29 September 2010

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن:  تاريخ

ڪتاب: سنڌ- هنڌ جي قديم جاگرافي

باب: --

صفحو:15   

ڪساور يا قصور

ماڻهن جي روايتن مطابق ڪسارو جي شهر جو بنياد راما جي پٽ راجا ڪوسا رکيو هو ۽ ان ڪري هن شهر کي سهيوڳي شهر لوهاوار جيان ڪوساوار يا ڪساوار نالي سان سڏيو ويندو هو. ان کان پوءِ سندس نالن جي اچارن ۾ سر آوازن جي اڳتي پوئتي ٿيڻ ڪري ڪجهه تبديلي آئي آهي. هيءُ شهر بياس درياء جي ڇڏيل واريءَ جي هڪ دڙي تي آباد آهي، جيڪو لاهور (305) کان 32 ميل ڏکڻ، ڏکڻ-اوڀر طرف آهي. عام مشهور ڳالهه اها به آهي ته هن شهر کي ٻارنهن قلعا Twelve forts هوندا هئا. انهن مان هاڻي باقي ست قلعا وڃي بچيا آهن. هن شهر جي قدامت ۾ ڪنهن شڪ شبهي جي گنجائش ڪانه آهي. منجهس ڪابهوڏي عمارت نظر ڪانه ٿي اچي. باقي دڙو گهنيءَ ايراضيءَ ۾ پکڙيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو (296). جيڪو لاهور ويندڙ رستي تي ان جاءِ تي آهي، جتي ڪڏهن ستلج ۽ بياس پاڻ ۾ سنگم ڪنديون هيون. فيروز پور سامهون اٿس. هن شهر جي جاگرافيائي بيهڪ اهڙي اهم آهي جو معلوم ٿئي ٿو ته سندس تعمير قديم زماني ۾ ڪئي وئي هوندي. هيءُ شهر قدرتي طور ڏاڍو محفوظ هو، ڇاڪاڻ ته ان جي ڏکڻ پاسي کان بياس ڦري اچي ٿي، باقي ٻين طرفن کان وڏا گهارا اٿس. هيءُ شهر ڪيترو وڏو هو، تنهن لاءِ ڪجهه به چئي ڪو نه ٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته موجوده شهر جون گهڻيون وستيون زبون حال مقبرن ۽ قديم شهر همچورس هڪ ميل کان ڪڏهن به گهٽ ڪو نه هوندو. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته قلعي واري شهر جي پکيڙ چار ميل ضرور هوندي. ٻي ڳالهه ته پراڻا مقبرا موجوده شهر کان ميل کن جي وٿي تي ضرور هوندا. گهٽ ۾ گهٽ وچ واري اڌ جاءِ پراڻن دڙن سان ڀري پئي آهي. هن مان به اهو معلوم ٿئي ٿو ته هيءَ ايراضي به مذڪوره قديم شهر سان لاڳاپيل هوندي. هن صورتحال مان معلوم ائين ٿئي ٿو ته تاڪي ملڪ جي اوڀر سرحد واري شهر جيڪو بياس جي ڪناري هو ۽ جتي شين سئنگ تاڪي جي راڄڌاني کان چينا پٽي Chinapati ڏانهن ويندي هڪ مهينو ٽيڪو هو،  سو هي ماڳ آهي. پر بدقسمتيءَ جي ڳالهه اها آهي ته هن اڳي جيان تفصيل کان ڪم ڪو نه ورتو آهي. ۽ شهر جو نالو ڪو نه ڏٺو اٿائين. پر سندس بيان مان هڪ حقيقت ضرور واضع ٿئي ٿي ته اهو شهر بياس جي ساڄي ڪناري ۽ لاهور جي سامهون هو. هن بيان مان اسان کي اهو پتو پوي ٿو ته هن شهر جي جاگرافيائي صورتحال ڪهڙي هئي.

