پرياگ
Prayaga
چيني ياتري هيه مکه کان 500 لي يا 116 ميل
ڏکڻ-اوڀر سفر ڪري پرياگ رسيو هو. ياترين جو هيءُ
هڪ مشهور تيرٿ آهي. جتي گنگا ۽ جمنا سنگم ڪنديون
آهن. هن ماڳ تي اڪبر بادشاهه الاهوباس
Ilahobos
يا الله آباد نالي هڪ قلعو تعمير ڪرايو هو، بعد ۾
جنهن کي شاه جهان آباد سڏيو ويو. شين سئنگ جيڪو
طرف ۽ فاصلو ٻڌايو آهي، سو ڊانڊا –کير کان پرياگ
جي فاصلي سان سهمت آهي. گنگا جي ڏکڻ طرف سڌي رستي
سان اهو فاصلو 104 ميل آهي. پر هن ياتريءَ اترين
سڻڪ ورتي هئي. تنهن ڪري فاصلو وڌي 115 يا 120 ميل
ٿي ويو هوندو. سندس بيان مطابق اهو شهر ٻنهي ندين
جي سنگم واري ٿاڪ وٽ (577) ۽ هڪ وارياسي پٽ جي
اولهه ۾ اڏيل هو. شهر جي وچ تي برهمڻن جو مندر هو،
جتي هڪ پئسي ڏيڻ سان ايترو ججهو ثواب ملندو هو،
جيترو ٻين مندرن ۾ هڪ هزار پئسن ڏيڻ سان ملندو هو.
مندر جي مکيه ڪمري جي آڏو هڪ تمام وڏو وڻ هوندو
هو، جنهن لاءِ چيو ويندو هو ته اتي آدم خور دئت
رهندا هئا. ان وڻ جي چوڌاري انهن ماڻهن جا هڏا
ٽڙيا پکڙيا پيا هوندا هئا، جن ان مندر آڏو
پنهنجيون جانيون قربان ڪيون هيون. اهڙي قربانيءَ
جو رواج نهايت آڳاٽي جڳ کان هلندو پيو اچي. منهنجو
ويچار آهي ته جنهن وڻ جو هن ياتريءَ ذڪر ڪيو آهي،
سو بڙ جو اهو وڻ آهي، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته
اهو ڪڏهن به ناس ڪو نه ٿيندو ۽ الهه آباد ۾ هن وڻ
جي اڃا تائين پوڄا ڪئي ويندي آهي. هاڻي هن وڻ کي
هڪ پاسي کان ٺلهن سان عمارت جوڙي ڍڪيو ويو آهي.
سمجهڻ ۾ ائين اچي ٿو ته اها جاءِ ڪڏهن کليل هوندي.
منهنجو ويچار آهو به آهي ته جنهن مندر جو شين سئنگ
ذڪر ڪيو آهي، اها تنهن جي باقيات آهي. مذڪوره مندر
الهه آباد قلعي ۾ اندر ايلن برو بئرڪس کان اوڀر
طرف اشوڪ ۽ سمندر گپتا جي پٿر واري ٺلهه کان سر
اتر ڏسبو. تنهن ڪري پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ستين
صديءَ ۾ هن ٿاڪ تي ئي شهر وسندڙ هوندو. هاڻي بڙ جو
وڻ گهڻو هيٺ ڏسجي ٿو. ان زماني ۾ مندر ۽ اهي وڻ
ڌرتيءَ جي قدرتي مٿاڇري تي هوندا هئا. ان وقت کان
وٺي مندر کان سواءِ ٻي ايراضي گند ڪچري ويا.
اهڙيءَ ريت مندر جي اڏاوت پورجي وئي. ڪجهه عرصو
ٿيندو ته مندر جو مٿيون حصو ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي
۽ آڪشي بت
Aksy bat
ڏانهن هيٺ ويندڙ رستو ڏاڪڻ وسيلي بنايو ويو آهي،
جيڪو ياترين کي هيٺ ٺلهن سان جوڙيل همچورس اڱڻ
ڏانهن وٺي ويندو آهي. لڳي ٿو ته اهو ڪنهن زماني ۾
کليل هوندو، پر هاڻي اهو مٿان ڍڪيل آهي، انهيءَ
مقصد سان ته جيئن وڻ مٿان اونداهي پيدا ڪري ڏانهس
ڪري راز منسوب ڪري سگهجن.
اڪشي-بت
Aksy-bat
جو ذڪر اسان کي رشيد الدين جي جامع التواريخ ۾ به
نظر ايندو. سندس بيان آهي ته ”پراڳ جو وڻ“
Tree of prag
گنگا ۽ جمنا جي سنگم وٽ نظر ايندو. هن گهڻي
معلومات ابوريحان وٽان ورتي آهي، جنهن جو حوالو
محمود غزنويءَ جي دور سان واسطو رکي ٿو. نظر ائين
اچي ٿو ته ستين صديءَ دوران شهر ۽ ٻنهي نندين جي
سنگم واري ٿاڪ جي وچ تي هڪ وارياسو پٽ هو، جنهن جو
گهيرو ٻه ميل هوندو هو. پر نو سؤ سال پوءِ اڪبر جي
شروعاتي دور ۾ عبدالقادر جو ان وڻ بابت بيان آهي
ته اتان کان ماڻهو پاڻ کي درياهه ۾ ٻوڙيندا هئا.
(578) هن بيان مان اهو معلوم ٿيندو ته شين سئنگ
کان وٺي اڪبر دور تائين گنگا، جمنا ٻئي نديون وچ
واري وارياسي پٽ کي پائي وهائي ويون هيون ۽ اچي
شهر جي وٽ سان وهڻ لڳيون هيون. مٿي بيان ڪيل بڙ جو
وڻ ڪناري سان ڏسڻ ۾ ايندو.اڄ کان گهڻو وقت اڳ
ماڻهو هن شهر کي ڇڏي ڪيڏانهن هليا ويا هئا. ڇاڪاڻ
ته اسان کي پتو آهي ته الهه آباد واري قلعي جو
بنياد ڦٽي شهر رکيو ويو هو. حقيقت به اها آهي.
