سمتت
سمتت ملڪ يا سن-موتا-چا
San-Mo-Ta-Cha
ڪامروپ کان 1200 کان 1300 لي يا 200 کان 217 ميل
ڏکڻ طرف ۽ تامرليپتي
Tamarlipti
يا تملوڪ
Tamluk
کان 900 لي يا 150 ميل اوڀر پاسي هو. (742) پهرئين
بيان مطابق اهو ماڳ جسر
Jasar
يا جيسور
Jesore
جي جاگرافيائي بيهڪ سان ٺهڪي اچي ٿو. اهو به امڪان
آهي ۽ بيان به هن ماڳ ڏانهن اهڃاڻ ڏيکاري ٿو.
تملوڪ کان ڏيکاريل طرف ۽ فاصلو اسان کي وٺي هلي
سندري وڻ
Sundri Vana
يا سندربن
Sandarban
وٽ بيهاريندو. هيءُ ماڳ هرڻ گهاٽ
Harna ghat
ندي باقر گنج جي وچ تي واقع آهي، جنهن جي درياهي
وهڪرن جا ڪيترا پيٽ نظر ايندا. هتان کان سڻڪ رستي
هيٺئين بنگال تائين فاصلو نقشي جي سڌي ماپ کان
چوٿون حصو وڌيڪ آهي. اهڙيءَ ريت جيسور ۽ تملوڪ جي
ٻنهي فاصلن ۾ 20 ميلن جو فرق آهي. رستي جي فاصلي
مطابق جيسور کان ڍاڪا 103 ۽ ڪلڪتو 92 ميل آهي، پر
نقشي جي سڌي فاصلي موجب ڍاڪا 82 ۽ ڪلڪتو 92 ميل
پري ٿيندو. شين سئنگ جيڪو رستي جو سفر 150 ميل
ٻڌائي ٿو سو نقشي جي سڌي فاصلي مطابق جيسور ۽
تملوڪ جي وچ ۾ 120 ميل ٿيندو. پر تملوڪ اوڀر پاسي
کان خشڪيءَ وسيلي پهچ جوڳو ڪو نه آهي. تنهن ڪري هن
پنهنجي سفر جو اڌ پنڌ پاڻي وسيلي ڪيو هوندو. ان
ڪري چئي سگهجي ٿو ته سندس 150 ميلن وارو سفر اڌ
خشڪيءَ ۽ اڌ پاڻيءَ وسيلي ڪيو ويو هو، جنهن کي ڪڇڻ
ممڪن ئي ڪو نه آهي. اڳئين قديم نالي مورلي
Murali
بدران هاڻي اسان کي جسر ۽ پل جا نالا ڏسڻ ۾ ايندا.
اهو سڀ ڪجهه ملڪ جي مٿاڇري ڪري آهي ڇاڪاڻ ته هنڌين
ماڳين پاڻيءَ جا وهڪرا لنگهندي پيا نظر ايندا،
جيڪي رستن ۽ پلين جوڙڻ کان اڳ ٻيڙين وسيلي رابطي
جو اهم ڪم سر انجام ڏيندا هئا.امڪان آهي ته جنهن
شهر کي ٽالمي گنگ ريجيا
Gange regia
سڏيو آهي سو مورلي يا جسر هجي.
سمتت ملڪ جو ذڪر الهه آباد جي ٺلهه تي سمندر گپت
جي ڪيل لکت ۾ (743) ملي ٿو ۽ ان سان گڏ ڪامروپ ۽
نيپال جو به ذڪر ڏسجي ٿو. وراه مهرا جي جاگرافيائي
فهرست ۾ به هن ماڳ جو نالو نظر اچي ٿو. مذڪوره
مصنف ڇهين صديءَ جي شروعات تائين به زنده هو.
(744) پروفيسر لئسن هن ماڳ لاءِ
Baspay Littoral
جا لفظ ڪتب آندا آهن، جنهن جو مطلب آهي ته اهو
هيٺاهون ۽ سمنڊ جي وٽ سان هڪ علائقو هوندو. سندس
بيان شين سئنگ جي بيان سان ٺهڪي اچي ٿو، جيڪو
ٻڌائي ٿو ته مذڪوره علائقو هيٺاهون گهم ڀريو ۽
سمنڊ جي ڪناري ويجهو هو. ماڻهو قد جا ننڍڙا ۽
ڪارسرا هئا. جهڙيءَ ريت بنگال جي موجوده دور جا
ماڻهو آهن. هنن سڀني ڳالهين مان معلوم ٿئي ٿو ته
سمتت وارو علائقو گنگا جي ڇوڙ وارو علائقو آهي. هن
علائقي جو گهيرو 3000 لي يا 500 ميل ٻڌايو ويو آهي
تنهن ڪري سمجهه ۾ اهو اچي ٿو ته ڇوڙ وارو ڀاڳرٿي ۽
گنگا جي مکيه وهڪري جي وچ وارو ٽڪنڊو علائقو به
منجهس شامل هوندو.