چيناپٽي يا پٽي

شين سئنگ جي بيان موجب چيناپٽي جو ماڳ تاڪي کان 500 لي اوڀر هو، جيڪو 83 ميل فاصلو ٿئي ٿو. سندس بيان پٽي (Patti) سان سهمت آهي، جيڪو قصور کان 27 ميل اتر اوڀر ۽ بياس (308) کان ڏهه ميل اولهه پاسي هڪ قديم وڏو شهر آهي. هن چيني ياتري جي سفرنامي ۾ فاصلي جو فرق آهي، نه ته مشهور شهر جالنڌر کان پنڌ جي ڏيٺپي تي ۽  جاگرافيائي بيهڪ ڪري اها ماڳ چيناپٽي ٿي سگهي ٿو. پر شين سئنگ جي حياتي بابت لکيل (308) ڪتاب ۾ ڄاڻايو ويو آهي، ته چيناپٽي تامس وانا مڙهي (Tamasavano Monastery) کان 50 لي يا 8 ميل اتر اوڀر آهي، جيڪا جالنڌر واري مشهور ماڳ کان 150 لي يا 25 ميل اتر اولهه ۾ ٿيندي، پر شين سئنگ جي سفر نامي (309) ۾ لکيل آهي ته اها مڙهي چيناپٽي ماڳ کان 500 لي يا 83 ميل پري هئي. مون کي 83 ميل وارو فاصلو ممڪن نظر ڪو نه ٿو اچي. هن پنڌ موجب چينا پٽي، تاڪي کان 30 ميل اتر وڇي بيهندي، پر سفرنامي ۾ اسان کي چيني ياتري ٻڌائي ٿو ته اها تاڪي کان 38 ميل اوڀر پاسي آهي، ٻيءَ جاءِ تي اهو فاصلو 8 ميل ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو ان ماڳ کي بياس جي ڇڏيل  هڪ وارياسي ۾ وڃي بيهاريندو، جتي ڪنهن شهر جو نالو نشان ئي ڪو نه آهي. مان 150 يا 25 ميلن واري پنڌ کي مناسب سمجهان ٿو، جنهن ناتي چيناپٽي وارو ماڳ وڃي پٽي شهر وٽ بيهي ٿو. تاڪي کان سندس فاصلو ۽سندس جاگرافيائي بيهڪ بابت بيان به اهڙو آهي، جئين مٿي بيان ڪيو ويو آهي.

’پٽي‘ هڪ وڏو ۽ قديم شهر آهي. ان جون جايون پڪ سريون آهن. برنس (310) جو بيان آهي ته هيءُ شهر اڪبر جي دور ۾ تعمير ٿيو آهي. مان سمجهان ٿو ته هو غلط آهي. ڇاڪاڻ ته هي شهر همايون جي دور ۾ پرڳڻي جو صدر مقام هو، جنهن پنهنجي ملازم ”جوهر“ (311) کي ڏنو هو. ابوالفضل هن کي پٽي هيبت نگر سڏيو آهي (312). اڃا تائين هن شهر کي هيبت نگر پٽي ڪوٺيو ويندو آهي. ماڻهن جي ٻڌايل ڳالهين مطابق ان شهر جو نالو ’هيبت خان‘ پٺيان پيو آهي. سندس دور بابت ته ڪجهه به چئي ڪو نه ٿو سگهجي، ٿي سگهي ٿو ته اهو هيبت خان شيرواني هجي، جيڪو سڪندر لوڌيءَ جي زماني ۾ مشهور نواب هو. جڏهن همايون ايران کان موٽيو هو ته افغان بادشاهه جي فوج وٺي وڃي سندس سامهون ٿيو هو. پٽيءَ جي قدامت هن مان به ثابت ڪري سگهجي ته اتي سروٽن جا ڍير ڏسڻ ۾ ايندا ۽ پراڻن کوهن جو انگ به ججهو ڏسبو. انهن پراڻن کوهن جو ذڪر ”جوهر“ (313) به ڪيو آهي، جيڪو شهنشاهه همايون جو خدمتگار هو. سروٽن جا ڍير ڏسي برنس (314) گهڻو متاثر ٿيو هو ۽ لکيو اٿائين ته، ”گهر پڪا ٺهيل هئا، شهر جي گهٽين جي فرشبندي ٿيل هئي. ڪن ماڻهن ڀرپاسي ۾ کوهه پٽي کنيو ته کوٽيندي هڪ پراڻي کوهه جي اڏاوت تي اچي بيٺا، جنهن مان لڌل هڪ سر تي هندو طرز جي لکت ٿيل هئي، جنهن مان پتو پيو ته اهو کوهه اگرتوتا (Agurtuta) نالي هڪ ماڻهوءَ کوٽايو هو. پر ان بابت ڪو نه احوال هٿ اچي ڪو نه سگهبو.“ مان هنن ماڳن کي برنس کان ٿورو پوءِ سنه 1837ع ۾ ڏوري ڏٺو هو. پر مون کي اها لکت هٿ ڪانه لڳي.