ابوريحان جو بيان ۾ پراگ شهر ان وقت کان گهڻو اڳ
ڦٽي ويو هو. جيتري قدر مون کي ياد پوي ٿو ته اڪبر
دور تائين ڪنهن به مسلمان مؤرخ هن شهر جو ذڪر ڪو
نه ڪيو آهي. (579)
عام روايت اها آهي ته هن شهر تي پرياگ نالو هڪ
برهمڻ جي نالي پٺيان پيو. جيڪو اڪبر دور ۾ هن ٿاڪ
تي رهندو هو. ڳالهه هن ريت آهي ته جڏهن اڪبر هيءُ
قلعو تعمير ڪرائي رهيو هو ته درياه پاسي واري ڀت
گهڻين ڪوششن جي باوجود ٺهڻ کان پوءِ ڪري ٿي پئي.
ڪنهن ڏاهي ماڻهوءَ جي صلاح کان پوءِ اڪبر کي اطلاع
ڏنو ويو ته جيڪڏهن قلعي جي بنيادن وارا انساني رت
سان نه رڱيا ويا ته قلعي جي ڀت بيهي ڪانه سگهندي.
بادشاهه جي حڪم سان اهڙو پڙهو ڏياريو ويو ۽ پرياگ
نالي هڪ برهمڻ کان سواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ حياتي
ڏيڻ لاءِ هائو ڪانه ڪئي. هن پنهنجو رت ڏوڪڙن تي ڪو
نه وڪيو. پر کين چيائين ته اهو قلعو سندس نالي تي
هوندو. منهنجي خيال موجب هي هڪ جڙتو ڪهاڻي آهي.
جيڪا آڪشي بت تي ايندڙ هر ياتريءَ کي ٻڌائي ويندي
َآهي. هن مان هڪ قسم جو چتاءُ ملي ٿو ته مذڪوره
من گهڙت ڳالهه تي ڪڏهن به ويساهه نه ڪيو وڃي. شين
سئنگ پرياگ نالو ستين صدي عيسويءَ ۾ لکيو آهي ۽
سمجهه ۾ ائين اچي ٿو ته اشوڪ جي دور جيترو آڳائٽو
آهي. جنهن عيسيٰ کان 235 سال اڳ پٿر جي ٺلهن تي
لکت ڪرائي هئي ۽ قلعو سورهين صديءَ جي پڇاڙي ۾
تعمير ڪرايو ويو هو. هن ياتريءَ جي بيان موجب
پرياگ علائقي جو گهيرو 5000 لي يا 733 ميل هو. پر
هن جي چوڌاري ٻيا علائقا به موجود هئا تنهن ڪري
مناسب آهي ته 5000 ڪي هي فقط 500 لي يا 83 ميل
پڙهڻ کپي. ڇاڪاڻ ته هيءُ به درياهه جي وچ تي ننڍڙو
علائقو هو، جيڪو گنگا ۽ جمنا جي سنگم سان لڳو لڳ
مٿان هو.
ڪوسامبي
Kosambi
قديم هندستان ۾ ڪوسامبي جو شهر گهڻو ڄاتو سڃاتو
ويندو هو، ٻڌن ۽ هندن ۾ هڪ جهڙو مشهور هو. چيو
ويندو آهي ته پورواس
Puruvas
گهراڻي جي ڏهين راجا ڪوسمبا
Kosamba
هن شهر جو بنياد رکيو هو پر هيءُ شهر وڌيڪ مشهور
ارجن پانڊون جي اٺين پيڙهيءَ مان هڪ راجا چڪر
Cakra
ڪري ٿيو. جنهن پنهنجي راجڌاني اچي ڪوسامبي ۾ قائم
ڪئي، ڇاڪاڻ ته سندس اصلي راجڌاني همتيناپور گنگا
ٻوڙي ناس ڪري ڇڏي هئي.
ڪوسامبي جو ذڪر رامائڻ ۾ به ملندو جيڪو هندو ڌرم
سان لاڳاپيل ۽ شلوڪن تي مشتمل جهوني جڳ جو ڪتاب
آهي، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته عيسيٰ کان گهڻو
اڳ واري دور سان واسطو رکي ٿو. ڪاليداس پنهنجي
ڪهاڻي ميگهه دوت
Megha-Duta
۾ ڪوسامبيءَ جي راجا اداين
Udayana
(580) طرف اشارو ڏنو آهي. چوي ٿو ته آونتي
Avanti
(يا اجين) ۾ اهڙا کوڙ سارا ماڻهو آهن، جيڪي اداين
جي ڳالهه کان واقف آهن. ڪاليداس کي 500ع کان جلد
ئي پوءِ سمجهڻ کپي. سومديو
Somdeva
جي وريت ڪٿا
Vriht katha
۾ راجا اداين جي پيرائتي ڳالهه ٻڌائي وئي آهي. پر
هن ٻن ستانيڪن
Satanikas
جي وچ ۾ شجري کي غلط بيان ڪيو آهي. هن کان سواءِ
ڪوسامبي يا ڪوسامبا منڊل
Kosamba Maudala
جي ملڪ سان لاڳاپيل هڪ لکت به کارا
Hkara
قلعي جي ڦاٽڪ ويجهو هٿ لڳي آهي، جنهن ۾ سموت 1092
يا 1035ع دور لکيل آهي. ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته ان
زماني ۾ هيءُ ملڪ قنوج کان آزاد هو. (581) وتس
راجا
Vatas raja
جي راجڌاني ڪوسامبي ”رتنا ولي“
Ratna vali
يعني ”هار“ جهڙي سٺي ڊراما ۾ چڱي پر ڏيکاري وئي
آهي. مذڪوره ڊرامو هرش ديو جي ڏينهن ۾ لکيو ويو
هو. اهو قنوج وارو ساڳيو راجا آهي. جنهن کي هرش
ورڌن به سڏيو ويندو هو. ڊرامي جي منڍ ۾ ان بابت
اهو چيل آهي ته ڪيترن ملڪن جا راجا سندس پيرن ۾
ڪريل هوندا آهن. (582) شين سئنگ جي بيان مان پتو
پوي ٿو ته اهو قنوج جو راجا هو. سندس دور کي 607 ۽
650 جي وچ تي سمجهي سگهجي ٿو. پر ڪوسامبي جي راجا
اداين جو نالو شايد ٻڌ ڌرم وارن وٽ به گهڻو مشهور
هو. مهاونسو
Mahavanso
لکت موجب (583) ياسا
Yasa
نالي هڪ بزرگ وئسالي
Vaisali
کان نڪري اچي ڪوسامبي ۾ سربچاءُ ڪيو هو. مذڪوره
ڪتاب پنجين صدي عيسويءَ ۾ لکيو ويو هو ۽ اهو واقعو
ٻڌن جي ٻئي سئنود
Synod
کان اڳ جو آهي. لليتا وستار (584)
Lalita Vistara
جو سن 70ع ۽ 76ع ڌاران چيني ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو
ويو هو. انومان آهي ته اها عيسويءَ سن جي شروعات
۾ ئي لکي وئي هوندي. منجهس اداين وتس پٽ ستانيڪ جو
ذڪر ملندو، جيڪو ان زماني ۾ ڪوسامبي جو راجا هو.
