ڪاپيسيني جو پهريون ڀيرو ذڪر پلينيءَ ڪيو آهي.
سندس بيان آهي ته هن علائقي جي قديم راڄڌاني جو
نالو ڪاپيسا (Kapisa)
آهي، جنهن کي سائرس (Cyrus)
ڊاهي ناس ڪري ڇڏيو. هن جي اتاري ڪرڻ واري سالينس (Solinus)
به ساڳيءَ حقيقت کي ورجايو آهي. پر هن شهر کي
ڪافوسا (Caphusa)
سڏي ٿو. جنهن کي سندس ڪتاب جي مرتب ڊيلفن (Delphine)
ڦيرائي ڪاپيسا
(Capisa)
بڻائي ڇڏيو. ٿورو عرصو پوءِ ٽالسي هن شهر ڪاپيسا
کي پئروپامي ساڊاءِ جيان ڪابورا (Kabura)
يا ڪابل کان اڍائي درجا اتر ڏيکاري ٿو. جيڪو حقيقت
۾ ٻه درجا وڌيڪ ڏيکاريل آهي. سنه 630ع ۾ چين جو هي
ياتري باميان کان ڇهه سو لي يا هڪ سو ميل اوڀر هڪ
برفاني جبرل ۽ ڪارين ٽڪرين واري علائقي مان سفر
ڪيو هو. جن کي ڪوهه – بابا ۽ پاغمان (Paghman)
۽ جابلو سلسلو چيو ويندو آهي ۽ جبل جهاڳيندو ڏونگر
ڏوريندو اچي راڄڌاني ڪياپنشي يا ڪاپيسيني پهتو هو.
چوڏهن سالن کان پوءِ جڏهن هندستان موٽيو هو ڪابل ۽
غزنيءَ کان ٿيندو ڪاپيسيني رسيو ۽ اتان اتر – اوڀر
ڏس تي سفر ڪري پنجشير ماٿريءَ مان آنديراب (Anderab)
پهتو. هي اهڙي قسم جا بيان آهن جيڪي راڄڌاني کان
خود اوپياني يا ان جي ويجهو اوڏو ڪاٿي ٻڌائين ٿا.
هي ماڳ هاجياڪ لڪ (Hajiak
Pas)
۽ گوربند ماٿريءَ واري رستي، باميان کان هڪ سو ميل
اوڀر طرف ۽ ان کان سواءِ غزني ۽ ڪابل کان آنديراب
(Anderab)
ڏانهن ويندڙ سڌي رستي تي واقع آهي. اها ايراضي هن
حقيقت ڪري وڌيڪ پڌري ۽ چٽي ٿي سڃاپجي وڃي جڏهن چين
جو هي ياتري ڪاپيسيني جي راڄڌاني کي آخري سلام ڪري
بادشاهه سان گڏجي ڪيو – لو – سا – پئنگ
(Kiu-lu-sa-Pang)
شهر پهچي ٿو. جيڪو هڪ يوجانا (Yogana)
يعني اٽڪل روءِ ستن ميلن جي پنڌ تي اوڀر – اتر طرف
واقع هو. هن شهر کان پوءِ رستو سڌو اتر طرف وڃي
رهيو هو. هيءُ فاصلو ۽ طرف اوپياني کان بيگرام
Begram
جي ميداني علائقي جي اترئين ڪناري واري فاصلي سان
بلڪل سورنهن آنا سهمت آهي، جيڪو اوپياني ۽ چاريڪار
کان ڇهه، ست ميل اوڀر – اتر – اوڀر طرف واقع آهي.
مان سمجهان ٿو ته چين جي ٻڌ ياتري جنهن شهر کي ڪيو
– لو – سا – پئنگ يا ڪارساوانا
Karsawana
سڏيو آهي. اهو بيگرام وارو ماڳ آهي. ٽالمي هن ٿاڪ
کي ڪارسوانا ۽ پليني ڪارتانا
Cartana
سڏيو آهي. جيڪڏهن ان زماني ۾ راڄڌاني بيگرام هجي
ها ته اتان جو حڪمران اتان ڇهه ست ميل پنڌ ڪري
پنجشير ۽ غوربند واري گڏيل پاڻيءَ جي وهڪري کي به
اڪري وڃي ها. اها ندي هيٺ اونهين آهي ۽ سندس رفتار
تيز آهي. ان ڪري راجا اڪري ڪونه سگهيو هوندو ۽
معلوم ٿئي ٿو ته اتان جي حڪمران چيني ياتريءَ کي
فقط الوداع ڪرڻ لاءِ نديءَ اڪرڻ وارو ڏچو سر تي
ڪونه کنيو هوندو، ان جي بدران جيڪڏهن اوپياني کي
علائقي جي راڄڌاني ۽ چيني ياتريءَ جي ڪيو – لو –
سا – پئنگ کي بيگرام سمجهجي ٿو ته سارو قصو لوڻ
پاڻي ٿي وڃي ٿو. هتان جو بادشاهه پنهنجي مان ۽
مريادا واري مهمان کي اڳتي ڪرڻ لاءِ ڇهه ست ميل
پنڌ ڪري پنجشير نديءَ جي ڪناري تائين آيو ۽ اتان
موڪلائي کيس روانو ڪيو هوندائين ۽ جتان چيني ٻڌ
ياتري اتر طرف روانو ٿيو.