شين سئنگ جو اهو بيان آهي ته سمتت کان اوڀر پاسي
ڪيترائي ملڪ موجود هئا. هو انهن جا طرف ٻڌائي ٿو
پر فاصلن بابت معلومات ڪو نه ٿو ڏئي. تنهن ڪري
انهن جي نالن جي سڃاڻ ڪرڻ ڏکي آهي. انهن مان
پهريون شي-لي-چا-تا-لوShi-Li-Cha-Ta-Lo
آهي جيڪو سمتت کان اتر-اوڀر هڪ ماٿريءَ ۾ ۽ سمنڊ
جي ڪناري سان واقع هو. (745) ٿي سگهي ٿو ته سندس
مطلب سري-ڪشترا
Sri-Kshatra
يا سري-ڪشيتراSri-Kshetra
هجي جنهن کي ايم ووين ڊي سئنٽ مارٽن سئه-هٽ
Sai-Hata
يا سلهٽ سمجهي ٿو جيڪا گنگا جي ڇوڙ کان اتر-اوڀر
پاسي آهي. هيءُ شهر مينگ
Magan
نديءَ جا ماٿريءَ ۾ واقع آهي. مذڪوره شهر توڙي جو
سمنڊ کان گهڻو پري آهي، تنهن هوندي به نظر ائين
اچي ٿو ته چيني ياتريءَ جو بيان ان متعلق آهي. ٻيو
ملڪ ڪيا-مو-لئنگ-ڪيا
Kai-Lang-Kia
آهي جيڪو مٿي بيان ڪيل ملڪ کان پريان اوڀر پاسي ۽
اپسمنڊ جي ڀرسان واقع آهي. منهنجي خيال پٽاندر اهو
ڪوميلا
Komilla
وارو علائقو آهي، جيڪو ٽيپرا
Tipera
۾ ميگن نديءَ جي اوڀر پاسي آهي ۽ بنگال واري
اپسمنڊ جي مٿئين پاسي موجود آهي. ٽيون ملڪ
تو-لو-پو-ٽي
To-Lo-Po-Te
آهي، جيڪو مٿي بيان ڪيل آخري ملڪ کان اوڀر پاسي
آهي. ايم جولين هن نالي جو مطلب دوروتي
Dwaravati
ٻڌائي ٿو پر اهو ڪو نه ٿو ٻڌائي ته اهو ڪهڙي ماڳ
جو نالو آهي. منهنجي خيال ۾ اهو علائقو تلئنگوتي
Talaingavati
آهي، جيڪو تلئند يا پيگو
Pego
نيات جي ماڻهن جو ملڪ آهي. وتي
Vati
برما جي علائقن جي نالي جي هڪ پڇاڙي هوندي آهي.
جهڙوڪ: هنس وتي
Hans vati،
دويه وتي
Dwaya vati،
دنيه وتي
Bunya Vati
وعيره. ان کان پوءِ ٻيو نالو شئنگ-نا-پو-لو
Shang-Na-Po-Lo
هو جيڪو بيان ڪيل آخري ماڳ کان اوڀر طرف واقع هو.
ان کان به اوڀر پاسي مو-هو-چين-پو
Mo-Ho-Chen-Po
۽ وري ان کان به ڏکڻ اولهه پاسي، يين-مو-نا-چيو
Yen-Mo-No-Chau
جو ملڪ هو. هنن مان پهريون ملڪ شان
Shan
ڪل يا لائوس
Laos
سان لاڳاپپو رکي ٿو. ٻين چو چين چينا
Cho Chin China
يا انم
Anam
آهي. ايم جولين موجب ٽيون يمنا-دويپ
Yamana-Dwipa
يا ياوا دويپ
Yava-Dwipa
يا جاوا آهي.
تامرلي پتي
تان-مو-لي-تي يا تامرلي پتي جو گهيرو 1400 لي کان
1500 لي يا 250 ميل (746) هو جيڪو هڪ ماٿريءَ ۾
سمنڊ جي ڪناري سان واقع هو. علائقو هيٺاهون هو ۽
سدائين منجهس پاڻيءَ جون ڇرون ڏسبيون هيون. جنهن
جي راجڌاني اپسمنڊ جي وٽ سان هئي جنهن تائين
پاڻيءَ ۽ خشڪي وسيلي پهچي سگهبو هو. تامرلي پتي.
تملوڪ جو سنسڪرتي نالو آهي، جيڪو روپ نارائڻ
Rup narayan
جي کاڌل ڪناري تي ۽ هگلي
Hygli
سان سنگم واري ٿاڪ کان 12 ميل مٿي هو. هيءُ علائقو
ننڍو هو پر آباد گهڻو هو ۽ هگليءَ جي الهندي ڪناري
سان واقع هو. ان جي اتر کان بردوان
Bardwan
۽ ڪلنا
Kalna
۽ ڏکڻ کان ڪوسئي
Kosai
ندي هئي. نالو تمليتس
Tamaltes
پالي ٻوليءَ جي نالي تامليتي
Tamalitti
تان ورتل ٿو ڀائنجي.
ڪرن-سووَرن
شين سئنگ جي بيان موجب ڪي-لو-نا-سو-فا-لانا يا ڪرن
سورَن جي راجڌاني تامرلي پتي کان اتر-اوڀر 700 لي
يا 117 ميل پري هئي. اهڙي ريت اودرا
Odra
يا اوڙيسا کان به ساڳئي فاصلي تي پري هو. (747)
ستين صديءَ ۾ اوڙيسا جي راجڌاني وئترني
Vaitarani
نديءَ جي ڪناري تي واع جا جيپو
Jajipu
هو. تنهن ڪر ڪرن سورن جي مکيه شهر کي سورن رڪش-Swarana-Riksha
نديءَ جي ڪناري سان سنگهڀوم
Singhbhum
يا بڙا ڀوم
Barabhum
علائقي جي اوسي پاسي نهارڻ گهرجي. پر هندستان جو
هيءُ جهنگلي علائقو ايترو ته اڻ ڄاتو آهي جو مان
هن قديم ماڳ جي سڃاڻ لاءِ ڪو واضح اشارو ڏئي ڪو نه
ٿو سگهان. بڙاڀوم واري علائقي ۾ بڙا بازار نالي هڪ
مشهور شهر آهي. شين سئنگ جنهن شهر جو بيان ڪيو
آهي. تنهن جي مذڪوره شهر جي جاگرافيائي بيهڪ سان
هڪ جهڙائي معلوم ٿئي ٿي. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته
ستين صديءَ دوران اهو شهر هن علائقي جي راجڌاني
هوندو. علائقي جو گهيرو 4400 لي کان وٺي 4500 لي
يا 733 کان 750 ميل هو. ان سبب چئي سگهجي ٿو ته
اولهه ۽ اوڀر پاسي ميدني پور
Medinipur
سيرگج
Sirguja
جون ننڍڙيون جابلو رياستون اتر ۾ ڏکڻ طرف دمود ۽
وئترني ندين جي آبي ذريعن وارا علائقا به ساڻس
شامل هوندا.