چيو ويندو آهي ته ان راجا ۽ مهاتما گوتم ٻڌ جي ڄمڻ
جو ڏينهن ساڳيو آهي. سري لنڪا جي هڪ ڪتاب ۾
ڪوسامبي کي قديم هندستان جي اڻويهين راجڌانين ۾
ڳڻيو ويو آهي. ٿٻيٽ جي رهواسين کي اداين وتس جي
ڄاڻ هئي ته هو ڪوسامبي جو راجا هو (585) رتنا ولي
۾ هن کي وتس راجا سڏيو ويو آهي. تنهن ڪري چئي
سگهجي ٿو ته ڪوسامبي جو ٻيو نالو آهي. چيو ويندو
آهي ته هن مشهور شهر ۾ مهاتما گوتم ٻڌ، ٻڌ ٿيڻ کان
پوءِ ڇهون ۽ نائون سال هتي گذاريو هو. (586) شين
سئنگ اسان کي ٻڌائي ٿو ته مهاتما گوتم ٻڌ جي مورتي
صندل جي ڳاڙهي ڪاٺ مان جوڙيل آهي، جيڪا اداين جي
راجا مهاتما گوتم جي زندگيءَ ۾ ٺهرائي هئي، سا به
بادشاهن جي قديم محلات اندر تعمير ٿيل هڪ گنبذ ۾
اڃا تائين موجود آهي. (587)
ان مشهور شهر ۽ پوئين دور جي پانڊون جي راجڌاني ۽
ان پوتر آسٿان لاءِ، جتي مهاتما گوتم جي سڀني کان
وڌيڪ قيمتي مورتي رکيل هئي، تنهن جي ڏاڍي ڳولا
ڪئي، پر اهي سڀ جتن ۽ جاکوڙون اجايون ويون. هتان
جي برهمڻن جو چوڻ آهي ته اهو شهر گنگا جي ڪٺار سان
يا ان جي ويجهو اوڏو هوندو. کارا قلعي جي ڦاٽڪ
وٽان مليل لکت جنهن ۾ ”ڪوسامبي منڊل“ تحرير ٿيل
هو، سا به عام راءِ جي پٺڀرائي ڪري ٿي. پر ان سان
گڏ وري شين سئنگ جو بيان ته اهو ماڳ پرياگ يا الهه
آباد کان ڏکڻ-اولهه طرف آهي، جنهن مان پتو پوي ٿو
ته اهو جمنا ڪنڌيءَ سان هجڻ کپي. جنوري 1861ع ۾
مسٽر بيلي
Bayley
مون کي اطلاع ڏنو ته سندس ويساهه آهي ته ڪوسامبي
وارو قديم ماڳ ڪوسم
Kosam
آهي، جيڪو الهه آباد کان ٽيهه ميل مٿي جمنا جي
ڪٺار سان وسندڙ آهي. فيبروريءَ ۾ مان تعليم کاتي
جي ملازم بابو شو پرساد
Babu Siva Parsad
سان مليس. هي همراه به قديم آثارن ۾ تمام گهني
دلچسپي وٺندو آهي. وٽائنس مون کي اها ڄاڻ ملي ته
ڪوسم
Kosam
کي ماڻهو اڃا تائين ڪوسامبي نگر ڪوٺيندا آهن ۽ جين
ڌرم سان لاڳاپيل ماڻهو هتي ججهي انگ ۾ ڏسبا. اهو
به ٻڌايائين ته سؤ سال کن اڳ هيءُ شهر پنهنجي اوج
تي هو. هيءَ ڄاڻ منهنجي سمجهڻ لاءِ گهني هئي ته
ڪوسم وارو ماڳ قديم مشهور شهر جو اصلي ڪوسامبي جو
ٿاڪ آهي. پر اها سڌي شاهديءَ جي زنجير جي گم ٿيل
ڪڙيءَ کي هارڊي
Hardy
جي ٻڌايل ٻڪل
Bakkula
جي ڏند ڪٿائي ڪهاڻي مان هٿ ڪري ورتو. (588) ڳالهه
هن ريت آهي ته ٻڪل نالي هڪ ٻار هو جيڪو ڪوسامبيءَ
۾ ڄائو هو. هو اڃا ننڍڙو هو جو کيس ماڻس کڻي جمنا
تي وهنجڻ وئي. ٻَڪل اتفاق سان درياه ۾ ڪري پيو ۽
هڪ مڇي کيس ڳهي وئي. اها مڇي بنارس ۾ وڃي ڦاٿي،
جيڪا مهاڻي کڻي وڃي هڪ واپاريءَ جي گهر واريءَ کي
وڪرو ڪئي. واپاريءَ جي زال مڇيءَ کي چيريو ته
اندرياه ٻَڪل نڪري پيو. جيڪو اڃا جيئرو هو. پوءِ
اها مائي کيس پنهنجي اولاد جيان پالڻ لڳي. جڏهن
ٻار جي اصلي ماءُ کي ٻار جي بچي وڃڻ جو پتو پيو ته
هوءَ به بنارس هلي آهي ۽ اچي ان مائي کان پنهنجو
ٻار گهريائين. پر هن کيس انڪار ڪيو. مائي راجا وٽ
دانهين وئي. راجا آچار ويچار ڪري فيصلو ڪيو ته ٻار
جون ٻئي مائرون آهن، هڪ ڄڻيو آهي ۽ ٻيءَ خريد ڪري
پاليو آهي. تنهن ڪري ان ڇوڪري تي ٻَڪل يعني ٻن ڪلن
سا ڪُرن وارو نالوپئجي ويو. هو 90 ورهين تائين
اگهو ڪو نه ٿيو. مهاتما گوتم ٻڌ جي پرچار ڪرڻ تي
هن ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو. مهاتما اهو اعلان ڪيو هو ته
”هيءُ انهن ماڻهن جو پريو مڙس آهي، جيڪي اگها ڪو
نه پوندا. “ چيو ويندو آهي ته گوتم ٻڌ جي اهڙي
اعلان کان پوءِ هو 90 ورهيه ٻيا به جئرو رهيو ۽ ٻڌ
ڌرم جو مشهور ارهت
Arat
(فقير) هو.