انهن شاهدين جي بيانن کان پوءِ اسان کي اها پڪ ٿئي
ٿي ته ستينءَ صدي دوران ڪياپشي يا ڪاپيسيني جي
راڄڌاني يا ته خود اوپياني هئي يا اوپياني جي جي
بلڪل ويجهو اوڏو ڪو ٿاڪ هو. هي ماڳ پاڻ مئسن
Masson
(40) به پڻ ڏوري ڏٺو هو. جنهن جو بيان آهي ته هي
ماڳ هٿراڌو وڏن دڙن ڪري چٽو ۽ نرالو نظر اچي ٿو.
معلوم ائين ٿئي ٿو ته ڄڻ مختلف وقتن ۾ هتان قديم
آثارن سان لاڳاپيل قيمتي شيون کوٽي پٽي ڪڍيون
ويون آهن. وري ٻيءَ جاءِ(41) تي چوي ٿو ته منجهن
قديم آثارن جا گهڻا اهڃاڻ ڏسن ۾ اچن ٿا. پر اهي
گهڻو ڪري مقبرن سان لاڳاپيل آهن ۽ سندن واسطو ڪنهن
مذهب سان آهي. اهو پراڻو شهر جنهن جو مٿي اشارو
ڏنو ويو آهي. سو ملڪ هوپيان
Malk
Hopian
نالي هڪ ڳوٺ جي ڀرسان ڏسي سگهجي ٿو. جيڪو چاريڪار
جي هيٺان ميدان تي واقع آهي.مئسن هن جو نالو
هوپيان هن جي ڪري لکيو آهي. شايد شهنشاهه بابر جو
قتل ڪيو اٿس پر اهو نالو واڪر
Walker
جي وڏي نقشي تي اوپيان جي صورت تخطيءَ ۾ لکيل ڏسڻ
۾ ايندو. ليفٽيننٽ ليچ
Leach
۽ ليفٽينينٽ اسٽورٽ
Sturt
به هن لفظ جي هِجي اوپيان
Opian
لکي آهي. هنن ٻنهي ڄڻن گڏجي ڪوهه دامن جي سروي ڪئي
هئي. مون به اهائي هجي ڪتب آندي آهي. ڇاڪاڻ ته اها
هجي يونان جي هيڪاٽايس
Hekataeus
۽ اسٽيفانس
Stephannus
جي اختيار ڪيل هجي.
Opiani
يا
Opiainn
سان هڪجهڙائي رکي ٿي. پليني به هن لفظ کي لاطيني
هجي
Opianum
۾ لکيو آهي. ڇاڪاڻ ته اهي نالا ”پئروپاميسا
اليگزينڊريا“ سان لاڳاپيل آهن، ان ڪري وڌيڪ کوجنا
واسطي دروازن کي کليل رکن ٿا پر شرط اهو آهي ته
اسان هن پراڻي شهر جي ايراضيءَ لاءِ ڪنهن امڪاني
ماڳ جو تعين ڪريون.
هندوڪش جبل جي ڪڇ ۾ جنهن شهر جو بنياد سڪندر رکيو
هو، تنهن گهڻي وقت کان وٺي عالمن جو پئي ڌيان
ڇڪايو آهي. پر ڪابل ماٿريءَ جي وڏي نقشي نه هجڻ
ڪري سندس ڪاميابيءَ ڪجهه گهٽ پيا ڏسڻ ۾ اچن.
ڪاميابي ان ڪري به ناممڪن آهي جو پراڻن ڪتابن ۾ هن
قديم شهر واسطي فقط ڪاڪيشيا واري اليگزينڊريا لکيل
آهي. اسٽيفانس (42) هن لاءِ هيئن لکيو آهي ”
ev rn
Or, avn kara rnv Lvoiknv“
يعني ”هندستان ڀرسان اوپناني ۾“ هن لفظ لاءِ
سالماسس
Salmasus
وري ”Apiavn“
جي هجي لکي آهي. پليني (43) هن کي وري اليگزينڊريم
اوپيانس
Alexandream
opeanes
ڪري لکيو آهي. ليپسي
Leipsy
واري ڇاپي ۾ اها ڦري اليگزينڊري اوپيڊيم
Alexandri Oppidam
ٿي وئي آهي. منهنجو ويساهه آهي ته پليني جي بگڙيل
لفظ کي اصلي صحيح صورت ۾ لکيو وڃي ته منجهيل مامرو
نبري ويندو. ڇاڪاڻ ته هن مذڪوره ايراضيءَ بابت چٽي
اپٽار ڪئي آهي. سيلارس (44)
Cellarius
موجب ليمسي جي ايڊيٽر هي لفظ ڪتب آندا آهن:
ڪارٽانا اوپيڊيم سب ڪائوڪاسو ڪوڊ
پوسٽيا ٽيٽرا گونس ڊڪٽم. هيڪر ٿيو ايسٽ ايڪ ايڊور
سو بئڪٽريانورم ڊينڊي ڪيوجس اوپيڊم اليگزينڊريا
ڪنڊيٽور ڊڪٽم
Cartana oPPidum sub Coucaso quod poster
Tetragonis dictum. Haecregio est ex adverso.