هن وڏي علائقي تي هاڻي ڪيترن قبيلن جا ماڻهو
رهندا آهن جن کي گڏي ڪولهان
Kolhan
يا ڪول
Kols
سڏيو ويندو آهي، پر جيئن ته اهي ماڻهو مختلف ٻولين
جا ڌار ڌار لهجا ڳالهائيندا آهن. تنهن ڪري چئي
سگهجي ٿو ته سندن مختلف نسلن سان واسطو آهي، جن
مان مکيه منڊا
Munda
۽ اراؤن
Uraon
آهن. ڪرنل ڊالٽن
Col Dalton
جو بيان آهي ته (748) هن علائقي جي پهرئين والار
منڊا ڪَلَ جي ماڻهن ڪئي هئي. ان کان پوءِ ٻورائون
نيات جا ماڻهو اچي هتي آباد ٿيا هئا. توڙي جو اهي
ماڻهو هن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نظر ايندا. ساڳئي ڳوٺ ۾
آباد ساڳيون ٻنيون کيڙيندا، ساڳئي ڏينهن تي غم ۽
خوشيون ملهائيندا آهن پر سندن ذات ۽ نيات الڳ
هوندي آهي ۽ پنهنجي ذات ۽ نيات تان هٿ کڻڻ کان
سواءِ، پاڻ ۾ سڱاوندي ڪري ڪو نه سگهندا آهن. ٻولين
جي مختلف لهجن مان به پتو پوي ٿو ته سندن واسطو
ڌار ڌار نسلن سان آهي. ڌار نسل جي تصديق ٻوليءَ جي
ڌار لهجي مان به ٿي وڃي ٿي ۽ معلوم ٿئي ٿو ته
اراؤن ڪُر وارا ماڻهو ڏکڻ تامل جي ڦريءَ سان
لاڳاپو رکڻ ٿا. منڊا جو تعلق وري اتر واري جابلو
علائقي سان آهي. جيڪي سنڌوءَ کان وٺي بنگال جي
اپسمنڊ تائين هماليه ۽ ونڌيا جي جابلو علائقن ۾
رهندا آهن.
مُنڊ ڪَلَ جي ماڻهن سان ڪيتريون ذاتيون لاڳاپيل
آهن. ڊاڪٽر ڊالٽن (749) جي بيان موجب اهي ايلچ پور
جا ڪور
Kuars،
سيگج ۽ جسپور جا ڪوروَ
Korewas،
ڇوٽا ناگپور جا کيريا
Kherias،
سنگهه ڀوم جا هور
Hor,
مان ڀوم
Man Bhum
۽ ڍال ڀوم
Dhal bhum
جا سنتال
Santalais
۽ مان ڀوم، سنگهه ڀوم، ڪٽڪ
Katak،
هزاري باغ
Hazari bagh
۽ ڀاڳل ڀور جا ڀومج
Bhumij
گهراڻا آهن. هن سان گڏ سندس اهو بيان به آهي ته
ڪٽڪ جي ماتحت علائقن ۾ جؤنگس
Juangas
يا پتون
Pattun
(جيڪي وڻن جا پن ڍڪيندا آهن) ذات به رهندي آهي
جيڪا سڀني کان الڳ ۽ نياري آهي. ناتو آهي. سندن
ٻوليءَ مان پتو پوي ٿو ته اهي سڀئي هڪ ڪُر سان
لاڳاپيل آهن ۽ سندن ويجهي ۾ ويجهو مائٽاڻو لاڳاپو
کيريا نيات سان آهي. سندن الهندي نيات سان
لاڳاپيلل ذاتيون هي آهن: مالوا جا ڀيل
Bhil
۽ گجرات جا ڪانهيڊ
Kanheds
۽ ڪولي
Koli
وغيره. ڏکڻ پاسي وري هن ڪل جي ٻي ڦري آهي تنهن ڪري
سور
Suras
يا سئار
Suars
سڏيو ويندو آهي. الهندا ۽ اڀرندا گهاٽ سندن ديس
آهن.
ڊاڪٽر ڊالٽن جي بيان (780) پٽاندر ”سنگهڀوم ۾
رهندڙ هو
Ho
يا هور
Hor
منڊ قوم جو اصل آهن.“ سندس بيان آهي ته: ”هي
سگهارا اصلوڪا ۽ ڏاڍا دلچسپ ماڻهو آهن. ڏسڻ واسڻ ۾
ٺاهوڪا آهن. قد ڪاٺ ۾ هور نسل ڏاڍو اڙٻئگ ڏسبو ۽
پنهنجي آزاديءَ تي فخر ڪندا آهن. سندن منهن مهانڊا
به ائرين جي بيان جيان آهن يعني نڪ ڊگها، وات وڏا
پر خوبصورت، ڏند موتين داڻا، مُنهن مَنجي به ڏاڍي
ٺاهوڪي جهڙي هندو نسل ۾ ڏسبي آهي.“ جيڪڏهن سندن
مهانڊو ائرين جي بيان ڪيل مهانڊي کان مختلف يا
ڪاڪيشيا جي نسل کان ٿورو ٻيو هوندو ته اهي ڪارسرا
منگول پيا لڳندا. سندن جسماني ڊول وچولو ۽ رنگ ۾
ڀوري ۽ ڪارسري ڦڪي رنگ جي وچ تي ڏسبي.
منڊ ٻوليءَ جي لهجن مطابق مرد کي هو
Ho،
هور
Hor،
هيرو
Hero
يا هوڪو
Hoko
چيو ويندو آهي. ڪرنل ڊالٽن جي اهڙي بيان جي
پٺڀرائي ٿئي ٿي ته اتان جي ماڻهن کي سندن ڏيل ڏيا
ڪارڻ اهڙي نيات جي نالي سان سڏيو ويندو آهي ۽ اهي
منڊا ڪل جي سگهارن ماڻهن منجهان آهن. پر اهي پاڻ
کي لاڙڪ
Laraka
به سڏيندا آهن يعني لڙڻ لارا، جنگجو، جوڌا جوان.
سندن ذات جي هن نالي مان به پتو پوي ٿو ته هو منڊا
ڪل جي سگهاريءَ نيات سان واسطو رکن ٿا.
ڪرنل ڊالٽن منڊ نالي جي ڪا سمجهاڻي ڪو نه ٿو ڏئي
پر منهنجو خيال آهي ته سنگهڀوم جي هور يا منڊ نسل
جي ڳوٺ جي مکيءَ يا پٽيل کي منڊ يا موٽو
Moto
سڏيو ويندو هوندو. ان ڪري مان هن خيال جو آهيان ته
منڊ هن نسل جي حڪمران طبقي سان واسطو رکندا هئا.