ٻَڪل سان لاڳاپيل هيءَ ڳالهه ڪافي هئي. جنهن مان
پتو پيو ته ڪو سامبيءَ جو قديم ۽ مشهور شهر جمنا
جي ڪنڌيءَ تي واقع هو. هاڻي فقط اها ڳالهه ثابت
ڪرڻي هئي ته الهه آباد کان ڪوسم تائين ايترو پنڌ
آهي، جيترو شين سئنگ پرياگ کان ڪوسامبي جو فاصلو
ڏيکاريو آهي. بدقسمتيءَ جي ڳالهه اها آهي ته هن
چيني ياتريءَ جي زندگيءَ جي احوال ۽ سفرنامي ۾ هن
فاصلي بابت مختلف بيان آهن. هن جي زندگي جي ڏنل
احوال ۾ مذڪوره فاصلو 50 لي ٻڌايو ويو آهي، جڏهن
ته سفرنامي ۾ اهو 500 لي آهي. چين ڏانهن ورڻ وقت
سندس بيان آهي ته هن ٻيلن ۽ رڻ پٽ منجهان ست ڏينهن
پنڌ ڪيو هو. (589) ڪوسم جو ڳوٺ الهه آباد قلعي کان
فقط 31 ميلن جي پنڌ تي آهي. سندس آخري بيان اهڙو
آهي جو اسان هن ماڳ کي ڪوسامبي هڙئي ڳالهيون منجهن
موجود ڏسبيون. ان کان پوءِ هن سنڪيسا واري پنڌ ۾
مهينو لاتو هو. هوڏانهن جيڪڏهن رڳو ٻه سؤ ميل آهي
ته حساب ڪري ڏسبو ته هن ساڍا پنج ميل ڏهاڙي پنڌ
ڪيو هوندو. ڍريءَ رفتار هلڻ جو به هڪ سبب ٻڌايو
وڃي ٿو ته پرياگ کان سنڪيسا ڏانهن سفر ڌرمي ارادي
ڪيو ٿي ويو، جنهن جي اڳواڻي قنوج جو راجا هرش ورڌن
پاڻ ڪري رهيو هو. ساڻس گڏ 18 کان وڌيڪ ٻين ملڪن جا
راجا به هئا، جيڪي سندس ڏن ڀرو هئا. ان کان علاوه
هزارين ٻڌ شمني ۽ شاهي درٻار سان واڳيل سرڪاري
ماڻهو هئا. هن حساب موجب پرياگ کان ڪوسامبيءَ جو
پنڌ 37 ميل ٿئي ٿو، جيڪو منهنجي ماپ ڪيل فاصلي جي
ويجهو اوڏو بيهي ٿو. منهنجي ڪڇڻ مطابق ڪوسم ڏانهن
ويندڙ پهريون رستو 37 ميل ٿيو، پر جنهن رستي سان
موٽيس ته اهو وري 25 ميلو هو. شين سئنگ جي بيان
ڪيل فاصلي ۾ 50 لي ۽ 500 لي جو اختلاف نظر اچي ٿو،
جنهن کي امڪاني طور هن ريت سمجهائي سگهجي ٿو ته هو
هندستان جي يوجن کي چين جي لي ۾ بدلائي ٿو ۽ في
يوجن ۾ 40 لي ۽ هڪ ڪوهه ۾ 10 لي جو حساب ٻڌي ٿو.
تنهن ڪري هن 15 ڪوهن لاءِ ضرور 150 لي لکيا هوندا.
جيڪڏهن ماڻهو پيرين پنڌ ٻنين ٻارن، گهارن ڪڙين،
ڪسن ۽ گسن مان سڌ ڪندو ته ڪوسم کان الهه آباد
تائين اهو حقيقي فاصلو ٿيندو ۽ ڪوسم جا ماڻهو به
ائين چوندا آهن. اها ڳالهه صحيح آهي يا غلط تنهن
جو پتو ڪو نه آهي. پر هيءَ حقيقت آهي ته ڪوسم قديم
ڪوسامبي وارو ٿاڪ آهي. اها دعويٰ نه رڳو هتان جا
ماڻهو ڪندا آهن پر اڪبر جي دور سان لاڳاپيل لکت ۾
به چٽيءَ ريت ائين لکيل آهي، جيڪا ڪؤسامبي پور
Kausambi pura
جي ٿرڙ جي وچ تي هڪ پٿر جي ڪتبي ڏسڻ ۾ ايندي.