Basteianonum deinde cufis Alexandria a Conditore
dictum
فليمن هالينڊ 1601ع ۾ ۽ ريلي
W.T
Rilay
1855ع ۾ هن جو ترجمو ڪيو. اهي ٻئي عالم ”ايڪس
ايڊورسو بئڪٽريانورم“ جي لفظن سان سهمت آهن.
مذڪوره لفظ جنهن ترتيب ۾ بيـٺل آهن، تنهن ۾ ئي
پوري معنى رکن ٿا. جيڪڏهن انهن لفظن کي هيءُ معنى
ڏجي ته ” اليگزينڊرا جو شهر بئڪٽرا ۾ هو“ ته پوءِ
اهي لفظ بلڪل بي معنى بڻجي ٿا وڃن. غور ڪري پڙهي
ڏسجي ته پليني مذڪوره باب ۾ واضع لفظن ۾ پنهنجو
مقصد بيان ڪيو آهي. هو ٻڌائي ٿو ته اهو علائقو
ڪايشيا ۽ پئروپاميس جلب جي ڪڇ ۾ اهي. بئڪٽريا لاءِ
سندس چوڻ آهي ته ”ايورسا مونٽس پئر پاميمي
Aversa
montis paropamisi
يعني هندوڪش جبل جي ٻئي طرف آهي. ان علائقي جو
بيان به ساڳين لفظن ۽ اصطلاحن ۾ ڪري ٿو. جنهن ۾
ڪارٽانا واري جوءِ موجود هئي. مان انهن لفظن کي
هتي به ورجائڻ گهران ٿو:
هيڪ ريجيو ايسٽ ايڪس ايڊورسو بئڪٽرياءِ ”
Haes region est ex adverso Baetriae“
هتي هي ڳالهه ضرور ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته
Cujus
ڪيوجس جو اشارو ڪڏهن بيڪٽريا ڏانهن ڪونه آهي. مان
ٻئي بيان ۾ ٿوري هيءَ تبديلي ڪندس ته بيڪٽريانورم
واري جملي جو اڌ اوپريم واري جملي ۾ ڳنڍيندس ته
سندس شڪل صورت هن ريت ٿي بيهندي:
” اوپريم ڊينڊي ڪيوجس اوپيڊيم اليگزينڊريا ڪنڊيٽو
ڊڪٽم“
Opiorum (region) deinde cugus oppidum Alexendria
condirore dictum.
هن سڄي جملي جي معنى کي ڦيرائي ان جي جاءِ تي وري
هيئن لکيو ويو:
” اوپي
opii
جو اهو شهر آهي جنهن تي سڪندر پنهنجو نالو لکيو.“
جملي جي اهڙي تصيح کي صحيح مڃجي يا نه. پر مٿين
ٻنهي بيانن مان هيءَ حقيقت واضع ٿي وڃي ٿي ته
هندوڪش جبل جي ڪڇ ۾ موجود شهر جنهن تي سڪندر
پنهنجو نالو رکيو هو، تنهن جو اصل نالو اپيان
Opiane
هو. هيءَ حقيقت هاڻي ثابت ٿي وئي. هن کان پوءِ مان
اها ڪوشش ڪندس ته سڪندريا اوپياني جي جاءِ وقوع
چاريڪار ڀرسان اوپيان جي ٿاڪ سان امڪاني حد تائين
هڪجهڙائي رکي ٿو.