وشنو پراڻ ۾ به منڊ
Munda
جو نالو ملي ٿو ۽ (751) ٻڌايو وڃي ٿو ته اهو
راجائي گهراڻي جو نالو آهي جنهن يارهن راجائن
تشارا
Tushara
يا تکاري
Takhari
کان پوءِ واري واري سان راڄ ڪيو. وايو پراڻ ۾ اهڙو
نالو نظر ڪو نه ٿو اچي پر ان بدران مارنڊ
Marund
جو ذڪر ملي ٿو. ممڪن آهي ته اهو منڊ جو ٻيو نالو
هجي. مارنڊ جو لفظ ٻي ۽ ٽين صديءَ جي لکتن ۾ ڏسجي
ٿو. (752) ٽالمي نيات جا ماڻهو گنگا درياهه جي اتر
پاسي رهندا آهن پر درياهه جي ڏکڻ ۾ رهندڙ ماڻهن کي
چوي ٿو ته اهي مانڊلي
Mandli
آهن.ٿي سگهي ٿو ته اهي ڇوٽا ناگپور جا منڊ هجن
ڇاڪاڻ ته سندن ملڪ منڊل بيهڪ مان ائين معلوم ٿئي
ٿو ته اهو پليني جو بيان ڪيل مونيڊس
Monedeas
ڪُر جي ماڻهن وارو علائقو آهي. جن سؤري
Suari
ڦريءَ جي ماڻهن سان گڏجي هڪ ٻيٽ نما علائقو آباد
ڪيو هو. جيڪو پاليبوٿري کان ڏکڻ طرف واقع هو.
(753) منڊ ۽ سؤر نسل جي ماڻهن جي اصلي ڌرتي به اها
ئي آهي. مون کي پڪ ٿئي ٿي ته اهي ٻئي هڪ ڦريءَ سان
لاڳاپو رکن ٿا. پليني به مونيدس
Monedes
۽ سؤري
Suari
کي هم اصل نسل ڄاڻايو آهي.
پليني جو ٻئي هنڌ وري هي بيان آهي ته منڊي
Mandei
يا مالي
Malli
ڪالنجاءِ
Calengae
۽ گنگا جي وچ واري علائقي ۾ آباد آهن (754) مالي
قوم واري علائقي ۾ مالس
Mallus
نالي هڪ جبل آهي جيڪو مونيڊس سؤلي قبيلين وارو
مشهور جبل مالييس
Maleius
آهي. قوي امڪان اهو نظر اچي ٿو ته اهي ٻئي نالا
مشهور مندر
Maundar
جا آهن جيڪو ڀاڳل پور جي ڏکڻ ۾ آهي. هن لاءِ هڪ
مشهور ڏند ڪٿا آهي ته ديوتائن ۽ دئتن گڏجي هن جبل
سان سمنڊ ولوڙيو هو. مان سمجهان ٿو ته مها نديءَ
جي ڀر پاسي رهندڙ قبيلي جي ماڻهن کي مندي
Mandie
ڪوٺيو ويو آهي ۽ هيءَ ئي ٽالميل جو مند
Manada
آهي، تنهن ڪري مالي
Malli
يا مالئي
Malei
اهي ماڻهو آهن جن کي ٽالمي منڊلاءِ
Mandalae
لکيو آهي. اهي پاليبوٿرا جي ڏکڻ ۾ ۽ گنگا جي ساڄي
ڪناري سان آباد هئا. ٿي سگهي ٿو ته هي اهي ماڻهن
هجن، جيڪي راج محل واري جابلو علائقي ۾ آباد هئا ۽
جن کي مالر
Maler
ڪري سڏيو ويندو هو. امڪنا آهي ته اهو لفظ ڪنڙي جي
ميل
Male
يا تامل جي لفظ مليئي
Malei
تان ورتو ويو هجي جنهن جي معنيٰ ٽڪري آهي. تنهن
ڪري اهو هندي لفظ پهاڙي يا پربتي ماڻهو جي معنيٰ
ڏيکاري ٿو.
پلينيءَ جو جيڪو سئوري
Sauri
قبيلو آهي، تنهن ڪري ٽالمي سبراءِ
Sabrae
لکيو آهي. اهي ٻئي نالا سوَر
Savaras
يا سؤر
Suars
قبيلي جا آهن، جيڪو هتان جو اصلي رهاڪو ۽ جهنگلي
آهي ۽ ڪاٺ ڪپي پيٽ پاليندو آهي ۽ گهر ٺاهي هڪ
جائتو ٿي ڪو نه ويهندو آهي. سؤرنيا جي ماڻهن جو
علائقو کونڊن
Khonds
جي علائقي کان پوءِ شروع ٿئي ٿو ۽ ڏکڻ ڏانهن هلندو
وڃي پينار
Pennar
لاڳاپيل تائين دنگ ڪندو آهي. سور يا سؤر ماڻهن جو
اڀرندن گهاٽن سان لاڳاپيل هڪ اهڙو قبيلو آهي، جنهن
جي ماڻهن جو انگ تمام ججهو آهي ۽ گواليار ناروار
Narwar
۽ ڏکڻ راجپوتانا تائين پکڙيل ڏسبا آهن. گواليار جو
سواري
Sawaris
يا سبريا قبيلو ناروان ۽ گون
Guna
جي اولهه پاسي ڪوٽا
Kota
واري سرحدي جهنگلن ۾ رهندو آهي. چمبل درياه جا
وٽيون پاسا ۽ ان جي ڇاڙهن جي ڪنڌين ڪنارن سان
ڦرندا رهندا آهن ۽ اتان جي مقامي قبيلي سان گڏجي
گذاريندا آهن جن کي ٽاڊ راجپوتانا جا سوريا
Suria
سڏيو آهي. ٽالمي هن کي سوراءِ
Sorea
جو سانگي قبيلو سڏيو آهي ۽ کين ڪونڊل
Kondals
فئليٽاءِ
Phyllitae
يعني گونڊ ۽ ڀيل لکيو آهي. تنهن ڪري مان سمجهان ٿو
ته هي وچ هندستان جي سؤر يا سور قبيلي جا ماڻهو
آهن، جيڪي وئن گنگا
Wain Ganga
جي منهن کان وٺي گهڻو هيٺ پکڙيل آهن ۽ کين ڪسٽنا
Kistna
نديءَ جي ماٿريءَ ۾ به گهمندو ڦرندو ڏسبو آهي. ڪرن
Kirana
جي معنيٰ به گڏيل نسل جو يا جهنگلي ماڻهو آهي.