ڪوسامبي جو موجوده ٿرڙ هڪ وڏي ڦٽي تي مشتمل آهي،
جيڪو ڪچو آهي ۽ ان جو گهيرو 23100 فوٽ يا چار ميل
ٽي فرلانگ ٿيندو. قلعي جي ڀتين جي ڌرتيءَ جي
مٿاڇري کان عام اوچائي 30 کان 35 فوٽ ٿيندي پر برج
گهڻا اوچا آهن. اتر پاسي وارا ته پنجاهه فوٽن کان
به اتاهان ٿيندا. پر ڏکڻ-اولهه ۽ ڏکڻ-اوڀر پاسي
وارا ته 60 فوٽن کان به مٿي ٿيندا. شروعات واري
زماني ۾ قلعي جي چوڌاري کاهي کوٽيل هوندي هئي،
جيڪا سدائين پاڻيءَ سان ڀريل رهندي هئي پر هاڻي
اها سڪل آهي ۽ پورجي تانگهي ٿي وئي آهي. قلعي جي
اتر واري پاسي جي ڊيگهه 4500 فوٽ ۽ اولهه واري ڀت
جي ڊيگهه 5100 فوٽ آهي. سڀني جو ڪل جوڙ 23100 فوٽ
ٿئي ٿو. اتر ۽ ڏکڻ واري ٻانهين ۾ ڊيگهه جو فرق ان
ڪري آهي جو انهن طرفن کان درياهه جو رخ ائين آهي.
منهنجي خيال موجب اولهه ۽ اوڀر پاسي جي ڊيگهه ۾
فرق انهيءَ ڪري آهي جو ڏکڻ-اولهه واري ڪنڊ کان
جمنا ندي قلعي کي کائي وئي آهي. هاڻي ته ڏکڻ پاسي
کان قلعي جي اولاهين ڀت جو اڌ آهي ئي ڪو نه.
درياهه ايترو اندر تي پائي کائي ويو آهي جو گروا
Garhwa
ڳوٺ جا گهر کاڌل ڪناري تي درياهه مٿان ڏسڻ ۾ ايندا
نظر ائين ايندو ته جمنا ڏکڻ-اولهه واري ڪنڊ ۾ پڪي
برج وٽان قلعي کي کائيندي پرڀاس
Prabhasa
ٽڪريءَ تي اچي پهتي آهي ۽ اهو فاصلو چار ميل کن
ٿيندو. اتر کان اوڀر 20 ڊگرين جيترو وڪڙ ڪيو
اٿائين. شين سئنگ جي زماني ۾ ڪوسامبي کان ڏيڍ ميل
ڏکڻ-اولهه هڪ گفا ۽ ٻه سؤ اسٽوپائون هونديون هيون.
هن ساري صورتحال مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو وڌ
هوندو. ان حساب سان اولاهين ٻانهين ۾ 2400 فوٽن جو
جوڙ ڪري سگهجي ٿو. اهڙيءَ ريت قلعي جو اصلي گهيرو
وڃي چار ميل ست فرلانگ بيهندو، جيڪو پنج ميل گهيري
کان فقط هڪ فرلانگ گهٽ آهي. چيني فاصلي پٽاندر
مذڪوره گهيرو به 30 لي ٿئي ٿو، جيڪو شين سئنگ جي
بيان مطابق آهي. نالي، پکيڙ ۽ جاگرافيائي بيهڪ جي
نقطه نگاهه سان هيءُ ماڳ ڪو سامبي جي وصفن مطابق
آهي ۽ ستين صديءَ جي چيني ياتريءَ جو بيان به ائين
ئي آهي.
شين سئنگ جي لکيل متن موجب ڪوسامبيءَ جي علائقي جو
گهيرو 6000 لي يا 1000 ميل هو. اها ڳالهه امڪان
کان ٻاهر آهي. ڇاڪاڻ ته هن ملڪ جي چوڌاري ٻيا
علائقا به ڏسڻ ۾ اچن ٿا. تنهن ڪري مان هن لکيل هڪ
هزار بدران هڪ سؤ پڙهان ٿو ۽ سندس ٻڌايل انگ کي
فقط 600 لي يا هڪ سؤ ميل گهيرو سمجهان ٿو.
ڪوساپور
چيني ياتري ڪوسامبي کان اتر-اولهه طرف روانو ٿيو ۽
گنگا درياهه تائين هڪ وسيع ٻيلي مان سفر ڪيائين.
درياهه اڪري 700 لي يا 117 ميل اتر ڏانهن هليو ۽
ڪيا-شي-پو-لو
Kia-She-pu-lo
پهتو، جنهن کي ايم جولين ڪمپور سمجهي ٿو، جيڪو
منهنجي خيال موجب صحيح آهي. (590) هن ماڳ کي ڳولي
لهڻ لاءِ هن ياتريءَ جو اتر ڏانهن 170 يا 180 لي
سفر جيڪو 28 يا 30 ميلن برابر آهي، سو به ڪوسامبي
کان طرف ۽ فاصلي جي لحاظ سان گهڻو اهم آهي ڇاڪاڻ
ته سيلاتي مذڪوره فاصلا طي ڪري ويساک
Visakha
نالي هڪ ماڳ وٽ رسيو هو. شين سئنگ جنهن ٿاڪ کي
ويساک چئي ٿو سو فا-هيان وارو شچي
Shachi
۽ هندن وارو ساڪيتا
Saketa
يا ايوڌيا
Ayodaya
آهي. هن هن کوجنا جي ڏس ۾ ڪوسامبي ۽ ايوڌيا اهڙا
ٻه مقرر ۽ متعين ماڳ آهن، جن جي آڌار تي مذڪوره
ٿاڪ کي ڳولي، سڃاڻي سگهون ٿا. جيڪڏهن اسان نقشي تي
ڏسنداسين ته گومتي
Gomati
نديءَ جي ڪناري تي سلطانپور نالي هڪ نهايت قديم
ماڳ ڏسڻ ۾ ايندو جنهن جي جاگرافيائي بيهڪ زير بحث
ماڳ سان ٺهڪي اچي ٿي. هن جو هندو نالو ڪس ڀوَن پور
Kusa bhavan pura
يا رڳو سڪپور آهي، جيڪو شين سئنگ جي ٻڌايل نالي
سان هڪ جهڙائي رکي ٿو. مسٽر بيلي راجا مانسنگ جي
حوالي سان هڪ حقيقت لکي موڪلي هئي ته سلطانپور
ڀرسان هڪ قديم اسٽوپا آهي، مان به هڪ ڏينهن ڦٽي
شهر جي هڪ پاسي وڃي پنهنجو تنبو هنيو ۽ نهايت
سچيتائي سان ساري جوءِ کي جاچي پرتالي ڏٺم، پر
منهنجا سارا جتن اجايا ويا ۽ ڪنهن به اسٽوپا جا
اهڃاڻ نظر ڪو نه آيا. ٻئي ڏينهن سلطانپور کان
روانو ٿيس. اتان جي ماڻهن مون کي ٻڌايو ته
سلطانپور کان پنج ميل اتر –اولهه طرف محمود پور
نالي هڪ ٻيو ڳوٺ آهي، جيڪو هڪ دڙي تي آباد آهي ۽
مذڪوره دڙو ان دڙي کان وڏو آهي جنهن تي سلطانپور
جو شهر آباد ڏسجي ٿو. فيض آباد پهچڻ تي مون کي
رايل انجنيئرس جي لفٽينٽ سيوٽن هئم
Sweeten ham
ٻڌايو ته سلطانپور کان اتر-اولهه ۾ هڪ قديم اسٽوپا
آهي، جيڪا هن ڳوٺ کان گهڻو پري ڪانه آهي. تنهن ڪري
مان هن نتيجي تي پهتس ته شين سئنگ واري ڪس پور
آهي، جنهن جي وڌيڪ پڪ سڃاڻيلکيل فاصلي کي ڀيٽائي
ڏسڻ وسيلي ٿي سگهي ٿو.
