وٽان هيءَ ڄاڻ ملي ٿي ته هيءُ شهر جاڏي ڪاڏي هڪ جهڙو وڌيل، سهولتن جي لحاظ کان مناسب ۽ پراڻو هو.بابل  سڀني شهرن مان سڪندر کي هن شهر وڌيڪ متاثر ڪيو هو. اهي ماڻهو جيڪي هن شهر کي پهريون ڀيرو (176) ڏسندا هئا ته کانئس گهڻو متاثر ٿيندا هئا. هن مان هي نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته جڏهن يونان وارن هن کي ڏٺو هوندو ته کين بابل ياد اچي ويو هوندو، جيڪو هنن جي نظر ۾ هڪ مناسب شهر هو. فلاسٽراٽس جو بيان آهي ته شهر جون گهٽيون سوڙهيون پر ڪنهن اصول ۽ ضابطي سان ٺهيل هيون. هيءُ هڪ مندر جو به ذڪر ڪري ٿو، جيڪو قلعي کان ٻاهر ٺاهيل هو. ان کانسواءِ اهو به بيان ڪري ٿو ته شاهي محلات به قلعي کان ٻاهر هيو، غاصب راجا اتي موجود هو، جنهن جو گهيرو ڪيو ويو هو. وڌيڪ اهو به ٻڌائي ٿو ته ٻاهر هڪ باغيچو هو، جنهن جي ڊيگهه هڪ اسٽاڍيائي، جنهن جي وچ تي پاڻيءَ جو تلاءُ هو، جيڪو ٿڌي ۽ مٺي پاڻيءَ جي هڪ جهرڻي مان ڀريو ويندو هو. اهڙي قسم جا اهم نڪتا اڳتي ڪنهن مناسب جاءِ تي بيان ڪيا ويندا.

ان کان پوءِ 400ع تائين ٽيڪسيلا جو زڪر ڪو نه ٿو ملي. ان دور ۾ چيني ياتري فاهيان هتي آيو هو، جيڪو هن شهر جو نالو چو-شاه-شي-لو Chu-Sha-Shai-lo ٻڌائي ٿو. جنهن جو مطلب آهي ”وڍيل سر.“ هو اسان کي وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته مهاتما گوتم پنهنجو سر هتي واٽ الله جي قربان ڪيو هو، تنهن ڪري ماڻهو هن علائقي کي اهو نالو ڏنو آهي (177). ترجمي مان اسان کي اهو پتو پوي ٿو ته سنسڪرت جو اصلي لفظ چوٽي سر Chutysira آهي جنهن جي معنيٰ آهي”ڪريل مٿو“ Fallen head جنهن جو ساڳيءَ معنيٰ وارو لفظ تاڪشا-سر Taksha-sira آهي. جنهن جي معنيٰ وڍيل سر Severd head آهي. هندستان جي ٻڌ ڌرم وارن لاءِ ٽيڪسيلا جو مطلب ۽ مفهوم اهو هو. سن 502 ۾ سنگ يون وڃي اها جاءِ ڏٺي هئي، جتي مهاتما گوتم پنهنجو سر واٽ الله جي وڍي ڏنو هو. سندس بيان موجب اها جاءِ سن-تو Sin-tu يا سنڌوءَ کان ٽن ڏينهن جي سفر تي اوڀر طرف هئي. (178)