تنهن ڪري امڪنا آهي ته ڪرن سؤرن
Kirana Suvarana
جي اصلي معنيٰ جهنگلي سور يا سؤر
Suar
آهي.
ستين صديءَ ۾ هن ملڪ جي راجا جو نالو شي-شئنگ-ڪيا
She-Shang-Kia
يا سسانگڪا
Sasngka
هو جيڪو ٻڌرڌم تي سختي ڪرڻ ۾ گهڻو مشهور هو. مان
پين نائيٽ برٽش ميوزم
Payne Knight British Museum
هن راجا جو هڪ سڪو ڏٺو هو. جنهن تي سندس سڄو نالو
لکيل هو. سڪن جي ٻئي مجموعي ۾ به سندس نالي جا ٻيا
به ڪيترا سڪا نظر ايندا.
اودر يا اوڙيسا
يو-چا
U-Cha
يا اودا جي ملڪ جو بيان اهڙو نظر ايندو جنهن مان
معلوم ٿيندو ته اهو موجوده دور وارو اودر يا
اوڙيسا آهي.شين سئنگ جي حياتيءَ جي احوال مان
معلوم ٿيدنو ته (755) اودر جي راجڌاني تامرليپٽي
کان 700 لي ڏکڻ اولهه پاسي هئي. مذڪوره طرف ۽
فاصلو جاجيپور
Jajipura
سان ٺهڪي اچي ٿو، سندس بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته
اودر ڏانهن روانو ٿيڻ کان اڳ ڪرن سوورن کان موٽي
تملوڪ پهتو هو. هن چيني ياتريءَ جي سفر نامي ۾
لکيل طرف ۽ فاصلو ڪرن سوورن
Kirana Suvarena
تان ورتا ويا آهن. (756) مان سمجهان ٿو ته اهو غلط
ڪيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته اهو طرف ۽ فاصلو راجڌانيءَ
جو ڏيکاريو ويو آهي. طرف جي لحاظ کان اهو ڪرن
سوورن کان سر ڏکڻ آهي پوءِ ٿي سگهي ٿو ته اهو
جاجيپور هجي يا ڪٽڪ
Katak
هجي.
ان علائقي جو گهيرو 7000 لي يا 1167 ميل ڏيکاريو
ويو آهي. ڏکڻ-اوڀر پاسي سان سمنڊ هو ۽ ڪناري سان
چي-لي-تا-لو-چينگ
Che-Li-Ta-Lo-Chjing
يا چريترا پور
Charitra pura
نالي هڪ بندر هو جتان مال لهندو ۽ چڙهندو هو.
امڪان آهي ته هي شهر پوري
Puri
هجي. جنهن جي ڀرسان جگن ناٿ جو مشهور مندر آهي.
شهر کان ٻاهران هڪ ٻئي جي ڀرسان پنج اسٽاپاؤن
تعمير ٿيل هيون. جيڪي تمام اتاهيون هيون. مان
سجهان ٿو ته انهن مان هڪ اسٽوپا جگن ناٿ ڏانهن
منسوب ٿيل آهي. هتي سندس ٽن منهن واري اڻ چٽي
تصوير نظر ايندي. هن جي هيءَ مورتي ٻڌڌرم جي ٽه
مورتيءَ جهڙي آهي، جنهن ۾ ٻڌ، ڌرما ۽ سنگهه جون
مورتيون ڏسبيون، جن مان ٻئي نمبر واري مورتي هميشه
عورت جي هوندي آهي. بنا ڪنهن شڪ شبهي جي جگن ناٿ
جي مورتي ٻڌ ڌرم سان لاڳاپيل آهي ۽ مٿرا ۽ بنارس
جي سال جي جنترين ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته مهاتما
گوتم جو ٻيو روپ ڌاري هندو ڌرم ۾ آيو هو.
جڏهن اوڙيسا جا راجا سگهارا هوندا هئا ته هن جون
سياسي سرحدون هڪ طرف هُگلي ۽ دمود درياهن تائين
وڃي پهچنديون هيون ۽ ڏکڻ ڏانهن گوداوري تائي ن وڃي
دنگ ڪنديون هيون، پر قديم اودر-ديس
Odra-Desa
يا اور-ديس
Or-Desa
(اوڙيسا) جون حدون مهاني جي ماٿريءَ ۽ سوورنري ڪش
Suvarnari ksha
نديءَ جي هيٺين پاسي تائين محدود هونديون آهن. ان
حساب سان ڪٽڪ ۽ سنڀل پور وارا علائقا ۽ ميدنيپور
جو ڪجهه حصو سندس حدن اندر هوندو هو. هن علائقي جي
اولهه ۾ گوداوري، اتر پاسي جش پور
Jashpur
۽ سنگهڀوم جون جهنگلي ۽ جابلو علائقن واريون
رياستون هيون. اوڀر کان سمنڊ هوس ۽ ڏکڻ ڏس کان
گنجن
Ganjan
وارو علائقو هو. امڪان آهي ته شين سئنگ واري زماني
۾ به هن ملڪ جون سرحدون اهي هجن، ڇاڪاڻ ته هن جو
ٻڌايل گهيرو انهن سرحدن سان هڪجهڙائي رکي ٿو.