چيني ياتري ڪوسامبي مان نڪري پهريائين گنگا تائين
اتر-اوڀر طرف رخ ڪيو هو. درياهه پار اڪرڻ کان پوءِ
اتر سفر ڪري ڪس پور پهتو هو ۽ اهو سارو فاصلو 117
ميل هو. ڪوسم کان اتر گنگا تي ٻه مشور گهاٽ يا پتڻ
آهي، ج نهن مان هڪ جو نالو مائو-سريه تي
Mau-serya
۽ ٻئي جو پاپ-مائو
Papa-mau
آهي. پهريون 40 ميل ۽ ٻيو 43 ميل پري آهي. اهي ٻئي
پتڻ پاڻ ۾ ويجها ۽ الهه آباد جي اتر طرف ڀرسان آهن
۽ ٻنهي پتڻن وسيلي الهه آباد کان ڪس پور جو فاصلو
هڪ جيترو بيهندو، پاپ-مائو پتڻ کان سلطان پور سر
اتر طرف آهي. جنهن جو پنڌ 66 ميل ٿيندو. ڪوسم کان
سلطانپور ڪل پنڌ 109 ميل ٿئي ٿو. باقي اٺن ميلن
جو فاصلو شين سئنگ جي ٻڌايل پنڌ 700 لي يا ساڍا
116 ميلن ۾ گهٽ وڌ ٿي سگهندو آهي. هتي نظر ايندڙ
ٻئي طرف شين سئنگ جي بيان سان سورنهن آنا ٺهڪي اچن
ٿا. ڪوس پور کان ويساک ڏانهن ويندي هن چيني ياتري
اتر طرف سفر ڪيو هو ۽ ٻنهي ماڳن جي وچ ۾ 170 يا
180 لي 28 يا 30 ميل فاصلو هو. هاڻي ڏٺو وڃي ته
موجوده شهر قديم شهر اجوڌيا جنهن کي ساڪيت
Saketa
به سڏيو ويندو هو، سو سلطانپور کان اتر ۽ 30 ميلن
جي وٿيءَ تي آهي جيڪو شين سئنگ جي ٻڌايل پنڌ کان
فقط ڇهه ميل وڌيڪ آهي. اڳيان ٻڌايل فاصلا گهٽ ۽
پويون وري وڌيڪ آهي. منهنجو خيال آهي ته هن مامري
۾ هڪ متبادل ڳالهه هيءُ به ٿي سگهي ٿي ته اهو
فاصلو محمودپور ڳوٺ وٽان ڪڇيو وڃي ۽ اهو ڪوسم کان
ڪسپور وارين ٻڏ تعميراتن تائين ويندڙ رستو 114
ميل ٿيندو، جيڪو شين سئنگ جي ٻڌايل رستي کان ٽي
ميل گهٽ آهي. اهڙيءَ ريت ان کان پوءِ ايوڌيا ڏانهن
ويندڙ رستو 36 کان 31 ميل ٿئي ٿو ۽ ان فاصلي مان
به شين سئنگ جي ٻڌايل پنڌ کان هڪ ميل گهٽجي وڃي
ٿو. هتي جيڪي سفر ۾ طرف نظر اچن ٿا، سي چيني
ياتريءَ جي بيان سان ٺهڪي اچن ٿا. ان سان گڏ نالن
۾ هڪ جهڙائي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. تنهن ڪري مان سمجهان ٿو
ته سلطانپور يا ڪوسپور
Kusapure
شين سئنگ واري ڪسپور ئي آهي.
ڪوسپور يا ڪوس-ڀون-پور سري رامچندر جي پٽ ڪوس جي
نالي پٺيان آباد هو. مسلمانن جي حملي کان سُتت ئي
پوءِ ڀر
Bhar
گهراڻي جي هڪ راجا نند ڪنور
Nand Kunwar
هن ماڳ تي اچي قبضو ڪيو هو، جنهن کي علاؤالدين
غوري هتان بي دخل ڪري ڇڏيو هو. فاتح حڪمران، شهر
جو نالو بدلائي سلطانپور رکيو ۽ قلعي جي مرمت
ڪرائي، ان کي به مضبوط ڪيو ۽ هڪ مسجد به تعمير
ڪرائي. هن ڳالهه ۾ ڪنهن شڪ شبهي جي گنجائش ڪانه
آهي ته ڪو سپور شهر جي بيهڪ فوجي نقطه نگاهه کان
تمام گهڻي آهي ڇاڪاڻ ته هن جي ٽن پاسن کان گومتي
ندي ڦري اچي ٿي. هيءُ ٿاڪ هاڻي ته بلڪل ويران آهي.