ان کانپوءِ اسان شين سئنگ ڏانهن اچون ٿا. هو سڀني چيني ياترين ۾ آخري ۽ وڌيڪ حقيقت پسند آهي. هو تا-چا-شي-لو Ta-Sha-shi-lo تاڪشا سيلا ۾ پهريون ڀيرو سن 630ع ۾، وري چين ڏانهن موٽندي سن 643ع ۾ ٻيو ڀيرو آيو هو. سندس چوڻ آهي ته هن شهر جو ڏهه لي يا ڏيڍ ميل کن گهيرو هو. اڳئين حڪمران گهراڻي جو خاتمو اچي ويو هو. ملڪ اڳ ۾ ڪاپيسا جي ماتحت هو. مگر هاڻي ڪشمير جو ڏن ڀرو ٿي ويو هو. جهرڻن مان نڪرندڙ پاڻيءَ کي ڪڙيا ۽ ڪسيون کوٽي آباديءَ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ زمين ڏاڍي ڀلي آهي. ٻڌ ڌرم جون اسٽوپائون جهجهي انگ ۾ هيون. پر اهي ڊهي ناس ٿي ويون هيون. ٿوراڪي ڀڪشو هئا جيڪي مهايانا يعني ٻڌ جا اصول پڙهي رهيا هئا. شهر کان اتر ٻارنهن تيرهن لي جي فاصلي يا ٻن ميلن جي پنڌ تي اسوڪا جو ٺهرايل اسٽوپا اڃا به موجود هو. هيءُ اسٽوپا ان جاءِ تي تعمير ڪيو ويو هو جتي مهاتما گوتم اڳئين جنم ۾ پنهنجو سر ٻليدان ڪيو هو. ڪي چون ٿا ته هن مختلف جنمن ۾ پنهنجا هڪ هزار سر هتي ٻليدان ڪيا هئا. هيءُ اتر هندستان جي چئن وڏن اسٽوپائن مان هڪ آهي (179). شين سئنگ موٽ تي هن اسٽوپا جي ٻيهر ياترا ڪئي، جتي مهاتما پنهنجو سر هڪ هزار ڀيرا قربان ڪيو هو (180). موجوده دور ۾ هن علائقي جو نالو چچ- هزار Chach Hazara آهي. منهنجو ويچار آهي ته اهو سرشا- سهس را Sirsha-sahas ra جي بگڙيل صورت آهي، جنهن جي معنيٰ ”هڪ هزار سر“ آهي. ٽيڪسيلا مان گورنر لياڪو ڪجلوڪا Liako Kujuluka جي دور جي ٽامي جي هڪ ٿالهي لڌي آهي جنهن تي ”ڇاهارا-چوکسا“ “Chhahara-Chukhsa” جا لفظ لکيل آهن. منهنجي خيال ۾ ان نالي جي ٻئي طريقي جي هجي آهي.

چيني ياتريءَ جي اهڙن  احوالن مان اسان کي پتو پوي ٿو ته تيڪسيلا ٻڌ ڌرم وارن جو وڏو مرڪز هو، جنهن سان هي ڏند ڪٿائي آکاڻي پڻ وابسته آهي ته هتي مهاتما پنهنجي سر جو ٻليدان ڏنو هو. هن ڏند ڪٿائي ڪهاڻي جي اصليت اها آهي ته ”تاڪشا سيلا“ جي معنيٰ آهي” ڪپيل پٿر“. پر