پليني جو بيان آهي ته اوپيانم ۾ سڪندريا جو شهر
اورٽوس پانا کان پنجاهه روم ۽ 45497 انگريزي ميل
پري هو ۽ پيوڪولئٽس
Peucolaitis
يا پڪالوٽي
Pukkaloati
کان ٻه سؤ ستٽيهه ميل رومي يا ٻه سؤ سترهن ڏهائي
اٺ ميل انگريزي ڏور هو جيڪو پشاور کان ٻه ٽي ميل
اتر طرف آهي. اورٽوس پانا تي ڪنهن ٻئي صوبي واري
باب ۾ بحث ڪيو ويندو. پر مان هتي رڳو ايترو
ٻڌائيندس ته هن شهر کي مان ”ڪابل“ ۽ ان جي قلعي
بالاحصار سمجهان ٿو. چاريڪار جو ٿاڪ ڪابل کان
ستاويهه ميل اتر طرف آهي. (45)، جيڪو ماپ ۾ پليني
جي ڏنل فاصلي کان اڻويهه ميل فرق ڏيکاري ٿو. پر هو
فاصلي جو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿو ته ” ڪن ڪتابن ۾ فاصلو
ڪجهه ٻيو ڏنو ويو آهي“ (46)، مان هن فاصلي کي، ”triginta
millia“
ٽيهه ميل هجڻ وڌيڪ صحيح سمجهان ٿو. جيڪڏهن، ”quinqueginta
millia“
جي انگن اکرن کي صحيح مڃبو ته ساڍا ستاويهه ميل
فاصلو گهٽجي ويندو، جيڪو ڪابل ۽ اوپيان جي وچ وارو
فاصلو آهي. چيني ياتري به پنهنجي ٿاڪن جي وچ تي
فاصلو ڪونه ٻڌايو آهي. پر هن ڪياشي ۽ پو – لو – شا
– پو – لو
Pu –
Lu – Sha – Pu – Lu
يا پرشاپورا يا موجوده دور جي پشاور جي موجوده
فاصلي جو ذڪر ضرور ڪيو آهي. جيڪو 600+100+500=1200
لي اهي، جيڪو ڇهه لي في ميل جي حساب سان ٻه سؤ ميل
ٿئي ٿو. پويون پنج سو لي جو پرش وار ۽ نگر هارا جي
وچ وارو فاصلو منهنجي خيال ۾ ٿورو آهي، جو ڪنهن
اڳئي ياتريءَ ٻڌايو آهي. فا – هيان پنجين صدي
عيسويءَ ۾ سفر ڪيو، جيڪو اهو فاصلو سورهن يوجانا
ٻڌائي ٿو. چاليهه لي في يوجانا جي حساب سان اهو
پنڌ ڇهه سؤ چاليهه لي وڃي بيهندو ۽ ليکو ڪبو ته ڪل
فاصلو تيرهن سؤ چاليهه لي يا ٻه سؤ ٽيويهه لي ٿئي
ٿو. هي حساب روم جي مصنف کان فقط پنج ميل وڌيڪ ٿئي
ٿو . جلال آباد ۽ چاريڪار جي وچ ۾ حقيقي فاصلو
ڪيترو آهي، تنهن جو پتو پاڻ کي ڪونه آهي. پرواڪرجي
نقشي موجب ڪابل ۽ جلال آباد جي وچ واري سڌي فاصلي
کان ڏهه ميل وڌيڪ آهي. ڪابل ۽ جلال آباد جي وچ
وارو فاصلو هڪ سؤ پندرهن ميل آهي ته اهو هڪ سؤ
پنجويهه ميل ٿيندو. هن ۾ جلال آباد ۽ پشاور جي وچ
وارو فاصلو ٻه سؤ اٺاويهه ميل ٿيندو. معلوم ٿئي ٿو
ته اهو فاصلو رومي ۽ چيني مصنفن جي حساب سان ذري
گهٽ وڃي ٺهڪي ٿو بيهي.
پليني اسان کي وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته اليگزينڊريا ”Sub
cpsoiucaso“
(47) يعني هندوڪش جبل جي بلڪل ڪڇ ۾ واقع هو، جيڪو
ڪوهه دامن جي اتر ۾ اوپيان واري جاءِ وقوع تي
موجود نظر ايندو، جنهن لاءِ لکيل آهي ته اهو جبل
جي تري
Luet
hill
ڀرسان تعمير ٿيل آهي. ڪرٽس
Certius
به هن کي ساڳيءَ جاءِ تي لکيو ۽ چوي ٿو ته
اليگزينڊريا جبل جي بلڪل ڪڇ ۾ واقع هو، هيءَ جاءِ
سڪندر پاڻ چونڊي هئي. ڇاڪاڻ ته هتان بئڪٽريا ڏانهن
ٽي رستا ڦٽندا هئا ۽ چودڳي (49) هئي. اهي رستا
بنا ڪنهن ڦيرگهير جي اڄ به وجود آهن ۽ اهي بيگرام
ڀرسان اوپيان وٽان ساڳيءَ ريت نڪرن ٿا.
(1)
هڪ رستو اتر – اوڀر ڏانهن نڪرندو آهي ۽ پنجشير
ماٿري اڪري خواڪ لڪ مان لنگهي آنديراب
Anderab
ڏانهن هليو ويندو آهي.
(2)
اولهه ڏانهن ويندڙ رستو ڪشان
Kushan
ماٿري اڪري هندوڪش جبل جو لڪ لتاڙي غوريءَ ڏانهن
ويندو آهي.
(3)
ڏکڻ – اولهه وارو رستو غوربند ماٿري اڪري هاجيڪالڪ
کان لنگهي باميان ڏانهن نڪرندو آهي.