هن شهر جي قدامت جي ٻي نشاني اها آهي ته هتي هڪ ڊگهي قبر آهي، جنهن کي ماڻهو ”نوگجا“ يعني ”نون گزن“ واري قبر سڏيندا آهن. بار (Barr) (315) جو بيان آهي ته ”پٽي نوَ گجا“ اڪبر جي دور تائين آباد هئي. پر اهڙي قسم جون قبرون جيڪي اولهه اتر هندستان ۾ گهڻيون ڏسبيون آهن، تن لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي غازين (Ghazis) جون آهن، جيڪي اسلام جي اوائلي دور ۾ ڪافرن سان وڙهندي ماريا ويا هئا. تنهن ڪري مان سمجهان ٿو ته هيءُ قبر محمود غزنوي جي دور جي آهي پر هن مٿان جيڪو پڪ سرو مقبرو آهي، سو اڪبر جي دور ۾ تعمير ڪيو ويو ٿو ڀانئجي.

شين سئنگ جو بيان آهي ته چينا پٽا جو علائقو 6000 لي يعني 333 ميلن تي پکڙيل آهي. هن ڏنل پکيڙ مطابق مزڪوره علائقي ۾ باري دور آبي جو شيون ڀاڱو اچي وڃي ٿو، جيڪو  ٺڪرين جي ڪچ کان وٺي فيروز پور ڀرسان بياس ۽ ستلج جي قديم سنگ واري جاءِ تائين پکڙيل هو. چي-نا-پو-ٽي (chi-na-po-ti) يا چيناپٽي جي نالو هنڌ-سٿين گهراڻي جي مشهور راجا ڪنشڪا جي دور ڏانهن اهڃاڻ ڏئي ٿو، جنهن پنهنجي چيني يرغمالين کي هن علائقي ۾ رکيو هو. چيني ياتري وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته سندن رهڻ کان اڳ هندستان جا ماڻهو ناسپاتين Pears ۽ آڙن Peacrhes کان اڻ واقف هئا. ان وڻن جا ٻئي ميوا چيني يرغمالين پاڻ سان آندا هئا. ناسپاتين کي چي-نا-ني Chi-na-ni چيناني ڪوٺيو ويندو هو يعني ”اها شيءِ جيڪا چين مان آندي وئي هجي.“ آڙوءَ يا شفتالوءَ کي چي-نا-لو-شي-فو-تا-لو Chi-na-lo-she-fo-ta-lo يا چينا راجا پترا يعني ”چين جي راجا جو پٽ“ سڏيو ويندو هو. منهنجي خيال هيءَ ڳالهه هرو ڀرو صحيح ڪانه آهي، ڇاڪاڻ ته ڀر وارين ٽڪرين ۾ جهنگلي ناسپاتيون ۽ آڙو ٿيندا آهن. هاڻي هتي بن قسمن جا آڙو ڏسڻ ۾ ايندا، جيڪي پوکيا ويندا آهن. انهن مان هڪ گول ۽ کٽو مٺو هوندو آهي ۽ ٻيو ڪجهه ويٺوڙو ۽مٺو ٿيندو آهي. پهرئين کي هنديءَ ۾ آڙو ۽ فارسيءَ ۾ شفتالو سڏيو ويندو آهي. اهو قسم گهڻو ڪري هتان جو آهي. اهو آڙو جنهن کي چيني ياتري  شفتالو سڏي ٿو، ٿي سگهي ٿو ته ان جو تعلق چين سان هجي.