جيڪڏهن هن لفظ کي بدلائي ”تاڪشا سيرا“ لکبو ته ان جو مطلب ”وڍيل سر“ ٿي پوندو. پتو نه آهي ته اهو نالو ان ڏند ڪٿائي آکاڻيءَ مان نڪتو آهي يا نالي واسطي اهڙي آکاڻي گهڙي ٻڌائي وئي آهي. (181). منهنجي خيال ۾ پوئين ڳالهه سچي آهي. ڇاڪاڻ ته ساڪايا Sakaya جي اڳئين جنم بابت ٻڌن جي بي شمار ڏند ڪٿائي ڪهاڻين گهڙڻ کان اڳ ۾، يونان وارن هن نالي جي اصلي هجي لکي محفوظ ڪري ڇڏي آهي. اهڙو بيان اسان کي ڪٿي به ڪو نه ملندو ته مهاتم ٻڌ پنهنجو سر هڪ بکئي چيتي کي ڏنو هو، جنهن جا ست ٻچا بکون ڪاٽي مرڻ تي هئا ۽ سندس رت چٽي بچي ويا هئا (182). مون کي هن حقيقت ڪري اهو ويچار ٿيو آهي ته هن  قديم شهر جي اتر پاسي کي ببر خانه Babar Khana چيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته ابوريحان محمود يا ابوريحان جي دور جيترو پراڻو آهي. ڇاڪاڻ ته ابوريحان لکيو آهي ته ببرخانه سنڌوءَ ۽ جهلم جي وچ تي آهي (183). هيءُ بيان قديم ٽيڪسيلا واري ببرخانه ڏانهن به منسوب ڪري سگهجي ٿو. هيءُ لفظ ترڪي ٻوليءَ سان واسطو رکي ٿو، تنهن ڪري راجا ڪنشڪ جي دور جيترو پراڻو چئي سگهجي ٿو. هيءُ لفظ لڳاتار استعمال ٿيندو رهيو آهي، جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ان اسٽوپا جي ڀرسان جتي ٻڌ پنهنجو سر قربان ڪيو هو، هڪ ٻيو اسٽوپا هو، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو هو ته مهاتما ٻڌ پنهنجو سر هڪ بکئي چيتي کي ٻليدان ڏئي رهيو آهي. فطري طور هن وهار کي ترڪن ببرخانه ئي سڏيو هوندو. جڏهن ٽيڪسيلا ڊهي ناس ٿي ويو ته وهار واري هيءَ وسندي مشهور ٿي وئي. مهاتما جي هن ٻليدان کي ياد رکڻ واسطي ”مارگلا“ Margala جو نالو به سڏڻ ۾ اچي ٿو، جنهن جي معنيٰ آهي وڍيل سر  “Meheaded” هي نالو ٽڪرين جي هڪ سلسلي تي رکيل آهي، جيڪي شاه ڍيري کان فقط ٻن ميلن جي فاصلي تي واقع آهن، ”مارگلا“ جي لغوي معنيٰ ”سر وڍڻ“ يا ”گلو مارڻ“ آهي، جيڪو ڪنڌ ڪپڻ جو اصطلاحي مطلب آهي.