سڪندر هنن ٽنهي مان پهريون رستو وٺي پئرو
پاميساڊاءِ ملڪ مان لنگهي بئڪٽيريا تي حملو ڪيو
هو. تيمور به جڏهن هندستان تي حملو ڪيو هو ته ان
به اهو رستو اختيار ڪيو هو. ليفٽينٽ ووڊ جڏهن آمون
Oxus
درياهه جي پاڻيءَ جو ذريعو ڏسي موٽيو هو ته ان به
اهو ساڳيو رستو اختيار ڪيو هو.
سڪندر جڏهن بئڪٽريا مان موٽيو هو
ته ٻيو نمبر رستو وٺي اچي ساڳي جبل وٽ پهتو هو.
اسٽرئبو(50) به ساڳي ريت بيان ڪري ٿو. هو چوي ٿو
ته
:
”سڪندر ٻيو رستو ڏئي جيڪو اڳئين کان وڌيڪ سڌو هو،
اچي ساڳئي جبل وٽ پهتو هو. تنهن ڪري اها پڪ ٿئي ٿي
ته هو باختر (بئڪٽيريا) کان باميان رستي واپس ڪونه
ٿيو هو، ڇاڪاڻ ته اهو سڀني رستن کان وڌيڪ ڊگهو
آهي. ان سان ٻي ڳالهه اها به آهي ته هي رستو
هندوڪش جبل جي وچان ڪونه ٿو لنگهي پر پاسي سان ڦري
ٿو اچي. مگر تاريخي بيانن مان معلوم ٿئي ٿو ته
سڪندر موٽ تي اهو رستو اختيار ڪيو هو، جيڪو جبل
وچان اڪري رهيو هو. ڊاڪٽر لارڊ ۽ ليفيٽنٽ ووڊ به
ان رستي سان سفر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر سخت
برفباريءَ ڪري کين واپس ٿيڻو پيو هو. ٽيون رستو ته
تمام سڌو ۽ سولو آهي ۽ سفر واسطي هرڪو اهو رستو
اختيار ڪندو آهي. چنگيز خان به باميان کي فتح ڪرڻ
واسطي هن رستي سان پيش قدمي ڪئي هئي. هن ئي رستي
سان مور ڪرافٽ
Moor
Crof
۽ برنس سفر ڪري بلخ ۽ بخارا پهتا هئا. ڊاڪٽر لارڊ
۽ ليفننٽ ووڊ
wood
ڪشان لڪ کان پوءِ وري هيءُ رستو اختيار ڪيو هو. هن
رستي جي سروي سنه 1840ع ۾ اسٽرٽ
Sturt
ڪئي هئي. ان کان پوءِ فوج جو گهوڙيسوار دستو آرام
سان اڪريو هو. ٽالمي جيڪا پئروپاميساڊاءِ جي شهرن
جي پنوتري ڏني آهي. انهيءَ ۾ اليگزينڊرا جو شهر
موجود ڪونه آهي. پر نفانڊا
Niphanda
جو شهر، جنهن کي هن ڪاپيسا جي ڀرسان ڏيکاريو آهي،
ٿوري ڦير گهير ڪرڻ سان اوفيانڊا ٿي سگهي ٿو. مان
سمجهان ٿو ته هن يوناني راڄڌاني کي نالي ۾ ٿوري
تبديلي آڻي سڃاڻي سگهون ٿا. اوپيان جو شهر ايترو
پراڻو اهي جو پنجين صدي قبل مسيح ۾ به موجود هو.
ڇاڪاڻ ته هيڪاٽايس ٻڌائي ٿو ته اوپيائي قبيلي جا
ماڻهو سنڌوءَ جي مٿئين حصي ۽ الهندي ڪناري سان
آباد هئا. اهڙي قسم جي ڪابه لکت دارا جي زماني ۾
نظر ڪانه ٿي اچي. پر اسان کي ٿاٽاگسٽ
Thatagus
نالي قبيلي جو ذڪر ضرور ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن کي
هيروڊوٽس ساٽا گداءِ
Satta
gudai
سڏيو آهي. شين سئنگ(51)
Hwen
Tsang
به شايد هن ئي قبيلي کي سي – پي – تو – فا – لا –
سي
Si-pi-to-fa-la-sse
ڪوٺي ٿو. هي ماڳ ڪياپشي نالي راڄڌاني کان فقط ستن
ميلن جي پنڌ تي واقع هو. افسوس جي ڳالهه اها آهي
ته طرف جو ذڪر ڪونه ڪيو ويو آهي. پر اها ڳالهه
ضرور ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته هڪ جبل ارونا
Aruna
جو نالو کنيو ويو آهي. جيڪو هن ٿاڪ کان پنج ميل
ڏکڻ ڏس تي آهي. تنهن ڪري اسان کي ڄڻ پڪ ٿئي ٿي ته
بيگرا جي مشهور ماڳ تي ئي اهو شهر هوندو، جتان کان
ڪوه – سياه جي اترين ڪنڊ شروع ٿئي ٿي. جنهن کي
”چهل دختران“ سڏيو ويندو آهي. ۽ اهو جبل هن ماڳ
کان پنج يا ڇهه ميل ڏکڻ طرف ٿيندو. مئسن بيگرام جي
هن ٿرڙ جي ڏکڻ – اولهه پاسي کان تاتار انگار
Tatar
angar
جي نالي سان سڏي ٿو، امڪان آهي ته ان جو اصلي نالو
ٿاتاگش يا ساتاگداءِ هجي. اها حقيقت آهي يا نه،
اها ٻي ڳالهه آهي پر اسان کي پڪ آهي ته دارا جي
زماني ۾ ڪابل درياه جي مٿئين حصي ۾ رهندڙ قبيلي
کان ٿاتاگش سڏيو ويندو هو، جنهن کي هيروڊوٽس
ساتاگداءِ ڪوٺيو آهي ۽ اوسي پاسي وارين قومن کي
ٻنهي ذريعن ساڳن نالن سان سڏيو آهي.