شورڪوٽ

شين سئنگ وچ پنجاب واري علائقي کي پو-فا-تو Po-fa-to يا پو-لا-فا-تو Po-la-fa-to سڏيو آهي. ايم اسٽئنس لاس جولين M.Stanislas Julien جو خيال آهي ته اهو لفظ پارواتا Parvata آهي. مذڪوره لفظ لاءِ هيءُ اعتراض ٿي سگهي. ٿو، ان جي معنيٰ ”ٽڪري“ آهي، جيڪا ٿي ئي ڪانه ٿي سگهي. ڪنهن ميداني علائقي ۾ ڪنهن ايراضيءَ جو اهڙو نالو هجڻ ممڪن ئي ڪو نه آهي. ان علائقي جي راڄڌاني ملتان کان 700 لي يا 112 اتر-اوڀر هئي، هن ماڳ جي جاگرافيائي بيهڪ اهڙي آهي. جهڙي چناب ڪناري تي جهنگ شهر جي آهي. پر هيءُ ماڳ چناب ۽ جهلم جي سنگم واري ٿاڪ کان ڪجهه پنڌ مٿان آهي. تنهن ڪري هيءُ علائقو تاڪي ملڪ جو اتريون ڀاڱو ٿي سگهي ٿو. هن معاملي ۾ جيڪو فاصلو شين سئنگ ٻڌايو آهي، سو تمام گهڻو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته چيني ياتريءَ هن علائقي جي ڪوهه واري فاصلي کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي. سنگهاپورا Singhapura جي احوال دوران مان هن نڪتي تي ڪافي سمجهاڻي ڏئي چڪو آهيان. هتان جو ڪوهه ميل ۽1/2 2فرلانگن جي برابر آهي، جيڪو عام ڪوهه جي 21/32 جي برابر ٿيندو. ان حساب سان شين سئنگ جو ڏنل فاصلو وڃي  76 ميل بيهندو ۽ اهو شورڪوـٽ جي اوسي پاسي وارو علائقو ٿيندو. آئين اڪبريءَ ۾ هن شهر جو نالو شُور ڪوٽ Shur kot لکيو ويو آهي. جيڪڏهن هن لفظ جي شروعاتي پو Po تي ويچار ڪبو ته هن جو اچار وڃي سو So جي برابر بيهندو. جنهن جو مثال پو-لو-تو-لو Po-lo-tu-lo آهي، جيڪو سو-لو-تو-لو So-lo-tu-lo آهي، جيڪا سلاتورا جي هجي آهي. هيءُ ماڳ گرامر جي مشهور ماهر ”پايني“ جي جنم ڀومي آهي. تنهن ڪري امڪان آهي ته پو-لو-فا-تو Po-lo-ta-go ۽ سو-لو-فا-تو So-lo-fa-to ۾ به اهڙي مٽ سٽ سمجهڻ گهرجي جنهن جو اچار  سوراوتي Soravati ٿئي ٿو، جيڪو شورڪوٽ جي برابر آهي. هيءُ ان زماني جي راڄڌاني جي نالي بابت چيني ٻوليءَ جي اچار موجب هڪ امڪاني احوال آهي. هيءُ فاصلو پرڳڻي جي سڃاڻ تي ڪو اثر انداز ڪو نه ٿو ٿئي. ڇاڪاڻ ته اها پڪ آهي ته اهو علائقو ملتان کان اتر-اوڀر پاسي هو، جيڪو شور ڪوٽ واري علائقي سان هڪ جهڙائي رکي ٿو. اتان جا ماڻهو سودرا ڪاءِ Sudrakae ڪُر سان لاڳاپو رکن ٿا. قديم موءرخن هنن ماڻهن کي اوڪسو ڊراڪاءِ Oxu drakae ڪري لکيو آهي. هن نڪتي کي اجوڌن جي بيان ۾ وڌيڪ نروار ڪري لکيو ويو آهي.