شاه ڍيري ڀرسان جنهن قديم شهر جو ٿرڙ جو ذڪر ڪري رهيو آهيان، جنهن کي ٽيڪسيلا سمجهان ٿو، تنهن جي ڏکڻ کان اتر ڊگهائي ٽي ميل ۽ اوڀر کان اولهه منڍو ٻه ميل آهي. هن ماڳ جي چوڏس ڪيترن ميلن تائين اسٽوپائن مڙهين، مهايانن جا کنڊر ڪيون ويون آهن. هن ٿرڙ جا ڪي حصا اهـڙا به آهن جن جا نالا اڄ تائين به موجود ڏٺا وڃن ٿا (184) انهن اڏاوتن جو عام ورخ ڏکڻ-ڏکڻ اولهه کان اتر-اتر اوڀر ڏس تي آهي. سندس نالا هي آهن ۽ شروع ڏکڻ کان ڪريان ٿو:

1- بير يا ڦير Bir or Pher

2- هٽيال Hatial

3- سر-ڪپ-ڪاڪوٽ Sir Kap-Ka-Kot

3-  ڪچا ڪوٽ

5- ببرخانه

6- سر-سڪ-ڪا-ڪوٽ Sir-Suk-Ka-Kot

ماڻهن جي خيال موجب هن ٿرڙ جو نهايت پراڻو ڀاڱو اهو اتاهون دڙو آهي جنهن تي هاڻي بير يا ڦير Bir or Pher جو ننڍو ڳوٺ آباد آهي. هن دڙي جي اتر کان ڏکڻ ڊيگهه چار هزار فوٽ ۽ منڍو اوڀر کان اولهه ڇويهه سو فوٽ اٿس. سندس ڪل گهيرو ڏهه هزار اٺ سو فوٽ ٿيندو، جيڪو ٻن ميلن کان ٿورو وڌيڪ ٿيندو. اولهه پاسي، جتي ٽڪريءَ تي شاه  ڍير جو ڳوٺ آباد آهي، اتي مذڪوره دڙي جي اوچائي ڌرتيءَ جي مٿاڇري کان پنجويهن يا پنجٽيهن فوٽن کان ڪنهن به ريت گهٽ ڪا نه ٿيندي. اوڀر پاسي تابرا Tabra يا تامرا Tamra نالي گهاري وٽان هن دڙي جي ڌرتيءَ جي مٿاڇري کان اوچائي اٺهٺ فوٽ ٿيندي. اولهه ۽ اوڀر پاسي ڀتين جا اهڃاڻ وچو واڙيءَ ڪاٿي ڏسڻ ۾ ايندا نه ته ٿرڙ جو سڄو مٿاڇرو پٿرن جي ڀڳ، سروٽن جي ڍيرن ۽ ٺڪراٺي سان ڀريو پيو آهي. ٿرڙ جي هن ڀاڱي تان سڪا، ٻين  جاين جي نسبت وڌيڪ مليا آهن. هتان هڪ ماڻهو ٻن ڪلاڪن ۾ لاج ورد Aguli اپٿر جو ٻڪ کن ميڙي ورتو. هن قسم جا قيمتي پٿر ٻيءَ جڳهه تان ڪو نه مليا آهن. هن جوءِ جي ويڪر ۽ جاءِ وقوع ڏسي پڪ سان چئي سگهان ٿو ته شهر جو هي ڀاڱو شين سئنگ جي دور ۾ موجود هوندو، جنهن جو چوڻ آهي ته شهر جو گهيرو پوڻا ٻه ميل کن هو. هن ڳالهه جي تائيد هن حقيقت مان به ٿي وڃي ٿي ته وڏو اسٽوپا ببرخانه واري ٿاڪ جي وچ تي هو، جيڪو بيرواري دڙي جي ڇيڙي کان اٺ هزار فوٽ اتر، اتر-اوڀر ۽ پراڻي شهر جي وچ واري لنگهه کان ڏهه هزار فوٽ يا ٻه ميل پري هو. شين سئنگ جو بيان آهي ته ”سردان“ وارو اسٽوپا شهر کان ٻارنهن، تيرنهن لي يا ٻه ميل اتر طرف هو (185). تنهن ڪري مان پوري پڪ سان چئي سگهان ٿو ته شين سئنگ جي دور وارو شهر بير واري دڙي تي موجود هو. مان هن دڙي جي اتر ۽ اوڀر پار کان ننڍين اسٽوپائن جا اهڃاڻ ڏٺا آهن، جيڪي مون کان اڳ ڳوٺاڻن کوٽي لڌا هئا. منهنجي پڇڻ تي هنن ٻڌايو ته اها کوٽائي هنن نه پر جنرل ائبٽ ۽ ميجر پيئرس Major Pears ڪرائي هئي.