پليني جو بيان آهي ته هندستان ۾ اوريٽس جي ماڻه ن
جو ملڪ اهو آهي، جنهن ۾ ماليس جبل
Mount Maleus
(757) موجود آهي پر ٻئي هنڌ وري چوي ٿو ته اهو
جبل مونيڊس ۽ سوري
Suari
واري علائقي ۾ موجود آهي. ٽئين هنڌ وري سندس بيان
آهي ته مالس
Mallus
جبل مالي
Malei
قوم جي حدن ۾ آهي. اهي ماڻهن جن جو ذڪر پڇاڙيءَ ۾
ڪيو ويو آهي تن لاءِ لکيو ويو آهي ته اهي ڪلنگاءِ
Calengae
جي اتر پاسي آهن. مونيدس ۽ سوري قبيلن لاءِ چيو
ويندو آهي ته پاليبوٿري
Palibothri
جي ڏکڻ ۾ رهندا آهن. تنهن ڪري اسان کي اوريٽس جي
ملڪ لاءِ مهاندي ۽ سندس ڀرتي ڪندڙ شاخن جي اوسي
پاسي جاچڻ گهرجي. مونيڊس ۽ سوري ماڻهن لاءِ چيو
ويندو آهي ته اهي منڊ
Munda
۽ سور
Suars
۽ اوريٽس وارا ماڻهو اوڙيسا ۾ رهندڙ ماڻهن کان
سواءِ ٻيا ڪو نه آهن. ملي
Mali
دراوڙي ٻوليءَ جو لفظ آهي. جنهن جي معنيٰ آهي جبل
يا ٽڪريءَ. اراؤن قبيلو يا اولهه اوڙيسا جا ماڻهو
اڃا تائين دراوڙي ٻوليءَ جو هڪ لفظ ڳالهائيندا
آهن.تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته مالس
Mallus
ڪنهن خاص جبل جو نالو ڪو نه آهي. ٿي سگهي ٿو ته هي
تلنگانا
Talengana
جو مشهور جبل سري پروت
Sri Parvat
هجي ۽ سري پروتيه آنڌرا
Sri Parvatiya Andhra
به ان تان ئي نالو پيو هجي.
هن ملڪ جي قديم راجڌاني ڪٽڪ جو شهر هو جيڪو
مهانديءَ جي ڪناري واقع هو. پر ڇهين صديءَ جي
پهرين هصي ۾ راجا رجاتي ڪيسري
Rajati Kesari
پنهنجي راجڌاني ججاتي پور
Jajati pur
۾ قائم ڪئي هئي. جيڪا وئترني
Vatarani
نديءَ جي ڪناري تي واقع هئي. اهو ساڳيو شهر
جاجيپور
Jajipur
جي بگڙيل نالي ۾ اڄ به موجود آهي. انهيءَ ساڳئي
راجا ڀو ونيسور
Bhu Vaneswara
۾ ڪيترا ئي مندر اڏايا. پر ه ن شهر جو بنياد
لليتندر ڪيسري
Lalitendra Kesari
نالي هڪ راجا رکيو هو. هن علائقي جي ماڻهن جي زبان
۾ ان جا اچار وچ هندستان جي ٻين ٻولين کان گهڻو
ڌار آهن ۽ اڄ تائين اهو ويڇو قائم رهندو اچي ٿو.
هن علائقي جي اتر-اولهه پاسي ٻه ٽڪريون هيون جن
مان هڪ جو نالو پش پگري
Push Pagiri
هو. جنهن جي معنيٰ آهي گلن واري ٽڪري. مذڪوره
ٽڪريءَ تي انهيءَ نالي سان وهار ۽ اسٽوپا هو. جيڪو
پٿرائون هو. پر ٻي اتر-اولهه واري ٽڪريءَ تي رڳو
اسٽوپا جوڙيل هو. منهنجي خيال ۾ اهي ٻئي اديه گري
Udaya giri
۽ کنڊ گيري
Khanda giri
نالي واريون مشهور ٽڪريون آهن، جن مان ٻڌ ڌرم سان
لاڳاپيل ڪيتريون گفاؤن ۽ لکتون هٿ لڳيون آهن.
مذڪوره ٽڪريون ڪٽڪ کان 20 ميل ڏکڻ طرف ۽ ڀونيسور
واري مندرن جي مچلي کان 5 ميل اولهه پاسي آهن.
اسٽوپائن لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي ڪن دئتن
جوڙيون آهن. منهنجو ويچار آهي ته شين سئنگ جي
زماني تائين انهن گفائن يا ٽڪرين وارين اسٽوپائن
بابت ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي.
گنجم
اودرا جي راجڌانيءَ ۾ ترسڻ کان پوءِ هي چيني ياتري
ڏکڻ-اولهه طرف روانو ٿيو ۽ 1200 لي يا 200 ميل پنڌ
ڪري ڪونگ-يو-تو
Kong-Yu-To
پهتو هو. (758) ڪوشش جي باوجود هي ماڳ ڪو نه سڃاتو
ويو آهي. پر مان سمجهان ٿو ته ايم ووين ڊي سئنٽ
مارٽن هن ٿاڪ جي صحيح جاگرافيائي بيهڪ کي سڃاڻي
ورتو آهي. جيڪو چيلڪ
Chilka
ڍنڍ جي اوسي پاسي ڪٿي آهي. چيو وڃي ٿو ته راجڌاني
اپسمنڊ تي يا ان جاءِ تي هئي. جتي ٻه سمنڊ پاڻ ۾
ملندا هئا. هن بيان مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته اهو شهر
چيلڪ ڍنڍ ۽ سمونڊ ڀرسان هوندو، ڇاڪاڻ ته سمنڊ
ڀرسان پاڻيءَ جي ٻي ايڏي وڏي ڇر ٻئي هنڌ ڪاٿي به
ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته هن
علائقي جي راجڌاني گنجم کانسواءِ ٻيو شهر ٿي ڪو نه
ٿو سگهي. پر نقشي جي سڌي فاصلي موجب جاجيپور کان
جنگم 130 ميل آهي ۽ سڻڪ سان اهو پنڌ 150 ميل
ٿيندو. مان سوچي هن نتيجي تي پهتو آهيان ته هي
چيني ياتري اديه گري ۽ کنڊ گري ٽڪري جي ياترا
کانپوءِ چيتر پور
Charitar pur
کان ٿيندو گنجم آيو هو، پر جيڪڏهن هن ائين ڪيو آهي
ته نقشي جي سڌي فاصلي مطابق 160 ميل ۽ سڻڪ جي پنڌ
موجب اهو فاصلو 190 ميل بيهي ٿو جيڪو هن چيني
سيلانيءَ جي اندازي سان سهمت آهي.
ايم جولين هن لفظ جو چيني ٻوليءَ جي پندن موجب
مفهوم ڪونيوڌ
Konyodha
ٻڌائي ٿو ته. پر هن نالي سان ڪا به جڳهه نه آهي.