ان جو ڪارڻ اهو آهي ته هتان جا سڀ رهواسي لڏي
پلاڻي درياهه جي سامهون يا ڏاکڻي ڪنڌيءَ سان وڃي
آباد ٿيا آهن. سلطانپور نالي وارو قديم قلعو هاڻي
دڙو لڳو پيو آهي، جنهن جي ماپ 850 فوٽ همچورس
ٿيندي ۽ گهيرو ٻه ميل کن ٿيندو. سلطانپور جي
ايراضي جي هيءَ ماپ به شين سئنگ جي بيان ڪيل ماپ
سان هڪ جهڙائي رکي ٿي، جنهن جو بيان آهي ته شهر جو
گهيرو 10 لي ڏيڍ ميل آهي.
سلطانپور يا ڪوسپور کان 18 ميل ڏکڻ-اوڀر هندن جو
ڌوپاپ پور
Dhopapa pura
نالي هڪ مشهور تيرٿ آهي. هي ٿاڪ گومتي نديءَ ساڄي
يا اولهه ڪناري يشر-ڪي-ڳڙهي يا ڳڙهه جي ديوارين جي
بلڪل هيٺان اڏيل نظر ايندو. هي ماڳ نهايت آڳاٽو
ڏسبو، ڇاڪاڻ ته هن قديم شهر جي چوڌاري اڌ ميل
تائين سروٽن جا ڍير ۽ ٺڪراٺپو نظر پيا يندو آهي.
ويساک، ساڪيت يا اجوڌيا
فا-هيان هڪ وڏي شچي
Shachi
۽ شين سئنگ، ويساک ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ جو ذڪر
ڪري مامري کي منجهائي ڇڏيو هو. ڇاڪاڻ ته انهن
ٻڌايو هو ته اتي تمام گهڻا برهمڻ رهندا آهن. مون
کي اميد آهي ته مان اوهان کي ثابت ڪري ڏيکاريندس
ته اهي ٻئي جڳهون هڪ ئي ماڳ آهن، جنهن جا اهي ٻه
نالا آهن. برهمڻن وارو ساڪيت ۽ اجوڌيا ٿاڪ به اهو
ساڳيو آهي. مونجهارو ان ڪري ٿيو آهي جو فا-هيان ان
جو طرف غلط ٻڌايو آهي ۽ شي-وي
She-Wei
يا سرواستي
Sra vasti
کي شچي جي ڏکڻ ۾ رکي ٿو. شين سئنگ ان کي اتر-اوڀر
۾ ٻڌائي ٿو. هيءُ ٿاڪ سنڪيسا جي مشهور معروف ماڳ
کان 30 يوجن پري آهي، پر فا-هيان اهو فاصلو 7+3+10=20
يوجن ٿو ٻڌائي. هن کان علاوه گوداوري کان سويٽ
Sewet
يا سراوستي ندين جي هندو تيرٿن واري سڻڪ کان جيڪو
طرف ٻڌايو ويو آهي، سو به سري لنڪا جي ٻڌ ڌرم جي
ڪتاب مطابق غلط آهي. هي ياتري مهيستي ۽ اجيني
Mahisti and Ujani
مهيسمتي ۽ اجين
Maismati and Yjain
کان ٿيندو ڪوسامبي پهتو هو. اتان کان سڪيٽ پوءِ
سويت پهتو. هي اهو ئي رستو آهي جيڪو بعد ۾ شين
سئنگ به اختيار ڪيو هو. (591) اسان وٽ اهڙي
ثابتيءَ لاءِ ٻه ذريعا آهن ته سويت، سبڪت کان اتر
ڏس تي آهي. جيتري قدر فاصلي جو تعلق آهي ته مان
وري به سري لنڪا جي ڪتاب جو حوالو ڏيندس. جنهن ۾
لکيل آهي ته سڪس پور
Sakas pura
(يا سنگڪسيه پور جنهن کي هاڻس سنڪيسا چيو ويندو
آهي) کان سويت 30 يوجن فاصلو آهي. (592) فا-هيان
اهو فاصلو هن ريت ٻڌائي ٿو: سنڪيسا کان قنوج ست
يوجن. اتان کان گنگا ڪناري سان هولي نالي ٻيلو ٽي
يوجن ۽ اتان شچي ڏهه يوجن. جن جو ڪل جوڙ ويهه
يوجن ٿئي ٿو. اهو فاصلو سري لنڪا جي ڪتابن ۾ لکيل
فاصلي کان ڏهه يوجن گهٽ آهي. فا-هيان جو بيان ڪيل
فاصلو ظاهر ظهور غلط ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ان ڪري شچي وڃي
لکنؤ جي بلڪل ويجهو پئي آهي. فاصلي جو وري ٻيو
بيان هن ٿاڪ کي اجوڌيا يا فيض آباد جي ويجهو وڃي
بيهاريندو ۽ اها ان ماڳ جي جاگرافيائي بيهڪ شين
سئنگ جي سفرنامي جي لکت مطابق آهي. هتي اسان کي
ڊگهي فاصلي جي فائدي ۾ ٻه ٻيون شاهديون به ملي
ويون، تنهن ڪري هن چوڻ ۾ مان ڪا هٻڪ محسوس ڪو نه
ٿو ڪريان ته فا-هيان، شچي کان سي-وي جو طرف ٻڌايو
آهي، سو غلط ۽ اهو ڏکڻ بدران اتر پڙهڻ گهرجي.