هتيال Hatial مارگلا ٽڪرين جي سلسلي جي هڪ ٽڪريءَ تي قلعو آهي، جيڪو بير واري دڙي جي لڳو لڳ اوڀر-اتر طرف واقع آهي، تبارا (Tabara) واري گهاري ٻنهي کي الڳ ڪري ڇڏيو آهي، بير کان اڌ ميل کن پنڌ هلي اها ٽڪري ٻن ڇاڙهن ۾ ورهائي وڃي ٿي، جن جي وچ ۾ پندرهن فوٽن جي وٿي آهي. اتان سر اولهه تبارا گهاري ڏانهن وينديون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون ۽ اتي مٽيءَ جي وڏي دڙي سان وڃي ملن ٿيون. قلعي اندر والاريل جڳهه ٻه هزار فوٽ کان وٺي هڪ هزار فوٽ ٿيندي. پر جيڪڏهن انهن ٽڪرين ۽ مٽيءَ جي دڙي کي ملائبو ته قلعي جي ڪل ماپ اٺ هزار چار سوء فوٽ بيهندي، جيڪا ڏيڍ ميل کن ٿئي ٿي. اوڀر پار مذڪوره ٽڪريءَ جون ڇاڙهون اڳتي وڃي پٿر جي ڪوٽ سان ملي وڃڻ ٿيون، جنهن جي ٿولهه  پندرنهن فوٽ چار انچ آهي. وچ تي همچورس چبوترا جوڙيل آهن، جيڪي اڃا چڱيءَ حالت ۾ آهن. ڏکڻ پار ڏانهن مکيه ٽڪريءَ جي چوٽي ڌرتيءَ جي مٿاڇري کان ٻه سو ايڪانوي فوٽ اوچي آهي. پر اترپاسي کان ان جي اوچائي هڪ سو ٽيهٺ ٿيندي. وچ تي وري هڪ ٻي ٽڪري به موجود آهي، جيڪا ٻه سوء ڇهه فوٽ بلند آهي، جنهن جي چوٽيءَ تي هڪ چبوترو يا منارو ٺهيل ڏسڻ ۾ ايندو. ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهو ٻڌن جو اسٽوپا آهي. اتر واري ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي به هڪ منارو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مان ’نور‘ نالي هڪ ڳوٺاڻي جي چوڻ تي ان جي کوٽائي ڪرائي. سندس چوڻ هو ته هن اتان ٽامي جو هڪ سڪو به لڌو هو. کيس پڪ هئي اهو ٻڌ ڌرم جو ڪو يادگار ٽوپ (Tope) آهي. مون کي اڳي به ڪجهه اها ڄاڻ هئي ته برما وارا شهر جي همچورس، قلعي جي هر ڪنڊ تي اسٽوپا جوڙيندا هئا. جبل جي هن چوٽيءَ تي مان ڇويهه فوٽ هيٺ اونهي کوٽائي ڪرائي، پر مون کي پٿر جي وڏن دوڳلن کان سواءِ ڪجهه به ڪو نه مليو، جن کي ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جا زور لائڻا پيا هئا. هن مناري جي ڀرسان ئي اولهه ۾ مون کي هڪ وانگاڙو ڏسڻ ۾ آيو، جنهن جي لام هڪ سوء ٽيهٺ فوٽ ۾ منڍ ساڍا ايڪونجاهه فوٽ هو، جيڪو چوڌاري ننڍين ڪوٺين ۾ ورهايل هو. ڏسڻ سان مون اندازو لڳايو ته هيءَ جڳهه مهايانا آهي. ٿوري کوٽائي کان پوءِ مون کي وڏا پڪل گُليلا مليا، جيڪي کونڀاڻيءَ وسيلي اڇلائي، دشمن کي چُٽو ويندو آهي. ان ڪري مان سمجهي ويس ته هيءَ جاءِ قلعي جي پهريدارن جي چوڪي آهي. ان کان پوءِ ٻئي ٽڪريون اولهه طرف مڙن ٿيون ۽ پندرهن سو فوٽ اڳتي هلي لهنواريون ٿينديون وڃي ڌرتيءَ جي مٿاڇري سان لڳن ٿيون. ان ٿاڪ وٽان قلعي جي ڦاٽڪن ڏانهن ويندڙ ٻه رستا نڪرن ٿا، جن مان هڪ، ٻئي کان سر اتر آهي. اتر واري ٽڪري اتان وري هوريان هوريان مٿي ٿيڻ شروع ڪري ٿي، جيڪا اولهه، ڏکڻ-اولهه آهي. ٻه هزار فوٽ هلي، همچورس دڙي وٽ پهچي ختم ٿي وڃي ٿي، جنهن جي ڌرتيءَ جو مٿاڇرو هڪ سو ٽيهه فوٽ اتاهون آهي. هن ٽڪريءَ جو مٿاڇرو پراڻين جاين جي ٺنڍن سان ڀريو پيو آهي، جتان نور نالي هڪ ڳوٺاڻي ٽامي جو هڪ سڪو لڌو هو. هاتيان جي نالي بابت مون کي ڪٿان به ڄاڻ ملي ڪانه سگهي. پر اهو ماڳ قديم ضرور آهي. ٿي سگهي ٿو ته هٽيار لئنڪ Hatiar lank هجي، جنهن کي ابوالفضل سنڌ ساگر دو آبي ۾ ٻڌائي ٿو. هن لفظ جي هجي ”هٽ“ Shop ڏانهن اشاور ڪري ٿي. هٽي- يالا Hatti-ala جو مطلب منڊي يا بازار ٿيندو. پر هٽيال قلعو آهي. هڪ قديم ماڳ به آهي. مون کي سندس هن معنيٰ ۽ مطلب ۾ شهبو آهي.