ڪارسانا، ڪارٽانا يا ٽيٽراگونس
پليني جڏهن اليگزينڊريا جو ذڪر ڪيو آهي ته تمهيد
وانگر ان کان ٿورو اڳ ڪارٽانا جو بيان ڪيو اٿس.
جنهن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته اهو شهر اليگزينڊريا
جي بلڪل ڀرسان ۽ جبل جي ڪڇ ۾ واقع هو. مان ان سڄي
ٽڪري کي هتي به ورجائڻ گهران ٿو. (52) ڪارٽانا
اوپيڊم سب ڪاڪسو ڪوڊ پوسٽيا ٽيٽراگونس ڊڪٽم. هيڪ
ريجيو ايسٽ ايڪس ائڊور سو بئڪٽرياءِ اوپيورم
(ريجيو) ڊينڊي ڪيوجس اوپيڊم الگيزينڊريا اي
ڪنڊيٽور ڊڪٽم.Cartana
oppidum sub Coucase quod postea Tergonis dictum.
Haec region est ex adverso Bactreae
opiorum(region) deinde cujus oppidum Alexandria
a condi tore dietm.
جنهن جي معنى آهي ته ڪارٽانا ڪاڪيشيا جبل جي ڪڇ ۾
واقع آهي، جنهن جو بعد ۾ نالو مٽائي ٽيٽراگونس
رکيو ويو (يعني چؤدڳي) هيءُ علائقو باختر (بئڪٽريا
) جي سامهو آهي. هن کان پوءِ
Opii
جو شهر اچي ٿو، جنهن جو نالو بدلائي اليگزينڊريا
رکيو ويو. سولينس
Solinus
ڪارٿا جو ذڪر ڪونه ٿو ڪري. پر ٽالمي ڪارسانا
Karsana
شهر جو نالو کنيو آهي، جنهن کي هو ڪارناسا به سڏي
ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته اهو درياه جي ڪناري سان آباد
آهي، پر درياه جو نالو ڪونه ٿو ڏئي.باقي اترو سو
لکي ٿو ته اهو درياه ڪاپيسا ۽ نيفانڊا
(Niphanda)
(يا اوپيان) کان اچي ٿو ۽ ناگرا
Nagara
جي سامهون لوچارنا
Locharna
يا لوه ڳڙهه جي درياه سان سنگم ڪري ٿو. مان پاڻيءَ
جي هن وهڪري کي پنجشير ۽ غوربند وارو گڏيل وهڪرو
سمجهان ٿو. جيڪو ڪابل ۽ جلال آباد جي وچ تي لوه
ڳڙه نديءَ سان وڃي ملندو آهي. هيءَ سڃاڻپ گهڻو ڪري
ته پڪي آهي، ڇاڪاڻ ته لامباٽاءِ
LambaTae
يا لامپا ڪايا لامغان
Lamghan
قبيلي جي ماڻهن کي ان گمنام درياه جي ڪناري سان
آباد ٻڌايو ويو آهي. ان ڪري اهو ڪُنار
Kunar
درياه ڪونه ٿو ٿي سگهي، جيڪڏهن اهو ڪنار هجي ها ته
ناگرا جي سامهون لوه ڳڙه درياه سان سنگم ڪندو ڏسڻ
۾ اچي ها.