منهنجي ڄاڻ موجب ايم پاٿيئر
M. Pauthier
به هن نالي جو مطلب ڪڍيو آهي (759) جيڪو ڪيون-مو-Kiuan-Yo-Mo
آهي ۽ اهو گنجم جو مفهوم ڏيکاري ٿو. پر اهو مفهوم
۽ مطلب ڪيئن ۽ ڪٿان ورتو ويو آهي؟ تنهن جو ڪو پتو
ڪو نه آهي. هئملٽن جو ويچار آهي ته هن نالي جي
معنيٰ
The depot
آهي. جيتري قدر منهنجي معلومات جو تعلق آهي ته هن
لفظ کي اڪيلي طور ڪم ايندي ڪو نه ڏٺو ويو آهي پر
هن کي بنياد وجهندڙ جي نالي سان يا انهن شين سان
گڏ اچاريو ويندو آهي. جيڪي هن شهر ۾ جام وڪيون
وينديون آهن، جهڙوڪ رام گنج معنيٰ رام منڊي، ٺٺار
گنج
Thithar Ganj
معنيٰ ٺاٺارن جي منڊي. علائقي جو گهيرو 1000 لي يا
127 ميل ٻڌايو وڃي ٿو. جنهن مان پتو پوي ٿو ته رسي
ڪليه
Rasi Kuliya
نديءَ جي مختصر ماٿريءَ تائين محدود هو. هيءُ
علائقو ننڍڙو ضرور هو. پر هن جي اهميت تمام گهڻي
هئي. شين سئنگ جو بيان آهي ته هتان جا فوجي نهايت
سگهارا ۽ بهادر هئا. هتان جو راجا به ايڏو ته
سگهارو هو جو سندس ڀر پاسي وارا ملڪ به ڏن ڀريندا
هئا ۽ ڪنهن کي به ساڻس مهاڏي اٽڪائڻ جي سگهه ڪانه
هوندي هئي. هن بيان مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته شين
سئنگ جي ياترا واري زماني ۾ هن ملڪ جو راجا
لليتندر ڪيسري هو، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته
617ع کان 676ع تائين پورا سٺ سال راڄ ڪيو ۽ اوڙيسا
جي تاريخ سندس نالو گهڻو مشهور ۽ معروف آهي. پر
جڏهن هي چيني سيلاني چئن سالن کان پوءِ ٻيهر مگڌ
آيو ته قنوج جو راجا هرش ورڌن هو جيڪو نهايت
سگهارو حڪمران هو (760) هو تازو گنجم جي راجا جو
ڪارڻ ڇا هو؟ تنهن جو پتو ڪو نه آهي، پر هرش ورڌن
ڪٽر قسم جو ٻڌ هو. هوڏانهن لليتندر وري پڪو هندو
هو. ٻ نهي ۾ ڌرمي مڌڀيد جنگ جو ڪارڻ هوندو. هن مان
اهو به معلوم ٿئي ٿو ته گنجم قنوج جو ڏن ڀرو ۽
اوڙيسا علائقي جو حصو بڻجي ويو هوندو.
شين سئنگ ٻڌائي ٿو ته گنجم جي لکت وچ هندستان جهڙي
هئي. پر ان جي ٻولي ۽ اچار بنهه ڌار ۽ الڳ هئا. هن
بيان مان اهو سمجهي سگهجي ٿو ته ستين صديءَ جي وچ
تائين هندستان جي گهڻي ڀاڱي ۾ هڪ جهڙي برادرين ۾
رابطو اڃا قائم هو، توڙي جو هندن جي زور وٺڻ جي
ڪري محدود به ٿي ويون هيون.
ڏکڻ هندستان
شين سئنگ جي بيان موجب ڏکڻ هندستان ان ساري اپٻيٽ
تي مشتمل هو، جيڪو تاپتي ۽ مهانديءَ کان ڏکڻ پاسي
هو. جنهن جي اولهه پاسي کان ناسڪ
Nasik
۽ اوڀر طرف گنجم هو. اهو سارو علائقو نون ملڪن ۾
ورهايل هو، ج نهن ۾ سري لنڪا سمجهڻ کپي ۽ هندستان
سان شامل ڪڏهن به ڪانه سمجهي وئي آهي. اهي سڀئي
ملڪ سن 640ع ۾ پاڻ ڏوري وڃي ڏٺا هئا ۽ ڪلنگ
Kaling
نالي ملڪ ۾ اتر-اوڀر طرف کان داخل ٿيو هو. پوءِ
اتر الهندي رخ ڪري ڪوسل ۽ آنڌار به ويو هو. بعد ۾
ڏکڻ ڏانهن رخ ڪري ڌنڪسڪت
Dhankakata،
جوريه
Joriya
۽ دراويد
Dravida
کان ٿيندو ملڪوت
Malakut
پهتو هو. هو دراويد جي راجڌاني ڪانچي
Kanchi
۾ هو ته سري لنڪا جي راجا جي قتل ٿيڻ جي خبر ٻڌي
هئائين. سندس ارادو سري لنڪا وڃڻ جو هو. پر وڳوڙي
وايو منڊل جون ڳالهيون ٻڌي ارادو بدلائي ڇڏيائين.
ان ڪري هن وري اتر ڏانهن سفر ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هلندو
وڇي ڪونڪن
Konkana
۽ مهاراشٽريه
Maharashatra
نڪتو، جيڪي ڏکڻ هندستان جي نون ملڪن مان آخري
رياستون هيون. (761)
ڪلنگ
ستين صديءَ ۾ ڪي-لئنگ-ڪيا
Kei-Leng-Kia
يا ڪلنگ ملڪ جي راجڌاني گنجم کان 1400 لي کان 1500
لي يا 233 کان 250 ميل ڏکڻ-اوڀر طرف واقع هئي.
(762) طرف ۽ فاصلي جي لحاظ سان اهو ماڳ راجا
مهندري
Raja Mahendri
ٿي سگهي ٿو. جيڪو گوداوري نديءَ جي ڪنڌيءَ سان
واقع آهي يا سامونڊي ڪناري وارو ڪرنگ وارو ٿاڪ ٿي
سگهي ٿو. پهريون ماڳ گنجم کان 250 ميل ڏکڻ-اولهه
طرف واقع آهي ۽ ٻيو ساڳئي طرف 246 ميل پري آهي.
مٿي بيان ڪيل اڳئين ماڳ لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو
قديم دور کان وٺي ملڪ جي راجڌاني رهندو آيو آهي.