هاڻي مان هيءَ ڳالهه ثابت ڪندس ته فا-هيان واري
شچي ۽ شين سئنگ وارو ويساک هڪ ئي ماڳ آهي. شچي جي
باري ۾ فا-هيان جو بيان آهي ته: جيڪڏهن ڪو ماڻهو
شهر جي ڏاکڻين ڦاٽڪ کان ٻاهر نڪرندو ته سڻڪ جي
اوڀر پاسي اوهان کي اها جوءِ ڏسڻ ۾ ايندي. جتي
مهاتما گوتم ٻڌ ڪنڊن واري هڪ وڻ
Nattle tree
مان لام ڀڃي ڏندڻ ڪري پوءِ پوکي هئي، جيڪا ڦُٽي ۽
سٺ ڦوٽ مٿي وڌي هئي ۽ ان کان پوءِ نه گهٽي ۽ نه
وڌي هئي. (593) اها ساڳي ڏند ڪٿا آهي، جيڪا شين
سئنگ ويساک ماڳ ڀرسان ٻڌائي ٿو. سندس بيان آهي ته
راجڌانيءَ کان ڏکڻ ۽ سڻڪ جي اولهه پاسي (پر فاهيان
سڻڪ جي اوڀر ٻڌائي ٿو) ٻين پوتر وٿن کان سواءِ
ڇهه، ست فوٽ ڊگهو هڪ وڻ به آهي جيڪو مذڪوره قد کان
نه وڌي ٿو ۽ نه وري گهٽجي ٿو. (594) هي اهو وڻ
آهي، جنهن جو مان مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته مهاتما
گوتم وڻ مان هڪ لام ڀڃي ڏندڻ ڪرڻ پوکي هئي. ٻنهي
ياترين جو هن مشهور وڻ جي اصليت، قد ۽ شهر کان
ان جي طرف بابت بيان بلڪل هڪ جهڙو آهي تنهن ڪري
مون کي هن سڃاڻپ مان پڪ ٿئي ٿي ته فا-هيان جو
شا-جي ۽ شين سئنگ جو ويساک هڪ ٿاڪ آهي.
جيتري قدر ويساک
Visakha
۽ هندن جي ساڪيت جي هڪ ماڳ هجڻ جو سوال آهي ته ان
لاءِ مان خاص طور تي هيٺيون شاهديون ڏيڻ گهران ٿو،
انهن مان پهرين شاهدي هيءَ آهي ته ٻڌ ڌرم جي تاريخ
۾ ويساک جو ماڳ عورتن لاءِ خاص اهميت رکي ٿو،
ڇاڪاڻ ته سروستي جي هڪ دولتمند واپاري مريگر
Mri gara
جي پٽ پرونا ورڌن
Prunna Vardhana
سان پرڻجڻ کان اڳ ساڪيت
Aketa
تي رهندي هئي. ٻي شاهدي هيءَ آهي ته شين سئنگ جي
بيان موجب مهاتما گوتم هتي پنهنجي زندگيءَ جا ڀريا
ڇهه سال وسياک ۾ گذاريا هئا. ٽرنر
Turnar
جي پالي
Pali
حوالن پٽاندر هو ساڪيت ۾ سورهن سال ٽڪيو هو. (595)
سري لنڪا ۾ ٻڌ ڌرم جي ڪتابن ۾ ويساک نالي هڪ
ڇوڪريءَ جي ڳالهه لکيل آهي. هارڊي
hardy
جي بيان پٽاندر (596) هن سراوستي ويجهو پوروارام
Purvvarama
تعمير ڪيو هو. جنهن جو بيان شين سئنگ به ڪيو آهي.
اهڙيءَ ريت ساڪيت ۾ به پوروارام جي اڏاوت جو ذڪر
ملي ٿو جنهن جي پڻ پڪ آهي ته ان ڇوڪري تعمير ڪرائي
هئي. چيو ويندو آهي ته اها ڇوڪري ڏناج
Dhanaja
نالي هڪ دولتمند واپاريءَ جي ڌيءُ هئي جيڪو
راڄڳڙهه
Rajagriha
کان لڏي اچي ساڪيت ۾ ويٺو هو. اسان کي فقط اجوڌيا
مان اهڙا پراڻا سڪا هٿ لڳا آهن، جن تي ڌن ديو
Dhana Deva
۽ ويساک دت
Visakha datha
جا نالا لکيل ملن ٿا. مان هنن سڪن جو ذڪر ان سبب
ڪري، ڪري رهيو آهيان جو مان سمجهان ٿو ته ڌن ۽
ويساک جو گهراڻو ساڪيت يا اجوڌيا ۾ وڏي اهميت
وارو هوندو. هن ڳالهه مان به اندازو ڪريان ٿو ته
مٿي بيان ڪيل عورت وڏي مان مرجائت ۾ ساک واري
هوندي، تنهن ڪري امڪان آهي ته هن ماڳ تي ويساک
نالو سندس نالي پٺيان پيو هوندو.
ان کان سواءِ ٻي شاهدي اها آهي ته مهاتما گوتم هتي
اچي رهيو هو. سري لنڪا جي ڪتابي حوالن مان معلوم
ٿئي ٿو ته مهاتما گوتم جڏهن 35 سالن جي عمر کي
پهتو ته کيس ٻڌ هجڻ جو الهام ٿيو. ان کان پوءِ هن
ويهه ورهيا پرچار ڪندي گذاريا ۽ گهر جو منهن به ڪو
نه ڏٺائين. هن اتر هندستان جا ڪيترا ماڳ ڏٺا جن جو
تفصيل سان بينا ڪيو ويو آهي، باقي رهيل 25 سالن
مان نو سال سراوستي ويجهو جيتون
Jatavana
۾
گهاريا، ۽ باقي سورهن سال ساقيت پور جي پوڀا رامو
Pubharamo
واريءَ مڙهيءَ ۾ ٽڪيو رهيو. (597) برمي حوالن
(598) ۾ اڻويهه سال ۽ ڇهه سال آهي. شين سئنگ به
پويان انگ اکر قلمبند ڪيا آهن، جيڪي صحيح معلوم
ٿين ٿا. (599) هن کان علاوه ٻي ڪابه ثابتي مڪمل
ڪانه آهي. فقط ٻه جايون اهڙيون آهن جتي مهاتما
گوتم گهڻو وقت ٽڪيو آهي، جن مان هڪ سراوستي آهي.
گوتم ٻڌ هتي نو يا اڻويهه ورهيه رهيو هو. ٻي ساڪيت
آهي جتي هي ڇهه يا سروهن ورهيه ٽڪيو. شين سئنگ جو
بيان آهي ته هو ويساک ۾ ڇهه سال رهيو ۽ سراوستي
کان ويساک جو فاصلو به اهو ساڳيو ٻڌايو ويو آهي.
تنهن ڪري پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ويساک ۽ ساڪيت هڪ
۽ ساڳي جاءِ آهي. |