هي مامرو اتي وڃي بيهي ٿو ته ٽالمي وارو ڪارسانا،
پليني وارو ڪارٽانا هڪ ماڳ آهي. ٻنهي منصفن جي
بيان ڪيل هڪ جهڙين حقيقتن مان اسان کي هن ٿاڪ جي
جاءِ وقوع جو سولائيءَ سان پتو پئجي ويندو. پليني
جو بيان آهي ته اهو شهر ڪاڪشيا جبل جي ڪڇ ۾ ۽
اليگزينڊريا جي ويجهو هو. ٽالمي اسان کي ٻڌائي ٿو
ته اهو شهر پنجشير درياه جي ساڄي ڪناري سان آباد
هو. اهي ڏس پتا ته بيگرام سان ٺهڪي اچن ٿا، جيڪو
پنجشير ۽ غوربند جي گڏيل وهڪري جي ساڄي ڪناري سان
وسندڙ شهر، ڪوهستان جبل جي ڪڇ ۾ اوپياني يا
اليگزينڊريا (اوپياني) کان فقط ڇهن ميلن جي وٿيءَ
تي واقع هو. منهنجي نظر ۾ ٻي اهڙي ڪابه جڳهه ڪانه
آهي، جنهن ۾ اهڙيون ٺهڪندڙ ڳالهيون موجود هجن. وڏو
امڪان ان ڳالهه جو آهي ته اهي ضرور بيگرام وارو
علائقو هوندو. اوپياني جي ڀرپاسي ۾ پروان (Parwan)
۽ ڪشان (Kushan)
جا ٻه قديم ماڳ آهن. پر اهو غوربند درياءَ جي کاٻي
ڪناري واقع آهن. شايد اهو پهريون شهر پاروان ٽالمي
جو بئبورانا (Baborana)
۽ ٻيو هن جو ڪاپيسا آهي. بيگرام پليني جي بيان
مطابق ڪارٽانا يا ٽيٽراگونس(چوسول) سان ٺهڪي اچي
ٿو. ڇاڪاڻ ته مئسن ٿرڙ سان لاڳاپيل احوال ۾ اسان
کي ٻڌائي ٿو ته اهو دڙو ڪافي وڏو ۽ وسيع آهي ۽ اتي
موجود هڪ چوسول به آهي، جيڪو گهڻو ويڪرو آهي (53).
جيڪڏهن منهنجي خيال مطابق بيگرام جو ماڳ چيني
ياتري جو بيان ڪيل شهر
:ڪيو
– لو – سا- پئنگ آهي ۽ مون ان کي صحيح نموني سڃاتو
آهي ته ان جو اصلي نالو ٽالمي وارو ڪارسانا هجڻ
گهرجي. پر پليني وارو ڪارسانا نه. اهو ساڳيو نالو
هڪ ناياب سڪي تي لکيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن جو تعلق
يوڪراٽيڊس (Ukratides)
جي حڪمرانيءَ سان آهي. سڪي تي لکيل لفظن جي پڙهڻي
”ڪاريسيه نگر“ (Karisiye
Nagara)آهي،
جنهن مان ٻڌ تذڪره ۾ بيان ڪيل هڪ شهر ”ڪالاسي“ جو
پتو پوي ٿو، جتي راجا ”مليندو“ (Mileindu)
ڄائو هو. ساڳي تذڪره جي ٻئي ٽڪري ۾ (54) وري اهو
ٻڌايو وڃي ٿو ته راجا ميلندو الاسندا (Alasanda)
۾ ڄائو هو، جنهن کي اليگزينڊريا به چيو ويندو هو.
جيڪو يونا يا يونان جي علائقي
(Greek
Country)
جي گاديءَ جو هنڌ هو. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته
ڪالاسي شهر يا ته پاڻ ئي اليگزينڊريا هوندو يا اهو
ڪالاسي جي ويجهو هو. نيٺ اسان وڃي ان حقيقت کي
پهچون ٿا ته اهو شهر بيگرا م آهي، جيڪو اوپياني
کان ٿوري پنڌ تي اوڀر ۾ واقع آهي. اهي اهڙيون جدا
جايون آهن، جيئن دهلي ۽ شاهه جهان آباد يا لندن ۽
ويسٽ منسٽر. منهنجو خيال آهي ته جيئن جيئن اوپياني
۽ ڪارسانا آباديءَ ۾ وڌندا ۽ ترقي ڪندا ويا ته هڪ
ٻئي جي ويجهو ايندا ويا ۽ نيٺ هڪ وڏو شهر بڻجي ويو
هوندو. آريانا جي قديم يوناني بادشاهن جهڙوڪ:
يوٿي ڊيمس (Euthy
demus)
دميٽرس(Demetrius)
۽ يوڪراٽيس جي سڪن تي اسان کي انهن ٻنهي شهرن جو
مونوگرام اُڪريل ڏسڻ ۾ ايندو. يوڪراٽيڊس جي دور
کان پوءِ سڪي تي اوپيانا ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي پر
ڪارسانا
(Karsana)
جو مونوگرام سو عام جام پيو پسبو. سڪن تي ٻنهي
شهرن جو گڏيل مونوگرام هجڻ مان هيءَ حقيقت ثابت
ٿئي ٿي، ته اهي ٻئي شهر ساڳي ئي وقت موجود هئا. ان
کان پوءِ سڪن تان اوپيانا جو نالو هڪدم گم ٿي وڃي
ٿو، جنهن مان سمجهي سگهجي ٿو ته يوناني حڪومت جي
پوئين دور ۾، ٿوري وقت لاءِ اليگزينڊريا مٿان
ڪارسانا جو شهر ڇانئجي ويو هوندو.