شين سئنگ جي بيان موجب هي علائقو 5000 لي يعني 833 ميلن تي پکڙيل هو. منهنجو ويچار آهي ته هي انگ اکر به وڌائي پيش ڪيا ويا آهن. هن علائقي جو اوڀاريون سَنڌو ستلج جو وهڪرو هو، جنهن جو هڪ سو ميل ڪنارو گرجارا Gurjjara جي راڄ ۾ شامل هو. اتر پاسي تاڪي راڄ هو، جيڪو سنڌوءَ کان بياس ۽ ستلج جي آڳاٽي سنگم واري ٿاڪ فيروز پور تائين ٻن سون ميلن ۾ پکڙيل هو. دکڻ واري پاسي ملتان وارو علائقو هو، جيڪو ڏيڍ سو ميلن جي ڊگهيءَ ايراضيءَ تي مشتمل هو. اهو علائقو ديرادين پناه وٽان سنڌوءَ کان وٺي پاڪپتڻ کان هيٺان ستلج تائين هوندو هو. اولهه پاسي کان سنڌو سنئون جو وهڪرو هوندو هوس، جيڪو 50 ميل ڊگهو هو. ليکو ڪري ڏسبو ته ان علائقي جي ڪل پکيڙ 520 مس ٿئي جيڪا شين سئنگ جي ڏنل انگ کان گهڻو گهٽ آهي. اهو فرق ڪوه جي ماپ ۾ گهٽ وڌائي ڪري آهي. هن علائقي جي ڪوه جي اصلي ماپ مطابق چيني ياتريءَ جا ٻڌايل 833 گهٽجي وڃي 531 ميل بيهندا. هي پنڌ اصلي فاصلي جي ذري گهٽ وڃي برابر ٿيندو.

هن ٻڌايل دنگ اندر ڪيترا اهم شهر ڏسڻ ۾ ايندا. جيڪي دڙن ۽ قديم شهرن جي زبون حال صورت ۾ ڏسڻ ۾ ايندا، جن آڳاٽي دور ۾ پنجاب جي تاريخ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جن مان ڪجهه هيٺ ڏجن  ٿا:

(1) شور ڪوٽ

رچنا دو آبي ۾

(2) ڪوٽ ڪماليا

(3) هڙاپا

باري دور آبي ۾

(4) اڪبر

(5) ست گهرا

(6) ديپال پور

دوآبو جالنڌر پٿ (Pith)

(7) اجوڌن

شورڪوٽ

هيءُ ماڳ وڏي دڙي جي روپ ۾. موجود آهي. هن پرڳڻي تي، هن قديم شهر جو نالو آهي، جنهن کي شور پرڳڻو چيو ويندو آهي. جيڪو رچنا دور آبي جو هيٺيون ڀاڱو آهي (316). هيءُ دڙو برنس به ڏٺو هو(317). سندس چوڻ آهي ته، ”هيءُ مٽيءَ جو هڪ وڏو دڙو آهي. چوڌاري پڪ سرو قلعو اٿس. گهڻو اوچو آهي. سندس پکيڙ ڇهن کان اٺ ميل ٿيندي.“ اڳتي هلي ٻڌائي ٿو ته هيءُ دڙو پکيڙ ۾ سيوهڻ کان وڏو آهي، جيڪو ڊي لا هوزي (De la Hoste) موجب ڊيگهه ۾ 1200 ۽ ويڪر ۾ 750 فوٽ آهي (308) پر منهنجي ڄاڻ موجب شورڪوٽ وارو دڙو هڙاپا ۽ اڪبر (Akbar) کان ننڍو آهي، جيڪو 2000X 1000 فوٽ ٿيندو. پر هنن کان اوچائي ۾ ضرور وڌيڪ آهي. چوڌاري وڏين سرن سان اوساريل قلعو اٿس، جيڪو سندس قدامت جو اهڃاڻ آهي. برنس کي ماڻهن ٻڌايو هو ته سندس شهر کي اولهه پاسي کان ايندڙ ڪنهن حڪمران 1300 سال اڳ اجاڙي ناس ڪري ڇڏيو هو. ماڻهن کيس ڄڻ اها ڄاڻ ڏيڻ پئي چاهي ته هيءُ اهو قلعو آهي، جتي سڪندر اعظم زخمي ٿيو هو ۽سڪندر اعظم پاڻ هن شهر تي حملو ڪري اهو فتح ڪيو هو. مون پاڻ به هن شهر جي تباهي بابت ساڳي روايت ٻڌي. مان سمجهان ٿو ته ڇهين صدي. عيسويءَ ۾ سفيد هن (Hun) قوم اولهه طرف کان حملو ڪري پنجاب فتح ڪيو هو. يا ٿي سگهي ٿو ته اهو دور هجي جيڪو ماڻهن ٻڌائن ٿا.