سر-ڪپ Sir-kap جو قلعبند شهر، هٽيال جي هيٺان هڪ وڏي دڙي تي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. معلوم ائين ٿيندو ته ڄڻ هي شهر به هٽيال جو هڪ حصو آهي. سندس قلعي جون ڀتيون به هٽيال جي قلعي سان اچي گڏجن ٿيون.ا تر کان ڏکڻ هن جي ڊيگهه اڌ ميل ۽ مُنڍو هڪ  پاسي کان ٻه هزار کن فوٽ ۽  ٻئي پاسي کان چوڏنهن سو فوٽ ٿيندو. اوڀر ۽ اتر واريون ڀتيون سڌيون آهن، پر اولهه واريءَ ڀت ۾ هڪ جاءِ تي وڏو وڪڙ آهي. هر هڪ ڀت ۾ ٻه وڏيون وٿيون آهن. معلوم ئين ٿئي ٿو ته اهي قديم ڦاٽڪن جا نشان آهن. هن جي اترئين ڦاٽڪ جو منهن هٽيال قلعي جي اُن رستي ڏانهن آهي جيڪو سندس اترين ٻانهينءَ ۾ سراتر طرف ۽ ببرخانه جي ڏاکڻين ٽن قديم دڙن ڏانهن آهي. اوڀر واري ڦاٽڪ جا نشان پڪا آهن، ڇاڪاڻ ته رستي وارين ڀتين جا ٺنڍ اڃان به بيٺا آهن. ٻيو پڪي ٿيل رستي جا ڪجهه حصا ساڳي صورت ۾ نظر اچن ٿا. اولاهينءَ ڀت وارو ڦاٽڪ، پڇاڙيءَ ۾ بيان ٿيل ڦاٽڪ جي بلڪل مخالف آهي. ان ڏانهن ويندڙ رستي جا نشان به پڪا آهن. ڇاڪاڻ ته شهر اندر سڀني جا بنياد ڏاڍي خبرداريءَ سان گوني ڪنڊ تي رکيل آهن، جن مان هڪ اتر ۽ ڏکڻ ڏانهن ويندو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سرڪپ جي جاءِ وقوع ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مضبوط ڏسڻ ۾ اچي ٿي. سندس چوڏس ڀتيون ڏاڍيون مضبوط آهن. ڏکڻ کان هٽيال جو مضبوط قلعو اٿس. اولهه پار کان تابرا گهارو آهي.اوڀر ۽ اتر کان گائو نالا گهارو اٿس. ٻنهي قلعن جي ڀتين جو گهيرو چوڏهن هزار ٻه سو فوٽ آهي، جيڪو پوڻا ٽي ميل کن ٿيندو. ڪچا ڪوٽ، سرڪپ کان اتر آهي. پنهنجي بيهڪ ۾ اڪيلو آهي پر جاءِ وقوع جي لحاظ کان وڌيڪ مضبوط آهي. تابرا گهارو، گائو نالا گهاري سان ملڻ کانپوءِ اوڀر کانسواءِ هن جي چوڌاري ٻه ڀيرا ڦري اچي ٿو. ڪچو ڪوٽ جئين نالي مان معلوم ٿئي ٿو، سڄو ئي مٽيءَ جو سچو آهي، جيڪو پاڻيءَ جي گهاري کان ٽيهن کان پنجاهه فوٽ مٿي آهي. اوڀر پاسي کان قلعي جي ڪنهن ڀت جا نشان ڏسڻ ۾ ڪو نه ايندا. اندرئين پاسي ڪنهن به تعمير جو نشان پتو ڪو نه ملندو، تنهن ڪري اهو پتو پئجي نه ٿو سگهي ته هن جي تمير ڪهڙي مقصد واسطي ڪئي وئي هئي. پر هڪ ڳالهه ته گائو نالا هن منجهان اندران گذري ٿو، جنهن مان انومان ڪري سگهجي ٿو ته حملي دوران منجهنس هاٿي  يا ٻيا جانور رکيا ويندا هوندا. سندس گهيرو  ڇهه هزار ست سو فوٽ يا سوا ميل کن ٿيندو. عام طور تي هن ماڳ کي ماڻهو ڪوٽ جي نالي سڏيندا آهن. سرڪپ واري ماڳ کي ڪوٽ جي نالي سڏيو ويندو آهي. پر ٻنهي کي الڳ سڃاڻڻ لاءِ هن کي ”ڪچا ڪوٽ“ ڪوٺيون وڃي ٿو. تزڪ بابري ۽ آئين اڪبري ۾ به اهو نالو لکيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هارو نديءَ کي ”ڪچا ڪوٽ“ واري ندي به سڏيندا آهن. هن مان معلوم ائين ٿئي ٿو ته هي به ڪو وڏو شهر آهي ته مذڪوره  شهر حسن ابدال ڀرسان يا هيٺئين پاسي ڪٿي هوندو.