مان سمجهان ٿو ته هي ماڳ اهو آهي جنهن کي چيني
ياتريءَ ڏوري وڃي ڏٺو هو. چيو ويندو آهي ته ڪلنگ
جي راجڌاني سري ڪڪول
Sri Kakola
يا چڪا ڪول
Chikakol
نالي هڪ مشهور هوندو هو جيڪو ڪلنگ پٽم کان 20 ميل
ڏکڻ-اولهه پاسي هو. ملڪ جو گهيرو 5000 لي يا 833
ميل هو. سندس حدون ڪو نه ڏيکاريون ويون آهن. پر
اهو اولهه پاسي گوداوريءَ جي ڪنارن کان اڳتي وڌيڪ
ڪانه هوندي ۽ اتر-اولهه واري طرف کان اندرا وتيءَ
جي ڇاڙهه گؤليه
Goaliya
سندس دنگ سمجهيو ويندو هو. انهن سرحدن مطابق ڪلنگ
جو گهيرو 800 ميل ٿيندو. هن علائقي جو خاص گڻ اهو
آهي ته منجهس مهندر
Mahandra
نالي هڪ جابلو سلسلو نظر ايندو ۽ سندس اهو نالو
مها ڀارت واري دور کان اڄ تائين قائم آهي. هن
جابلو سلسلي جو ذڪر وشنو پراڻ ۾ به ملي ٿو ۽ ٻڌايو
وڃي ٿو ته اتان رشي ڪُليه
Rishi Kulya
نالي هڪ ندي وهي نڪرندي آهي. پر جيئن ته هيءُ گنجم
علائقي جي سلسلي کي هڪدم سڃاڻي وٺجي ٿو. اهو مهندر
مالي
Mahandra Mali
نالي وارو جابلو سلسلو آهي، جيڪو گنجم کي مها ندي
جي ماٿريءَ کان الڳ ڪري بيهاري ٿو.
راجا مهيندري چالڪيه
Chalkiya
گهراڻي جي هڪ ننڍڙي ڇاڙهه وينجي
Vengi
جي راجائن جي راجڌاني هوندو هو ۽ سندس راڄ جي حد
اوڙيسا تائين قائم هوندي هئي. وينجي گهراڻي جو راڄ
540ع ڌاران قائم ڪيو ويو هو. ان زماني ۾ هن ڇاڙهه
جي راجا وينجي پور
Vengi pur
نالي هڪ قديم راجڌاني فتح ڪئي هئي جنهن جا ٿرڙ
الور
Ellur
کان پنج ميل اتر ۽ راجا مهيندري کان پنجاهه ميل
ڏکڻ اولهه وينجيءَ ويجهو اڄ به ڏسي سگهجن ٿا.
وينجيءَ جي راجا سن 750ع ڌاران ڪلنگ کي فتح ڪيو هو
۽ ستت ئي هن پنهنجي راجڌاني مٽائي راجا مهيندري ۾
ڪئي.
ڪلنگ جو پليني به ذڪر ڪيو آهي (763) سندس بيان آهي
ته هن علائقي ۾ منڊئي
Mandei
۽ مالي
Malli
قبيلا ۾ مشهور جبل ماليس
Maleus
واقع آهي. شايد هي رشي ڪليه جي منهن وارو اتاهون
جبل آهي. جيڪو گنجم جي علائقي ۾ واقع آهي ۽ سندس
نالي مهندر مالي يا مهندر جبل آهي. ان جي ڏکڻ ۾
ڪلنگاءِ جو ملڪ آهي، جيڪو ڪلنگون
Kalingo
چُک ۽ ڊنڊگوڊ
Dandaguda
يا ڊنڊ گل
Dandagula
شهر تائين پکڙيل ڏسڻ ۾ ايندو (764) جيڪو گنگا جي
ڇوڙ کان 574 ميل پري آهي. مٿي بيان ڪيل طرف ۽
فاصلي جي لحاظ کان هيءُ ماڳ سامونڊي بندر وارو شهر
ڪورنگ
Korings
آهي ۽ گوداوري جي ڇوڙ وٽ ڪورنگن
Koringan
نالي ڌرتيءَ جي هڪ چُکَ به آهي. ڊنڊگوڊ يا ڊنڊگل
شهر لاءِ مان اهو چئي سگهان ٿو ته اهو ٻڌ تذڪرن
وارو دانت پور
Danta pura
آهي، جيڪو ڪلنگ جي راجڌانيءَ جي نقطه نگاه کان
گهڻو ڪري ته راجا مهندري آهي، جيڪو ڪورنگ کان رڳو
30 ميل اتر-اوڀر طرف واقع آهي. يوناني اکر
T
۽
ii
۾ گهڻي هڪجهڙائي ڏسبي آهي. تنهن ڪري مان سمجهان ٿو
ته يونائي طرز ۾ لکيل نالو ضرور دانتا پولا
Danta pula
هوندو جيڪو ٻڌ تذڪرن جي دانت پور جي بلڪل ويجهو
آهي. معلوم ٿئي ٿو ته پليني جي دور کان ٿورو اڳ
ڪلنگ ۾ مهاتما ٻڌ جو ڏند دفن ڪيو ويو هوندو. ٻڌ
تذڪرن ۾ به ان ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي ته مهاتما
ٻڌ جي وفات کان ڪجهه عرصو پوءِ کاٻو ڪاڻيٺو ڪلنگ
آڻي وقت جي راجا برهم دت دفن ڪرايو هو. (765) دانت
پور لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو شهر هڪ وڏي درياهه
جي ڪناري واقع هو. مذڪوره درياهه فقط گوداوري ٿي
سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڪسٽنا
Kistna
ڪلنگ جي حدن مان ڪانه وهندي آهي. هيءَ هڪ اهڙي
حقيقت آهي، جنهن وسيلي ثابت ٿي سگهي ٿو ته دانت
پور قديم راجڌاني راجا مهيندري وارن ماڳن تي آباد
۽ گوداوري جي اتر-اوڀر واري ڪناري سان واقع هئي.
ٽالمي جنهن ماڳ کي
Pitundra metropolis
سڏيو آهي سو شايد مهيندري آهي جنهن کي هن مئسولاس
Maisolos
يا گوداوريءَ جي ڪناري سان ڏيکاريو آهي. هن سندس
مقصد اهو درياهه آهي، جيڪو مسوليپٽم
Masulipatam
مان وهندو آهي. |