چيو وڃي ٿو ته هن شهر جو بنياد شور (Shor) نالي هڪ راجا رکيو هو. هن راجا جي نالي کان وڌيڪ ڪنهن به خبر ڪانه هئي. منهنجو ويچار آهي ته شورڪوٽ اسٽيفنس بزنٽينس (Stephans Byzantinus) جو اليگزينڊر يا سورياني (Alexandria Soriane) آهي. هيءُ موءرخ هن شهر جي ڪابه جاگرافيائي  بيهڪ ڪو نه ٿو ٻڌائي، باقي ايترو سو چوي ٿو ته هندستان ۾ موجود آهي. نالا اهڙي هڪ جهڙائي رکن ٿا جو مان به هن ڳالهه جو قائل آهيان شورڪوٽ سڪندر اعظم فتح ڪيو هوندو. پر هن شهر کي وڌايو فلپ هوندو. قلعو به ان ئي جوڙايو هوندو. سڪندر اعظم جڏهن واپس وطن ڏانهن وريو ته پٺيان کيس اوڪسوڊراڪاءِ ۽ مالي (Malli) جو گورنر مقرر ڪيو ويو هو. ان ڳالهه جو قوي امڪان  به آهي. ڇاڪاڻ ته سڪندر اعظم جهلم ۽ چناب واري ٿاڪ وٽان مالي نيات جي راڄڌانيءَ تي حملو ڪيو هو ۽ شورڪوٽ جو ماڳ ان رستي سان هو، جيڪو سڪندر اعظم وٺي مذڪوره راڄڌاني تي ڪاهي ويو هو. پڪ آهي ته اهو شهر مالي قوم جو هندو، جنهن ڊايوڊورس ۽ ڪرٽس جي بيان موجب ٿورن ڏينهن جي ناڪه بنديءَ کانپوءِ آڻ مڃي هئي (309). ڪرٽس ان شهر لاءِ لکي ٿو ته جهلم ۽ چناب واري سنگم کان 250 اسٽاڊيا يا 1/2 – 28 ميل (320) پري هو. هيءُ جاگرافيائي بيهڪ شورڪوٽ سان ساڳيائت رکي ٿي. ائرين جو بيان ڪن اهم ڳالهين ۾ مٿين ٻنهي مورخن کان نرالو آهي. سندس بيان آهي ته جهلم  ۽ چناب جي سنگم وٽان اڳتي وڌي سڪندر جيڪو پهريونشهر فتح ڪيو هو، سو چناب کان 400 اسٽاڊيا يا 46 ميل پري هو (321) ۽ ان شهر آڻ ڪانه مڃي هئي پر فتح ڪيو ويو هو. ان ڏيپي تي چئي سگهجي ٿو ته اهو ماڳ ڪوٽ ڪماليه هوندو. سڪندر جي هن حملي جي ناتي سان ٻنهي بيانن ۾ جيڪو ويڇو آهي تنهن کي آءُ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. ائرين تفصيل هن ريت بيان ڪيو آهي ته سڪندر اتي پنهنجيءَ فوج کي مکيه ٽن حصن ۾ ورهايو. فوج جي پهرئين حصي جي ڪمان هيفاسشن ڪري رهيو. کيس پنج ڏينهن اڳ ۾ روانو ڪيو ويو هو. فوج جي وچئن حصي جي ڪمان سڪندر ٿي ڪئي. فوج جو ٽيون ڀاڱو ٽالمي جي مهنداريءَ ۾ اڳتي وڌي رهيو هو. هن سڪندر کان ٽي ڏينهن پوءِ پيش قدمي شروع ڪئي. اها ڪلهه مالي قبيلي جي خلاف هئي. منهنجو ويچار آهي ته سڪندر جي فوج شورڪوٽ وارو سڌو رستو ڏئي ملتان تي ڪاهي رهي هئي. پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ان زماني ۾ ملتان ئي مالي قبيلي جي راڄڌاني هو. اهڙيءَ ريت شورڪوٽ هيفاسشن فتح ڪيو هوندو. ڇاڪاڻ ته سڪندر کان پهريان هو روانو ٿيو هو. سڪندر فوج جو حصو وٺي ڪهڙي رستي سان سفر ڪيو هو سو آءُ ڪوٽ ڪماليه جي ذڪر ۾ سمجهائيندس.