ببرخانه واري جوءِ لنڊي Lundi ناله تابرا ۽ گائونالا جي وچ تي آهي. ڪچا ڪوٽ به هن جوءِ ۾ شامل آهي ۽ هن قلعي جي الهندي ۽ اڀرندي ٻانهينءَ سان ميل کن جي ايراضي ۾ پکڙيل آهي. اتر اولهه واري پاسي کان سيري –ڪا-پنڊ ڳوٺ اٿس اوڀر پار کان گنگو Gangu نالي ٻڌ ڌرم جي ٽوپن Topes جا ٿرڙ پکڙيل اٿس. هن جوءِ جي وچ تي جتي ”لنڊي“ واهي (ناله) ۽ تابرا واهي جي هڪ هزار فوٽ جيترو ويجهو  اچي پهچندا آهن،ا تي پنجيتاليهه فوٽ اتاهون دڙو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ماڻهو هن کي جهنڊيالا پنڊ Jhandiala ڪري سڏيندا آهن ۽ ڀرسان هڪ ڳوٺڙو آباد اٿس. انهيءَ پنڊ يا دڙي جي اوڏو ٿرڙن جو هڪ مچلو ڏسڻ ۾ ايندو جيڪو گهني ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. سندن اوچائي اڻٽيهن فوٽن کان وڌ ڪانه ٿيندي. معلوم ائين ٿئي ٿو ته ڪنهن وڏي مهايانا جا کنڊر آهن. هڪ ڳالهه ياد رکڻ جوڳي آهي ته اهو گس جيڪو هٽيال جي ٻنهي ڦاٽڪن وچان مٽي ٿو ۽ سري ڪپ قلعي جي اترئين ڦاٽڪ وچان لنگهندو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، سو سڌو اتر ڏس تي وڃي هنن ٻنهي دڙن وچان لنگهي وڏيءَ اسٽوپا جي ٿرڙ وٽ رسي ٿو. جيڪو ڪنهن زماني ۾ ”لنڊي“ واهيءَ جي ڪناري تي آباد هوندو هو ۽ جهنڊيالا پنڊ هن کان  ٻارهن سو فوٽ اورتي آهي. منهنجو خيال آهي ته جهنڊيالا پنڊ تي جنهن و9ڏي اسٽوپا جا ٿرڙ ڏسڻ ۾ اچن ٿا سو ”سر ٻليدان اسٽوپا“ Head gift stupa آهي جيڪو ٽي صديون قبل مسيح اسوڪا تعمير ڪرايو هو. مان هن حقيقت جو اشارو اڳي به ڏئي آيو آهيان ته شين سئنگ جو بيان هن اسٽوپا جي جاءِ وقوع سان سهمت آهي. مان هن خيال جي تائيد ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار هن ريت ڪريان ٿو ته ٽيڪسيلا شهر جو مکيه رستو جهنڊيالا اسٽوپا ڏانهن سڌو اتر هوندو هو. هن حقيقت کان ڪو انڪار ڪري نه سگهندو ته هن اسٽوپا جو ماڻهن وٽ وڏو مان ۽ مريادا هو. هن ڳالهه مان به هن حقيقت جي هٿي ملي ٿي ته اتر-اولهه طرف ڇٽيهه سو فوٽ پري هڪ ٻئي اسٽوپا جا ٿرڙ آهن. ان دڙي جو نالو سيري-ڪي-پنڊ آهي، جنهن جو سئون اشارو سر ٻليدان ڏانهن آهي، جنهن کي ”سر سهادانام“ Sirshadanam يا ٻڌ جو سر دان ڏيڻ چيو ويندو آهي. سڀني نڪتن کي سامهون رکي مان هن نتيجي تي پهتو آهيان ته هي ماڳ ببرخانه واري اسٽوپا جا ٿرڙ آهن، جن ۾ ٻڌ جي ”سردان“ واري اسٽوپا جو کنڊر به موجود آهي.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28  29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org