منهنجي خيال ۾ بيگرام جو مطلب هڪ ”وڏو شاندار شهر“
آهي. اهڙي قسم جا نالا ٻين ٽن ماڳن لاءِ به چيا
وڃن ٿا، جيڪي راڄڌانين جي ڀرسان موجود آهن. جهڙوڪ:
ڪابل، جلال آباد ۽ پشاور، مئسن بي
(be)
جي لفظ کي ترڪيءَ ٻولي جو لفظ سمجهي ٿو. جنهن معنى
”مکيه“ (Chief)
ٻڌائي ٿو. وڌيڪ چوي ٿو ته ”گرام“ هندي ٻوليءَ جو
لفظ آهي، جنهن جي معنى ”شهر“ آهي ۽ گڏيل لفظن جي
معنى ٿيندي ”مکيه شهر“. (55) پر وڌيڪ سولي معنى
سنسڪرت واري آهي، جنهن ۾ وي
(vi)
جو مفهوم ”پڪ“ يا ”تحقيق“ نڪري ٿو. جيئن وجيه (Vijaya)
جي معنى ”سوڀ“ يا ”سرسي“ وغيره آهي. جيڪڏهن ”جئه“
کي زوردار لفظن ۾ بيان ڪيو ته ”وجيه“ ٿي ويندو.
اهڙي ريت وي (vi)
جي اڳياڙي سان ”وگرام“ جو به لفظ آهي، جنهن جي
معنى آهي، ”شهر“، جيڪڏهن ان جو بيان زوردار لفظن ۾
ڪبو ته راڄڌاني واري شهر جو مفهوم نڪرندو. بيگرام
لفظ، هن جي هندي شڪل آهي. اهو ائين آهي جيئن وجئه
کي بجئه ۾ بدلايو ويندو آهي.
بيگرام جي اتر ۽ ڏکڻ پاسي پنجشير ۾ ڪوهه – دامن
واريون نديون آهن. اولهه کان ماهي گير واهه اٿس ۽
اوڀر پاسي کان جلگها (Julgha)
واريون آباد ٿيڻ جوڳيون زمينون آهن، جيڪي بنهي
دريائن جي ٻيگهوءَ ۾ اچي ويون آهن. بايان (Bayan)
کان ماهيگير واهه تائين سندس ڊيگهه اٺ ميل ۽ قلعا
بند کان يزيشي (Yaz
Bashi)
تان منڍو چار ميل کن ٿيندو. هن ساري ايراضي مان
قديم آثارن سان لاڳاپيل ڪيتريون نادر شيون هٿ آيون
آهن، جهڙوڪ:
ننڍيون مورتيون، مهرون، سڪا، مڻيا، واليون،
چوڙيون، ڏڦن جا ڦڙ، ٺڪر وغيره. جن مان ثابت ٿئي ٿو
ته ڪنهن زماني ۾ اهو ميداني علائقو هڪ وڏو شهر
هوندو. هتان جي ماڻهن جي روايت موجب اهو يوناني
شهر هو، جنهن کي ڪنهن قدرتي آپدا ناس ڪري ڇڏيو.
(56) مئسن کي ماڻهن جي هن روايت ۾ شڪ آهي. اتان
کيس ڪيترائي اهڙا سڪا نظر آيا، جن تي ڪوفي اکر
لکيل هئا. هن مان سندس اندازو آهي ته هيءُ شهر
مسلمانن جي حملن کان پوءِ به ڪيترو وقت سلامت هو.
مان به مئسن جي هن راءِ سان متفق آهيان. ائين
ڀائنجي ٿو ته شهر جي تباهي ماڻهن جي هوريان هوريان
ڇڏي وڃڻ ڪري ٿي آهي. ڇاڪاڻ ته مسلمانن جي فتح کان
پوءِ ملڪ جي راڄڌاني وڃي غزني جو شهر بڻيو هو.
ڇاڪاڻ ته هن ماڳ تان ڪابل جي هندو راجا ۽ غزنيءَ
جي مسلمان بادشاهن جا سڪا تمام گهڻا لڌا آهن. پر
غزني گهراڻي جي پوئين حڪمرانن جا سڪا هتان تمام
ٿوري انگ ۾ لڌا ويا آهن. غوري گهراڻي جي پهرين
حڪمران جا سڪا مليا آهن. پر اهي تمام ٿورا آهن.
هنن حقيقتن مان اسان اهو اندازو لڳائي سگهون ٿا ته
جڏهن سبڪتگين ڪابل فته ڪيو ته هيءُ شهر هوريان
هوريان تباهه ٿيڻ شروع ۽ تيرهين صديءَ جي شروع ۾
پوري ريت ناس ٿي ويو هو. هن شهر جو پويون دور
چنگيز خان جي حملن سان همعصر آهي. وڏو امڪان اهو
آهي ته هن علائقي کي چنگيز خان جي حملي ويران ڪري
ڇڏيو. مئسن به اڳيئي اهڙو خيال ڏيکاري چڪو آهي ته
هيءُ شهر ڪنهن بي رحم ۽ سفاڪ جي هٿن سان تباهه ٿيو
آهي. |