شورڪوٽ جي قدامت اتان لڌل پراڻن سڪن مان به معلوم ڪري سگهجي ٿو. هتان هن-سٿين گهراڻي سڀني راجائن جا سڪا لڌا ويا آهن. ڪي سڪا هند دور سان به واسطو رکن ٿا. مسلمان دور جي لاڳاپيل سڪن جو انگ به ججهو آهي.

برنس هتان هڪ سڪو لڌو جيڪو ايلوڊوٽس (Apollodotus) جي دور سان تعلق رکي ٿو. ڏنل تفصيل مان انومان اهو ڪري سگهجي ٿو ته هي شهر آريانا (Ariana) ۽ پنجاب جي يوناني حڪمرانن جي دور ۾ آباد ٿيو هوندو هند- سٿين راجائن جي زماني ۾ وڌيو ۽ ويجهو هوندو. جيڪو عيسوي سنه کان 162 سال اڳ شروع ٿيو. 250ع تائين هلي ختم ٿيو. يا ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه عرصو پوءِ به هليو هجي. پر مان جيڪي هندو دور جا سڪا لڌا تن جو واسطو ڪابل جي برهمڻ راجائن سان آهي. اهو گهراڻو پنجاب تي به راڄ ڪندو هو. منهنجو ويچار آهي ته وچين عرصي ۾ يا ته ماڻهو پاڻمرادو ڇڏي هليا ويا يا ڪنهن دشمن کيس اجاڙي ڀينگ ڪري ڇڏيو. پر ڏهين صدي عيسويءَ ۾ مذڪوره برهمڻ راجائن هن شهر کي ٻيهر آباد ڪيو ٿو ڀائنجي.

ڪوٽ ڪماليه

هي شهر ننڍو. پر قديم آهي جيڪو راوي جي ساڄي اترئين ڪناري تي آباد آهي. هن درياهه جو لاهه چاڙهه هتي اچي ڄڻ ختم ٿيندو آهي. (322) هيءُ ماڳ چناب ۽ جهلم جي سگم واري ٿاڪ کان 44 ميل ڏکڻ-اوڀر ڏس تي ۽ شورڪوٽ کان 35 ميل اوڀر-ڏکڻ آهي. ڀرسان هڪ قديم دڙو آهي، جنهن تي سروٽن جا ڍير ڏسڻ ۾ ايندا. هن بابت به شورڪوٽ ۽ هڙاپا جيان ڳالهه ڪئي ويندي آهي ته ڪنهن بادشاهه اولهه پار کان ڪاهي اچي هن وسندڙ شهر کي اجاڙي ويران ڪري ڇڏيو. هن ٿاڪ جو پويون نالو مسلمان نواب  ڪمال الدين پٺيان رکيو ويو ٿو ڀائنجي پر پڪ ڪانه آهي. پر مان هنڳالهه جو امڪان ضرور سمجهان ٿو ته هيءُ شهر مالي ينات جي ماڻهن سان لاڳاپو رکي ٿو،. جيڪي  اڄ سوڌو هن علائقي ۾ موجود آهن. اهو پتو ڪو نه آهي ته نالو قديم آهي يا نه پر ماڳ گهڻو آڳاٽو آهي. ان ڪري مان هن ڳالهه جو قائل آهيان. هي اهو شهر آهي جنهن کي مالي قبيلي تي ڪاهه دوران سڪندر پهريون حملو ڪيو هو.

ائرين جو بيان ڏاڍو ته نروار، چٽو ۽ مختصر جنهن کي آءُ هوبهو ڏئي رهيو آهيان. (323) ”سڪندر درياهن جي سنگم واري ٿاڪ کان روانو ٿيو ۽ هڪ ويران علائقي وچان لنگهي پهرين منزل اچي پاڻيءَ جي هڪ ننڍي وهڪري ڀرسان ڪيائين. جيڪو چناب درياهه کان هڪ سو اسٽاڊيا پري هو. هتي پهچي هن پنهنجي فوج کي ٿوري آرام ڪرڻ جو حڪم ڏنو. بعد ۾ کين چيو ويو ته وٽن جيڪو به ٿانءُ آهي سو پاڻيءَ سان ڀري هلن. باقي رهندڙ ڏينهن جو حصو ۽ رات لڳاتا سفر ڪندا رهيا، صبح جوسوير اچي هڪ شهر وٽ پهتا. مالي قبيلي جي ڪيترن ماڻهن اتان ڀڄي جان بچائي، تنهن جو پتو نه آهي، پر اهو شهر چناب کان 1400 اسٽاڊيا پري هو.“ منهنجي خيال ۾ پاڻي جو پاسو ڏيندي سانگلا جو رخ ڪندي هئي. ان جو پراڻو پيٽ سانگلا کان هيٺ تائين اڄ به ڏسي سگهجي ٿو. اڳتي هلي ان جو وهڪرو جهنگ شهر کان 18 ميل اوڀر ۾ به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ان کانپوءِ شورڪوٽ کان 12 ميل اوڀر ۾ نظر ايندو آهي ۽ بعد ۾ سندس نشان ڪاٿي به ڏسڻ ۾ نه ايندا (314). مٿي بيان ڪيل ٻنهي ماڳن جي وچ تان ئي رڻ پٽ اچي وڃي ٿو، جنهن کي سڪندر پار ڪري اڳتي روانو ٿيو هو. جيڪڏهن سڪندر هن ماڳ وٽان سر ڏکڻ ڏس تي پيش قدمي ڪري ها ته وڃي شورڪوٽ پهچي ها. ڇاڪاڻ ته ان طرف کان چناب جي ماٿريءَ وارو کاڌڙ (Khadar) جو هيٺاهون علائقو هو. جيڪڏهن ڏکڻ طرح رخ ڪري 46 ميل اڳتي وڌبو ته راويءَ جي ڪنڌي سان پهتو هو. (315) ۽ ائرين جو بيان به ائين آهي. ٻي روايت وارو سفر سمهڻيءَ کان وٺي سج اڀرڻ تائين هليو، تنهن ڪري سمجهه ۾ ائين اچي ٿو ته اهو طئي ڪيل فاصلو 18 يا 20 ميلن کان گهٽ ڪونه هوندو. ائين سفر ڪرڻ سان ڪوٽ ڪماليا مان هلي راويءَ ڀرسان ان اڳ وٽ پهچي وڃبو. جنهن جي سامهون، ٻيءَ ڀر تي تُلمبا آهي. هن جو مطلب اهو ٿئي ٿو ته سڪندر جي سفر جو رخ ڏکڻ-اوڀر طرف هو. پاڻيءَ جي وهڪري اياڪ وٽ ڪجهه وقت آرام لاءِ ترسيو. بعد ۾ فوج کي پاڻي ڀري هلڻ جو حڪم ڪيائين. ڇاڪاڻ ته اڳيان رڻ پٽ هو. منهنجي خيال ۾ اهو رڻ پٽ سندر-بر (Sandar-bar) يعني سندر وارو برپٽ ٿي سگهي ٿو، ته اهو لفظ چندرا هجي يعني چندرا نديءَ وارو بَرُ. اهڙيءَ ريت پاڻيءَ جي ننڍي وهڪري جي جاگرافيائي بيهڪ، برپٽ جو ذڪر ۽ ان سان گڏ ٻنهي دريائن جي سنگم کان فاصلو ان حقيقت ڏانهن اشارو ڪري ٿو، ته جنهن قلعي تي سڪندر حملو ڪيو هو، سو ڪوٽ ڪماليا هو.

ائرين جو بيان آهي ته شهر قلعبند هو. هڪ پاسي کان مٿاهين هيس جنهن تي پهچڻ ڏکيو هو. قلعو به اُتي اڏيل هو. هتان جا ماڻهو گهڻي وقت تائين مقابلو ڪندا رهيا. پر هڪ زوردار حملي کان پوءِ شهر فتح ٿي ويو. اتي ڪل 2000 فوجي هئا، جن جو قتل عام ڪيو ويو.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28  29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org